الر كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ لِتُخرِجَ النّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِ رَبِّهِم إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 1) |
ا- ل- ر- هي ڪتاب آهي جو تو ڏانهن لاٿو سون، ته ماڻهن کي اونداهين مان سوجهري ڏانهن ڪڍين ۽ رب جي حڪم سان غالب واکاڻيل الله جي واٽ تي آڻين. |
اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَوَيلٌ لِلكٰفِرينَ مِن عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 2) |
الله ئي اهو آهي جو جيڪي آسمانن خواهه زمين ۾ آهي، سڀ ان جو آهي_ ۽ سخت عذاب سان تباهه ٿيڻ ڪافرن لاءِ ئي آهي. |
الَّذينَ يَستَحِبّونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 3) |
جي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان پيارو ٿا سمجهن ۽ الله جي سڌيءَ واٽ کان روڪين ٿا ۽ ان ۾ ڏنگائي ٿا ڳولين! اهي وڏي گمراهي ۾ آهن. |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا بِلِسانِ قَومِهِ لِيُبَيِّنَ لَهُم فَيُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 4) |
هر ڪنهن نبيءَ کي سندس قوم جي زبان سان موڪليو ويو آهي، ته انهن کي حڪم ٻڌائي، پوءِ الله جنهن کي گهري ٿو ان کي ڀلائي ٿو، جنهن لاءِ وڻيس تنهن کي واٽ لڳائي ٿو_ هو زبردست ڏاهپ وارو آهي. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا أَن أَخرِج قَومَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَذَكِّرهُم بِأَيّىٰمِ اللَّهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 5) |
بيشڪ اسان موسيٰ کي معجزن سان موڪليو ته، قوم کي اوندهه مان ڪڍي سوجهري ۾ آڻ ۽ کين الله جا ڪي ڏينهن ياد ڏيار! بيشڪ، ان ۾صبر ۽ شڪر ڪندڙ لاءِ نشان آهن. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ أَنجىٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ وَيُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 6) |
جڏهن موسيٰ سندس قوم کي چيو ته ”الله جي نعمتن کي ياد ڪريو، جڏهن اوهان کي فرعونين کان ڇڏايائين، جي اوهان کي سخت عذاب ڏيندا هئا، اوهان جا پٽ ڪهي ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا هئا ۽ اوهان لاءِ اها رب جي طرفان وڏي آزمائش هئي. |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكُم لَئِن شَكَرتُم لَأَزيدَنَّكُم وَلَئِن كَفَرتُم إِنَّ عَذابى لَشَديدٌ (آيت : 7) |
جڏهن اوهان جي رب اوهان کي ٻڌايو ته، جي اوهان شڪر ڪندا ته اوهان کي ضرور وڌيڪ ڏبو ۽ بي شڪري ڪندا ته منهنجو عذاب به سخت آهي.“ |
وَقالَ موسىٰ إِن تَكفُروا أَنتُم وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا فَإِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 8) |
۽ موسيٰ چيو ته اوهان جو خواهه سڄي جهان وارن جو ڦري وڃڻ الله کي ڪو به نقصان ڪو نه پهچائيندو. ياد رکو، الله بي پرواهه، واکاڻيل آهي. |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ مِن قَبلِكُم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم لا يَعلَمُهُم إِلَّا اللَّهُ جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرَدّوا أَيدِيَهُم فى أَفوٰهِهِم وَقالوا إِنّا كَفَرنا بِما أُرسِلتُم بِهِ وَإِنّا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونَنا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 9) |
ڇا، اوهان کي، اڳين نوح، عاد ۽ ثمود جي قومن جي ڪا به خبر ڪا نه پهتي آهي؟ ۽ انهن کان پوءِ آيلن جي، جن کي الله کانسواءِ ٻيو ڪو ڄاڻندو ئي ڪونهي، جڏهن وٽن رسول معجزن سان آيا، تڏهن پنهنجا هٿ انهن جي واتن تي رکيائون ۽ چيائون ته ”جنهن ڳالهه سان اوهان کي موڪليو ويو آهي، ان کي نٿا مڃيون ۽ جنهن ڏي سڏيو ٿا، تنهن لاءِ وڏي شڪ ۾ آهيون!“ |
قالَت رُسُلُهُم أَفِى اللَّهِ شَكٌّ فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَدعوكُم لِيَغفِرَ لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّرَكُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى قالوا إِن أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا تُريدونَ أَن تَصُدّونا عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتونا بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 10) |
سندن نبين چيو ته ”ڇا آسمانن ۽ زمين جي خالق بابت شڪ ۾ پيا آهيو؟ هو ته اوهان کي سڏي ٿو ته اوهان جا ڏوهه بخشي ۽ ڪجهه وقت تائين اوهان کي مهلت ڏئي“ (ته من ڪجهه سمجهو.) چيائون ته ”اوهين ته اسان وانگر ماڻهو آهيو، ۽ جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا هئا، تن کان اسان کي روڪڻ ٿا گهرو، اسان وٽ ڪو چٽو معجزو ته آڻيو.“ |
قالَت لَهُم رُسُلُهُم إِن نَحنُ إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَمُنُّ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَما كانَ لَنا أَن نَأتِيَكُم بِسُلطٰنٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
رسولن کين چيو ته ”اسين برابر اوهان جهڙا ماڻهو آهيون پر الله پنهنجن ٻانهن مان جنهن لاءِ وڻيس تنهن تي احسان ڪري، الله جي حڪم کانسواءِ ڪنهن معجزي آڻڻ جي اسان کي طاقت ڪانه آهي_ بس مومنن کي رڳو الله تي ڀروسو ڪرڻ کپي. |
وَما لَنا أَلّا نَتَوَكَّلَ عَلَى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنا سُبُلَنا وَلَنَصبِرَنَّ عَلىٰ ما ءاذَيتُمونا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 12) |
اسين ڇو نه الله تي ڀروسو ڪريون، جنهن اسان کي سڌي واٽ ڏيکاري، اوهين جيڪي به اسان کي ڏکويو ٿا، ان تي صبر ڪنداسون ۽ ڀروسي ڪندڙن کي ان تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.“ |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِرُسُلِهِم لَنُخرِجَنَّكُم مِن أَرضِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا فَأَوحىٰ إِلَيهِم رَبُّهُم لَنُهلِكَنَّ الظّٰلِمينَ (آيت : 13) |
منڪرن پنهنجن رسولن کي چيو ته ” اوهان کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍي ڇڏينداسون، جي اوهان اسان جي مذهب ڏي نه ايندا_“ پوءِ سندن رب کين وحي موڪليو ته ”اسين ضرور ظالمن کي ناس ڪنداسون. |
وَلَنُسكِنَنَّكُمُ الأَرضَ مِن بَعدِهِم ذٰلِكَ لِمَن خافَ مَقامى وَخافَ وَعيدِ (آيت : 14) |
۽ ان کانپوءِ ملڪ ۾ اوهان کي ئي رهائينداسون، اهو ان لاءِ آهي، جو مون وٽ بيهڻ کان ڊڄي ۽ منهنجي دڙڪي کان ڊڄي.“ |
وَاستَفتَحوا وَخابَ كُلُّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 15) |
هنن فتح جي دعا گهري ۽ هر ڪو ضدي نامراد ٿيو. |
مِن وَرائِهِ جَهَنَّمُ وَيُسقىٰ مِن ماءٍ صَديدٍ (آيت : 16) |
ان جي پويان دوزخ تيار آهي، (جتي) کيس پونءِ جو پاڻي پياربو. |
يَتَجَرَّعُهُ وَلا يَكادُ يُسيغُهُ وَيَأتيهِ المَوتُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَما هُوَ بِمَيِّتٍ وَمِن وَرائِهِ عَذابٌ غَليظٌ (آيت : 17) |
جنهن کي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئندو، ڳيت ڏيئي پي نه سگهندو ۽ هر طرف کان موت ايندس، پر هو مئل نه هوندو ۽ سندس پويان سخت عذاب آهي. |
مَثَلُ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم أَعمٰلُهُم كَرَمادٍ اشتَدَّت بِهِ الرّيحُ فى يَومٍ عاصِفٍ لا يَقدِرونَ مِمّا كَسَبوا عَلىٰ شَيءٍ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ البَعيدُ (آيت : 18) |
جن پنهنجي رب کان انڪار ڪيو تن جي اعمالن جو مثال ان مٽيءَ جهڙو آهي، جنهن کي اونداهي ڏينهن ۾ واءُ اڏائي! انهن جيڪي به ڪيو آهي ان جي ذري تي به هو نه پهچي سگهندا_ ۽ اها ئي وڏي گمراهي آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَأتِ بِخَلقٍ جَديدٍ (آيت : 19) |
تو نه ڏٺو آهي ڇا ته، الله آسمانن ۽ زمين کي وڏي تدبير ۽ رٿ سان بنايو آهي، جيڪڏهن چاهي ته اوهان کي ناس ڪري ٻي نئين مخلوق آڻي. |
وَما ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزيزٍ (آيت : 20) |
۽ اها ان لاءِ ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي. |
وَبَرَزوا لِلَّهِ جَميعًا فَقالَ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا مِن عَذابِ اللَّهِ مِن شَيءٍ قالوا لَو هَدىٰنَا اللَّهُ لَهَدَينٰكُم سَواءٌ عَلَينا أَجَزِعنا أَم صَبَرنا ما لَنا مِن مَحيصٍ (آيت : 21) |
سڀ الله جي اڳيان حاضر ٿيندا، پوءِ هيڻا هٺيلن کي چوندا ته، ”اسين ته اوهان جي ئي پويان هئاسون، پوءِ الله جي عذاب مان هاڻي ڪجهه اسان تان ٽاري سگهندؤ؟“ هو چوندا ته ”جي الله اسان کي واٽ ڏسي ته اسين به اوهان کي ڏسيون، اسان لاءِ روئڻ، صبر ڪرڻ هڪ جهڙو آهي، اسان کي ته ڪا به واهه نه ٿي سجهي.“ |
وَقالَ الشَّيطٰنُ لَمّا قُضِىَ الأَمرُ إِنَّ اللَّهَ وَعَدَكُم وَعدَ الحَقِّ وَوَعَدتُكُم فَأَخلَفتُكُم وَما كانَ لِىَ عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ إِلّا أَن دَعَوتُكُم فَاستَجَبتُم لى فَلا تَلومونى وَلوموا أَنفُسَكُم ما أَنا۠ بِمُصرِخِكُم وَما أَنتُم بِمُصرِخِىَّ إِنّى كَفَرتُ بِما أَشرَكتُمونِ مِن قَبلُ إِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 22) |
ڪم لهڻ تي شيطان چوندو ته الله اوهان سان سچو انجام ڪيو هو ۽ مون انجام ڏنو هو سو اوهان سان نه پاڙيم، منهنجو اوهان تي ڪو زور ڪو نه هو، رڳو اوهان کي سڏيم ۽ اوهان منهنجو چيو مڃيو، تنهن ڪري مون کي نه ڇينڀيو، پر پاڻ کي ڇينڀيو، نڪي آءُ اوهان جي دانهن ورنائيندس نه اوهين منهنجي، اوهان مون کي الله جو شريڪ بنايو، جنهن کان بيزار آهيان ۽ ظالمن لاءِ ته دردناڪ عذاب آهي.“ |
وَأُدخِلَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم تَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ (آيت : 23) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، سي انهن باغن ۾ داخل ٿيندا جن جي هيٺان نهرون ٿيون وهن ۽ سندن رب جي حڪم سان منجهن سدائين رهندا_ انهن لاءِ پاڻ کي کيڪار سلام هوندي. |
أَلَم تَرَ كَيفَ ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا كَلِمَةً طَيِّبَةً كَشَجَرَةٍ طَيِّبَةٍ أَصلُها ثابِتٌ وَفَرعُها فِى السَّماءِ (آيت : 24) |
توکي معلوم نه آهي ڇا؟ ته الله ڪهڙو مثال ڏنو آهي، پاڪ ڪلمو پاڪ وڻ وانگر آهي، جنهن جي پاڙ مضبوط آهي ۽ سندس ٽاريون آسمان ۾ آهن. |
تُؤتى أُكُلَها كُلَّ حينٍ بِإِذنِ رَبِّها وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 25) |
جو پنهنجي رب جي حڪم ساڻ هر وقت ميوا ٿو ڏئي، الله اهو مثال ماڻهن لاءِ ان ڪري ٿو بيان ڪري، ته من نصيحت پرائين. |
وَمَثَلُ كَلِمَةٍ خَبيثَةٍ كَشَجَرَةٍ خَبيثَةٍ اجتُثَّت مِن فَوقِ الأَرضِ ما لَها مِن قَرارٍ (آيت : 26) |
۽ بڇڙي ڪلمي جو مثال ان خراب وڻ وانگر آهي، جو زمين تان پٽيو وڃي ۽ جنهن کي ڪو هڪ هنڌ ٽڪاءُ نه هجي. |
يُثَبِّتُ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا بِالقَولِ الثّابِتِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَيُضِلُّ اللَّهُ الظّٰلِمينَ وَيَفعَلُ اللَّهُ ما يَشاءُ (آيت : 27) |
جن ايمان آندو، تن کي الله دنيا ۽ آخرت ۾ ثابت قول تي مضبوط ٿو رکي. (پر) الله ظالمن کي ڀلائي ٿو ڇڏي ۽ الله جيڪي گهري ٿو، سوئي ڪري ٿو. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ بَدَّلوا نِعمَتَ اللَّهِ كُفرًا وَأَحَلّوا قَومَهُم دارَ البَوارِ (آيت : 28) |
توکي اهي معلوم نه آهن ڇا؟ جن بي شڪريءَ ڪري الله جي نعمتن کي مٽايو ۽ پنهنجي قوم کي مصيبت جي گهر ۾ اڇلايو. |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها وَبِئسَ القَرارُ (آيت : 29) |
جو دوزخ آهي، منجهس اهي گهڙندا ۽ رهڻ جو اهو هنڌ تمام خراب آهي. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّعوا فَإِنَّ مَصيرَكُم إِلَى النّارِ (آيت : 30) |
۽ الله سان ٻين کي شريڪ بنايائون، ته من ماڻهن کي رب جي راهه کان ڀلائين، چئو ته اوهان آسودا رهو، پاڻ ئي اوهان باهه ڏانهن موٽندؤ. |
قُل لِعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا يُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُنفِقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خِلٰلٌ (آيت : 31) |
اي نبي! منهنجن مومن ٻانهن کي چئو، ته نماز پڙهندا رهن، کين مليل رزق مان ان ڏينهن کان اڳ ڳجهو ۽ پڌرو خرچ ڪن، جنهن ڏينهن نه ڪو واپار هلندو نه ڪاياراڻي ڪم ايندي. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم وَسَخَّرَ لَكُمُ الفُلكَ لِتَجرِىَ فِى البَحرِ بِأَمرِهِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الأَنهٰرَ (آيت : 32) |
الله اهو آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي بنايو ۽ آسمان مان پاڻي وسايو ۽ پوءِ زمين مان هر جنس جي ميون سان اوهان لاءِ روزي بنايائين ۽ اوهان کي هن لاءِ ٻيڙيون تابع ڪري ڏنائين، ته جيئن سندس حڪم سان سمنڊ ۾ ترن، نديون به نوائي ڏنائين. |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الشَّمسَ وَالقَمَرَ دائِبَينِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ (آيت : 33) |
هميشه هلندڙ سج ۽ چنڊ به تابع ڪري ڏنائين، اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن به نوائي ڏنائين. |
وَءاتىٰكُم مِن كُلِّ ما سَأَلتُموهُ وَإِن تَعُدّوا نِعمَتَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ الإِنسٰنَ لَظَلومٌ كَفّارٌ (آيت : 34) |
۽ جيڪي گهريوَ، سو سڀ اوهان کي ڏنائين، اوهان جيڪڏهن الله جون نعمتون ڳڻيندؤ، ته اهي ڳڻي نه سگهندؤ! بيشڪ ماڻهو ڏاڍو بي انصاف ۽ بي شڪر آهي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ رَبِّ اجعَل هٰذَا البَلَدَ ءامِنًا وَاجنُبنى وَبَنِىَّ أَن نَعبُدَ الأَصنامَ (آيت : 35) |
جڏهن ابراهيم چيو ته ”اي منهنجا رب! هن شهر کي امن وارو ڪر ۽ مون ۽ منهنجي اولاد کي بتن جي پوڄا کان بچاءِ. |
رَبِّ إِنَّهُنَّ أَضلَلنَ كَثيرًا مِنَ النّاسِ فَمَن تَبِعَنى فَإِنَّهُ مِنّى وَمَن عَصانى فَإِنَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 36) |
اي منهنجا رب! انهن گهڻن ماڻهن کي گمراهه ڪيو آهي، پوءِ جيڪو منهنجي پويان آهي، سو ته منهنجو آهي، پر جنهن منهنجي نافرماني ڪئي، ته تون ئي بخشيندڙ مهربان آهين.“ |
رَبَّنا إِنّى أَسكَنتُ مِن ذُرِّيَّتى بِوادٍ غَيرِ ذى زَرعٍ عِندَ بَيتِكَ المُحَرَّمِ رَبَّنا لِيُقيمُوا الصَّلوٰةَ فَاجعَل أَفـِٔدَةً مِنَ النّاسِ تَهوى إِلَيهِم وَارزُقهُم مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَشكُرونَ (آيت : 37) |
اي اسان جا رب! مون پنهنجي اولاد مان ڪن کي ويران ميدان ۾ تنهنجي ڀلاري گهر وٽ هن لاءِ ٽڪايو جيئن اي اسان جا رب! تنهنجي نماز پڙهن، پوءِ تون ماڻهن مان ڪن جي دلين کي انهن پاسي خواهشمند ڪر، کين ميون جو رزق ڏي ته من شڪر ڪن. |
رَبَّنا إِنَّكَ تَعلَمُ ما نُخفى وَما نُعلِنُ وَما يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِن شَيءٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 38) |
اي اسان جا رب! اسين جيڪي به ڳجهو يا پڌرو ڪريون ٿا، سو تون ڄاڻين ٿو ۽ زمين ۽ آسمان جي ڪا به شيءِ الله کان ڳجهي نه آهي. |
الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى وَهَبَ لى عَلَى الكِبَرِ إِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبّى لَسَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 39) |
سڀ ساراهه ان الله کي ٿي سونهي، جنهن مون کي ڪراڙپ ۾ اسماعيل ۽ اسحاق عطا ڪيا، منهنجو رب بيشڪ دعا ٻڌندڙ آهي. |
رَبِّ اجعَلنى مُقيمَ الصَّلوٰةِ وَمِن ذُرِّيَّتى رَبَّنا وَتَقَبَّل دُعاءِ (آيت : 40) |
اي منهنجا رب! مون کي ۽ منهنجي اولاد کي نمازي ڪر ۽ منهنجي دعا قبول فرماءِ. |
رَبَّنَا اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِلمُؤمِنينَ يَومَ يَقومُ الحِسابُ (آيت : 41) |
اي اسان جا رب! مون کي ۽ منهنجي پيءُ ماءُ کي ۽ مومنن کي بخش، جنهن ڏينهن حساب ٿيندو! |
وَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ غٰفِلًا عَمّا يَعمَلُ الظّٰلِمونَ إِنَّما يُؤَخِّرُهُم لِيَومٍ تَشخَصُ فيهِ الأَبصٰرُ (آيت : 42) |
ظالمن جي ڪمن کان الله کي بيخبر نه سمجهه، الله کين ان ڏينهن تائين ڍر ڏني آهي، جنهن ڏينهن اکيون ٽڙي وينديون. |
مُهطِعينَ مُقنِعى رُءوسِهِم لا يَرتَدُّ إِلَيهِم طَرفُهُم وَأَفـِٔدَتُهُم هَواءٌ (آيت : 43) |
اهي ڪنڌ کنيو ڀڄندا ويندا، پاڻ ڏي سندن نظر ڪان وري سگهندي ۽ سندن دليون پيون دهڪنديون. |
وَأَنذِرِ النّاسَ يَومَ يَأتيهِمُ العَذابُ فَيَقولُ الَّذينَ ظَلَموا رَبَّنا أَخِّرنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ نُجِب دَعوَتَكَ وَنَتَّبِعِ الرُّسُلَ أَوَلَم تَكونوا أَقسَمتُم مِن قَبلُ ما لَكُم مِن زَوالٍ (آيت : 44) |
ماڻهن کي ان ڏينهن کان ڊيڄار، جڏهن سخت عذاب وقت اهي ظالم چوندا ”اي اسان جا رب! اسان کي ٿورو وقت مهلت ڏي، ته تنهنجي حڪم کي مڃيون ۽ رسولن جي تابعداري ڪريون“(چئين) هن کان اڳ اوهان ان طرح قسم نه کڻندا هئا ڇا ته، اسان کي ڪجهه نقصان نه پهچندو؟ |
وَسَكَنتُم فى مَسٰكِنِ الَّذينَ ظَلَموا أَنفُسَهُم وَتَبَيَّنَ لَكُم كَيفَ فَعَلنا بِهِم وَضَرَبنا لَكُمُ الأَمثالَ (آيت : 45) |
اوهين انهن جي جاين ۾ رهيا، جن پاڻ تي ظلم ڪيو هو، اوهان چڱيءَ طرح ڏٺو ته انهن سان ڪهڙي حالت ڪئي سون، ۽ اوهان لاءِ مثال بيان ڪيا ويا آهن. |
وَقَد مَكَروا مَكرَهُم وَعِندَ اللَّهِ مَكرُهُم وَإِن كانَ مَكرُهُم لِتَزولَ مِنهُ الجِبالُ (آيت : 46) |
بيشڪ انهن پنهنجي وڏي رٿ رٿي هئي ۽ الله وٽ سندن اها رٿ آهي، پر سندن رٿ ڪا اهڙي نه آهي جنهن سان جبل به ٿڙي سگهي! |
فَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ مُخلِفَ وَعدِهِ رُسُلَهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 47) |
تون الله کي پنهنجي نبين سان وعدي خلافي ڪندڙ نه سمجهه! بيشڪ الله غالب، بدلو وٺندڙ آهي. |
يَومَ تُبَدَّلُ الأَرضُ غَيرَ الأَرضِ وَالسَّمٰوٰتُ وَبَرَزوا لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 48) |
جنهن ڏينهن هيءَ زمين مٽائي ٻي زمين ڪئي ويندي ۽ آسمان پڻ، سڀ هڪ الله زبردست جي اڳيان اچي حاضر ٿيندا. |
وَتَرَى المُجرِمينَ يَومَئِذٍ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 49) |
ان ڏينهن گهنگارن کي زنجيرن ۾ ٻڌل ڏسندين. |
سَرابيلُهُم مِن قَطِرانٍ وَتَغشىٰ وُجوهَهُمُ النّارُ (آيت : 50) |
سندن ڪپڙا گندرف جا هوندا_ ۽ سندن منهن کي باهه وڪوڙي ڇڏيو هوندو. |
لِيَجزِىَ اللَّهُ كُلَّ نَفسٍ ما كَسَبَت إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 51) |
ته جيئن الله هر جان کي هن جي ڪمائي جو بدلو ڏي_ بيشڪ الله جلد حساب وٺندڙ آهي. |
هٰذا بَلٰغٌ لِلنّاسِ وَلِيُنذَروا بِهِ وَلِيَعلَموا أَنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَلِيَذَّكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 52) |
اهو قرآن رڳو ماڻهن لاءِ پهچائڻو آهي ته جيئن اهو ٻڌي ڊڄن ۽ سمجهن، ته ان هڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪو به ڪارساز ڪونه آهي ۽ جيئن عقل وارا نصيحت حاصل ڪن. |