الر كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ لِتُخرِجَ النّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِ رَبِّهِم إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 1) |
الف لام را . هي ڪتاب آهي جنهن کي اسان تو ڏانهن لاٿو آهي ته جيئن تون ماڻهن کي سندن پروردگار جي حڪم سان اونداهين مان ڪڍي روشني طرف آڻين. غالب ساراهيل (الله) جي رستي ڏانهن. |
اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَوَيلٌ لِلكٰفِرينَ مِن عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 2) |
الله اُهو آهي جو جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀ سندس آهي. ۽ ڪافرن لاءِ سخت عذاب جي سبب بربادي آهي. |
الَّذينَ يَستَحِبّونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 3) |
جيڪي ماڻهو دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پسند ڪن ٿا ۽ الله جي راهه کان روڪن ٿا ۽ ان ۾ ڏنگائي چاهن ٿا. اهي گمراهي ۾ پري پئجي ويا آهن. |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا بِلِسانِ قَومِهِ لِيُبَيِّنَ لَهُم فَيُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 4) |
۽ اسان ڪو به رسول نه موڪليو مگر سندس قوم جي زبان ۾ هن لاءِ ته انهن لاءِ (حق کي) پڌرو ڪري. پوءِ الله جنهن کي چاهي ٿو گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو هدايت ڪري ٿو ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا أَن أَخرِج قَومَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَذَكِّرهُم بِأَيّىٰمِ اللَّهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 5) |
۽ بيشڪ اسان موسى کي پنهنجي نشانين سان موڪليو هن لاءِ ته (اي موسى!) پنهنجي قوم کي اونداهين مان ڪڍي روشني طرف آڻ ۽ انهن کي الله جا ڏينهن ياد ڏيار. بيشڪ ان ۾ هر گهڻي صبر ۽ گهڻي شڪر ڪندڙ لاءِ وڏيون نشانيون آهن. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ أَنجىٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ وَيُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 6) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته: ”پاڻ مٿان الله جي ان انعام کي ياد ڪيو جڏهن اوهان کي فرعون وارن کان نجات ڏنائين جيڪي اوهان کي برو عذاب ڏيندا هئا ۽ اوهان جي پُٽن کي ڪُهندا هئا ۽ اوهان جي نياڻين کي جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا. ۽ ان ۾ توهان جي پالڻهار طرفان تمام وڏي آزمائش هئي. |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكُم لَئِن شَكَرتُم لَأَزيدَنَّكُم وَلَئِن كَفَرتُم إِنَّ عَذابى لَشَديدٌ (آيت : 7) |
۽ (ياد ڪيو) جڏهن اوهان جي پروردگار آگاهه ڪيو هيو ته جيڪڏهن اوهان شڪر ڪندؤ ته آءٌ اوهان (جي نعمتن) کي ضرور وڌائيندس ۽ جي اوهان ناشڪري ڪندؤ ته بيشڪ منهنجو عذاب زور سخت آهي“. |
وَقالَ موسىٰ إِن تَكفُروا أَنتُم وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا فَإِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 8) |
۽ موسى چيو ته: ”جيڪڏهن اوهان خود ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سي سڀ ڪفر ڪندؤ ته پوءِ بيشڪ الله بي نياز ساراهيل آهي“. (ان کي ڪا پرواهه نه آهي) |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ مِن قَبلِكُم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم لا يَعلَمُهُم إِلَّا اللَّهُ جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرَدّوا أَيدِيَهُم فى أَفوٰهِهِم وَقالوا إِنّا كَفَرنا بِما أُرسِلتُم بِهِ وَإِنّا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونَنا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 9) |
ڇا اوهان کي انهن ماڻهن جي خبر نه پهتي آهي؟ جيڪي اوهان کان اڳ هئا (يعني) نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود وارا.. ۽ جيڪي انهن کان پوءِ ٿيا.. جن کي الله کان سواءِ ڪونه ٿو ڄاڻي. انهن وٽ سندن رسول چِٽيون نشانيون کڻي آيا پوءِ انهن (مسخري طور) پنهنجا هٿ پنهنجي واتن ۾ وڌا ۽ چيائون: ”جنهن (دين) سان اوهان کي موڪليو ويو آهي اسان ان سان ڪفر ڪيو ۽ بيشڪ اسان وڏي مُنجھائيندڙ شڪ ۾ (مبتلا) آهيون ان (شريعت) بابت جنهن ڏانهن اوهان اسان کي سڏيو ٿا“. |
قالَت رُسُلُهُم أَفِى اللَّهِ شَكٌّ فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَدعوكُم لِيَغفِرَ لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّرَكُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى قالوا إِن أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا تُريدونَ أَن تَصُدّونا عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتونا بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 10) |
انهن جي رسولن چيو ته: ”ڇا الله ۾ شڪ آهي؟ جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. اهو اوهان کي سڏي ٿو هن لاءِ ته اوهان جي گناهن کي اوهان جي خاطر بخشي ڇڏي ۽ اوهان کي هڪ مقرر وقت تائين مهلت ڏئي“. چيائون: ”اوهان ته رڳو اسان جهڙا بشر آهيو. اوهان چاهيو ٿا ته اسان کي انهن (بتن) جي پوڄا کان روڪيو جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا. پوءِ اسان وٽ ڪو چِٽو دليل آڻيو“. |
قالَت لَهُم رُسُلُهُم إِن نَحنُ إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَمُنُّ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَما كانَ لَنا أَن نَأتِيَكُم بِسُلطٰنٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
سندن رسولن کين چيو ته: ”اسان ته صرف توهان وانگر ماڻهو ئي آهيون ۽ پر الله پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي چاهي احسان ڪري ٿو. ۽ اسان لاءِ اُهو ممڪن نه آهي جو اوهان وٽ ڪو چِٽو دليل آڻيون سواءِ الله جي حڪم جي. ۽ الله تي ئي مؤمنن کي ڀروسو رکڻ گهرجي. |
وَما لَنا أَلّا نَتَوَكَّلَ عَلَى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنا سُبُلَنا وَلَنَصبِرَنَّ عَلىٰ ما ءاذَيتُمونا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 12) |
۽ اسان کي ڇا آهي جو الله تي ڀروسو نه ڪيون؟ حالانڪه ان اسان کي اسان جي (ڪاميابي) جا رستا ڏيکاريا آهن. ۽ اسان ضرور صبر ڪنداسين توهان جي ايذاء رَسانِـــيُن تي. ۽ ڀروسي رکڻ وارن کي الله تي ڀروسو رکڻ گهرجي“. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِرُسُلِهِم لَنُخرِجَنَّكُم مِن أَرضِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا فَأَوحىٰ إِلَيهِم رَبُّهُم لَنُهلِكَنَّ الظّٰلِمينَ (آيت : 13) |
۽ ڪافرن پنهنجي رسولن کي چيو ته: ”اسان اوهان کي ضرور پنهنجي زمين مان ڪڍنداسين يا اوهان کي ضرور اسان جي دين ۾ موٽڻو پوندو“. پوءِ سندن پروردگار انهن ڏانهن وحي ڪيو ته: ”اسان ظالمن کي ضرور هلاڪ ڪنداسين. |
وَلَنُسكِنَنَّكُمُ الأَرضَ مِن بَعدِهِم ذٰلِكَ لِمَن خافَ مَقامى وَخافَ وَعيدِ (آيت : 14) |
۽ انهن کان پوءِ اسان اوهان کي ضرور ان زمين ۾ آباد ڪنداسين. اهو (وعدو) ان لاءِ آهي جيڪو منهنجي اڳيان بيهڻ کان ڊنو ۽ منهنجي عذاب جي ڌمڪي کان ڊنو“. |
وَاستَفتَحوا وَخابَ كُلُّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 15) |
۽ (نبين ) فتح طلب ڪئي (ته الله انهن کي فتح ڏني) ۽ هر سرڪش ضدي برباد ٿيو. |
مِن وَرائِهِ جَهَنَّمُ وَيُسقىٰ مِن ماءٍ صَديدٍ (آيت : 16) |
ان (بربادي) پويان جهنم آهي ۽ ان کي پُونءِ جي پاڻي مان پياريو ويندو. |
يَتَجَرَّعُهُ وَلا يَكادُ يُسيغُهُ وَيَأتيهِ المَوتُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَما هُوَ بِمَيِّتٍ وَمِن وَرائِهِ عَذابٌ غَليظٌ (آيت : 17) |
ان کي مشڪل سان ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندو ۽ ان کي آساني سان نڙيءَ کان هيٺ لاهي نه سگهندو ۽ ان کي هر طرف کان موت اچي گهيريندو ۽ پر هو مري نه سگهندو. ۽ ان جي پويان (اڃا ٻيو) زور سخت عذاب هوندو. |
مَثَلُ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم أَعمٰلُهُم كَرَمادٍ اشتَدَّت بِهِ الرّيحُ فى يَومٍ عاصِفٍ لا يَقدِرونَ مِمّا كَسَبوا عَلىٰ شَيءٍ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ البَعيدُ (آيت : 18) |
جن ماڻهن پنهنجي پالڻهار سان ڪفر ڪيو تن جو مثال هي آهي جو انهن جا عمل اُنَ رَکَ وانگر آهن جنهن تي تيز طوفان واري ڏينهن سخت هوا جو جُهوٽو آيو (سڀ ڪجھه اڏاري ويو.) جو جيڪي ڪجهه به ڪيائون ان مان ڪنهن شيءِ تي قادر ٿي نه سگهندا. اُها ئي پراهين گمراهي آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَأتِ بِخَلقٍ جَديدٍ (آيت : 19) |
ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين کي حق سان پيدا ڪيو آهي؟ جيڪڏهن چاهي ته توهان کي نابود ڪري ڇڏي ۽ نئين مخلوق آڻي. |
وَما ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزيزٍ (آيت : 20) |
۽ اِهو (ڪم) الله تي مشڪل نه آهي. |
وَبَرَزوا لِلَّهِ جَميعًا فَقالَ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا مِن عَذابِ اللَّهِ مِن شَيءٍ قالوا لَو هَدىٰنَا اللَّهُ لَهَدَينٰكُم سَواءٌ عَلَينا أَجَزِعنا أَم صَبَرنا ما لَنا مِن مَحيصٍ (آيت : 21) |
۽ (محشر ۾) سڀ الله اڳيان پڌرا ٿيندا پوءِ ڪمزور ماڻهو وڏائي ڪندڙن کي چوندا: ”بيشڪ اسان اوهان جا پيروڪار هياسين. پوءِ ڇا اوهان الله جي عذاب مان اسان تان ڪا شيءِ هٽائي سگهو ٿا“؟ چوندا: ”جي الله اسان کي ڇوٽڪاري جي ڪا واٽ ڏيکاري ها ته اسان اوهان کي به ضرور اها واٽ ڏيکاريون ها. اسان لاءِ برابر آهي جي رڙيون دانهون ڪيون يا صبر ڪيون. اسان لاءِ بچڻ جي ڪا صورت ناهي“. |
وَقالَ الشَّيطٰنُ لَمّا قُضِىَ الأَمرُ إِنَّ اللَّهَ وَعَدَكُم وَعدَ الحَقِّ وَوَعَدتُكُم فَأَخلَفتُكُم وَما كانَ لِىَ عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ إِلّا أَن دَعَوتُكُم فَاستَجَبتُم لى فَلا تَلومونى وَلوموا أَنفُسَكُم ما أَنا۠ بِمُصرِخِكُم وَما أَنتُم بِمُصرِخِىَّ إِنّى كَفَرتُ بِما أَشرَكتُمونِ مِن قَبلُ إِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 22) |
۽ جڏهن فيصلو ٿي ويندو ته شيطان چوندو: ”بيشڪ الله اوهان سان سچو وعدو ڪيو هيو ۽ مون اوهان سان وعدو ڪيو پر وعدي خلافي ڪيم. ۽ منهنجو اوهان تي ڪو زور نه هيو سواءِ هن جي جو مون رڳو توهان کي (برائي ڏانهن) سڏيو. پوءِ اوهان منهنجي ڳالهه مڃي ورتي. سو مون کي ملامت نه ڪيو پر پنهنجو پاڻ کي ملامت ڪيو. (اڄ) نه آءٌ اوهان جي فرياد رسي ڪرڻ وارو آهيان ۽ نه اوهان منهنجي فرياد رسي ڪرڻ وارا آهيو. بيشڪ آءٌ انڪار ٿو ڪيان ان جو جيڪو هن کان اڳ اوهان مون کي (الله جو) شريڪ ڪندا رهيا آهيو. بيشڪ ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب آهي“. |
وَأُدخِلَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم تَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ (آيت : 23) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون سي باغن ۾ داخل ڪيا ويندا جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون. اُهي ان ۾ پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان هميشه رهندا. ان ۾ سندن آڌر ڀاءُ ”سلام“ (لفظ سان) هوندو. |
أَلَم تَرَ كَيفَ ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا كَلِمَةً طَيِّبَةً كَشَجَرَةٍ طَيِّبَةٍ أَصلُها ثابِتٌ وَفَرعُها فِى السَّماءِ (آيت : 24) |
ڇا تو نه ڏٺو ته الله ڪيئن مثال بيان ڪيو آهي؟ ته ڪلمهءِ طيب (پاڪيزه ڳالهه) جو اها پاڪيزهه وڻ وانگر آهي. جنهن جي پاڙ (زمين ۾) مضبوط آهي ۽ ان جون ٽاريون آسمان ۾ آهن. |
تُؤتى أُكُلَها كُلَّ حينٍ بِإِذنِ رَبِّها وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 25) |
اُهو (وڻ) پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان هر وقت ميوو ڏئي ٿو. ۽ الله ماڻهن لاءِ مثال بيان ڪري ٿو ته جيئن اهي نصيحت پِرائن. |
وَمَثَلُ كَلِمَةٍ خَبيثَةٍ كَشَجَرَةٍ خَبيثَةٍ اجتُثَّت مِن فَوقِ الأَرضِ ما لَها مِن قَرارٍ (آيت : 26) |
۽ ڪلمهءِ خبيثه (ناپاڪ ڳالهه) جو مثال ان ناپاڪ وڻ وانگر آهي جنهن کي زمين تان پٽي (اڇلايو) ويو. ان کي ڪو قرار ناهي. |
يُثَبِّتُ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا بِالقَولِ الثّابِتِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَيُضِلُّ اللَّهُ الظّٰلِمينَ وَيَفعَلُ اللَّهُ ما يَشاءُ (آيت : 27) |
الله ايمان وارن کي مضبوط ڳالهه سان ثابت رکي ٿو دنيا جي حياتيءَ ۾ به ۽ آخرت ۾ به، ۽ الله ظالمن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ الله جيئن چاهي ٿو تيئن ڪري ٿو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ بَدَّلوا نِعمَتَ اللَّهِ كُفرًا وَأَحَلّوا قَومَهُم دارَ البَوارِ (آيت : 28) |
ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو؟ جن الله جي مليل نعمت کي ناشڪري سبب بدلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي قوم کي تباهي جي گهر ۾ لاٿائون. |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها وَبِئسَ القَرارُ (آيت : 29) |
(اُهو گھر) دوزخ آهي جنهن ۾ داخل ڪيا ويندا. ۽ بڇڙو ٽڪاڻو آهي. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّعوا فَإِنَّ مَصيرَكُم إِلَى النّارِ (آيت : 30) |
۽ الله جي واسطي شريڪ بنايائون ته جيئن سندس راهه کان ڀٽڪائن. چؤ مزا ماڻي وٺو! پوءِ بيشڪ اوهان جو موٽڻ (جهنم جي) باهه ڏانهن آهي. |
قُل لِعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا يُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُنفِقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خِلٰلٌ (آيت : 31) |
(اي نبي) منهنجي ايمان وارن ٻانهن کي چؤ ته نماز قائم رکن ۽ ان مان خرچ ڪن جيڪي اسان کين رزق ڏنو آهي (چڱن ڪمن ۾)ڳجهي طرح (به) ۽ ظاهر ظهور (به) ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ جنهن ۾ نه ڪو واپار هوندو ۽ نه ڪا (دنياوي) دوستي. (ڪم ايندي) |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم وَسَخَّرَ لَكُمُ الفُلكَ لِتَجرِىَ فِى البَحرِ بِأَمرِهِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الأَنهٰرَ (آيت : 32) |
الله اُهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ آسمان مان پاڻي لاٿائين پوءِ ان جي ذريعي اوهان جي رزق جي طور تي ميوا پيدا ڪيائين. ۽ ٻيڙين کي توهان جي مطيع ڪيائين ته جيئن سندس حڪم (نظامِ قدرت) سان سمنڊ ۾ هلنديون رهن ۽ دريائن کي به توهان جي مطيع ڪيائين. |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الشَّمسَ وَالقَمَرَ دائِبَينِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ (آيت : 33) |
۽ اوهان جي فائدي لاءِ سج ۽ چنڊ کي (هڪ نظام جو) مطيع ڪيائين جيڪي (مقرر رستن تي) گردش ڪندا رهن ٿا. ۽ اوهان جي لاءِ رات ۽ ڏينهن کي به (هڪ نظام جو) مطيع ڪيائين. |
وَءاتىٰكُم مِن كُلِّ ما سَأَلتُموهُ وَإِن تَعُدّوا نِعمَتَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ الإِنسٰنَ لَظَلومٌ كَفّارٌ (آيت : 34) |
۽ اوهان کي سڀ ڪجھه ان مان ڏنائين جو اوهان ان کان گھريو. ۽ جيڪڏهن اوهان الله جي نعمتن کي ڳڻيندؤ ته انهن کي پورو ڳڻي به نه سگهندؤ. بيشڪ انسان وڏو ظالم وڏو ناشڪرو آهي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ رَبِّ اجعَل هٰذَا البَلَدَ ءامِنًا وَاجنُبنى وَبَنِىَّ أَن نَعبُدَ الأَصنامَ (آيت : 35) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن ابراهيم چيو: ”اي منهنجا پروردگار! هن شهر (مڪي) کي امن وارو بناءِ ۽ مون کي ۽ منهنجي پُٽن کي بچاءِ جو اسان بتن جي پوڄا ڪيون. |
رَبِّ إِنَّهُنَّ أَضلَلنَ كَثيرًا مِنَ النّاسِ فَمَن تَبِعَنى فَإِنَّهُ مِنّى وَمَن عَصانى فَإِنَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 36) |
اي منهنجا پروردگار! انهن (بتن) گهڻن ماڻهن کي گمراهه ڪيو آهي. پوءِ جنهن منهنجي پيروي ڪئي سو بيشڪ منهنجو آهي ۽ جنهن منهنجي بي فرماني ڪئي ته پوءِ بيشڪ تون بخشڻهار ٻاجهارو آهين. |
رَبَّنا إِنّى أَسكَنتُ مِن ذُرِّيَّتى بِوادٍ غَيرِ ذى زَرعٍ عِندَ بَيتِكَ المُحَرَّمِ رَبَّنا لِيُقيمُوا الصَّلوٰةَ فَاجعَل أَفـِٔدَةً مِنَ النّاسِ تَهوى إِلَيهِم وَارزُقهُم مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَشكُرونَ (آيت : 37) |
اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ مون پنهنجو ڪجهه اولاد غير آباد وادي ۾ تنهنجي عزت واري گهر وٽ رهايو آهي اي اسان جا پالڻهار! هن لاءِ ته نماز قائم رکن. پوءِ ڪجهه ماڻهن جي دلين کي انهن ڏانهن (محبت سان) مائل ڪر ۽ انهن کي ميوات مان روزي عطا ڪر ته من اهي شڪر ادا ڪن. |
رَبَّنا إِنَّكَ تَعلَمُ ما نُخفى وَما نُعلِنُ وَما يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِن شَيءٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 38) |
اي اسان جا مالڪ! بيشڪ تون ڄاڻين ٿو جيڪي اسان لڪايون ٿا ۽ جيڪي اسان ظاهر ڪيون ٿا“. ۽ الله تي ڪا شيءِ ڳجهي نه ٿي رهي نه زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾. |
الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى وَهَبَ لى عَلَى الكِبَرِ إِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبّى لَسَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 39) |
”شڪر ان الله جو جنهن مون کي ڪراڙپ ۾ اسماعيل ۽ اسحاق (جهڙا ٻه پُٽ) عطا ڪيا. بيشڪ منهنجو پروردگار دعا ٻڌندڙ آهي. |
رَبِّ اجعَلنى مُقيمَ الصَّلوٰةِ وَمِن ذُرِّيَّتى رَبَّنا وَتَقَبَّل دُعاءِ (آيت : 40) |
اي منهنجا پالڻهار! مون کي نماز قائم رکڻ وارو بناءِ ۽ منهنجي اولاد مان به ڪن کي. اي اسان جا پالڻهار ! ۽ تون منهنجي دعا قبول ڪر. |
رَبَّنَا اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِلمُؤمِنينَ يَومَ يَقومُ الحِسابُ (آيت : 41) |
اي اسان جا پرودگار ! مون کي بخش ڪر ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي به ۽ ايمان وارن کي به (بخش) جنهن ڏينهن حساب قائم ٿيندو“. |
وَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ غٰفِلًا عَمّا يَعمَلُ الظّٰلِمونَ إِنَّما يُؤَخِّرُهُم لِيَومٍ تَشخَصُ فيهِ الأَبصٰرُ (آيت : 42) |
۽ الله کي تون انهن ڪمن کان بي خبر نه سمجهه جيڪي ظالم ڪن ٿا. انهن کي رڳو ان ڏينهن تائين مهلت ڏئي ٿو جنهن ۾ اکيون (خوف سبب) ڦاٽي پونديون. |
مُهطِعينَ مُقنِعى رُءوسِهِم لا يَرتَدُّ إِلَيهِم طَرفُهُم وَأَفـِٔدَتُهُم هَواءٌ (آيت : 43) |
پنهنجا ڳاٽا مٿي ڪري ڊوڙندا (ميدانِ محشر ڏانهن) ان حال ۾ اکيون ڇنڀي به نه سگهندا ۽ انهن جون دليون بدحواس هونديون. |
وَأَنذِرِ النّاسَ يَومَ يَأتيهِمُ العَذابُ فَيَقولُ الَّذينَ ظَلَموا رَبَّنا أَخِّرنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ نُجِب دَعوَتَكَ وَنَتَّبِعِ الرُّسُلَ أَوَلَم تَكونوا أَقسَمتُم مِن قَبلُ ما لَكُم مِن زَوالٍ (آيت : 44) |
۽ (اي نبي) ماڻهن کي ان ڏينهن کان ڊيڄار جڏهن انهن مٿان عذاب اچي پوندو پوءِ ظالم چوندا: ”اي اسان جا پروردگار! اسان کي ٿوري دير مهلت ڏي ته تنهنجي دعوت قبول ڪيون ۽ رسولن جي پيروي ڪيون“. (چيو ويندو) ”ڇا هن کان اڳ اوهان قسم نه کنيا هئا؟ ته اوهان کي (ڪڏهن به) زوال نه ايندو. |
وَسَكَنتُم فى مَسٰكِنِ الَّذينَ ظَلَموا أَنفُسَهُم وَتَبَيَّنَ لَكُم كَيفَ فَعَلنا بِهِم وَضَرَبنا لَكُمُ الأَمثالَ (آيت : 45) |
حالانڪه اوهان انهن ماڻهن جي جاين ۾ رهي چڪا هيؤ جن پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو هيو ۽ اوهان تي ظاهر ٿي چڪو هيو ته اسان انهن سان ڇا معاملو ڪيو ۽ اسان اوهان لاءِ مثال به بيان ڪيا هئا. |
وَقَد مَكَروا مَكرَهُم وَعِندَ اللَّهِ مَكرُهُم وَإِن كانَ مَكرُهُم لِتَزولَ مِنهُ الجِبالُ (آيت : 46) |
۽ بيشڪ انهن پنهنجي طرفان وڏيون مڪاريون ڪيون ۽ الله وٽ انهن جي هر مڪر جو ٽوڙ هيو. توڙِي جو انهن جون مڪاريون اهڙيون هيون جن سان جبلَ هٽي وڃن. |
فَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ مُخلِفَ وَعدِهِ رُسُلَهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 47) |
پوءِ الله کي پنهنجي رسولن سان وعدي خلافي ڪرڻ وارو هرگز نه سمجهه. بيشڪ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آهي. |
يَومَ تُبَدَّلُ الأَرضُ غَيرَ الأَرضِ وَالسَّمٰوٰتُ وَبَرَزوا لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 48) |
جنهن ڏينهن (هي) زمين ٻي زمين سان بدلائي ويندي ۽ سڀ آسمان به (بدلايا ويندا) ۽ سڀ (ماڻهو) الله اڳيان پڌرا پيش ٿيندا جيڪو اڪيلو آهي سڀني تي غالب آهي. |
وَتَرَى المُجرِمينَ يَومَئِذٍ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 49) |
۽ تون ان ڏينهن ڏوهارين کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏسندين. |
سَرابيلُهُم مِن قَطِرانٍ وَتَغشىٰ وُجوهَهُمُ النّارُ (آيت : 50) |
انهن جا لباس (باهه کي ڀڙڪائيندڙ) گندرف مان هوندا۽ انهن جي چهرن کي باهه وڪوڙي ويندي. |
لِيَجزِىَ اللَّهُ كُلَّ نَفسٍ ما كَسَبَت إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 51) |
هن لاءِ ته جيئن الله هر شخص کي ان جو بدلو ڏئي جيڪي ان ڪمايو آهي. بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آهي. |
هٰذا بَلٰغٌ لِلنّاسِ وَلِيُنذَروا بِهِ وَلِيَعلَموا أَنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَلِيَذَّكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 52) |
هي (قرآن سڀ ) ماڻهن لاءِ اطلاع آهي ۽ (موڪليو ويو آهي) هن لاءِ ته ان جي ذريعي کين ڊيڄاريو وڃي ۽ هن لاءِ ته ڄاڻن ته صرف اُهو (الله) ئي اڪيلو معبود آهي ۽ هن لاءِ ته عقل وارا نصيحت وٺن. |