الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَقُرءانٍ مُبينٍ (آيت : 1) |
الف ــــ لام ــــ را، ھي آيتون خاص ڪتاب ۽ قرآن مجيد جون آھن (جيڪو) ڳالھين کي چٽيءَ طرح بيان ڪري ٿو. |
رُبَما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا لَو كانوا مُسلِمينَ (آيت : 2) |
اھو وقت پري ناھي جڏھن ڪافر ماڻهو حسرت ڀرئي انداز ۾ چوندا ته ڪاش! اسان مسلمان ٿي وڃون ھا. |
ذَرهُم يَأكُلوا وَيَتَمَتَّعوا وَيُلهِهِمُ الأَمَلُ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 3) |
(اي نبيﷺ!) ھن وقت توهان انهن کي پنھنجي مدھوشيءَ ۾ غافل ڇڏي ڏيو ته ڀَل هو کائين، پيئن، مزا اڏائيندا وتن ۽ کين ڪوڙو آسرو غافل ڪندو رھي. (پر) کين جلد ئي پتو پئجي ويندو. |
وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا وَلَها كِتابٌ مَعلومٌ (آيت : 4) |
(حقيقت ھي آھي ته) اسان جن به شهرن کي تباهه ڪيو آھي، انهن جي لاءِ (سندن برن عملن جي ڪري) اڳ ھڪ وقت مقرر ٿي چڪو ھو. |
ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 5) |
ڪابه (نافرمان) قوم پنھنجي مقرر وقت کان اڳ نه ته تباهه ٿيندي آھي ۽ نه ئي کيس ڪا ڍَر ڏيئي مھلت ڏني ويندي آھي. |
وَقالوا يٰأَيُّهَا الَّذى نُزِّلَ عَلَيهِ الذِّكرُ إِنَّكَ لَمَجنونٌ (آيت : 6) |
(ان مدھوشيءَ ۾) ھي ڪافر رسول سڳوري کي مخاطب ٿيندي چون ٿا ته “اي فلاڻا” جنھن تي قرآن نازل ٿيو آھي! تون پڪ سان ديوانو آھين. |
لَو ما تَأتينا بِالمَلٰئِكَةِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 7) |
جيڪڏھن تون سچو آھين ته اسان جي سامھون فرشتن کي ڇو نٿو وٺي اچين؟ |
ما نُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ إِلّا بِالحَقِّ وَما كانوا إِذًا مُنظَرينَ (آيت : 8) |
(اللھ تعالى فرمائي ٿو ته) اسان فرشتن (کي ڏيکارڻ لاءِ نه پر) فيصلي ڪرڻ لاءِ موڪليندا آھيون. جڏھن هو پھچندا آهن ته پوءِ ڪافرن کي ڪابه مھلت نه ملندي آھي. |
إِنّا نَحنُ نَزَّلنَا الذِّكرَ وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 9) |
(اي ڪافرو! ٻڌي ڇڏيو ته) بيشڪ اسان ئي قرآن پاڪ کي نازل ڪيو آھي ۽ اسان ئي ان جي چڱيءَ ريت حفاظت ڪندڙ آھيون. |
وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى شِيَعِ الأَوَّلينَ (آيت : 10) |
(اي نبيﷺ!) اسان توھان کان اڳ ڪيترين ئي قومن ۾ رسول سڳورا موڪلي چڪا آھيون. |
وَما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 11) |
پر انهن وٽ ڪوبه اھڙو رسول سڳورو نه آيو جنھن سان انهن سدائين مذاق ۽ ٽوڪون نه ڪيون ھجن. |
كَذٰلِكَ نَسلُكُهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 12) |
(غور ۽ فڪر نه ڪرڻ سبب) اسان ڏوھارين جي دلين ۾ اھڙي طريقي سان (ذڪر کان) نفرت ڪرڻ وارو رويو ويھاري ڇڏيندا آھيون. |
لا يُؤمِنونَ بِهِ وَقَد خَلَت سُنَّةُ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
(جيڪڏهن)ھي ماڻهو هِن (ڪتاب) تي ايمان نٿا آڻين ته اھا ڪا نئين ڳالھ نه آھي، بلڪ اھڙا رويا انهن کان اڳ گذري ويل قومن جا به ھوندا ھئا. |
وَلَو فَتَحنا عَلَيهِم بابًا مِنَ السَّماءِ فَظَلّوا فيهِ يَعرُجونَ (آيت : 14) |
اسان جيڪڏھن (کين سڌرڻ جو موقعو ڏيندي) مٿن آسمان جو ڪو دروازو کوليون ۽ ھو ڏينھن ڏٺي جو ان مان مٿي چڙھندا وڃن. |
لَقالوا إِنَّما سُكِّرَت أَبصٰرُنا بَل نَحنُ قَومٌ مَسحورونَ (آيت : 15) |
پوءِ به ھو چوندا ته بيشڪ اسان جون نظرون ڌوڪو کائي رھيون آھن ۽ لڳي ٿو ته اسان سڀني جي مٿان جادو ڪيو ويو آھي. |
وَلَقَد جَعَلنا فِى السَّماءِ بُروجًا وَزَيَّنّٰها لِلنّٰظِرينَ (آيت : 16) |
بيشڪ اسان ئي آسمان ۾ بُرج (يعني مضبوط ۽ محفوظ علائقا) بنايا ۽ انهن سڀني کي پري کان ڏسندڙن لاءِ وري (ستارن جي ذريعي) سينگاري ڇڏيوسين. |
وَحَفِظنٰها مِن كُلِّ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 17) |
۽ انهن بُرجن کي ھرھڪ تڙيل شيطان کان به محفوظ ڪري ڇڏيوسين. |
إِلّا مَنِ استَرَقَ السَّمعَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ مُبينٌ (آيت : 18) |
پر جيڪڏھن ڪو شيطان (ڪا ڳالھ) لڪي ٻڌي به وٺي ٿو ته پوئتي موٽندي ئي کيس ٻرندڙ اماڙي اچي لڳي ٿي. |
وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ شَيءٍ مَوزونٍ (آيت : 19) |
اسان ئي زمين کي پکيڙيوسين (۽ کيس لوڏن کان بچائڻ لاءِ) ان ۾ جبلن کي کوڙي ڇڏيوسين ۽ اسان ئي ان ۾ ھر قسم جي شيءِ کي مناسب مقدار ۾ پيدا ڪيو آهي. |
وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ وَمَن لَستُم لَهُ بِرٰزِقينَ (آيت : 20) |
ان ۾ ئي اسان توھان جي روزي لاءِ سامان رکي ڇڏيو آهي ۽ ٻي مخلوق (جيت ــ جڻو ــ پکي پکڻ ۽ جانورن) لاءِ به روزي رکي آهي جن کي روزي کارائڻ جا توھان ذميدار نه آھيو. |
وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا عِندَنا خَزائِنُهُ وَما نُنَزِّلُهُ إِلّا بِقَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 21) |
اسان وٽ ھر شيءِ جا وڏا وڏا ذخيرا موجود آھن (پر) جنھن به شيءِ کي اسان لاھيندا آھيون ته ان کي ھڪ مناسب مقدار ۾ لاھيندا آھيون. |
وَأَرسَلنَا الرِّيٰحَ لَوٰقِحَ فَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَسقَينٰكُموهُ وَما أَنتُم لَهُ بِخٰزِنينَ (آيت : 22) |
اسان ئي اھڙين ھوائن کي موڪليندا آھيون جيڪي پاڻي سان ڀريل ڪڪرن کي کڻي ھلنديون آھن، پوءِ اسان ئي آسمان مان پاڻي نازل ڪندا آھيون. پوءِ (ان جي ذريعي) توھان کي پاڻي پياريندا آھيون، توھان ۾ ايتري مقدار ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت موجود نه آھي. |
وَإِنّا لَنَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَنَحنُ الوٰرِثونَ (آيت : 23) |
بيشڪ اسان ئي زندگي ڏيندا آھيون ۽ اسان ئي ماريندا آھيون (آخر ۾) اسان ئي سڀني شين جا وارث ٿيندا آھيون. |
وَلَقَد عَلِمنَا المُستَقدِمينَ مِنكُم وَلَقَد عَلِمنَا المُستَـٔخِرينَ (آيت : 24) |
بيشڪ اسان توھان کان اڳ گذري ويل ۽ توھان کان پوءِ ايندڙ سڀني ماڻهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا. |
وَإِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَحشُرُهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 25) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اڳين ۽ پوين) سڀني ماڻهن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪندو، بيشڪ ھو وڏي حڪمت ۽ وڏي علم وارو آھي. |
وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 26) |
بيشڪ (انسان جي پيدائش جي حقيقت ھي آھي ته) اسان انسان کي ڪاري سڙيل چيڪي مٽيءَ مان پيدا ڪيو. |
وَالجانَّ خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ مِن نارِ السَّمومِ (آيت : 27) |
۽ اُن (انسان) کان اڳ جنن کي اسان باهه جي ڄڀيءَ مان پيدا ڪيو ھو. |
وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 28) |
پوءِ جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي فرمايو ته بيشڪ مان ڪاري سڙيل چيڪي مٽيءَ مان ھڪ انسان پيدا ڪرڻ وارو آھيان. |
فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 29) |
جڏھن مان کيس مڪمل ٺاھي ان جي اندر پنھنجو روح ڦوڪيان ته توھان سڀ ان جي اڳيان سجدي ۾ جهڪندا. |
فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 30) |
پوءِ سڀ جا سڀ ملائڪ ته سجدي ۾ جهڪي ويا. |
إِلّا إِبليسَ أَبىٰ أَن يَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 31) |
سواءِ ابليس جي، جنھن سجدي ڪرڻ وارن جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. |
قالَ يٰإِبليسُ ما لَكَ أَلّا تَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 32) |
(اللھ تعالى کيس سجدو نه ڪرڻ تي) فرمايو ته اي ابليس! توکي ڇا ٿي ويو جو تو سجدي ڪرڻ وارن جو ساٿ نه ڏنو؟ |
قالَ لَم أَكُن لِأَسجُدَ لِبَشَرٍ خَلَقتَهُ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 33) |
(جواب ۾ ابليس) چيو ته (سائين!) مان تنھنجي طرفان ڪاري سڙيل چيڪي مٽيءَ مان پيدا ٿيل انسان کي سجدو نٿو ڪري سگهان. |
قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 34) |
(اللھ تعالى) چيس ته (چڱو اھا ڳالھ آھي ته) تون ھتان ٽري وڃ. بيشڪ توکي نيڪالي ڏني وڃي ٿي. |
وَإِنَّ عَلَيكَ اللَّعنَةَ إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 35) |
۽ تنھنجي مٿان قيامت تائين لعنت پيل هوندي. |
قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 36) |
ابليس چيو ته منھنجا پالڻھار! مون کي قيامت تائين (ڊگهي عمر ڏيئي) مھلت عطا فرماءِ. |
قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 37) |
اللھ تعالى فرمايو ته: توکي مھلت ڏني وڃي ٿي. |
إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 38) |
اھڙي وقت تائين جيڪو (اسان جي طرفان) مقرر ٿيل آھي. |
قالَ رَبِّ بِما أَغوَيتَنى لَأُزَيِّنَنَّ لَهُم فِى الأَرضِ وَلَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 39) |
ابليس چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! جيئن ته تنھنجي طرفان هاڻي منھنجي لاءِ حق جي راهه بند ٿي چڪي آھي سو مان به انهن سڀني انسانن کي حق جي راهه کان ھٽائي ڇڏيندس ۽ کين زمين ۾ گناهه جي ڪمن کي سھڻو ڪري ڏيکاريندس. |
إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 40) |
سواءِ تنھنجي مخلص ٻانھن جي جيڪي انهن ۾ موجود ھوندا (سي منھنجي ڪاري وار کان بچي ويندا). |
قالَ هٰذا صِرٰطٌ عَلَىَّ مُستَقيمٌ (آيت : 41) |
اللھ تعالى فرمايو ته: اھوئي ھڪ خلوص وارو رستو آھي جيڪو سڌو مون تائين پھچي ٿو. |
إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ إِلّا مَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 42) |
بيشڪ تنھنجو زور منھنجي مخلص ٻانھن تي ھلي ئي نه سگهندو، تنھنجو زور انهن ماڻهن تي هلندو جيڪي گمراهه ٿي تنھنجي پيروي ڪرڻ لڳندا. |
وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوعِدُهُم أَجمَعينَ (آيت : 43) |
پوءِ بيشڪ اھڙن سڀني ماڻهن لاءِ جھنم جو انجام آھي. |
لَها سَبعَةُ أَبوٰبٍ لِكُلِّ بابٍ مِنهُم جُزءٌ مَقسومٌ (آيت : 44) |
جنهن جا ست دروازا آھن، ھڪ ھڪ دروازو سندن ڪردار مطابق ورھائي مقرر ڪيو ويو آھي. |
إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 45) |
(ٻئي طرف) پرھيزگار ماڻهو باغن ۽ وھندڙ چشمن وارين جاين ۾ رھندا. |
ادخُلوها بِسَلٰمٍ ءامِنينَ (آيت : 46) |
کين چيو ويندو ته توھان سلامتي سان بي فڪرا ٿي انهن باغن ۾ داخل ٿي وڃو. |
وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ إِخوٰنًا عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 47) |
انهن پرھيزگارن جي وچ ۾ ھڪ ٻئي سان جيڪا ٿوري گهڻي رنجش ھوندي ان کي اسان ختم ڪري ڇڏينداسين پوءِ ھو مٿانهن تختن تي ڀائرن وانگر ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي ويٺا ھوندا. |
لا يَمَسُّهُم فيها نَصَبٌ وَما هُم مِنها بِمُخرَجينَ (آيت : 48) |
کين ذَري جيتري به تڪليف محسوس نه ٿيندي ۽ نه ئي کين (ڪڏھن به) انهن باغن مان ڪڍيو ويندو. |
نَبِّئ عِبادى أَنّى أَنَا الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 49) |
(اي نبيﷺ!) منھنجي ٻانھن کي ٻڌائي ڇڏ ته مان ئي وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھيان. |
وَأَنَّ عَذابى هُوَ العَذابُ الأَليمُ (آيت : 50) |
(پر ٻئي پاسي اھو به ٻڌي ڇڏيو ته) منھنجو عذاب به تمام وڏو دردناڪ آھي. |
وَنَبِّئهُم عَن ضَيفِ إِبرٰهيمَ (آيت : 51) |
انهن ماڻهن کي ابراھيم ($) جي مھمانن وارو واقعو ٻڌاءِ. |
إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ إِنّا مِنكُم وَجِلونَ (آيت : 52) |
جڏھن اُھي مھمان وٽس پھتا ته انهن اچڻ سان ئي کيس سلام ڪيو (سلام جي جواب کان پوءِ ابراھيم $ عجيب قسم جي اوپرائپ ڏسي کين) چيو ته بيشڪ اسان کي توھان مان خوف محسوس ٿئي ٿو. |
قالوا لا تَوجَل إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 53) |
تنھن تي انهن چيو ته: تون نه ڊڄ، اسان ته توکي ھڪ علم واري (ذھين) پٽ جي خوشخبري ٻڌايون ٿا. |
قالَ أَبَشَّرتُمونى عَلىٰ أَن مَسَّنِىَ الكِبَرُ فَبِمَ تُبَشِّرونَ (آيت : 54) |
(ابراھيم $ ) چيو ته ڇا توھان مون کي ھن پوڙھائپ واري حالت ۾ خوشخبري ٻڌايو ٿا، اھا وري ڪھڙي خوشخبري آھي، جيڪا مون کي ٻڌائي رھيا آھيو؟ |
قالوا بَشَّرنٰكَ بِالحَقِّ فَلا تَكُن مِنَ القٰنِطينَ (آيت : 55) |
جواب ۾ انهن (مھمانن) چيو ته اسان واقعي توکي سچي خوشخبري ٻڌايون ٿا، توھان مايوسي جو اظھار نه ڪريو. |
قالَ وَمَن يَقنَطُ مِن رَحمَةِ رَبِّهِ إِلَّا الضّالّونَ (آيت : 56) |
(جواب ۾ ابراھيم $ ) چيو ته ( هونئن ته مون کي پوڙھائپ ۾ پُٽ جي خوشخبري ٻڌندي تعجب پئي ٿيو پر) پنھنجي پالڻھار جي رحمت کان رڳو گمراهه ماڻهو ئي مايوس ٿيندا آھن. |
قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 57) |
(ابراھيم $ ) کانئن پڇيو ته اي ملائڪو! توھان کي ٻئي ڪھڙي معاملي لاءِ موڪليو ويو آھي؟ |
قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 58) |
انهن جواب ۾ چيو ته بيشڪ اسان کي (لوط $ جي) ڏوھاري قوم ڏانھن (عذاب ڏيڻ لاءِ) موڪليو ويو آھي. |
إِلّا ءالَ لوطٍ إِنّا لَمُنَجّوهُم أَجمَعينَ (آيت : 59) |
صرف لوط ($) جي گهر وارا جيڪي ڏوھاري قوم ۾ شامل نه آھن، تن سڀني کي اسان بچائينداسين. |
إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنا إِنَّها لَمِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 60) |
باقي سندس گهر واريءَ لاءِ (اللھ تعالى جو ) فيصلو آھي ته اھا (پنھنجي عمل جي ڪري) پوئتي رھڻ واري (ڏوھاري) قوم ۾ ئي شامل رھندي. |
فَلَمّا جاءَ ءالَ لوطٍ المُرسَلونَ (آيت : 61) |
پوءِ جڏھن ملائڪ لوط ($) جي گهر پھتا. |
قالَ إِنَّكُم قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 62) |
لوط ($) کين چيو ته توھان ته اوپرا ماڻهو ٿا لڳو. |
قالوا بَل جِئنٰكَ بِما كانوا فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 63) |
ملائڪن چيو ته: نه، اھڙي ڳالھ نه آھي اسان ته هڪ اھڙي معاملي لاءِ آيا آھيون جنھن جي باري ۾ ھي ماڻهو شڪ ڪري رھيا ھئا. |
وَأَتَينٰكَ بِالحَقِّ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 64) |
اسان توھان وٽ (اللھ تعالى جي طرفان) حق جو فيصلو کڻي آيا آھيون ۽ بيشڪ اسان سچا آھيون. |
فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَاتَّبِع أَدبٰرَهُم وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ وَامضوا حَيثُ تُؤمَرونَ (آيت : 65) |
بس ! راتورات اوھان پنھنجي گهر وارن کي وٺي (ھتان) نڪري ھليا وڃو ۽ خود انهن سڀني جي پويان هلجانءِ (اھا ڳالھ ياد رکجو ته) توھان مان ڪير به منھن ڦيري پوئتي نه نھاري ۽ توھان کي جنھن پاسي حڪم ڪيو ويو آھي بس سڌا اوڏانھن هلندا هلجو. |
وَقَضَينا إِلَيهِ ذٰلِكَ الأَمرَ أَنَّ دابِرَ هٰؤُلاءِ مَقطوعٌ مُصبِحينَ (آيت : 66) |
۽ اسان لوط ($) کي پنھنجو ڪيل فيصلو (فرشتن جي ذريعي) ٻڌائي ڇڏيو ته صبح ٿيندي ئي ھن ڏوھاري قوم جي پاڙ پٽي ويندي. |
وَجاءَ أَهلُ المَدينَةِ يَستَبشِرونَ (آيت : 67) |
(ان کان پھرين سھڻن ڇوڪرن جو ٻڌي سَدوم) شھر جا ماڻهو خوشي وِچان (بري نيت سان سندس گهر) اچي پھتا. |
قالَ إِنَّ هٰؤُلاءِ ضَيفى فَلا تَفضَحونِ (آيت : 68) |
لوط ($) کين فرمايو ته ھي منھنجا مھمان آھن (ٻيلي) انهن جي معاملي ۾ مون کي رسوا نه ڪريو. |
وَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ (آيت : 69) |
اللھ تعالى کان ڊڄو ۽ مون کي شرمسار نه ڪريو. |
قالوا أَوَلَم نَنهَكَ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 70) |
قوم جي ماڻهن چيو ته ڇا اسان توکي ھتي ٻاھرين ماڻهن کي ترسائڻ کان منع نه ڪيو ھو؟ (پوءِ به تو وٽ مھمان آيا آھن) |
قالَ هٰؤُلاءِ بَناتى إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 71) |
لوط ( $ سندن بري نيت ڏسي) چيو ته (ٻيلي ايئن نه ڪريو) منھنجي قوم جون نياڻيون موجود آھن، جيڪڏھن ھروڀرو توھان کي ڪم ڪرڻو آھي (ته انهن سان نڪاح ڪريو) |
لَعَمرُكَ إِنَّهُم لَفى سَكرَتِهِم يَعمَهونَ (آيت : 72) |
(اي نبيﷺ!) تنھنجي جان جو قسم! ھي ماڻهو پنھنجي مستيءَ ۾ اھڙا ته مدھوش ٿي رهيا ھئا جو ڄڻ ته ھٿن کان نڪرندا پئي ويا. |
فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُشرِقينَ (آيت : 73) |
پوءِ کين سج اڀرندي ئي ھڪ رڙِ جي آواز اچي وڪڙ ۾ ورتو. |
فَجَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيهِم حِجارَةً مِن سِجّيلٍ (آيت : 74) |
اسان ان شھر کي ئي پاڙون پٽي مٿي کڻي هيٺ اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ مٿس مِٽيءَ جي پَڪَل (بُهَڻ جي) سروٽن جو مينھن وسايوسين. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلمُتَوَسِّمينَ (آيت : 75) |
عقلمند ماڻهن لاءِ ھن واقعي ۾ وڏيون نشانيون آھن. |
وَإِنَّها لَبِسَبيلٍ مُقيمٍ (آيت : 76) |
عذاب ڪيل اھو شھر (اڄ به) عام رستي تي موجود آھي. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77) |
بيشڪ ھن واقعي ۾ ايمان وارن لاءِ وڏي نشاني آھي. |
وَإِن كانَ أَصحٰبُ الأَيكَةِ لَظٰلِمينَ (آيت : 78) |
۽ ايڪه واري قوم به ظالم ھئي. |
فَانتَقَمنا مِنهُم وَإِنَّهُما لَبِإِمامٍ مُبينٍ (آيت : 79) |
اسان انهن کان به ظلم جو بدلو ورتو (اي عرب جا رھندڙؤ!) ھي ٻئي علائقا (سدوم شھر ۽ ايڪه وارن جو ڳوٺڙو) اڄ به توھان جي سامھون موجود آھي. |
وَلَقَد كَذَّبَ أَصحٰبُ الحِجرِ المُرسَلينَ (آيت : 80) |
۽ حجر وارن به رسول سڳورن کي ڪوڙو ڪيو هو. |
وَءاتَينٰهُم ءايٰتِنا فَكانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 81) |
اسان کين پنھنجيون نشانيون موڪليوسين پر ھو به ڏسي وائسي انهن کان منھن موڙيندا ئي رھيا. |
وَكانوا يَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا ءامِنينَ (آيت : 82) |
ھي ماڻهو جبلن کي ٽُڪي ٽُڪي گهر ٺاھيندا ھئا ته جيئن محفوظ رھن. |
فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُصبِحينَ (آيت : 83) |
آخرڪار (انھن کي به) صبح ٿيندي ئي ھڪ رڙِ جي آواز اچي وڪڙ ۾ ورتو. |
فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 84) |
انهن پنھنجي حفاظت لاءِ جيڪو فن (يعني ٽيڪنالاجي) استعمال ڪيو ھو سو کين ڪوبه ڪم نه آيو. |
وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَإِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ فَاصفَحِ الصَّفحَ الجَميلَ (آيت : 85) |
اسان آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنھي جي وچ ۾ رھندڙ مخلوق کي ھڪ مقصد لاءِ پيدا ڪيو آھي ۽ بيشڪ قيامت جي گهڙي ضرور اچڻ واري آھي. (بس اي نبيﷺ!) انهن ماڻهن جي بداخلاقيءَ کي سھڻي رويي سان درگذر ڪر. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 86) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي سڀني جو پيدا ڪندڙ ۽ وڏي علم وارو آھي. |
وَلَقَد ءاتَينٰكَ سَبعًا مِنَ المَثانى وَالقُرءانَ العَظيمَ (آيت : 87) |
(اي نبيﷺ!) اسان توکي وڏي عظمت وارو قرآن عطا ڪيو آھي جنھن ۾ ستن آيتن جي ھڪ اھڙي سورة آھي جيڪا (نماز ۾) بار بار دُھرائي ويندي آھي. (يعني سورة الفاتحه ) |
لا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَاخفِض جَناحَكَ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 88) |
(اي نبيﷺ!) تون دنيا جي ماڻهن کي اسان جي طرفان ڏنل سامان ڏي اک کڻي به نه نھار ۽ نه ئي انهن ماڻهن جو ڪو غم ڪر، بس تون مؤمن ماڻهن تي پنھنجي شفقت جو ھٿ رک. |
وَقُل إِنّى أَنَا النَّذيرُ المُبينُ (آيت : 89) |
۽ نه مڃڻ وارن کي چؤ ته بيشڪ مان اللھ تعالى جي عذاب کان صاف صاف ڊيڄاريندڙ آھيان. |
كَما أَنزَلنا عَلَى المُقتَسِمينَ (آيت : 90) |
اھڙو عذاب جيڪو اسان انهن (يھودين) تي به نازل ڪيو جن (دين ۾) فرقا پيدا ڪري ڇڏيا. |
الَّذينَ جَعَلُوا القُرءانَ عِضينَ (آيت : 91) |
(انھن) پنھنجي قرآن (يعني آسماني ڪتاب) جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا آھن. |
فَوَرَبِّكَ لَنَسـَٔلَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 92) |
تنھنجي پالڻھار جو قسم! اسان انهن سڀني کان ضرور پڇاڻو ڪنداسين. |
عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 93) |
جيڪي به ھو عمل ڪري رھيا ھئا. |
فَاصدَع بِما تُؤمَرُ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 94) |
(اي نبيﷺ!) جنھن شيءِ جو توکي حڪم ڪيو وڃي ٿو ان کي وڏي واڪي ٻڌائي ڇڏ ۽ مشرڪن جي ڪابه پرواهه نه ڪر. |
إِنّا كَفَينٰكَ المُستَهزِءينَ (آيت : 95) |
بيشڪ اسان ئي تنھنجي طرف کان مذاق ڪندڙن جي لاءِ ڪافي آھيون. |
الَّذينَ يَجعَلونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 96) |
ھي مذاق ڪندڙ اللھ تعالى سان گڏ ٻين کي به معبود ٺاھين ٿا سو کين جلد ئي خبر پئجي ويندي. |
وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّكَ يَضيقُ صَدرُكَ بِما يَقولونَ (آيت : 97) |
بيشڪ اسان کي سڀ خبر آھي جيڪي ھي بيهوده ڳالهيون ڪن ٿا جنهن سان توکي سخت تڪليف ٿي رھي آھي. |
فَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ وَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 98) |
بيشڪ تون پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ۽ تعريف بيان ڪندو رهه ۽ ان جي آڏو سجدو ڪندو رهه. |
وَاعبُد رَبَّكَ حَتّىٰ يَأتِيَكَ اليَقينُ (آيت : 99) |
۽ آخري گهڙي اچڻ تائين پنھنجي پالڻھار جي بندگي ڪندو رهه. |