الر كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ لِتُخرِجَ النّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِ رَبِّهِم إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 1) |
ﲺ (الف ـ لام ـ را) اي نبي هيءُ هڪ ڪتاب آهي، جنهن کي اسان توڏانهن نازل ڪيو آهي ته جيئن تون ماڻهن کي اونداهين مان ڪڍي سوجهري ۾ آڻين، سندن رب جي توفيق سان، انهيءَ الله جي رستي تي جيڪو زبردست ۽ پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل آهي |
اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَوَيلٌ لِلكٰفِرينَ مِن عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 2) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي ساري موجودات جو مالڪ آهي ۽ ڏاڍي تباهه ڪندڙ سزا آهي، حق کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندڙن لاءِ |
الَّذينَ يَستَحِبّونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 3) |
جيڪي دنيا واري زندگيءَ کي آخرت کان پيارو رکن ٿا ۽ جيڪي الله جي راهه کان ماڻهن کي روڪين ٿا ۽ گُهرن ٿا ته اهو رستو (سندن مرضيءَ مطابق) ڏنگو ٿي پوي. اهي ماڻهو گمراهيءَ ۾ تمام پري هليا ويا آهن |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا بِلِسانِ قَومِهِ لِيُبَيِّنَ لَهُم فَيُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 4) |
اسان پنهنجو پيغام رسائڻ لاءِ جڏهن به ڪو رسول موڪليو آهي ته ان پنهنجيءَ قوم جي ٻوليءَ ۾ ئي پيغام پهچايو آهي ته جيئن کين ڳالهه چڱيءَ طرح کولي سمجهائي. پوءِ الله جنهن کي وڻيس ڀٽڪائي ڇڏي ٿو ۽ جنهن کي چاهي هدايت بخشي ٿو، هو نهايت زبردست ۽ داناءُ آهي |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا أَن أَخرِج قَومَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَذَكِّرهُم بِأَيّىٰمِ اللَّهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 5) |
اسان هن کان اڳ موسيٰ کي پنهنجين نشانين سان گڏ موڪلي چڪا آهيون، انهيءَ کي به اسان حڪم ڏنو هو ته پنهنجي قوم کي اونداهين مان ڪڍي سوجهري ۾ آڻ ۽ کين الله جي ڏهاڙن (تاريخ) جا سبق پرائڻ جوڳا واقعا ٻڌائي نصيحت ڪر. انهن واقعن ۾ ڏاڍيون نشانيون آهن، هر انهيءَ شخص لاءِ جيڪو صبر ڪندڙ ۽ شڪر ڪندڙ آهي |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ أَنجىٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ وَيُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 6) |
ياد ڪريو! جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو: "الله جي ان احسان کي ياد ڪريو، جيڪو هن توهان تي ڪيو آهي، هن توهان کي فرعون وارن کان ڇڏائي آزاد ڪيو، جيڪي توهان کي سخت تڪليفون ڏيندا هئا، توهانجي پٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ توهانجي عورتن (نياڻين) کي جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا. انهيءَ ۾ توهانجي رب جي پاران توهان جي وڏي آزمائش هئي |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكُم لَئِن شَكَرتُم لَأَزيدَنَّكُم وَلَئِن كَفَرتُم إِنَّ عَذابى لَشَديدٌ (آيت : 7) |
۽ ياد ڪريو توهانجي رب اعلان ڪيو هو ته "جيڪڏهن شڪر ڪندؤ ته مان توهانکي اڃان به وڌيڪ نوازيندس ۽ جيڪڏهن بي شڪري ڪندؤ ته پوءِ منهنجي سزا به ڏاڍي سخت اٿوَ |
وَقالَ موسىٰ إِن تَكفُروا أَنتُم وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا فَإِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 8) |
۽ موسيٰ چيو ته "جيڪڏهن توهان ڪفر ڪندؤ ۽ زمين جا سمورا رهاڪو به ڪافر ٿي ويندا ته الله بي پرواهه آهي ۽ هو ته پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل آهي" |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ مِن قَبلِكُم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم لا يَعلَمُهُم إِلَّا اللَّهُ جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرَدّوا أَيدِيَهُم فى أَفوٰهِهِم وَقالوا إِنّا كَفَرنا بِما أُرسِلتُم بِهِ وَإِنّا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونَنا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 9) |
توهان تائين انهن قومن جا احوال نه پهتا آهن ڇا، جيڪي توهان کان اڳ ٿي گذريون آهن؟ نوح جي قوم، عاد، ثمود ۽ کانئن پوءِ آيل ڪيتريون ئي قومون، جن جو تعداد الله کي ئي معلوم آهي، سندن رسولن جڏهن وٽن چٽيون نشانيون آنديون ته انهن پنهنجا هٿ کڻي واتن ۾ وڌا ۽ چيائون ته "جنهن پيغام سان توهان موڪليا ويا آهيو، اسان ته ان کي نٿا مڃيون ۽ جنهن شيءِ جي توهان اسان کي دعوت ڏيئي رهيا آهيو، ان بابت اسان ڏاڍي شڪ ۾ پيل آهيون" |
قالَت رُسُلُهُم أَفِى اللَّهِ شَكٌّ فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَدعوكُم لِيَغفِرَ لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّرَكُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى قالوا إِن أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا تُريدونَ أَن تَصُدّونا عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتونا بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 10) |
سندن رسولن کين چيو: "ڇا الله بابت شڪ اٿوَ، جيڪو آسمانن توڙي زمين جو خالق آهي؟ هو ته توهانکي سڏي ٿو ته جيئن توهانجا ڏوهه معاف ڪري ۽ توهانکي هڪ مقرر ڪيل مدت تائين مهلت ڏئي." انهن چيو: "توهان ٻيو ڇا آهيو، اسان جهڙا انسان ئي ته آهيو. توهان اسانکي انهن هستين جي پوڄا ڪرڻ کان روڪڻ ٿا گُهرو، جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا آهن. چڱو ڀلا آڻيو ڪا چٽي ســَـنــَـدَ" |
قالَت لَهُم رُسُلُهُم إِن نَحنُ إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَمُنُّ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَما كانَ لَنا أَن نَأتِيَكُم بِسُلطٰنٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
سندن رسولن کين چيو: "برابر اسان توهان جهڙائي انسان آهيون، پر الله پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي چاهي نوازي ٿو ۽ اها ڳالهه اسانجي وس ۾ ناهي ته توهانکي ڪا ســَـنــَـدَ آڻي ڏيون، ســَـنــَِـدَ ته الله جي ئي حڪم سان اچي سگهي ٿي، سو الله تي ئي مؤمنن کي ڀروسو ڪرڻ گهرجي |
وَما لَنا أَلّا نَتَوَكَّلَ عَلَى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنا سُبُلَنا وَلَنَصبِرَنَّ عَلىٰ ما ءاذَيتُمونا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 12) |
۽ اسان ڇو نه الله تي ڀروسو ڪريون، جڏهن ته هن اسانجي زندگيءَ جي سفر ۾ اسانکي صحيح واٽون ڏسيون؟ ۽ توهان اسان کي جيڪو ايذايو پيا، تنهن تي ضرور صبر ڪنداسون ۽ ڀروسو ڪرڻ وارن جو ڀروسو الله تي ئي هئڻ گهرجي" |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِرُسُلِهِم لَنُخرِجَنَّكُم مِن أَرضِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا فَأَوحىٰ إِلَيهِم رَبُّهُم لَنُهلِكَنَّ الظّٰلِمينَ (آيت : 13) |
نيٺ منڪرن پنهنجن رسولن کي چئي ڇڏيو ته "يا ته توهانکي وري اسان جي دين ۾ موٽي اچڻو پوندو، نه ته اسان توهانکي پنهنجي ملڪ مان ڪڍي ڇڏينداسون". ان وقت سندن رب انهن ڏانهن وحي موڪليو ته "اسان انهن ظالمن کي برباد ڪري ڇڏينداسون |
وَلَنُسكِنَنَّكُمُ الأَرضَ مِن بَعدِهِم ذٰلِكَ لِمَن خافَ مَقامى وَخافَ وَعيدِ (آيت : 14) |
۽ انهن کان پوءِ توهانکي زمين ۾ آباد ڪنداسون". اهو آهي انعام انهيءَ جو، جيڪو منهنجي بارگاهه ۾ حاضر ٿيڻ کان ڊنو ۽ منهنجي دڙڪي کان به ڊڄندو هجي |
وَاستَفتَحوا وَخابَ كُلُّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 15) |
انهن فيصلو گهريو هو (سو فيصلو ائين ٿيو ته) حق جو دشمن هر ڏاڍو مڙس ناڪام ٿي ويو |
مِن وَرائِهِ جَهَنَّمُ وَيُسقىٰ مِن ماءٍ صَديدٍ (آيت : 16) |
پوءِ اڳتي وري جهنم اٿس، اتي کيس پيئڻ لاءِ پونءِ وارو پاڻي ڏنو ويندو |
يَتَجَرَّعُهُ وَلا يَكادُ يُسيغُهُ وَيَأتيهِ المَوتُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَما هُوَ بِمَيِّتٍ وَمِن وَرائِهِ عَذابٌ غَليظٌ (آيت : 17) |
جنهن کي زور ڪري نـڙيءَ کان هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪندو، پر ڏاڍي مشڪل سان ڳيت ڏئي سگهندو ۽ موت به هر طرف کان اچي ورايو هوندس پر هو مرندو ڪونه ۽ اڳتي وري ڏاڍو سخت عذاب انتظار ۾ هوندس |
مَثَلُ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم أَعمٰلُهُم كَرَمادٍ اشتَدَّت بِهِ الرّيحُ فى يَومٍ عاصِفٍ لا يَقدِرونَ مِمّا كَسَبوا عَلىٰ شَيءٍ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ البَعيدُ (آيت : 18) |
جن ماڻهن پنهنجي رب سان ڪفر ڪيو آهي، انهن جي عملن جو مثال انهيءَ رک جهڙو آهي، جنهن کي ڪنهن طوفان واري ڏينهن جي واءُ اڏائي ڇڏيو ۽ هو پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪوبه ڦل نه پائي سگهندا. اهائي وڏي گمراهي آهي |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَأتِ بِخَلقٍ جَديدٍ (آيت : 19) |
اي نبي! ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمانن ۽ زمين کي برحق خلقيو آهي؟ جي هو چاهي ته توهان ماڻهن کي هٽائي ڇڏي ۽ ٻي نئين مخلوق آڻي |
وَما ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزيزٍ (آيت : 20) |
ائين ڪرڻ الله لاءِ ڪو ڏکيو ناهي |
وَبَرَزوا لِلَّهِ جَميعًا فَقالَ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا مِن عَذابِ اللَّهِ مِن شَيءٍ قالوا لَو هَدىٰنَا اللَّهُ لَهَدَينٰكُم سَواءٌ عَلَينا أَجَزِعنا أَم صَبَرنا ما لَنا مِن مَحيصٍ (آيت : 21) |
۽ جڏهن سڀئي الله جي آڏو حاضر ٿيندا ته ان وقت انهن مان جيڪي دنيا ۾ هيڻا هئا، سي هٺيلن کي چوندا ته "دنيا ۾ اسان توهانجا پوئلڳ هئاسون، ڇا هاڻي توهان اسانکي الله جي عذاب کان بچائڻ لاءِ به ڪجهه ڪري سگهو ٿا؟" هو جواب ڏيندا: "جيڪڏهن الله ڪا ڇوٽڪاري جي واٽ اسانکي ڏيکاري هجي ها ته توهان کي به ضرور ڏسيون ها. هاڻي ته کڻي روئون رڙون يا ماٺ ڪري ويهون، مڙيئي ڳالهه ساڳي آهي، ڇٽڻ جي ڪا واه ئي ڪانهي" |
وَقالَ الشَّيطٰنُ لَمّا قُضِىَ الأَمرُ إِنَّ اللَّهَ وَعَدَكُم وَعدَ الحَقِّ وَوَعَدتُكُم فَأَخلَفتُكُم وَما كانَ لِىَ عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ إِلّا أَن دَعَوتُكُم فَاستَجَبتُم لى فَلا تَلومونى وَلوموا أَنفُسَكُم ما أَنا۠ بِمُصرِخِكُم وَما أَنتُم بِمُصرِخِىَّ إِنّى كَفَرتُ بِما أَشرَكتُمونِ مِن قَبلُ إِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 22) |
۽ جڏهن معاملو نبيريو ويندو ته شيطان چوندو ته سچي ڳالهه اها آهي ته الله جيڪي به وعدا توهان سان ڪيا هئا، سي سڀ سچا هئا ۽ مون جيترا به وعدا ڪيا، تن مان ڪوبه نه پاڙيم، منهنجو توهان تي ڪو زور ته ڪو نه هو، مون ته رڳو ايترو ڪيو ته توهانکي پنهنجي رستي ڏانهن سڏيم ۽ توهان منهنجي ڳالهه مڃي. هاڻي مونکي ملامت نه ڪريو، پاڻ کي ئي ملامت ڪريو، هتي نڪي مان توهانجي دانـهــُـن جو ڪو تدارڪ ڪري ٿو سگهان ۽ نه وري توهان ئي ٿا منهنجي رڙين جو ڪو بلو ڪري سگهو، اڳي جو توهان مونکي خدائيءَ ۾ شريڪ بڻايو هو، تنهن جو مان انڪاري آهيان. اهڙن ظالمن لاءِ ته پڪ ئي پڪ دردناڪ سزا آهي" |
وَأُدخِلَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم تَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ (آيت : 23) |
ٻئي پاسي وري جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اهي اهڙن باغن ۾ داخل ڪيا ويندا، جن جي هيٺان واهيون وهنديون ۽ انهن ۾ هو پنهنجي رب جي حڪم سان سدائين رهندا ۽ اتي سندن آجيان سلام سان ٿيندي |
أَلَم تَرَ كَيفَ ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا كَلِمَةً طَيِّبَةً كَشَجَرَةٍ طَيِّبَةٍ أَصلُها ثابِتٌ وَفَرعُها فِى السَّماءِ (آيت : 24) |
اي نبي! ڇا تو نه ڏٺو ته الله پاڪ سهڻي ڳالهه جو مثال ڪهڙيءَ شيءِ سان ڏنو آهي؟ ان جو مثال هڪڙي سٺيءَ جنس واري وڻ وانگر آهي، جنهن جي پاڙ زمين ۾ اونهي ويل آهي ۽ شاخون آسمان ۾ پهتل آهن |
تُؤتى أُكُلَها كُلَّ حينٍ بِإِذنِ رَبِّها وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 25) |
مند مند تي پيو ٿو پنهنجي رب جي حڪم سان ڦــَـر ڏئي. اهي مثال الله ان لاءِ ٿو ڏئي ته مــَـن ماڻهو انهن مان ڪو سبق پرائين |
وَمَثَلُ كَلِمَةٍ خَبيثَةٍ كَشَجَرَةٍ خَبيثَةٍ اجتُثَّت مِن فَوقِ الأَرضِ ما لَها مِن قَرارٍ (آيت : 26) |
۽ وري گندي ڳالهه جو مثال هڪڙي خراب جنس جي وڻ جيان آهي، جنهن کي زمين جي مٿاڇري کان ئي پٽي اڇلايو وڃي ٿو، انهيءَ کي ڪو ٽڪاءُ ڪونهي |
يُثَبِّتُ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا بِالقَولِ الثّابِتِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَيُضِلُّ اللَّهُ الظّٰلِمينَ وَيَفعَلُ اللَّهُ ما يَشاءُ (آيت : 27) |
ايمان آڻڻ وارن کي الله هڪ مضبوط قول جي بنياد تي دنيا توڙي آخرت ۾، پنهنجي جاءِ تي ثابت قدم ٿو رکي ۽ ظالمن کي الله گمراهه ٿو ڪري ڇڏي، الله کي جيئن وڻي ٿو تيئن ڪري ٿو |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ بَدَّلوا نِعمَتَ اللَّهِ كُفرًا وَأَحَلّوا قَومَهُم دارَ البَوارِ (آيت : 28) |
تو نه ڏٺو ڇا انهن ماڻهن کي، جن کي الله جي نعمت ملي ته اها مــَـٽائي ناشڪري ڪيائون ۽ (پاڻ سان گڏ) پنهنجي قوم کي به وٺي وڃي تباهيءَ جي گهر ۾ پهچايائون |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها وَبِئسَ القَرارُ (آيت : 29) |
جهنم جنهن ۾ پيا سڙندا ۽ اها ڏاڍي خراب ٽڪڻ جي جاءِ آهي |
وَجَعَلوا لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّعوا فَإِنَّ مَصيرَكُم إِلَى النّارِ (آيت : 30) |
۽ وري الله جا ڪي شريڪ بڻايائون ته جيئن ماڻهن کي الله جي راهه کان ڀٽڪائي ڇڏين. چوين ته چڱو، ڪري وٺو مزا، پوءِ ته نيٺ موٽي هلڻو دوزخ ۾ ئي اٿوَ |
قُل لِعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا يُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُنفِقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خِلٰلٌ (آيت : 31) |
اي نبي! منهنجي جن ٻانهن ايمان آندو آهي، انهن کي چؤ ته نماز قائم ڪن ۽ جيڪي ڪجهه رزق اسان ڏنو اٿن، ان مان لڪائي توڙي ظاهر (الله جي راهه ۾) خرچ ڪن، ان کان اڳواٽ جو اهو ڏينهن اچي، جنهن ۾ نڪي ڪا ڏيتي ليتي ٿيندي ۽ نه وري ياري دوستي ئي هلندي |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم وَسَخَّرَ لَكُمُ الفُلكَ لِتَجرِىَ فِى البَحرِ بِأَمرِهِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الأَنهٰرَ (آيت : 32) |
الله اهو آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ آسمان مان پاڻي وسايائين، پوءِ ان جي وسيلي توهانجي رزق طور قسمين قسمين ميوا اُپايائين. جنهن ٻيڙيءَ کي توهانجي تابع بڻايو ته جيئن سمنڊ ۾ سندس حڪم سان هلندي وتي ۽ دريائن کي توهان جي تابع ڪيائين |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الشَّمسَ وَالقَمَرَ دائِبَينِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ (آيت : 33) |
سج ۽ چنڊ کي توهان جو فرمانبردار بڻايائين، جو پيا ٿا لاڳيتو هلندا هلن ۽ رات ۽ ڏينهن کي به توهانجي ضابطي هيٺ آندائين |
وَءاتىٰكُم مِن كُلِّ ما سَأَلتُموهُ وَإِن تَعُدّوا نِعمَتَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ الإِنسٰنَ لَظَلومٌ كَفّارٌ (آيت : 34) |
۽ توهان کي اهو سڀ ڪجهه ڏنائين، جيڪو توهان کانئس گهريو. جيڪڏهن توهان الله جي نعمتن کي ڳڻيندؤ ته ڳڻي نه سگهندؤ! حقيقت اها آهي ته انسان ڏاڍو بي انصاف ۽ ناشڪرو آهي |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ رَبِّ اجعَل هٰذَا البَلَدَ ءامِنًا وَاجنُبنى وَبَنِىَّ أَن نَعبُدَ الأَصنامَ (آيت : 35) |
ياد ڪريو جڏهن ابراهيم دعا گهري هئي ته "اي منهنجا پالڻهار! هن شهر (مڪي) کي امن جي جاءِ بڻاءِ ۽ مونکي ۽ منهنجي اولاد کي بتن جي پوڄا کان بچاءِ |
رَبِّ إِنَّهُنَّ أَضلَلنَ كَثيرًا مِنَ النّاسِ فَمَن تَبِعَنى فَإِنَّهُ مِنّى وَمَن عَصانى فَإِنَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 36) |
اي منهنجا رب! انهن بتن گهڻن ماڻهن کي گمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي (ٿي سگهي ٿو ته منهنجي اولاد کي به گمراهه ڪن) تنهنڪري انهن مان جيڪو منهنجي طريقي تي هلندو، اهو منهنجو آهي ۽ جيڪو منهنجي ابتـڙ هلندو ته پوءِ بيشڪ تون بخشيندڙ مهربان آهين |
رَبَّنا إِنّى أَسكَنتُ مِن ذُرِّيَّتى بِوادٍ غَيرِ ذى زَرعٍ عِندَ بَيتِكَ المُحَرَّمِ رَبَّنا لِيُقيمُوا الصَّلوٰةَ فَاجعَل أَفـِٔدَةً مِنَ النّاسِ تَهوى إِلَيهِم وَارزُقهُم مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَشكُرونَ (آيت : 37) |
اي اسانجا پالڻهار! مان هڪ غيرآباد واديءَ (ميدان) ۾ پنهنجي اولاد مان ڪن کي تنهنجي عزت واري گهر وٽ آڻي رهايو آهي، پالڻهار اهو مون ان لاءِ ڪيو آهي ته اهي هتي نماز قائم ڪن، تنهنڪري تون ماڻهن جي دلين کي انهن ڏي موڙي ڇڏ ۽ انهن کي کائڻ لاءِ ميوا عطا ڪر ته مــَـنَ اهي شڪر ڪن |
رَبَّنا إِنَّكَ تَعلَمُ ما نُخفى وَما نُعلِنُ وَما يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِن شَيءٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 38) |
اي اسانجا رب! تون ڄاڻين ٿو جيڪو اسين لڪايون ٿا يا جيڪو ظاهر ڪريون ٿا" ۽ بيشڪ الله کان ته ڪابه شيءِ ڳجهي ناهي، نڪي زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾ |
الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى وَهَبَ لى عَلَى الكِبَرِ إِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبّى لَسَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 39) |
"شڪر آهي انهيءَ الله جو جنهن مونکي هن ڪراڙپ ۾ اسماعيل ۽ اسحاق جهڙا پٽ عطا ڪيا. حقيقت اها آهي ته منهنجو رب بيشڪ دعا ٻڌي ٿو |
رَبِّ اجعَلنى مُقيمَ الصَّلوٰةِ وَمِن ذُرِّيَّتى رَبَّنا وَتَقَبَّل دُعاءِ (آيت : 40) |
اي منهنجا رب! مونکي نماز قائم ڪرڻ وارو ڪر ۽ منهنجي اولاد کي به، اي اسانجا پاليندڙ! ۽ منهنجي دعا قبول ڪر |
رَبَّنَا اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِلمُؤمِنينَ يَومَ يَقومُ الحِسابُ (آيت : 41) |
اي منهنجا رب! مونکي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ سڀني ايمان وارن کي ان ڏينهن بخشي ڇڏجانءِ، جڏهن جو حساب ڪتاب قائم ٿيندو" |
وَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ غٰفِلًا عَمّا يَعمَلُ الظّٰلِمونَ إِنَّما يُؤَخِّرُهُم لِيَومٍ تَشخَصُ فيهِ الأَبصٰرُ (آيت : 42) |
اهي ظالم ماڻهو جيڪي ڪن ٿا، تون الله کي ان کان غافل نه سمجهه، الله ته پيو ٿو انهن کي ان ڏينهن تائين ڍر ڏئي، جڏهن اکيون ڦاٽي وينديون |
مُهطِعينَ مُقنِعى رُءوسِهِم لا يَرتَدُّ إِلَيهِم طَرفُهُم وَأَفـِٔدَتُهُم هَواءٌ (آيت : 43) |
ڪنڌ مٿي ڪيو ڊوڙندا ويندا، اکيون هڪ هنڌ کتل ۽ دليون هوا وانگر پيون هٿن کان نڪتيون وينديون |
وَأَنذِرِ النّاسَ يَومَ يَأتيهِمُ العَذابُ فَيَقولُ الَّذينَ ظَلَموا رَبَّنا أَخِّرنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ نُجِب دَعوَتَكَ وَنَتَّبِعِ الرُّسُلَ أَوَلَم تَكونوا أَقسَمتُم مِن قَبلُ ما لَكُم مِن زَوالٍ (آيت : 44) |
اي نبي! ڊيڄارينِ انهيءَ ڏينهن کان جڏهن عذاب اچي پڪڙيندن، ان وقت اهي ظالم چوندا ته "اي اسانجا رب! اسانکي ٿورڙي مهلت ڏي ته اسان تنهنجي سڏ جو جواب ڏيون ۽ رسولن جي پيروي ڪريون". (پر کين کــُـتو جواب ملندو ته) "ڇا توهان اهي ماڻهو ناهيو، جيڪي هن کان اڳ قسم کڻي چوندا هيؤ ته اسان تي ته هن دنيا ۾ زوال اچڻو ئي ناهي؟ |
وَسَكَنتُم فى مَسٰكِنِ الَّذينَ ظَلَموا أَنفُسَهُم وَتَبَيَّنَ لَكُم كَيفَ فَعَلنا بِهِم وَضَرَبنا لَكُمُ الأَمثالَ (آيت : 45) |
حالانڪه توهان انهن قومن جي آبادين ۾ رهي چڪا آهيو، جن پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو هو ۽ توهان تي اها ڳالهه ظاهر ٿيل هئي ته اسان انهن سان ڇا ڪيو هو ۽ اسان ته انهن جا مثال ڏئي به توهان کي پئي سمجهايو هو |
وَقَد مَكَروا مَكرَهُم وَعِندَ اللَّهِ مَكرُهُم وَإِن كانَ مَكرُهُم لِتَزولَ مِنهُ الجِبالُ (آيت : 46) |
اُهي پنهنجون سڀ چالبازيون هلائي چڪا هئا، پر انهن جي هرهڪ ســِـٽيل ســِـٽ جي جوابي تدبير الله وٽ موجود هئي، توڻي جو انهن جون سٽون ته اهڙيون زوردار هيون، جو انهن سان جبل به (پنهنجي جاءِ تان) هٽي وڃن" |
فَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ مُخلِفَ وَعدِهِ رُسُلَهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 47) |
تنهنڪري اي نبي! تون ڪڏهن به اهو گمان نه ڌارجانءِ ته ڪو الله پنهنجن رسولن سان ڪيل وعدن جي خلاف ڪندو، الله زبردست آهي ۽ انتقام وٺندڙ آهي |
يَومَ تُبَدَّلُ الأَرضُ غَيرَ الأَرضِ وَالسَّمٰوٰتُ وَبَرَزوا لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 48) |
ڊيڄارينِ ان ڏينهن کان جڏهن زمين ۽ آسمان بدلائي ڇا مان ڇا ڪيا ويندا ۽ سمورا الله الواحد القهار جي آڏو پڌري پٽ اچي حاضر ٿيندا |
وَتَرَى المُجرِمينَ يَومَئِذٍ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 49) |
انهيءَ ڏينهن تون ڏوهارين کي ڏسندين ته زنجيرن ۾ هٿـئين پيرئين جڪڙيل هوندا |
سَرابيلُهُم مِن قَطِرانٍ وَتَغشىٰ وُجوهَهُمُ النّارُ (آيت : 50) |
۽ ڏامـَـرَ جا چولا پاتل هوندن ۽ باهه جون ڄـڀـيون مــُـنهن کي ويڙهي ويندن |
لِيَجزِىَ اللَّهُ كُلَّ نَفسٍ ما كَسَبَت إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 51) |
تانته الله هر ساهواري کي سندس ڪــَـئي جو بدلو ڏئي، الله کي ته حساب وٺندي ڪا دير ئي نه لڳندي آهي |
هٰذا بَلٰغٌ لِلنّاسِ وَلِيُنذَروا بِهِ وَلِيَعلَموا أَنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَلِيَذَّكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 52) |
هيءُ هڪڙو پيغام آهي، سڀني انسانن لاءِ ۽ ان لاءِ موڪليو ويو آهي ته جيئن ان وسيلي کين ڊيڄاريو وڃي ۽ هو ڄاڻي وٺن ته اصل ۾ معبود ته فقط هڪڙو ئي آهي ۽ جيڪي سياڻا آهن سي ڪو هوش ڌارين |