القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 6 سُوۡرَۃُ الۡحِجۡرِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 99


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَقُرءانٍ مُبينٍ (آيت : 1)

ا-ل-ر هي آيتون آهن ڪتاب الاهي ۽ قرآن مبين جون

رُبَما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا لَو كانوا مُسلِمينَ (آيت : 2)

پري ڪونهي اهو هڪ وقت جڏهن اهي ماڻهو جن اڄ (اسلام قبولڻ کان) انڪار ڪيو، پڇتائين ته جيڪر اسان مڃون ها

ذَرهُم يَأكُلوا وَيَتَمَتَّعوا وَيُلهِهِمُ الأَمَلُ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 3)

ڇڏي ڏي انهن کي ته کائن پيئن ۽ مزا ڪن ۽ کين ڪوڙي اميد ڀليل رکي، جلد ئي کين معلوم ٿي ويندو.

وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا وَلَها كِتابٌ مَعلومٌ (آيت : 4)

۽ اسان جڏهن به تباهه ڪيو آهي ڪنهن وستيءَ کي، ان لاءِ عمل جي هڪ خاص مهلت ڪتاب ۾ لکيل هئي

ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 5)

ڪابه قوم هلاڪ ٿي نٿي سگهي پنهنجي وقت کان اڳي ۽ نه ان بعد ڇُٽي سگهي ٿي

وَقالوا يٰأَيُّهَا الَّذى نُزِّلَ عَلَيهِ الذِّكرُ إِنَّكَ لَمَجنونٌ (آيت : 6)

۽ اهي ماڻهو چوندا آهن اي شخص! جنهن تي نازل ٿيو آهي ذڪر، تون واقعي چريو/ مجنون آهين

لَو ما تَأتينا بِالمَلٰئِكَةِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 7)

تون اسان جي آڏو ڇو نٿو آڻين فرشتن کي جيڪڏهن تون واقعي سچو آهين

ما نُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ إِلّا بِالحَقِّ وَما كانوا إِذًا مُنظَرينَ (آيت : 8)

اسان ائين ته نه لاهيندا آهيون ملائڪ حق کان سواءِ، پوءِ ته ڪنهن کي به مهلت نه ملندي آهي

إِنّا نَحنُ نَزَّلنَا الذِّكرَ وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 9)

رهيو هي ذڪر (قرآن) ته ان کي اسان ئي نازل ڪيو آهي ۽ اسان ئي ان جا نگهبان آهيون

وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى شِيَعِ الأَوَّلينَ (آيت : 10)

(اي نبي!) اسان رسول موڪليا آهن تو کان اڳي (ڪيترين ئي) گذريل قومن تي

وَما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 11)

پر ڪڏهن ائين نه ٿيو آهي ته آيو هجي انهن وٽ رسول ۽ انهن مٿن چٿرون نه ڪيون هجن

كَذٰلِكَ نَسلُكُهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 12)

اسان هن ذڪر کي شيخ وانگر ڏوهارين جي دلين ۾ لنگهائيندا آهيون

لا يُؤمِنونَ بِهِ وَقَد خَلَت سُنَّةُ الأَوَّلينَ (آيت : 13)

پوءِ به مٿس ايمان نه آڻيندا آهن، اهو ئي طريقو هلندو اچي ان قسم جي ماڻهن جو پراڻي زماني کان

وَلَو فَتَحنا عَلَيهِم بابًا مِنَ السَّماءِ فَظَلّوا فيهِ يَعرُجونَ (آيت : 14)

جيڪڏهن اسان کوليون ها مٿن ڪو دروازو آسمان جو ۽ اهي ڏينهن ڏٺي جو ان ۾ چڙهڻ به لڳن ها

لَقالوا إِنَّما سُكِّرَت أَبصٰرُنا بَل نَحنُ قَومٌ مَسحورونَ (آيت : 15)

تڏهن به هي اهو ئي چون ها ته دوکو ٿي رهيو آهي اسان جي اکين کي، پر اسان تي ڪو جادو ڪيو ويو آهي

وَلَقَد جَعَلنا فِى السَّماءِ بُروجًا وَزَيَّنّٰها لِلنّٰظِرينَ (آيت : 16)

۽ هي اسان جي ڪارڪردگيءَ آهي جو اسان ٺاهيا آهن آسمان ۾ مضبوط قلعا ۽ انهن کي تارن سان سينگاريو آهي ڏسندڙن لاءِ

وَحَفِظنٰها مِن كُلِّ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 17)

۽ محفوظ ڪيو آهي انهن کي هر شيطان تڙيل کان (ڪوبه شيطان انهن ۾ واٽ نه ڏسندو)

إِلّا مَنِ استَرَقَ السَّمعَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ مُبينٌ (آيت : 18)

پر هي ته حاصل ڪري خبر چار، ۽ جڏهن به اهو ڪوشش ڪري ٿو ته هڪ ٻرندڙ اُلو ان جي پويان لڳندو آهي

وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ شَيءٍ مَوزونٍ (آيت : 19)

۽ زمين کي پکيڙيو آهي، ۽ اسان ان ۾ کوڙيا جبل، ۽ هر قسم جا اپايا ٻوٽا ان ۾ توريل تڪيل انداز ۾

وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ وَمَن لَستُم لَهُ بِرٰزِقينَ (آيت : 20)

۽ سبب ٺاهيا ان ۾ زندگي گذارڻ جا توهان لاءِ ۽ ان بي شمار مخلوق لاءِ به، (جو) توهان نه آهيو انهن جا رازق

وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا عِندَنا خَزائِنُهُ وَما نُنَزِّلُهُ إِلّا بِقَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 21)

۽ ڪابه اهڙي شيءِ نه آهي جنهن جا اسان وٽ خزانا نه هجن ۽ جيڪا به (شيءِ) اسان نازل ڪندا آهيون سا هڪ مقرر مقدار ۾

وَأَرسَلنَا الرِّيٰحَ لَوٰقِحَ فَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَسقَينٰكُموهُ وَما أَنتُم لَهُ بِخٰزِنينَ (آيت : 22)

۽ اسان ئي موڪليندا آهيون ڪمائتين هوائن کي، پوءِ وسائيندا آهيون آسمان مان پاڻي ۽ اهو توهان کي پياريندا آهيون ۽ نه آهيو توهان انهيءَ (دولت) جا خزانيدار

وَإِنّا لَنَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَنَحنُ الوٰرِثونَ (آيت : 23)

۽ اسان توهان کي حياتي ۽ موت ڏيون ٿا ۽ اسان ئي سڀني جا وارث آهيون

وَلَقَد عَلِمنَا المُستَقدِمينَ مِنكُم وَلَقَد عَلِمنَا المُستَـٔخِرينَ (آيت : 24)

۽ (اڳي جيڪي ماڻهو گذريا آهن) تن کي اسان ڏٺو آهي ۽ اچڻ وارا به اسان جي نگاهه ۾ ئي آهن بعد وارا (سڀئي)

وَإِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَحشُرُهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 25)

۽ بيشڪ تنهنجو رب گڏ ڪندو سڀني کي حشر ۾، اهو ئي حڪمت وارو ۽ ڄاڻندڙ آهي

وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 26)

۽ خلقيوسين انسان کي ڪِني ڳريل مٽيءَ جي سُڪل گاري منجهان

وَالجانَّ خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ مِن نارِ السَّمومِ (آيت : 27)

۽ جِنن کي خلقيو هوسين ان کان اڳي ئي باهه جي اُلي منجهان

وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 28)

(پوءِ ياد ڪر ان موقعي کي) جڏهن چيو تنهنجي پالڻهار فرشتن کي، آئون پيدا ڪري رهيو آهيان بشر کي ڪِني ڳريل مٽيءَ جي سُڪل گاري منجهان

فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 29)

پوءِ جڏهن پوريءَ طرح ان کي بنايان ۽ منجهس ڦوڪيان پنهنجو روح ته توهان سڀ ان جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پئجو

فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 30)

پوءِ سجدو ڪيو فرشتن سڀني گڏجي

إِلّا إِبليسَ أَبىٰ أَن يَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 31)

سواءِ ابليس جي، ان انڪار ڪيو ساٿ ڏيڻ کان سجدي ڪرڻ وارن جو

قالَ يٰإِبليسُ ما لَكَ أَلّا تَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 32)

(رب) پڇيس، اي ابليس! توکي ڇا ٿيو جو تو ساٿ نه ڏنو سجدي ڪرڻ وارن جو؟

قالَ لَم أَكُن لِأَسجُدَ لِبَشَرٍ خَلَقتَهُ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 33)

چيائين، منهنجو هي ڪم ناهي جو سجدو ڪريان ان بشر کي جنهن کي تو خلقيو آهي ڪِني ڳريل مٽيءَ جي سُڪل گاري منجهان

قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 34)

رب فرمايو، چڱو تون نڪري وڃ هتان ڇاڪاڻ ته تون تڙيل آهين

وَإِنَّ عَلَيكَ اللَّعنَةَ إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 35)

۽ بيشڪ هاڻي توتي لعنت آهي قيامت جي ڏينهن تائين

قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 36)

هن عرض ڪيو، منهنجا رب! اها ڳالهه آهي ته پوءِ مهلت ڏي ان ڏينهن تائين جڏهن سڀ (انسان اٿاريا) ويندا

قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 37)

فرمايو (رب) چڱو توکي ان ڏينهن تائين مهلت آهي

إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 38)

جنهن جو وقت اسان کي معلوم آهي

قالَ رَبِّ بِما أَغوَيتَنى لَأُزَيِّنَنَّ لَهُم فِى الأَرضِ وَلَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 39)

چيائين، منهنجا رب! جيئن تو مون کي گمراهه ڪيو تيئن هاڻي آئون ان (آرام) جي لاءِ زمين تي زيب ۽ زينت پيدا ڪري ان کي گمراهه ڪندس

إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 40)

سواءِ تنهنجن ٻانهن جي، جن کي تو خالص ڪيو هجي

قالَ هٰذا صِرٰطٌ عَلَىَّ مُستَقيمٌ (آيت : 41)

فرمايو (رب) اهو رستو سڌو آهي جيڪو مون تائين پهچي ٿو

إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ إِلّا مَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 42)

بيشڪ منهنجن حقيقي بندن تي تنهنجو وس نه هلندو، تنهنجو وس ته رڳو انهن گمراهه ماڻهن تي هلندو

وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوعِدُهُم أَجمَعينَ (آيت : 43)

جيڪي تنهنجي پيروي ڪندا، ۽ بيشڪ دوزخ انهن سڀني جو انجام آهي

لَها سَبعَةُ أَبوٰبٍ لِكُلِّ بابٍ مِنهُم جُزءٌ مَقسومٌ (آيت : 44)

ان جا ست دروازا آهن انهن مان هڪ در (حصو) انهن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي

إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 45)

بيشڪ ان جي ابتڙ پرهيزگار ماڻهو باغن ۽ چشمن ۾ هوندا

ادخُلوها بِسَلٰمٍ ءامِنينَ (آيت : 46)

داخل ٿي وڃو ان ۾ سلامتيءَ سان بنا خوف جي

وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ إِخوٰنًا عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 47)

۽ جيڪا کوٽ ڪپت هوندي سا سندن دلين مان اسان ڪڍي ڇڏينداسين. اهي ڀاءُ ڀاءُ وانگر آمهون سامهون تختن تي ويٺل هوندا

لا يَمَسُّهُم فيها نَصَبٌ وَما هُم مِنها بِمُخرَجينَ (آيت : 48)

نه اتي کين ڪنهن محنت سان واسطو پوندو ۽ نه وري اهي اتان ڪڍيا ويندا

نَبِّئ عِبادى أَنّى أَنَا الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 49)

اي نبي! منهنجي ٻانهن کي خبر ڏي ته آئون وڏو بخشڻهار مهربان آهيان

وَأَنَّ عَذابى هُوَ العَذابُ الأَليمُ (آيت : 50)

پر منهنجو عذاب به نهايت ئي ڏکوئيندڙ عذاب هوندو آهي

وَنَبِّئهُم عَن ضَيفِ إِبرٰهيمَ (آيت : 51)

۽ کين ٻڌاءِ قصو ابراهيم جي مهمانن جو

إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ إِنّا مِنكُم وَجِلونَ (آيت : 52)

جڏهن اهي وٽس آيا ۽ چيائون، توتي سلام هجي. ته هن چيو بيشڪ مون کي توهان کان ڊپ ٿو ٿئي

قالوا لا تَوجَل إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 53)

انهن جواب ڏنو، ڊڄ نه اسان توکي خوشخبري ڏيون ٿا هڪ وڏي سياڻي ڇوڪري جي

قالَ أَبَشَّرتُمونى عَلىٰ أَن مَسَّنِىَ الكِبَرُ فَبِمَ تُبَشِّرونَ (آيت : 54)

ابراهيم چيو، ڇا توهان خوشخبري ڏيو ٿا اولاد جي مون کي هن پوڙهائپ ۾ پوءِ ڏسو هي ڪهڙي خوشخبري ٿا مون کي ڏيو؟

قالوا بَشَّرنٰكَ بِالحَقِّ فَلا تَكُن مِنَ القٰنِطينَ (آيت : 55)

انهن چيو، خوشخبري سچي ٿا ڏيون توکي، تون مايوس نه ٿي

قالَ وَمَن يَقنَطُ مِن رَحمَةِ رَبِّهِ إِلَّا الضّالّونَ (آيت : 56)

ابراهيم چيو، منهنجي رب جي رحمت کان اهي مايوس نه ٿيندا آهن سواءِ گمراهه ماڻهن جي

قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 57)

پوءِ ابراهيم پڇيو، اي الله جا موڪليل ملائڪؤ! اها ڪهڙي مهم آهي جنهن لاءِ توهان آيا آهيو؟

قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 58)

انهن چيو، اسان موڪليا ويا آهيون هڪ ڏوهاري قوم ڏانهن

إِلّا ءالَ لوطٍ إِنّا لَمُنَجّوهُم أَجمَعينَ (آيت : 59)

رڳو لوط جا گهر وارا ڇڏيل آهن، بيشڪ انهن سڀني کي بچائينداسين

إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنا إِنَّها لَمِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 60)

سواءِ ان جي زال جي، جنهن لاءِ (الله فرمايو) اسان مقدر ڪيو آهي ته اها پوئتي رهڻ وارن ۾ هوندي

فَلَمّا جاءَ ءالَ لوطٍ المُرسَلونَ (آيت : 61)

پوءِ جڏهن اهي موڪليل فرشتا لوط وٽ پهتا

قالَ إِنَّكُم قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 62)

ته ان چيو، بيشڪ توهان ماڻهو اوپرا ٿا لڳو

قالوا بَل جِئنٰكَ بِما كانوا فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 63)

انهن جواب ڏنو، نه پر اسان اها شيءِ کڻي آيا آهيون، جنهن لاءِ اهي ماڻهو شڪ ۾ پيل هئا

وَأَتَينٰكَ بِالحَقِّ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 64)

۽ اسان توکي ٻڌايون پيا سچ، ته اسان تو وٽ حق کڻي پهتا آهيون

فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَاتَّبِع أَدبٰرَهُم وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ وَامضوا حَيثُ تُؤمَرونَ (آيت : 65)

تنهن ڪري تون پنهنجي گهر وارن کي وٺي نڪري وڃ ڪجهه رات باقي هجي، ۽ پاڻ انهن جي پويان هل، ۽ پوئتي ڪير به نه ڏسي توهان مان ڪوبه هڪ، بس سڌا هليا وڃو جيڏانهن وڃڻ جو توهان کي حڪم ڏنو پيو وڃي

وَقَضَينا إِلَيهِ ذٰلِكَ الأَمرَ أَنَّ دابِرَ هٰؤُلاءِ مَقطوعٌ مُصبِحينَ (آيت : 66)

۽ ان کي اسان پهچائي ڇڏيو هڪ فيصلو ته صبح ٿيندي ئي انهن ماڻهن جي پاڙ پٽي ويندي

وَجاءَ أَهلُ المَدينَةِ يَستَبشِرونَ (آيت : 67)

ايتري ۾ شهر (سدوم) جا ماڻهو خوشيءَ سان بيتاب لوط جي گهر آيا

قالَ إِنَّ هٰؤُلاءِ ضَيفى فَلا تَفضَحونِ (آيت : 68)

(لوط) چيو، ڀائرو! هي منهنجا مهمان آهن پوءِ مون کي لڄي نه ڪريو

وَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ (آيت : 69)

۽ ڊڄو الله کان ۽ خوار نه ڪريو مون کي

قالوا أَوَلَم نَنهَكَ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 70)

انهن چيو، ڇا اسان توکي جهليو نه آهي ته ٺيڪيدار نه ٿي ساري دنيا جو

قالَ هٰؤُلاءِ بَناتى إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 71)

(لوط لاچار ٿي) چيو، هي منهنجون ڌيئرون موجود آهن جيڪڏهن توهان کي ڪجهه ڪرڻو آهي

لَعَمرُكَ إِنَّهُم لَفى سَكرَتِهِم يَعمَهونَ (آيت : 72)

تنهنجي حياتيءَ جو قسم (اي نبي!) ان وقت مٿن نشو چڙهيل هو، اهي آپي ۾ نه هئا

فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُشرِقينَ (آيت : 73)

پوءِ کين هڪ ڪڙڪي اچي ورتو باک ڦٽندي ئي

فَجَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيهِم حِجارَةً مِن سِجّيلٍ (آيت : 74)

۽ اسان ان وستيءَ کي برباد ڪري ڇڏيو ۽ مٿن پڪل مٽيءَ جي پهڻن جي برسات وسائي وئي

إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلمُتَوَسِّمينَ (آيت : 75)

بيشڪ انهيءَ واقعي ۾ وڏيون نشانيون آهن سمجهه وارن ماڻهن لاءِ

وَإِنَّها لَبِسَبيلٍ مُقيمٍ (آيت : 76)

۽ اهو علائقو (جتي هي واقعو پيش آيو) عام لنگهه تي واقع آهي

إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77)

بيشڪ انهيءَ ۾ سامان آهي عبرت جو انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان وارا آهن

وَإِن كانَ أَصحٰبُ الأَيكَةِ لَظٰلِمينَ (آيت : 78)

۽ اهي صاحب جيڪي هئا ايڪي وارا ظالم هئا

فَانتَقَمنا مِنهُم وَإِنَّهُما لَبِإِمامٍ مُبينٍ (آيت : 79)

سو ڏسو ته اسان کانئن بدلو ورتو، ۽ انهن ٻنهي قومن جا ڦٽل کنڊرات عام رستي تي موجود آهن

وَلَقَد كَذَّبَ أَصحٰبُ الحِجرِ المُرسَلينَ (آيت : 80)

۽ اهي ڪوڙو چئي چڪا آهن حجر وارا صاحب پنهنجي رسولن کي

وَءاتَينٰهُم ءايٰتِنا فَكانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 81)

۽ اسان انهن کي موڪليون پنهنجون آيتون، کين پنهنجيون نشانيون ڏنيون پر اهي سڀني کان منهن موڙيندا رهيا

وَكانوا يَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا ءامِنينَ (آيت : 82)

اهي ٽُڪي ٽُڪي ٺاهيندا هئا جبلن ۾ پنهنجا گهر ۽ بلڪل بي ڊپا ۽ مطمئن هئا

فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُصبِحينَ (آيت : 83)

پوءِ کين ورتو هڪ زبردست ڪڙڪي انهن کي صبح ٿيندي ئي

فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 84)

۽ سندن محنت جي ڪمائي کين ڪنهن به ڪم ڪانه آئي

وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَإِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ فَاصفَحِ الصَّفحَ الجَميلَ (آيت : 85)

۽ ناهي اسان پيدا ڪيو آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن منجهه آهي بنا حق جي (ڪنهن ٻئي بنياد تي)، ۽ يقينًا ضرور فيصلي جي گهڙي ايندي پوءِ (اي نبي!) انهن ماڻهن جي نالائقين کان سهڻو ٽارو ڪر

إِنَّ رَبَّكَ هُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 86)

بيشڪ تنهنجو رب سڀني جو خالق آهي ۽ هر ڄاڻ رکي ٿو

وَلَقَد ءاتَينٰكَ سَبعًا مِنَ المَثانى وَالقُرءانَ العَظيمَ (آيت : 87)

۽ اسان توکي ڏنيون آهن ست آيتون جيڪي بار بار ورجائڻ جوڳيون آهن، ۽ توکي عطا ڪيو آهي قرآن وڏي عظمت وارو

لا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَاخفِض جَناحَكَ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 88)

تون ان دنياوي سامان ڏي اک کڻي نه ڏس، جيڪو اسان انهن مان مختلف قسمن جي ماڻهن کي ڏنو آهي ۽ نه ولوڙ انهن جي حال تي پنهنجي دل کي، تون انهن کي ڇڏي جُهڪ ايمان آڻڻ وارن ڏي

وَقُل إِنّى أَنَا النَّذيرُ المُبينُ (آيت : 89)

۽ چئي ڇڏ (نه مڃڻ وارن کي) ته آئون فقط ڊيڄاريندڙ آهيان سڌو سنئون

كَما أَنزَلنا عَلَى المُقتَسِمينَ (آيت : 90)

هي اهڙي ئي تنبيهه آهي جيڪا اسان موڪلي هئي انهن ڏڦيڙ وجهندڙن ڏي

الَّذينَ جَعَلُوا القُرءانَ عِضينَ (آيت : 91)

جن ماڻهن ڪيو آهي پنهنجو قرآن ٽڪرا ٽڪرا

فَوَرَبِّكَ لَنَسـَٔلَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 92)

ته قسم آهي تنهنجي رب جو، اسان ضرور پڇنداسين انهن سڀني کان

عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 93)

ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو؟

فَاصدَع بِما تُؤمَرُ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 94)

بس (اي نبي!) جنهن شيءِ جو توکي حڪم ڏنو پيو وڃي اهو سڌو سنئون چئي ڏي (بي ڊپو) مشرڪن کي

إِنّا كَفَينٰكَ المُستَهزِءينَ (آيت : 95)

اسان ڪافي آهيون تنهنجي طرفان انهن چٿرن ڪندڙن لاءِ

الَّذينَ يَجعَلونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 96)

جيڪي ماڻهو الله سان گڏ خدا چون ٿا ٻين کي به، پوءِ سگهوئي کين معلوم ٿي ويندو

وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّكَ يَضيقُ صَدرُكَ بِما يَقولونَ (آيت : 97)

۽ اسان کي معلوم آهي ته جيڪي ماڻهو توتي ڳالهيون ٺاهين ٿا، انهن سان تنهنجي دل کي تڪليف ٿئي ٿي

فَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ وَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 98)

پنهنجي رب جي حمد سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪر، ۽ سندس حضور ۾ ٿي سجدو ڪندڙن مان

وَاعبُد رَبَّكَ حَتّىٰ يَأتِيَكَ اليَقينُ (آيت : 99)

۽ بندگي ڪر پنهنجي رب جي ان آخري گهڙي تائين جنهن جو اچڻ يقيني آهي


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025