الر كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ لِتُخرِجَ النّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِ رَبِّهِم إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 1) |
الٓــرٰ جِي، آهي، پَرَوَرَ کي پَرُوڙ، ڪِتاب ڪرِيمُ توڏي، هَلايو سُونسِ حُضور!، ته اُونداهِيءَ مان، آدَمِئـِين، نِيئـِين پاسي نُور، هادِيءَ سَندنِ جي حُڪم سان، مارڳ ڏانهن، مَنطور، |
اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَوَيلٌ لِلكٰفِرينَ مِن عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 2) |
جو سَٻر ساراهِيل جو، مالِڪ سائـِين مُور، جيڪِي اُڀ، زَمين ۾، سَڀ اُن جِي جوڙ ضَرورُ، ۽ سخت سزا کان سُور، بيشڪ بي شڪران لئي. |
الَّذينَ يَستَحِبّونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 3) |
هِيءَ حَياتِي نَنڍڙِي، ڪَن، پرلي کان پَسند، ۽ روڪِين رَبَّ جي راه کان، ۽ مَنجھسِ گُھرن ڦيرا ڦَند، اُهي آهن بَند، بِلڪُل پَراهِين ڀُل ۾. |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا بِلِسانِ قَومِهِ لِيُبَيِّنَ لَهُم فَيُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 4) |
۽ نه موڪليوسون مُورهِين، مُرسل ڪو مگر، ذات سَندسِ جي زبان ۾، تان کولي ڏٖينِ خَبر، پوءِ وَڻيسِ تنهن، وَحدهٗ، ڀُلائي مَنجھ بَر، ۽ وڻيسِ تِنهن تي وَڙ ڪري، سُهائيسِ ساڻيہ سَر، ۽ اُهو زَوراوَر زَبر، حِڪمتِي هوشيار گھڻو. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا أَن أَخرِج قَومَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَذَكِّرهُم بِأَيّىٰمِ اللَّهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 5) |
۽ مُوسٰى مُڪو سون مُورهِين، پَنهنجي پَڌراين ساڻ، ته اوجَھرٖي مان اوجَرڏي، ڪَڍِي قوم سَندئـِي آڻ، ۽ رَبَّ جي روز ڪَمن سان، سَمجھائـِينِ سُڄاڻ!، اُنهيءَ ۾ اُهڃاڻ، هر صابِر شُڪر گُذار لئي. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ أَنجىٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ وَيُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 6) |
مُوسٰى سَندسِ ميڙ کي، جڏهن چيو اِهڙِي چال، ته ساريو ثابت پاڻ تي، رَبَّ ڀَلي جا ڀال، جڏهن اوهان کي آجو ڪيو، ڪنان فِرعون جي آل، جي اوهان سان، اَڻ جوڳيون، جاڙون ڪندا هُئا جال، ڪُونڌر اوهان جي ڪَڇ ۾، ڪُهندا هُئا ڪُلال، ظالِم زالون اوهان جون، هُئابَچائـِيندا بَحال، اُن ۾ اوهان نال، پَرورکان پَرک وَڏي. |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكُم لَئِن شَكَرتُم لَأَزيدَنَّكُم وَلَئِن كَفَرتُم إِنَّ عَذابى لَشَديدٌ (آيت : 7) |
۽ جڏهن سائـِينءَ توهان جي، صاف طرح ڪيو اِهو اِعلان، ته ڀانيان ڀَال، ته اوهان کي، دُهرا ڏِيندسِ دان، ۽ جي بَنِيا بي شُڪران، ته سَزا مُنهنجِي سَخت گھڻِي. |
وَقالَ موسىٰ إِن تَكفُروا أَنتُم وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا فَإِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 8) |
چيو مُوسٰى، ته اَوهِين ڦِرو، ڪِ جيڪٖي اَندر ڌَر، بي پرواه، پوءِ پَرور، پڻ صاحب سڀ ساراه جو. |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ مِن قَبلِكُم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم لا يَعلَمُهُم إِلَّا اللَّهُ جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرَدّوا أَيدِيَهُم فى أَفوٰهِهِم وَقالوا إِنّا كَفَرنا بِما أُرسِلتُم بِهِ وَإِنّا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونَنا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 9) |
ڪِ آيان ڪِين، اوهان کان، اڳين جو احوال ؟ قوم نوح، عاد ۽ ثمود جِي، پڻ پويان تن پئمال، سوا سائـِينءَ نه اُنهن جو، ڪو هرگز ڄاڻي حال، آينِ مُرسل اُنهن جا، جڏهن نِشانِين نال، پوءِ هَنيون هَٿ واتن ۾، ۽ چيائون اِهڙِي چال، ته اسين ڦِرياسون اُن کان، جا مُڪي وِيان مَقال، ۽ جالولِي ڏِيونِيون لال!، تِنهن کان اَسين گڏيل گمان ۾. |
قالَت رُسُلُهُم أَفِى اللَّهِ شَكٌّ فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَدعوكُم لِيَغفِرَ لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّرَكُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى قالوا إِن أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا تُريدونَ أَن تَصُدّونا عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتونا بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 10) |
مَهندان اُن جي مُرسلِين، چَينِ اِهڙِي چال، ڪِ آنکي شڪ اَلله ۾؟ جو نَئـِين نموني نال، آهي اُڀ، زمين جو، بَنائـِيندڙ بَحال، ڪوٺينِيان اِن ڪري، ته اَهنجا جُرم جَنجال، بيشڪ بَخشِينِيان اُن مَنجھان، ڀَلوساڻ ڀال، پڻ ڏِينِيان جَلَّ جَلال، مُهلت مُقرّر مَهل سِين. چي، اَوهين ته اَسان ئـِي جِھڙا، ماڻهون آهيو مُور، ڀانيو ته اَسان کي، بَند ڪريو، تن مِڙنِي کان مَجبور، هُئـِن پُوڄِيندا اَسان جا، اَبا وڏا، ڏُور، پوءِ حُجت ڪا حُضور!، کُليل اَسان وَٽ آڻِيو. |
قالَت لَهُم رُسُلُهُم إِن نَحنُ إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَمُنُّ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَما كانَ لَنا أَن نَأتِيَكُم بِسُلطٰنٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
اُتو اُنهن جي مُرسلِين، ته اَسين ماڻهون اَوهان مِثال، پر گُھري پَنهنجي گولن مان، جنهن کي جَلّ جَلال، ڀَلو ڀَلائي اُن مٿي، خالق خُود خِيال، ۽ ري اِذن اَلله جي، اَسان نه مُور مَجال، ته اوهان وَٽ آڻي سگھون، ڪا حُجت ڪِهِين حال، ۽ مُؤمِن نيڪ نِهال، رکن ڪَم ڪرِيم تي. |
وَما لَنا أَلّا نَتَوَكَّلَ عَلَى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنا سُبُلَنا وَلَنَصبِرَنَّ عَلىٰ ما ءاذَيتُمونا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 12) |
۽ اسان کي اُن ۾ ڇا؟ ته نه رکون بارِيءَ مَٿي بار، جڏهن وَنهيون واٽون پَنهنجون، ڏَسيون سون ڏاتار، ۽ سو سڀ سَهنداسون صَحِي، جو اسان ڏِنان آزار، ۽ گُھرجي ته ڪُل ڪم ڪار، رکندڙ، رکن رَبَّ تي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِرُسُلِهِم لَنُخرِجَنَّكُم مِن أَرضِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا فَأَوحىٰ إِلَيهِم رَبُّهُم لَنُهلِكَنَّ الظّٰلِمينَ (آيت : 13) |
۽ ڪَهيو، جن ڪفر ڪيو، سَندنِ مُرسلن کي مُور، ته آن کي پَنهنجي ديس مان، ڌِڪي ڪَنداسون دُور، ياڌَرم دِين اسان جو، موٽِي ڪندا مَنظور، پوءِ سائـِينءَ سَندنِ، تن ڏي، مُڪو هِي مَذڪور، ته ظالمن ضَرور، ڪَندسِ زَبون زمِين ۾. |
وَلَنُسكِنَنَّكُمُ الأَرضَ مِن بَعدِهِم ذٰلِكَ لِمَن خافَ مَقامى وَخافَ وَعيدِ (آيت : 14) |
۽ ماڳ ڏينداسُون مُلڪ ۾، آن کي، اُن کانپوءِ، جو مُون وَٽ بيهن جو ڀَور کي، اِي حق اُنِهيءَ جو هوءِ، پڻ ڪَنبي ۽ ڪوءِ، ڀَلو سَندمِ ڀُلڪار کان. |
وَاستَفتَحوا وَخابَ كُلُّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 15) |
۽ سوڀ جو سُبحان کي، ساري ڪيئون سوال، هر مَتارو ۽ مَتوال، هرگز وِيو هارجِي. |
مِن وَرائِهِ جَهَنَّمُ وَيُسقىٰ مِن ماءٍ صَديدٍ (آيت : 16) |
اڳيان اُن جي آڳ، پاڻِي پيار بَسِ پُون ڀَريو، |
يَتَجَرَّعُهُ وَلا يَكادُ يُسيغُهُ وَيَأتيهِ المَوتُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَما هُوَ بِمَيِّتٍ وَمِن وَرائِهِ عَذابٌ غَليظٌ (آيت : 17) |
سُرڪِي نه سِرڪِي، ِکيسِ سَگھي، واتان مَنجھ وَتاڳ، ۽ اِيندو وِيندو اُن مَٿي، موت ڪنان هَر ماڳ، ۽ مُئل سون نَه مُورهِين، لاشڪ اُن جو لاڳ، اَ ڳتٖي آڳ اَجھاڳ ۽ بَدبُوءِ ڀَريو بَندڪو! |
مَثَلُ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم أَعمٰلُهُم كَرَمادٍ اشتَدَّت بِهِ الرّيحُ فى يَومٍ عاصِفٍ لا يَقدِرونَ مِمّا كَسَبوا عَلىٰ شَيءٍ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ البَعيدُ (آيت : 18) |
جي سائـِينءَ سَندنِ کان ڦِريا، اُنهن جا اِهڙا پار، ته فِعل سَندنِ ڦُليهار جِيئَن، جِنهن کي لَڳو لڳاتار، ڏاڍي ڏُ کـٖئي ڏِينهن ۾، تِکو واءُ تڪرار، پوءِ جيڪِي ميڙيئو، تنهن مَنجھان، سَگھنِ نه سَنڀالي وار، اَ ڳاهون اَپار، اُهو مُونجھارو مُورِهين. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَأتِ بِخَلقٍ جَديدٍ (آيت : 19) |
نَه ڏِٺيئي؟ ته ڏاتار، جوڙيو اَڀن، ۽ زَمِين کي، ثابِت اَ کين سامهان؛ جي گُھري رَبُّ غَفّار، ته نِينِيان، ۽ نَئـِين وَرِي، جوڙي جوڙ جَبّار، |
وَما ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزيزٍ (آيت : 20) |
۽ قادِر تي ڪَم ڪار، اِهو مُشڪل ناهي مُورِهين. |
وَبَرَزوا لِلَّهِ جَميعًا فَقالَ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا مِن عَذابِ اللَّهِ مِن شَيءٍ قالوا لَو هَدىٰنَا اللَّهُ لَهَدَينٰكُم سَواءٌ عَلَينا أَجَزِعنا أَم صَبَرنا ما لَنا مِن مَحيصٍ (آيت : 21) |
۽ سَڀيئـِي صاحب پيش ٿِيا، حاضر مَنجھ حضور، ڏَڏن تڏهن، ڏاڍن سان، دَڙيو هِن دَستور، چي، اَسِين تابع اَهنجا، مُورک، هُئاسون مُور، پوءِ اَوهين ڪِ اَسان تان آهيو، دَفع ڪندڙ دُور،ذَرو ڪو ضَرُور، اَلله جي عذاب کان. چي، اسان کي الله، هوند، سُهائي هاسَنئـِين، ته اَسان پڻ اوهان کي، سَنئـِين سُهائـِي راھ، ساڳيو اَسان لئي، جي سَهون، ڪِ ڪريون ڪيڏِي آھِ، وو وو! ڪانهي واھَ! ڪَنڌِي اَسان جِي ڪيڏهِين. |
وَقالَ الشَّيطٰنُ لَمّا قُضِىَ الأَمرُ إِنَّ اللَّهَ وَعَدَكُم وَعدَ الحَقِّ وَوَعَدتُكُم فَأَخلَفتُكُم وَما كانَ لِىَ عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ إِلّا أَن دَعَوتُكُم فَاستَجَبتُم لى فَلا تَلومونى وَلوموا أَنفُسَكُم ما أَنا۠ بِمُصرِخِكُم وَما أَنتُم بِمُصرِخِىَّ إِنّى كَفَرتُ بِما أَشرَكتُمونِ مِن قَبلُ إِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 22) |
۽ جڏهن نِياءُ نِبيرويو وِيو، اُتي اُتو شيطان، ته اَوهان کي، اَنجام ڏِنان، ثابِتَ سَڀ سُبحان، ۽ مون پڻ ٻوليان ٻول ڪي، جُوٺامَنجھ جھان، اَوهان سان اَنجام، پوءِ ڀَڳمِ بي گمان، ۽ مُنهنجِي ته اَوهان تي مُورهِين، هُئي حُجت هَلندِي ڪانه، مگر اَوهان کي مَن ۾، خيال وِڌمِ ڪو خان!، پوءِ مَڃيان مُنهنجِي ڳالهڙِي، پوءِ مُون نَه نِنديو نادان! ۽ ڄُڻيون ڪريو جُوان! پاڻهِي پَنهنجو پاڻ کي. آءٌ نه اوهان جو واهرُو، اَوهين نه مون آڌار، ڦِريسِ اُن کان ته، مون اَ ڳي، ڪو ڀانيان ڀائيوار، هرگز هاڃيڪار، اُنهن لئي سخت عذاب ڪو. |
وَأُدخِلَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم تَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ (آيت : 23) |
جن مڃيو ۽ ڪم ڪيا، موچارا مُدام، باغن مَنجھ بهشت جي، ڏِيندسِ اُنهن آرام، هميشه هيڍان جن جي، ناليون جارِي جام، سداساڪِن اُن ۾، اِذن ساڻ عَلام، سَندنِ سَلام، سَلام، خُوش، خَير عافِيتون پاڻ ۾. |
أَلَم تَرَ كَيفَ ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا كَلِمَةً طَيِّبَةً كَشَجَرَةٍ طَيِّبَةٍ أَصلُها ثابِتٌ وَفَرعُها فِى السَّماءِ (آيت : 24) |
نه ڏِٺئـِي ته ڏاتار، ڪِيئن صاف طرح سَمجھائيو؟ ڪَلمو پاڪ، پاڪ وڻ جِيئن جنهن جي پاڙ مَنجھ پاتار، اُن جا آسمان ۾، |
تُؤتى أُكُلَها كُلَّ حينٍ بِإِذنِ رَبِّها وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 25) |
ميوا مَڃر ڏار، سانيَسِ جِي سَنڀال سان تازا سندسِ تيار، ڏي ميوا هَر مُند ۾، اِنپر پالڻهار، ڏي مِثال ماڻهنِ هار، پَڙِهي پَرُوڙِين مان سي! |
وَمَثَلُ كَلِمَةٍ خَبيثَةٍ كَشَجَرَةٍ خَبيثَةٍ اجتُثَّت مِن فَوقِ الأَرضِ ما لَها مِن قَرارٍ (آيت : 26) |
۽ مِثال مَٺِيء ڳالھ جو، بُڇڙو وَڻ بيڪار، جِنهن کي نه ڪِٿي قَرار، جو پَٽيون وِيو پَٽ مٿان. |
يُثَبِّتُ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا بِالقَولِ الثّابِتِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَيُضِلُّ اللَّهُ الظّٰلِمينَ وَيَفعَلُ اللَّهُ ما يَشاءُ (آيت : 27) |
جن مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، رکي تن رحمان، مَنجھ هن ۽ هُن جَھان، ثابِت، ثابت ڳالھ تي. ۽ ڏاڍن کي ڏاتار، گمراه ڪري، گَس ڪنان، ۽ ڪري ڪَم ڪلتار، جيڪِي وڻنسِ پاڻ کي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ بَدَّلوا نِعمَتَ اللَّهِ كُفرًا وَأَحَلّوا قَومَهُم دارَ البَوارِ (آيت : 28) |
نه ڏِٺيئـِي؟ ته جن ڏاتار جِي، نِعمت پُٽ ۽ کِير، بَدلائي بَدبَخت سي، وَڃِي پُوڄياپِير، فَقِير، سَندنِ، ساٿ سُڌِير، ڪِيئون ڀيڙو ڀُونگٖي ڀِينگ جي. |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها وَبِئسَ القَرارُ (آيت : 29) |
جَھَنَّم نالو جِنهن جو، جنهن کي پُهچنداپاڻ، بِلڪُل بُڇڙو ڀاڻ، آهي، سو آرام لئ. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّعوا فَإِنَّ مَصيرَكُم إِلَى النّارِ (آيت : 30) |
۽ اُهي، جن ڪي جوڙيا، اَلله آڏِي اَڙھ، تان مُنجھائـِين مُورهِين، لوڪ، سَندسِ کان لَڙھ، چئو، چڱو ڪَريو، چَڙھ، پوءِ دوزخ ديرو اَهنجو. |
قُل لِعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا يُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُنفِقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خِلٰلٌ (آيت : 31) |
ٻول سَندمِ ٻانَهن کي، آندو جن ايمان، ته پورو پَڙهن نِماز کي، پڻ ڏِين اُن مان ڏان، پَڌرو، ڳُجھو؛ اُنهن تي، جيڪِي اَسان ڪيو اِحسان، جنهن ۾ سودو، سَنگت ڪانه، اڳي اونهِيءَ ڏِينهن کان. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم وَسَخَّرَ لَكُمُ الفُلكَ لِتَجرِىَ فِى البَحرِ بِأَمرِهِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الأَنهٰرَ (آيت : 32) |
اَلله اُهو جنهن جوڙيا، اُڀ، ڀُون ٿاڻا ٿوڪ، ۽ پَلر، پاڻِي اُڀ ڪنان، لاٿـئـِين مَٿان لوڪ، جنهن سان ميوا موڪ، ڪَڍيائـِين اَهنجي قُوت لئي. تابِع ڪيئـِين توهان جا، ٻيڙا اَندر ٻار، هَلن سَندسِ حُڪم سان، بيحد کـڻيو بار، پڻ دَرياء، دَرياء تار، آندئـِين اَهنجي آن ۾. |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الشَّمسَ وَالقَمَرَ دائِبَينِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ (آيت : 33) |
۽ سج، چنڊ اوهان جي، تابع ڪيا، هَلندڙ همه حال، پن تابع ڪيو، ڏِينهن، رات کي، آگي اوهان نال، |
وَءاتىٰكُم مِن كُلِّ ما سَأَلتُموهُ وَإِن تَعُدّوا نِعمَتَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ الإِنسٰنَ لَظَلومٌ كَفّارٌ (آيت : 34) |
پڻ آن کي، ڏِنائـِين ڏاتِيون، جن سڀن جو ڪيئان سُوال، جي ڳڻيو، ته ڳڻي، سي نه سَگھو، ربَّ ڀلي جا ڀال، بي شُڪر آهي بحال، پڻ منڪر ماڻهون مُورهين. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ رَبِّ اجعَل هٰذَا البَلَدَ ءامِنًا وَاجنُبنى وَبَنِىَّ أَن نَعبُدَ الأَصنامَ (آيت : 35) |
۽ ڪر قصِّو، سو ياد، جڏهين اِبراهِيم عرض ڪيو، ته سانيمِ! هِن شهر کي، ڪر اَمن سان آباد، مُون ۽ مُنهنجي پُٽن کي، آگا! رک آزاد، ته هِي بُت بِنَہ برباد، ڀلجي نه ڪَڏِهن ڀيٽيون. |
رَبِّ إِنَّهُنَّ أَضلَلنَ كَثيرًا مِنَ النّاسِ فَمَن تَبِعَنى فَإِنَّهُ مِنّى وَمَن عَصانى فَإِنَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 36) |
مُنهنجاربَّ! ماڻهن مان، هِنن گھڻاڪياگُمراه، پوءِ جو لڳو لَڙ مُنهنجي، سو هرگز مُون هَمراه، ۽ جو مون کان ڀَڳو بدخواه، پوءِ تون مرهِيندڙ ۽ مِهر ڀريو |
رَبَّنا إِنّى أَسكَنتُ مِن ذُرِّيَّتى بِوادٍ غَيرِ ذى زَرعٍ عِندَ بَيتِكَ المُحَرَّمِ رَبَّنا لِيُقيمُوا الصَّلوٰةَ فَاجعَل أَفـِٔدَةً مِنَ النّاسِ تَهوى إِلَيهِم وَارزُقهُم مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَشكُرونَ (آيت : 37) |
سانيمِ! ساڪِن مُون ڪيا، مُنهنجا ٻچاٻار، وادِي جا ويران صَفا، پوک نه ڪِنهِين پار، تُنهنجي سڳوري گَھر وٽ، جو عِزَّت دار اَپار، تا قائـِم ڪن نِماز کي؛ سانيمِ ربَّ، ستار! پوءِ ماڻهن مَنجھان، مَن ڪِن جا، اِهڙا ڪر ڪلتار، تِنهن ڏي هَر طرف کان، وَرن ويرو تار، ۽ تن ميوا موڪ ڏِيار، مَن کائـِي ڳُڻ ڳائـِين سي!. |
رَبَّنا إِنَّكَ تَعلَمُ ما نُخفى وَما نُعلِنُ وَما يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِن شَيءٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 38) |
سانيمِ! سَمجِهين تو ٿو، جيڪِي ڳُجھون ڪريون يا پَڌرو، لِک نه لِڪٖي، مَنجھ ڀُون ۽ نَه اَندر اُڀ، اَلله تي. |
الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى وَهَبَ لى عَلَى الكِبَرِ إِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبّى لَسَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 39) |
شُڪر ربَّ، رزاق، جنهن وَڏپڻ ۾ وَڙ ڪيا، اسماعيل ۽ اسحاق، سانيمِ سُڻندڙ سڏڙا. |
رَبِّ اجعَلنى مُقيمَ الصَّلوٰةِ وَمِن ذُرِّيَّتى رَبَّنا وَتَقَبَّل دُعاءِ (آيت : 40) |
مُنهنجا خُداوند! ڪر مُون ۽ مُنهنجن ٻَچن کي، نِماز جو پابند، ۽ سانيمِ!،سُڻيمِ سَڏڙا. |
رَبَّنَا اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِلمُؤمِنينَ يَومَ يَقومُ الحِسابُ (آيت : 41) |
مُون ۽ مُنهنجي مائـِٽِين، مَرهيِين مِهربان!، پڻ آندو جَن ايمان، جڏهن ليکو ٿِئي لوڪ سان. |
وَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ غٰفِلًا عَمّا يَعمَلُ الظّٰلِمونَ إِنَّما يُؤَخِّرُهُم لِيَومٍ تَشخَصُ فيهِ الأَبصٰرُ (آيت : 42) |
ڀانئـٖي مَ، بي خبر، اُنهن ڪَنان اَلله کي، ڏاڍا، ڪن جي ڏيھ ۾، ڏاڍايون ڏَمر، تِهن ڏاڍي ڏِينهن سِين، مُهلت ڏينِ مگر، کِڙي ٿِينديون کيريون، اکيون جِنهن اَندر، |
مُهطِعينَ مُقنِعى رُءوسِهِم لا يَرتَدُّ إِلَيهِم طَرفُهُم وَأَفـِٔدَتُهُم هَواءٌ (آيت : 43) |
اُڀاڳاٽ اُنهن جا، هَلندڙ ڏونھ حشر، نَظر نه وَرندو اُنهن جو، پاڻ ڏي، ڪِنهن پر، ۽ هِينئان هيبت ڀَر، تِنهن ويل، هُوندنِ وائـِڙا. |
وَأَنذِرِ النّاسَ يَومَ يَأتيهِمُ العَذابُ فَيَقولُ الَّذينَ ظَلَموا رَبَّنا أَخِّرنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ نُجِب دَعوَتَكَ وَنَتَّبِعِ الرُّسُلَ أَوَلَم تَكونوا أَقسَمتُم مِن قَبلُ ما لَكُم مِن زَوالٍ (آيت : 44) |
۽ ماڻهن کي، تِنهن مَهل جو، ڏي ڪو خوف خيال، جِنهن ڏِينهن اِيندو اُنهن مَٿي، جَبرو ڪو جَنجال، پوءِ چَونِ اِهڙي چال سان، جاڙون ڪيون جَال، وَجھ ويجھو ڌَڻيمِ ڏِيئـِين، ڪوٿورو، ٿوري نال، ته مَڃون تُنهنجِي ڳالھ، ۽ وَٺون پُٺ پيغمبرِين. اَوهان ڪِ، قَسم اڳ نه کَنيا؟ ته موت نَه اَسان لئي مُور، |
وَسَكَنتُم فى مَسٰكِنِ الَّذينَ ظَلَموا أَنفُسَهُم وَتَبَيَّنَ لَكُم كَيفَ فَعَلنا بِهِم وَضَرَبنا لَكُمُ الأَمثالَ (آيت : 45) |
۽ هوڏانهن حوِيليون، تن جون، وَسايان وَهلور! پاڻهِي پَنهنجي جِيءَ سان، ڪيا جن ڪَلُور، ۽ ڪِيئنَ ڪيوسون اُنهن سان، سو ظاهر ٿِيان ضَرُور، ۽ اَسان مِڙيئـِي مَذڪور، خُوب اَوهان تي کوليا. |
وَقَد مَكَروا مَكرَهُم وَعِندَ اللَّهِ مَكرُهُم وَإِن كانَ مَكرُهُم لِتَزولَ مِنهُ الجِبالُ (آيت : 46) |
۽ سِٽِيئون سِٽ، پَنهنجِي،سَندنِ سِٽ، به سائـِين وَٽ، ۽ اِهڙِي نَه سَندنِ سِٽ، جِنهن سان، جَبل جُنبن جاءِ تان. |
فَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ مُخلِفَ وَعدِهِ رُسُلَهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 47) |
رَبَّ سَندسِ رَسُولن سان، واعدو توڙمَ سَار، غالِب، رَبُّ، غَفَّار، وير وَٺندڙ، وير ۾. |
يَومَ تُبَدَّلُ الأَرضُ غَيرَ الأَرضِ وَالسَّمٰوٰتُ وَبَرَزوا لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 48) |
جڏهن ڀُون بَدلبِي، ٻِيءَ ڀُون سان ۽ اُڀ بَجا، ٻِيو اُڀ، ۽ آيا سائـِين اڳيان سَڀ، جو حاڪِم قهرِي هيڪڙو. |
وَتَرَى المُجرِمينَ يَومَئِذٍ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 49) |
۽ اُن ڏِينهن ڏوهين ڏِسندين، بَنديل مَنجھ بندن، |
سَرابيلُهُم مِن قَطِرانٍ وَتَغشىٰ وُجوهَهُمُ النّارُ (آيت : 50) |
گَندرف گَنديون سَندنِ، ۽ مَچ ويڙِهيندنِ مُنهنڙا. |
لِيَجزِىَ اللَّهُ كُلَّ نَفسٍ ما كَسَبَت إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 51) |
تان جيڪي جنهن ڪمايو، تِنهن جو پُوروڏِبسِ پار، تَڪڙو آهي تڪرار، هادِي حرف حِساب ۾. |
هٰذا بَلٰغٌ لِلنّاسِ وَلِيُنذَروا بِهِ وَلِيَعلَموا أَنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَلِيَذَّكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 52) |
ماڻهنِ پُهچائـِڻُو مُورِهين، حُڪم حَقانِي، هِيءُ، تان اُن جِي خَبر کين پوي، وَڃن لُڙ لَهِي، پڻ سَمجھنِ، ته سائـِين هِڪ اُهو، ٻِيا سَڀ ٻَهِي، پڻ ساڱائـِينِ صَحِي، حاصل جن کي حوصلو. |