الر كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ لِتُخرِجَ النّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِ رَبِّهِم إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 1) |
الرا. (اي رسول! هي قرآن اهو) ڪتاب آهي جنهن کي اسان تو ڏي هن لاءِ نازل ڪيو آهي ته تون ماڻهن کي سندن پالڻهار جي حڪم سان (ڪفر جي) اونداهين مان ڪڍي (ايمان جي) روشنيءَ جي رستي تي آڻ جو زبردست (۽) ساراهيل ۽ حمد جو لائق آهي. |
اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَوَيلٌ لِلكٰفِرينَ مِن عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 2) |
اهو الله جنهن جو (سڀئي) آهي جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ (آخرت ۾) ڪافرن لاءِ جيڪو سخت عذاب (رکيو ويو آهي سو) افسوس ناڪ آهي. |
الَّذينَ يَستَحِبّونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 3) |
اهي (ڪافر) جيڪي دنيا (فاني) جي حياتيءَ کي آخرت تي جيڪا (اڻ کٽ نعمت آهي) پسند ڪن ٿا ۽ (ماڻهن کي) خدا جي راھ تي هلڻ کان روڪين ٿا ۽ ان ۾ بيڪار ڏنگائي پيدا ڪرڻ گهرن ٿا. اهي ئي ماڻهو وڏيءَ گمراهيءَ ۾ آهن. |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا بِلِسانِ قَومِهِ لِيُبَيِّنَ لَهُم فَيُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 4) |
۽ اسان هر هڪ رسول کي سندس قوم جي زبان سان ئي موڪليو ته جيئن کين (اسان جا حڪم) سمجهائي. پوءِ خدا جنهن کي گهري تنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ۽ جنهن کي گهري تنهن کي هدايت ڪري ٿو. ۽ اهو ئي سڀ تي غالب حڪمت وارو آهي. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا أَن أَخرِج قَومَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَذَكِّرهُم بِأَيّىٰمِ اللَّهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 5) |
۽ اسان موسى کي پنهنجيون نشانيون ڏئي موڪليو (کيس حڪم ڏسوسون) ته پنهنجيءَ قوم کي (ڪفر جي) اونداهين مان (ايمان جي) روشنيءَ ۾ آڻ! ۽ کين خدا جا (اهي ڏينهن ياد ڏيار (جن ۾ خدا جون وڏيون قدرتون ظاهر ٿيون) ان ۾ شڪ نه آهي ته ان ۾ سڀ ڪنهن صبر ۽ شڪر ڪندڙن جي لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ أَنجىٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ وَيُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 6) |
۽ (اهو وقت ياد ڏيارين) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته خدا جيڪي احسان اوهان تي ڪيا آهن تن کي ياد ڪريو جڏهن ان اوهان کي فرعون جي ماڻهن (جي ظلم) کان نجات ڏياري، اهي اوهان کي بڇڙا عذاب ڏيندا هئا ۽ اوهان جي پٽن کي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي عورتن کي (ٻانهيون ڪرڻ لاءِ) جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا ۽ ان ۾ اوهان جي پالڻهار جي طرفان (اوهان جي صبر جو) وڏو امتحان هو. |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكُم لَئِن شَكَرتُم لَأَزيدَنَّكُم وَلَئِن كَفَرتُم إِنَّ عَذابى لَشَديدٌ (آيت : 7) |
۽ (اهو وقت به ياد رهي) جڏهن اوهان جي پروردگار (اوهان کي) ٻڌايو ته جيڪڏهن منهنجو شڪر ڪندو ته آءُ اوهان کي وڌيڪ نعمتون ڏيندس پر جيڪڏهن ناشڪري ڪندو ته ياد رکو! پڪ منهنجو عذاب سخت آهي. |
وَقالَ موسىٰ إِن تَكفُروا أَنتُم وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا فَإِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 8) |
۽ موسى (پنهنجي قوم کي) چئي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن اوهين ۽ (اوهان سان) جيترا ماڻهو سموري زمين تي آهن سڀئي (گڏجي خدا جي) ناشڪري ڪندو ته خدا (کي ذرو به پرواھ نه آهي، ڇو ته اهو بلڪل) بي نياز ساراهيل آهي. |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ مِن قَبلِكُم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم لا يَعلَمُهُم إِلَّا اللَّهُ جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرَدّوا أَيدِيَهُم فى أَفوٰهِهِم وَقالوا إِنّا كَفَرنا بِما أُرسِلتُم بِهِ وَإِنّا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونَنا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 9) |
ڇا اوهان کي انهن ماڻهن جي خبر نه آهي پهتي جيڪي اوهان کان اڳ هئا (جيئن) نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ (ٻيا ماڻهو) جيڪي انهن کان پوءِ ٿيا (ڪئين خبر پوِي؟) انهن کي خدا کان سواءِ ٻيو ڪو نٿو ڄاڻي! انهن وٽ سندن (وقت جا) پيغمبر معجزا کڻي آيا ۽ (کين سمجهايائون ته) انهن پيغمبر جي هٿن کي الٽو سنڌن واتن ۾ هنيو ۽ چوڻ لڳا ته جيڪو خدا کان اوهان (حڪم) آندو آهي اسين ان کي نٿا مڃيون ۽ جنهن (دين) ڏي اوهين اسان کي سڏيو ٿا تنهن ۾ اسان وڏي شڪ ۾ آهيون. |
قالَت رُسُلُهُم أَفِى اللَّهِ شَكٌّ فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَدعوكُم لِيَغفِرَ لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّرَكُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى قالوا إِن أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا تُريدونَ أَن تَصُدّونا عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتونا بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 10) |
(تڏهن) سندن پيغمبرن (کين) چيو ته ڇا اوهان کي خدا جي باري ۾ شڪ آهي جو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. اهو اوهان کي هن لاءِ سڏي ٿو ته اوهان جا گناھ معاف ڪري ۽ اوهان کي هڪ مقرر مدت تائين (دنيا ۾ آرام سان) رهڻ ڏئي. انهن چيو اوهين به رڳو اسان جهڙا آدمي آهيو! (ها اسان سمجهيو) اوهين اسان کي انهن کان روڪڻ گهرو ٿا جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا رهيا آهن. (چڱو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته) ڪو به صاف کليل ظاهر معجزو اسان کي آڻي ڏيکار. |
قالَت لَهُم رُسُلُهُم إِن نَحنُ إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَمُنُّ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَما كانَ لَنا أَن نَأتِيَكُم بِسُلطٰنٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
سندن پيغمبرن کين جواب ۾ چيو ته بيشڪ اسين به اوهان جهڙا ئي آدمي آهيون پر خدا پنهنجن بندن مان جنهن تي چاهي پنهنجو فضل (۽ ڪرم) ڪري ٿو (۽ پيغمبري عطا ڪري ٿو) ۽ اسان جي اختيار ۾ اها ڳالھ نه آهي جو خدا جي حڪم کانسواءِ (اوهان جي چوڻ موجب) اسين ڪو به معجزو اوهان جي اڳيان آڻي سگهون. ۽ خدا تي سڀني ايماندارن کي ڀروسو رکڻ گهرجي. |
وَما لَنا أَلّا نَتَوَكَّلَ عَلَى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنا سُبُلَنا وَلَنَصبِرَنَّ عَلىٰ ما ءاذَيتُمونا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 12) |
۽ اسان کي (آخر) ڇا آهي جو اسين مٿس ڀروسو نه ڪريون هوڏانهن اسان کي (نجات جا) بيشڪ ان رستا ڏيکاريا ۽ جي جي ايذائون اوهان اسان کي رسايون (تن تي اسان صبر ڪيو ۽) آينده به صبر ڪنداسون ۽ توڪل ڪرڻ وارن کي خدا تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِرُسُلِهِم لَنُخرِجَنَّكُم مِن أَرضِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا فَأَوحىٰ إِلَيهِم رَبُّهُم لَنُهلِكَنَّ الظّٰلِمينَ (آيت : 13) |
۽ ڪافرن پنهنجن رسولن کي چيو ته اسين اوهان کي پنهنجي سرزمين مان ضرور باهر ڪڍي ڇڏينداسون يا ته اوهين اسان جي دين ۾ موٽي اچو. ته سندس پروردگار انهن ڏي وحي موڪليو ته (گهٻرايو نه) اسين انهن سرڪش ماڻهن کي ضرور هلاڪ ڪنداسون. |
وَلَنُسكِنَنَّكُمُ الأَرضَ مِن بَعدِهِم ذٰلِكَ لِمَن خافَ مَقامى وَخافَ وَعيدِ (آيت : 14) |
۽ سندن (هلاڪت کان) پوءِ ضرور اوهان کي ان سرزمين ۾ رهائنداسون. اهو وعدو رڳو ان شخص سان آهي جيڪو اسان جي بارگاھ ۾ (اعمال جي پڇا ۾) بيهڻ کان ڊڄي ۽ منهنجي عذاب کان خوف کائي. |
وَاستَفتَحوا وَخابَ كُلُّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 15) |
۽ انهن (نبين) فتح ٿيڻ جي اسان کان دعا گهري (نيٺ اها پوري ٿي) ۽ هر هڪ سرڪش عداوت رکڻ وارو هلاڪ ٿيو. |
مِن وَرائِهِ جَهَنَّمُ وَيُسقىٰ مِن ماءٍ صَديدٍ (آيت : 16) |
(اها ته سندن سزا هئي) ۽ ان جي پٺيان ئي پٺيان جهنم آهي) ۽ (ان ۾) کيس رت پونءِ ڀريل پاڻي پياريو ويندو. |
يَتَجَرَّعُهُ وَلا يَكادُ يُسيغُهُ وَيَأتيهِ المَوتُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَما هُوَ بِمَيِّتٍ وَمِن وَرائِهِ عَذابٌ غَليظٌ (آيت : 17) |
(زوريءَ) کيس ڍڪ ڍڪ ڪري پيڻو پوندو ۽ ان کي آسانيءَ سان نڙي مان نه ڳهي سگهندو ۽ اهڙي مصيبت (آهي جو) کيس هر هڪ پاسي موت ئي موت نظر ايندو، حالانڪه هو مارڻ سان به نه مرندو. ۽ پوءِ ان جي بلڪل پٺيان سخت عذاب هوندو. |
مَثَلُ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم أَعمٰلُهُم كَرَمادٍ اشتَدَّت بِهِ الرّيحُ فى يَومٍ عاصِفٍ لا يَقدِرونَ مِمّا كَسَبوا عَلىٰ شَيءٍ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ البَعيدُ (آيت : 18) |
جن پنهنجي پروردگار جو انڪار ڪيو تن جو حال هيءَ آهي ته انهن جا عمل ڦلهيار جو ڍڳ آهن جنهن کي طوفان واري ڏينهن ۾ طوفان اڏائي کڻي ويو. جيڪي انهن (دنيا ۾) ڪمايائون سو سندن هٿ وس نه هوندو. اها ئي وڏي گمراهي آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَأتِ بِخَلقٍ جَديدٍ (آيت : 19) |
ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ تدبير سان پيدا ڪيو آهي. جيڪڏهن گهري ته سڀ کي فنا ڪري هڪ نئين پيدائش (واري بستي) آڻي وسائي. |
وَما ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزيزٍ (آيت : 20) |
۽ اهو (ڪرڻ) خدا تي ڪو به مشڪل نه آهي. |
وَبَرَزوا لِلَّهِ جَميعًا فَقالَ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا مِن عَذابِ اللَّهِ مِن شَيءٍ قالوا لَو هَدىٰنَا اللَّهُ لَهَدَينٰكُم سَواءٌ عَلَينا أَجَزِعنا أَم صَبَرنا ما لَنا مِن مَحيصٍ (آيت : 21) |
۽ قيامت جي ڏينهن سڀئي خدا جي اڳيان حاضر ٿيندا. پوءِ جي ماڻهو (دنيا ۾) ڪمزور هئا سي وڏي عزت وارن کي (تنهن وقت) چوندا، اسين ته رڳو اوهان جي پيروي ڪندا هئاسون ته ڇا (اڄ) اوهين خدا جي عذاب کي اسان کان ٽاري سگهندو؟ اهي جواب ڏيندا، افسوس! خدا (جيڪڏهن) اسان جي هدايت ڪري ها ته اسين به اوهان جي هدايت ڪريون ها، هاڻي اسين چاهي گهٻرايون يا صبر ڪريون (ها ڳالھ هاڻي) هڪجهڙي آهي (ڇو ته) عذاب کان) اسان کي ته بچاءُ ڪونهي. |
وَقالَ الشَّيطٰنُ لَمّا قُضِىَ الأَمرُ إِنَّ اللَّهَ وَعَدَكُم وَعدَ الحَقِّ وَوَعَدتُكُم فَأَخلَفتُكُم وَما كانَ لِىَ عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ إِلّا أَن دَعَوتُكُم فَاستَجَبتُم لى فَلا تَلومونى وَلوموا أَنفُسَكُم ما أَنا۠ بِمُصرِخِكُم وَما أَنتُم بِمُصرِخِىَّ إِنّى كَفَرتُ بِما أَشرَكتُمونِ مِن قَبلُ إِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 22) |
۽ جڏهن ماڻهن جو (آخري) فيصلو ٿي ويندو (۽ ماڻهو شيطان کي الزام ڏيندا) ته شيطان چوندو، خدا توهان سان سچو وعدو ڪيو هو (سو ته پورو ٿيو) ۽ مون به ته وعدو ڪيو هو پر مون وعدو نه پاريو هوڏانهن منهنجو اوهان تي ڪو زور نه هو، هن کان سواءِ ته مون اوهان کي (بڇڙن ڪمن طرف) سڏيو، پوءِ اوهان منهنجي ڳالھ مڃي. ته هاڻي اوهين مون کي بڇڙو نه چئو پر پنهنجي نفس کي بڇڙو چئو. (اڄ) آءُ نه اوهان جي فرياد کي پهچي سگهان ٿو ۽ نه اوهين منهنجي فرياد رسي ڪري سگهو ٿا. آءُ ان کان اڳ ئي بيزار آهيان جو اوهان مون کي (خدا جو) شريڪ بنايو. بيشڪ جي ماڻهو نافرمان آهن تن لاءِ تمام وڏو دردناڪ عذاب آهي. |
وَأُدخِلَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم تَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ (آيت : 23) |
۽ جن ماڻهن (سچي دل سان) ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيا اهي بهشت جي انهن باغن ۾ داخل ڪيا ويندا جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ اهي پنهنجي پروردگار جي حڪم سان تنهن ۾ هميشه رهندا. اتي سندن ملاقات جو تحفو سلام هوندو. |
أَلَم تَرَ كَيفَ ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا كَلِمَةً طَيِّبَةً كَشَجَرَةٍ طَيِّبَةٍ أَصلُها ثابِتٌ وَفَرعُها فِى السَّماءِ (آيت : 24) |
(اي رسول) ڇا تو نه ڏٺو ته خدا چڱي ڳالھ (جيئن توحيد جو ڪلمو) جو ڪهڙو نه (سٺو) مثال بيان ڪيو آهي ته (سٺي ڳالھ) ڄڻ ته هڪ پاڪيزه وڻ آهي جو جنهن جي پاڙ مضبوط آهي ۽ ان جون ٽاريون آسمان ۾ (لڳل) هجن. |
تُؤتى أُكُلَها كُلَّ حينٍ بِإِذنِ رَبِّها وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 25) |
پنهنجي پروردگار جي حڪم سان هر وقت پنهنو ميوو ڏيندو رهي ٿو ۽ خدا ماڻهن لاءِ (ان ڪري) مثال بيان ڪري ٿو ته جيئن ماڻهو نصيحت ۽ (سبق) حاصل ڪن. |
وَمَثَلُ كَلِمَةٍ خَبيثَةٍ كَشَجَرَةٍ خَبيثَةٍ اجتُثَّت مِن فَوقِ الأَرضِ ما لَها مِن قَرارٍ (آيت : 26) |
۽ بڇڙي ڳالھ (جيئن شرڪ جو ڪلمو) جو مثال هڪ خراب وڻ وانگر آهي (جنهن جي پاڙ اهڙي ڪمزور هجي) جو زمين جي مٿاڇري کان ئي پٽي ڦٽي ڪجي (ڇو ته) کيس قرار ته آهي ڪين! |
يُثَبِّتُ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا بِالقَولِ الثّابِتِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَيُضِلُّ اللَّهُ الظّٰلِمينَ وَيَفعَلُ اللَّهُ ما يَشاءُ (آيت : 27) |
جي ماڻهو ڪي پختي ڳالھ (توحيد جي ڪلمي) تي (سچي دل سان) ايمان آڻي چڪا تن کي خدا دنيا جي زندگي ۾ (به) ثابت قدم رکندو. ۽ کين (سوال جواب ۾ ڪا به تڪليف نه ٿيندي) ۽ الله سرڪش کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ٿو. ۽ خدا جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ بَدَّلوا نِعمَتَ اللَّهِ كُفرًا وَأَحَلّوا قَومَهُم دارَ البَوارِ (آيت : 28) |
(اي پيغمبر) ڇا تون انهن ماڻهن جي حال تي غور نه ڪيو جن منهنجي احسان جي بدلي ناشڪري ڪئي ۽ پنهنجي قوم کي هلاڪت جي کڏ ۾ اڇليائون. |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها وَبِئسَ القَرارُ (آيت : 29) |
(جيڪي) سڀئي جهنم واصل ٿيندا ۽ اهو ڪهڙو نه بڇڙو ٺڪاڻو آهي. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّعوا فَإِنَّ مَصيرَكُم إِلَى النّارِ (آيت : 30) |
۽ اهي ماڻهو ٻين کي خدا جو شريڪ بنائڻ لڳا ته جيئن (ماڻهن کي) سندس راھ کان ٿيڙين. (اي رسول) چوين ته (خير ٻه ٽي ڏينهن ته) مزو وٺو پوءِ ته اوهان کي دوزخ ڏي موٽي وڃڻو آهي. |
قُل لِعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا يُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُنفِقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خِلٰلٌ (آيت : 31) |
(اي رسول) منهنجا اهي بندا جن ايمان آندو آهي تن کي چئو ته نماز قائم ڪن ۽ جو ڪجھ کين روزي ڏنل آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) لڪائي يا ڏيکاري ڏين. ان ڏينهن (قيامت) جي اچڻ کان اڳ جنهن ۾ نه ته (ڏيتي) ليتي ئي (ڪم ايندي ۽) نه دوستي ۽ محبت. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم وَسَخَّرَ لَكُمُ الفُلكَ لِتَجرِىَ فِى البَحرِ بِأَمرِهِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الأَنهٰرَ (آيت : 32) |
خدا ئي اهڙو (قادر مطلق) آهي جنهن آسمان ۽ زمين پيدا ڪري ڇڏيا، پڻ آسمان مان پاڻي وسايو پوءِ ان جي ذريعي سان (جدا جدا وڻن مان) اوهان جي روزيءَ جي لاءِ (هر قسم جا) ميوا پيدا ڪيا ۽ اوهان جي لاءِ ٻيڙيون اوهان جي وس ۾ ڪري ڇڏيون ته جيئن سندس حڪم سان دريا ۾ هلن ۽ اوهان جي لاءِ نديون نالا اختيار ۾ ڪري ڇڏيا. |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الشَّمسَ وَالقَمَرَ دائِبَينِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ (آيت : 33) |
۽ سج ۽ چنڊ کي اوهان جو تابعدار ڪيو جيڪي سدائين پيا (گهمن ۽) ڦرن ۽ رات ڏينهن کي اوهان جي قبضي ۾ ڪيائين (ته هميشه حاضر رهن ٿا) |
وَءاتىٰكُم مِن كُلِّ ما سَأَلتُموهُ وَإِن تَعُدّوا نِعمَتَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ الإِنسٰنَ لَظَلومٌ كَفّارٌ (آيت : 34) |
۽ (پنهنجي ضرورت موجب) اوهان جو ڪجھ ان کان گهريو ان مان ڏنو اٿس. ۽ جيڪڏهن خدا جي نعمتن کي ڳڻيندو ته انهن کي ڳڻي نه سگهندو. هن ۽ ۾ شڪ ئي نه آهي ته انسان وڏو بي انصاف نا شڪرو آهي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ رَبِّ اجعَل هٰذَا البَلَدَ ءامِنًا وَاجنُبنى وَبَنِىَّ أَن نَعبُدَ الأَصنامَ (آيت : 35) |
۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن ابراهيم (خدا کي) عرض ڪيو ته پروردگار! هن شهر (مڪي) کي امن امان جي جاءِ بنائي ۽ مون کي ۽ منهنجي اولاد کي بتن جي پوڄا کان بچائي. |
رَبِّ إِنَّهُنَّ أَضلَلنَ كَثيرًا مِنَ النّاسِ فَمَن تَبِعَنى فَإِنَّهُ مِنّى وَمَن عَصانى فَإِنَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 36) |
اي منهنجا پروردگار! پڪ هنن بتن ڪيترن ئي ماڻهن کي گمراھ ڪيو آهي. پوءِ جو شخص منهنجي پيروي ڪري سو مون مان آهي ۽ جنهن منهنجي نافرماني ڪئي (ته تو کي اختيار آهي) تون ته وڏو بخشڻ وارو مهربان آهين. |
رَبَّنا إِنّى أَسكَنتُ مِن ذُرِّيَّتى بِوادٍ غَيرِ ذى زَرعٍ عِندَ بَيتِكَ المُحَرَّمِ رَبَّنا لِيُقيمُوا الصَّلوٰةَ فَاجعَل أَفـِٔدَةً مِنَ النّاسِ تَهوى إِلَيهِم وَارزُقهُم مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَشكُرونَ (آيت : 37) |
اي اسان جا پالڻهار! مون تنهنجي عزت واري گهر (ڪعبه) وٽ غير آباد ميدان ۾ پنهنجو ڪجھ اولاد رهايو آهي. اسان جا پاليندڙ! هن لاءِ ته اهي نماز قائم ڪن. تون ته پوءِ ڪجھ ماڻهن جي دلين ۾ انهن ڏي رغبت ڪندڙ ڪر! (اهي هتي اچي آباد ٿين) ۽ کين هر قسم جي ميون مان روزي ڏي! ته جيئن اهي (تنهنجو) شڪر ڪن. |
رَبَّنا إِنَّكَ تَعلَمُ ما نُخفى وَما نُعلِنُ وَما يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِن شَيءٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 38) |
اي اسان جا پالڻهار! جيڪي اسين لڪايون ٿا ۽ جيڪي اسين ظاهر ڪريون ٿا تون (سڀ کان) چڱيءَ طرح واقف آهين. ۽ خدا کان ڪا به شيءِ لڪل نه آهي (نه) زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾. |
الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى وَهَبَ لى عَلَى الكِبَرِ إِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبّى لَسَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 39) |
ان خدا جا (لک لک) شڪر آهن جنهن مون کي ٻڍاپي ۾ اسماعيل ۽ اسحاق (ٻه) فرزند عطا فرمايا بيشڪ منهنجو پروردگار دعا جي ٻڌڻ وارو آهي. |
رَبِّ اجعَلنى مُقيمَ الصَّلوٰةِ وَمِن ذُرِّيَّتى رَبَّنا وَتَقَبَّل دُعاءِ (آيت : 40) |
اي منهنجا پالڻهار! مون کي ۽ منهنجي اولاد کي (به) نماز جو پابند بنائي! اي منهنجا پروردگار! منهنجي دعا قبول فرمائي. |
رَبَّنَا اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِلمُؤمِنينَ يَومَ يَقومُ الحِسابُ (آيت : 41) |
اي اسان جا پالڻهار! جنهن ڏينهن (عملن جو) حساب ٿئي، مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ سڀني ايماندارن کي معاف ڪر! |
وَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ غٰفِلًا عَمّا يَعمَلُ الظّٰلِمونَ إِنَّما يُؤَخِّرُهُم لِيَومٍ تَشخَصُ فيهِ الأَبصٰرُ (آيت : 42) |
۽ جيڪي هي ظالم (مڪي جا ڪافر) ڪن ٿا تنهن کان خدا کي غافل نه سمجهو (پر مٿن يڪدم عذاب نه ڪرڻ جو سبب هي آهي جو ان ڏينهن تائين مهلت ڏئي ٿو جنهن ڏينهن ماڻهن جي اکين جا ڏوڏا (خوف کان) نڪري ايندا. |
مُهطِعينَ مُقنِعى رُءوسِهِم لا يَرتَدُّ إِلَيهِم طَرفُهُم وَأَفـِٔدَتُهُم هَواءٌ (آيت : 43) |
پڻ پنهنجا ڳاٽا مٿي کڻي ڀڄندا ويندا سندن نظر پاڻ ڏي وري نه سگهندي. (جتي نظر پوندين اتي ئي کتل هوندين) ۽ سندن دليون بدحواس هونديون. |
وَأَنذِرِ النّاسَ يَومَ يَأتيهِمُ العَذابُ فَيَقولُ الَّذينَ ظَلَموا رَبَّنا أَخِّرنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ نُجِب دَعوَتَكَ وَنَتَّبِعِ الرُّسُلَ أَوَلَم تَكونوا أَقسَمتُم مِن قَبلُ ما لَكُم مِن زَوالٍ (آيت : 44) |
۽ (اي رسول) ماڻهن کي ان ڏينهن کان ڊيڄار (جنهن ڏينهن) مٿن عذاب نازل ٿيندو ته جن ماڻهن نافرماني ڪئي هئي (بيزاري سان) عرض ڪندا ته اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ٿوري ٻي مهلت ڏي (هاڻي) اسين تنهنجي سڏڻ تي (ضرور) اٿي کڙا ٿينداسون (ته کين جواب ملندو) ڇا اوهين اهي ماڻهو نه آهيو جيڪي هن کان اڳ ۾ به (ان ڳالھ تي) قسم کائيندا هئا ته توهان کي ڪنهن قسم جو زوال نه آهي. |
وَسَكَنتُم فى مَسٰكِنِ الَّذينَ ظَلَموا أَنفُسَهُم وَتَبَيَّنَ لَكُم كَيفَ فَعَلنا بِهِم وَضَرَبنا لَكُمُ الأَمثالَ (آيت : 45) |
۽ (ڇا اوهين اهي نه آهيو جو) جن ماڻهن (اسان جي نافرماني ڪري) پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو، انهن جي گهرن ۾ اوهين به رهيا، هوڏانهن اوهان تي هي به ظاهر ٿي چڪو هو ته اسان انهن سان ڪهڙو برتاءُ رکيو ۽ اسان اوهان جي (سمجهائڻ) لاءِ مثال به بيان ڪيا هئا. |
وَقَد مَكَروا مَكرَهُم وَعِندَ اللَّهِ مَكرُهُم وَإِن كانَ مَكرُهُم لِتَزولَ مِنهُ الجِبالُ (آيت : 46) |
۽ اهي ماڻهو پنهنجون چالون هلندا رهيا. ۽ اهي ڪڏهن نه مڙيا هوڏانهن سندن سڀ حالتون خدا جي نظر ۾ هيون ۽ جيتوڻيڪ سندن مڪاريون ايتري قدر ته هيون جو جن کان جبل پنهنجي جاءِ کان هٽي وڃن. |
فَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ مُخلِفَ وَعدِهِ رُسُلَهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 47) |
(پر اهي ڪجھ نه هيون) ته تون اهو خيال (به) نه ڪج ته خدا تعالى پنهنجي پيغمبرن سان وعدي خلافي ڪندو، بيشڪ خدا (سڀ کان) زبردست بدلو وٺڻ وارو آهي. |
يَومَ تُبَدَّلُ الأَرضُ غَيرَ الأَرضِ وَالسَّمٰوٰتُ وَبَرَزوا لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 48) |
(پر ڪڏهن؟) جنهن ڏينهن هيءَ زمين بدلائي ٻي ڪئي ويندي ۽ (اهڙي طرح) آسمان (به بدلايا ويندا) ۽ سڀ ماڻهو اڪيلي قهار خدا جي سامهون (پنهنجي پنهنجي جڳھ مان نڪري) کڙا ٿيندا. |
وَتَرَى المُجرِمينَ يَومَئِذٍ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 49) |
۽ تون ان ڏينهن گنهگارن کي ڏسندين ته زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا. |
سَرابيلُهُم مِن قَطِرانٍ وَتَغشىٰ وُجوهَهُمُ النّارُ (آيت : 50) |
سندن (بدن جا) ڪپڙا قطران جا هوندا ۽ سند منهن کي باھ (چوڌاري) وڪوڙيل هوندي. |
لِيَجزِىَ اللَّهُ كُلَّ نَفسٍ ما كَسَبَت إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 51) |
ته جيئن خدا هر شخص کي سندس ڪئيءَ جو بدلو ڏئي، (چڱي جو چڱو بڇڙي جو بڇڙو) بيشڪ خدا تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي. |
هٰذا بَلٰغٌ لِلنّاسِ وَلِيُنذَروا بِهِ وَلِيَعلَموا أَنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَلِيَذَّكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 52) |
هي (قرآن) اهڙن ماڻهن جي لاءِ هڪ قسم جو اطلاع آهي ته جيئن ماڻهو ان جي ذريعي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريا وڃن ۽ جيئن هن ڳالھ جي پڪ ٿئين ته فقط اهو خدا هڪ ئي معبود آهي پڻ هن ڪري ته جيڪي عقل وارا آهن (سي) نصيحت (۽ عبرت) حاصل ڪن. |