الر كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ لِتُخرِجَ النّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِ رَبِّهِم إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 1) |
الف ـــ لام ـــ را ھي ھڪ ڪتاب آھي جيڪو اسان تنھنجي مٿان نازل ڪيو آھي ته جيئن تون سڀني ماڻهن کي پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان انڌيرن مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻين، ان پالڻھار جي رستي ڏانھن جيڪو زبردست ۽ تعريف جي لائق آھي. |
اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَوَيلٌ لِلكٰفِرينَ مِن عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 2) |
اهو اللھ تعالى ئي آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ جو مالڪ آھي ۽ (ان جو) انڪار ڪندڙن لاءِ بربادي ۽ سخت عذاب آھي. |
الَّذينَ يَستَحِبّونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 3) |
ڪافر دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي حياتيءَ جي مقابلي ۾ وڌيڪ پسند ڪن ٿا، ماڻهن کي اللھ تعالى جي رستي کان روڪين ٿا ۽ ان رستي ۾ ٽيڙھ پيدا ڪرڻ به چاھين ٿا (حقيقت ۾) ھو وڏي گمراھيءَ ۾ پيل آھن. |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا بِلِسانِ قَومِهِ لِيُبَيِّنَ لَهُم فَيُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 4) |
۽ اسان سڀني رسولن کي سندن قومي ٻولي ۾ پيغام ڏنو آھي ته جيئن ھو ماڻهن کي چڱي طرح بيان ڪري ٻڌائين (وري به) اللھ تعالى جنھن کي چاھي گمراهه ڪري ٿو ۽ جنھن کي چاھي سڌو رستو عطا ڪري ٿو. ھو زبردست حڪمت وارو آھي. |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا أَن أَخرِج قَومَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَذَكِّرهُم بِأَيّىٰمِ اللَّهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 5) |
(اھڙيءَ طرح) اسان موسى ($) کي به نشانيون ڏئي موڪليوته پنھنجي قوم کي انڌيرن مان ڪڍي روشني ڏي وٺي اچ ۽ ان کي اللھ تعالى جي طرفان (گذريل قومن تي آيل) حالات بيان ڪري ٻڌاءِ. بيشڪ انهن (حالات) ۾ صبر ۽ شڪر ڪندڙ ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آھن. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ أَنجىٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ وَيُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 6) |
۽ جڏھن موسى ($) پنھنجي قوم کي چيو ته: اللھ تعالى جي ان نعمت کي ياد ڪريو جڏھن ھن توھان کي فرعون جي ماڻهن کان نجات ڏياري، جن توھان کي سخت عذاب ۾ جڪڙي ڇڏيو ھو ۽ توھان جي پٽن کي (نسل ختم ڪرڻ لاءِ) ذبح ڪندا ھئا، توھان جي نياڻين کي ڇڏي ڏيندا ھئا (ته جيئن اوھان جي طاقت ختم ڪئي وڃي) تاريخ جو اھو نقشو توھان جي لاءِ توھان جي پالڻھار جي طرف کان تمام وڏي آزمائش ھئي. |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكُم لَئِن شَكَرتُم لَأَزيدَنَّكُم وَلَئِن كَفَرتُم إِنَّ عَذابى لَشَديدٌ (آيت : 7) |
(اي بني اسرائيل! اھو وقت به ياد ڪريو) جڏھن اوھان جي پالڻھار پنھنجي نعمتن ڏيڻ جي طريقي جو اعلان ڪيو ھو ته جيڪڏھن توھان ڏنل نعمتن تي شڪر گذار ٿي رھندا ته مان (آئندهه ) توھان جي نعمتن کي اڃا به وڌائيندس پر جيڪڏھن ناشڪري ڪندا ته (پوءِ ٻڌي ڇڏيو ته) بيشڪ منھنجو عذاب به تمام سخت آھي. |
وَقالَ موسىٰ إِن تَكفُروا أَنتُم وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا فَإِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 8) |
۽ موسى ($ ) کين چيو ته جيڪڏھن توھان ۽ زمين ۾ سڀ رھندڙ ملي ڪري به اللھ تعالى جي ناشڪري ڪندا ته ( به اللھ تعالى کي ڪو نقصان نٿا پهچائي سگهو ڇاڪاڻ ته) بيشڪ اللھ تعالى سڀني کان بي پرواهه ۽ تعريف جي لائق آھي. |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ مِن قَبلِكُم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم لا يَعلَمُهُم إِلَّا اللَّهُ جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرَدّوا أَيدِيَهُم فى أَفوٰهِهِم وَقالوا إِنّا كَفَرنا بِما أُرسِلتُم بِهِ وَإِنّا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونَنا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 9) |
(اي مڪي وارو!) توھان وٽ انهن قومن جو خبرون نه پھتيون آھن ڇا؟ جيڪي توھان کان اڳ ٿي گذريون آھن، (مثلاً) نوح ($) جي قوم، عاد قوم، ثمود قوم ۽ انهن کان پوءِ جيڪي قومون گذريون آھن، جن کي اللھ تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير به نٿو ڄاڻي، انهن سڀني قومن وٽ سندن رسول سڳورا جڏھن واضح نشانيون کڻي آيا ته کين ڏندي آڱريون اچي ويون ۽ چيائون ته جنھن مقصد لاءِ اوھان کي موڪليو ويو آھي اسان ته ان کي مڃون ئي نٿا ۽ جنھن رستي ڏانھن اسان کي سڏيو ٿا ان ۾ اسان کي شڪ آھي ۽ اھو منجهائيندڙ رستو به آھي. |
قالَت رُسُلُهُم أَفِى اللَّهِ شَكٌّ فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَدعوكُم لِيَغفِرَ لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّرَكُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى قالوا إِن أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا تُريدونَ أَن تَصُدّونا عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتونا بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 10) |
سندن رسول سڳورن چيو ته ڇا اللھ تعالى جي باري ۾ توھان کي ڪو شڪ آھي؟ جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آھي، ھو توھان کي (سڌي رستي ڏانهن) ان لاءِ ٿو سڏي ته جيئن توھان جي گناھن کي بخش ڪري ۽ توھان کي ھڪ مقرر وقت تائين مھلت ڏي. انهن چيو ته اوھان ته اسان وانگر انسان آھيو، توھان رڳو اسان کي پنھنجي ابن ڏاڏن جي معبودن جي عبادت ڪرڻ کان روڪيو ٿا، اسان وٽ ڪي چٽا معجزا کڻي اچو. |
قالَت لَهُم رُسُلُهُم إِن نَحنُ إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَمُنُّ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَما كانَ لَنا أَن نَأتِيَكُم بِسُلطٰنٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
سندن رسول سڳورن چيو ته (ٺيڪ آ) واقعي اسان توھان جھڙا انسان آھيون پر اللھ تعالى پنھنجي ٻانھن مان جنھن تي چاھي احسان ڪندو آھي، اسان ته اللھ تعالى جي حُڪم کان سواءِ توھان کي ڪوبه معجزو نٿا ڏيکاري سگهون. ايمان وارن کي ته صرف ان تي ئي ڀروسو ڪرڻو پوندو آھي. |
وَما لَنا أَلّا نَتَوَكَّلَ عَلَى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنا سُبُلَنا وَلَنَصبِرَنَّ عَلىٰ ما ءاذَيتُمونا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 12) |
اسان اللھ تعالى تي ڇو نه ڀروسو ڪريون؟ جڏهن ته ھن اسان کي پنھنجي زندگيءَ جو صحيح رستو ڏيکاريو آھي. (بھرحال) توھان اسان کي جيڪا تڪليف پھچايو ٿا اسان ان تي ضرور صبر ڪنداسين (۽ اللھ تعالى تي ڀروسو ڪنداسين ڇاڪاڻ ته) ڀروسي رکڻ وارن کي ان تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِرُسُلِهِم لَنُخرِجَنَّكُم مِن أَرضِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا فَأَوحىٰ إِلَيهِم رَبُّهُم لَنُهلِكَنَّ الظّٰلِمينَ (آيت : 13) |
(اھو ٻڌي) ڪافرن پنھنجي رسولن کي چيو ته اسان توھان کي هتان ملڪ نيڪالي ڏينداسين يا وري اوھان کي اسان جي مذھب ۾ اچڻو پوندو. ان تي سندن پالڻھار رسولن ڏانھن وحي ڪئي ته (فڪر نه ڪريو) اسان (انھن) ظالمن کي تباهه ڪري ڇڏينداسين. |
وَلَنُسكِنَنَّكُمُ الأَرضَ مِن بَعدِهِم ذٰلِكَ لِمَن خافَ مَقامى وَخافَ وَعيدِ (آيت : 14) |
انهن کان پوءِ توھان کي ئي ملڪ ۾ آباد ڪنداسين، اھو وعدو انهن سڀني جي لاءِ آھي جيڪو اسان جي سامھون پيش ٿيڻ جو خوف رکندو ۽ (اسان جي) عذاب جي وعدي کان ڊڄندو. |
وَاستَفتَحوا وَخابَ كُلُّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 15) |
انهن پيغمبرن فتح گهري هئي (سو اسان کين فتح عطا ڪئي) ۽ ھڪ ھڪ سرڪش ۽ ضدي ماڻهو ناڪام ۽ نامراد ٿي ويو. |
مِن وَرائِهِ جَهَنَّمُ وَيُسقىٰ مِن ماءٍ صَديدٍ (آيت : 16) |
ناڪام ٿيڻ کان پوءِ هاڻي (ان لاءِ) جھنم به آھي جتي کيس پُونءِ (يعني زخمن جي گند) وارو پاڻي پياريو ويندو. |
يَتَجَرَّعُهُ وَلا يَكادُ يُسيغُهُ وَيَأتيهِ المَوتُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَما هُوَ بِمَيِّتٍ وَمِن وَرائِهِ عَذابٌ غَليظٌ (آيت : 17) |
جنهن کي هو ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندو پر نڙيءَ کان آسانيءَ سان ھيٺ نه لاھي سگهندو، کيس ھر طرف موت نظر ايندو پر مرندو به نه. وري ٻيو سخت عذاب سندس پويان ھوندو. |
مَثَلُ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم أَعمٰلُهُم كَرَمادٍ اشتَدَّت بِهِ الرّيحُ فى يَومٍ عاصِفٍ لا يَقدِرونَ مِمّا كَسَبوا عَلىٰ شَيءٍ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ البَعيدُ (آيت : 18) |
جن ماڻهن پنھنجي پالڻھار سان ڪفر ڪيو، انهن جي عملن جو مثال ان خاڪ وانگر آھي جنھن کي آنڌيءَ واري ڏينھن ھوا تيزيءَ سان اڏاري ڇڏيو. انهن جيڪو به عمل ڪيو آھي تن جو کين ڪوبه فائدو نه پھچندو، بيشڪ اِھا ھڪ وڏي گمراھي آھي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَأتِ بِخَلقٍ جَديدٍ (آيت : 19) |
ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ اللھ تعالى آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آھي، جيڪڏھن ھو چاھي ته توھان کي ھٽائي توھان جي جاءِ تي ٻي مخلوق آڻي. |
وَما ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزيزٍ (آيت : 20) |
(ٻي مخلوق آڻڻ) ان لاءِ ڪو مشڪل ڪم نه آھي. |
وَبَرَزوا لِلَّهِ جَميعًا فَقالَ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا مِن عَذابِ اللَّهِ مِن شَيءٍ قالوا لَو هَدىٰنَا اللَّهُ لَهَدَينٰكُم سَواءٌ عَلَينا أَجَزِعنا أَم صَبَرنا ما لَنا مِن مَحيصٍ (آيت : 21) |
(مٿئين قسم جا) سڀ ماڻهو جڏھن اللھ تعالى جي سامھون پيش ٿيندا ته انهن مان ڪمزور ماڻهو مغرور ماڻهن کي چوندا ته (سائين!) اسان ته توھان جي پويان ھليا ھئاسين، ڇا توھان اللھ تعالى جي عذاب مان ڪجهه ٽاري سگهو ٿا؟ ھو جواب ڏيندا ته (يار) اسان ئي جيڪڏھن اللھ تعالى جي رستي تي ھجون ھا ته توھان کي ضرور سڌو رستو ڏيکاريون ھا. ھاڻي پاڻ سڀ روڄ راڙو ڪريون يا صبر ڪريون ڳالھ مڙئي برابر آھي، (هن وقت) بچڻ جي ڪابه صورت نظر نٿي اچي. |
وَقالَ الشَّيطٰنُ لَمّا قُضِىَ الأَمرُ إِنَّ اللَّهَ وَعَدَكُم وَعدَ الحَقِّ وَوَعَدتُكُم فَأَخلَفتُكُم وَما كانَ لِىَ عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ إِلّا أَن دَعَوتُكُم فَاستَجَبتُم لى فَلا تَلومونى وَلوموا أَنفُسَكُم ما أَنا۠ بِمُصرِخِكُم وَما أَنتُم بِمُصرِخِىَّ إِنّى كَفَرتُ بِما أَشرَكتُمونِ مِن قَبلُ إِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 22) |
(قيامت جي ڏينھن) فيصلو ٿيڻ کان پوءِ شيطان چوندو ته بيشڪ اللھ تعالى توھان سان جيڪي به وعدا ڪيا ھئا سي سڀ جا سڀ سچا ھئا (جيڪي اڄ ظاھر ٿي چڪا آهن). مون اوھان سان جيڪي وعدا ڪيا ھئا تن کي توھان جي حق ۾ پورا نه ڪري سگهيس. حقيقت ھي آھي ته مون توھان تي ڪو زور به ته ڪونه ڀريو ھو سواءِ ان جي جو مان توھان کي رڳو سڏيو ھو ته توھان بغير سوچڻ سمجهڻ جي منھنجي ڳالھ مڃي ورتي، ھاڻي (بھرحال) مون تي لعنت ملامت نه ڪريو، پنھنجو پاڻ تي لعنت ملامت ڪريو، مان توھان جي ڪابه دانھن ٻڌڻ وارو نه آھيان ۽ نه ئي اوھان منھنجي دانھن ٻڌي سگهو ٿا. بيشڪ اڄ مان ان ڳالھ تان ھٿ کڻان ٿو جو توھان اڳ ۾ مون کي اللھ تعالى سان گڏ شريڪ سمجهندا ھئا. بيشڪ اھڙن ظالمن لاءِ تڪليف وارو عذاب آھي. |
وَأُدخِلَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم تَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ (آيت : 23) |
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪيو ويندو جن جي ھيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وھنديون. ھو پنھنجي پالڻھار جي اجازت سان ان ۾ ھميشه رھندا، جنت ۾ انهن کي اٿندي ويھندي (فرشتن ۽ جنتي ماڻهن طرفان) سلام پيش ڪيو ويندو. |
أَلَم تَرَ كَيفَ ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا كَلِمَةً طَيِّبَةً كَشَجَرَةٍ طَيِّبَةٍ أَصلُها ثابِتٌ وَفَرعُها فِى السَّماءِ (آيت : 24) |
(اي نبيﷺ!) ڇا توھان نه ڏٺو ته اللھ تعالى ڪلمي توحيد کي پاڪ وڻ جي مثال طور پيش ڪيو آھي. جنھن جو بنياد (۽ پاڙون) مضبوط آھن ۽ ان جون شاخون آسمان ڏانھن بلند آھن. |
تُؤتى أُكُلَها كُلَّ حينٍ بِإِذنِ رَبِّها وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 25) |
ھي وڻ پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان ھر دفعي ميوو ڏيندو رھي ٿو، اللھ تعالى ماڻهن لاءِاھڙامثال بيان ڪري ٿو ته جيئن ھو نصيحت پرائي سگهن. |
وَمَثَلُ كَلِمَةٍ خَبيثَةٍ كَشَجَرَةٍ خَبيثَةٍ اجتُثَّت مِن فَوقِ الأَرضِ ما لَها مِن قَرارٍ (آيت : 26) |
(ان جي مقابلي ۾) بري ڪلمي (يعني ڪفر، شرڪ ۽ دھريت) جو مثال ان بيڪار وڻ وانگر آھي جنھن کي آسانيءَ سان زمين تان پاڙن سميت اکيڙيو ويندو آھي (ڪمزور پاڙن جي ڪري) کيس ڪابه مضبوطي نه ھوندي آھي. |
يُثَبِّتُ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا بِالقَولِ الثّابِتِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَيُضِلُّ اللَّهُ الظّٰلِمينَ وَيَفعَلُ اللَّهُ ما يَشاءُ (آيت : 27) |
اللھ تعالى ايمان وارن کي ھن سچي ڳالھ (يعني ڪلمي توحيد جي برڪت) سان دنيا ۾ ثابت قدم رکي ٿو ۽ آخرت ۾ ھميشگي عطا ڪري ٿو ۽ ظالمن کي اللھ تعالى گمراهه ئي رکي ٿو. اللھ تعالى جو به ڪرڻ چاھي، اِھو سڀ سندس ئي اختيار آھي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ بَدَّلوا نِعمَتَ اللَّهِ كُفرًا وَأَحَلّوا قَومَهُم دارَ البَوارِ (آيت : 28) |
ڇا توهان اھڙن ماڻهن کي نه ڏٺو جن اللھ تعالى جي نعمت کي سندس ناشڪري ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ پاڻ سان گڏ قوم کي به برباد ڪري ڇڏيو. |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها وَبِئسَ القَرارُ (آيت : 29) |
اھڙا ماڻهو جھنم ۾ داخل ڪيا ويندا جيڪا تمام بري جاءِ آھي. |
وَجَعَلوا لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّعوا فَإِنَّ مَصيرَكُم إِلَى النّارِ (آيت : 30) |
اھڙن ماڻهن اللھ تعالى جا ڀيچي (۽ ساٿي) بنايا آهن ته جيئن ماڻهن کي اللھ تعالى جي رستي کان گمراهه ڪن. تون کين چؤ ته چڱو توھان (دنيا ۾)مزا ڪري وٺو. بيشڪ توھان جو موٽڻ جھنم ڏانھن ئي ٿيندو. |
قُل لِعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا يُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُنفِقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خِلٰلٌ (آيت : 31) |
(اي نبيﷺ!) ايمان آڻيندڙ ٻانھن کي چؤ ته نماز قائم ڪن ۽ جيڪو اسان کين رزق ڏنو آھي ان مان لڪائي يا ظاھر ظھور ان ڏينھن کان پھريان خرچ ڪن جڏهن مال جي ڪابه ڏيتي ليتي نه ٿي سگهندي ۽ نه ئي ڪا دوستي ڪم ايندي. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم وَسَخَّرَ لَكُمُ الفُلكَ لِتَجرِىَ فِى البَحرِ بِأَمرِهِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الأَنهٰرَ (آيت : 32) |
اللھ تعالى جي ذات اُھا آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو، ان ئي آسمان مان پاڻي نازل ڪيو، توھان جي لاءِ ان پاڻي جي ذريعي ھر قسم جي پيداوار خوراڪ طور پيدا ڪئي ۽ توھان جي لاءِ (بحري) ٻيڙن کي تابع ڪيو ته جيئن ھو سمنڊ ۾ سندس ئي حڪم سان ھلندا رھن ۽ دريائن کي به توھان جي تابع ڪيو. |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الشَّمسَ وَالقَمَرَ دائِبَينِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ (آيت : 33) |
اوھان جي لاءِ سج ۽ چنڊ کي مقرر ڪيو جو توھان جي فائدي لاءِ مسلسل ھلندا رھن ٿا ۽ توھان جي لاءِ رات ۽ ڏينھن کي (فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ) بنايو. |
وَءاتىٰكُم مِن كُلِّ ما سَأَلتُموهُ وَإِن تَعُدّوا نِعمَتَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ الإِنسٰنَ لَظَلومٌ كَفّارٌ (آيت : 34) |
(ان کان علاوهه) توھان جيڪا شيءِ ان کان گهري سا ھُن عطا ڪئي ۽ جيڪڏھن توھان اللھ تعالى جي نعمتن کي ڳڻڻ چاھيو ته نٿا ڳڻي سگهو. بيشڪ انسان (گهڻو ڪري) ناانصافي ڪندڙ ۽ ناشڪر گذاري ڪندڙ آھي. |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ رَبِّ اجعَل هٰذَا البَلَدَ ءامِنًا وَاجنُبنى وَبَنِىَّ أَن نَعبُدَ الأَصنامَ (آيت : 35) |
(مڪي وارن کي ياد ڏيار) جڏھن ابراھيم ($) دعا گهري هئي ته: اي منھنجا پالڻھار! ھن شھر (يعني مڪي پاڪ) کي امن وارو شھر بناءِ، ۽ مون کي ۽ منھنجي اولاد کي بتن جي پوڄا کان بچاءِ. |
رَبِّ إِنَّهُنَّ أَضلَلنَ كَثيرًا مِنَ النّاسِ فَمَن تَبِعَنى فَإِنَّهُ مِنّى وَمَن عَصانى فَإِنَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 36) |
اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ انهن (بتن) گهڻن ئي ماڻهن کي گمراهه ڪري ڇڏيو آھي جيڪو منھنجو پوئلڳ ٿيندو بيشڪ اھوئي منھنجو آھي ۽ جنھن منھنجي نافرماني ڪئي (ان جو معاملو تنھنجي حوالي آھي) بيشڪ تون ئي وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھين. |
رَبَّنا إِنّى أَسكَنتُ مِن ذُرِّيَّتى بِوادٍ غَيرِ ذى زَرعٍ عِندَ بَيتِكَ المُحَرَّمِ رَبَّنا لِيُقيمُوا الصَّلوٰةَ فَاجعَل أَفـِٔدَةً مِنَ النّاسِ تَهوى إِلَيهِم وَارزُقهُم مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَشكُرونَ (آيت : 37) |
اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ مان پنھنجي اولاد کي هن ويران ۽ غير آباد واديءَ ۾ تنھنجي عزت واري گهر جي ڀرسان آڻي رھايو آھي ته اي اسان جا پالڻھار! جيئن ھو نماز قائم ڪن ۽ تون ماڻهن جي دلين ۾ (منھنجي) ان اولاد لاءِ محبت پيدا فرماءِ ۽ کين ميون جي صورت ۾ رزق عطا فرماءِ ته جيئن ھو (تنھنجا) شڪر گذار ٻانها ٿي رھن. |
رَبَّنا إِنَّكَ تَعلَمُ ما نُخفى وَما نُعلِنُ وَما يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِن شَيءٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 38) |
اي اسان جا پالڻھار! تون اسان جي سڀني ظاھري ۽ لڪيل شين کي ڄاڻي ٿو ۽ زمين ۽ آسمان ۾ ڪابه شيءِ اللھ تعالى کان لڪيل نه آھي. |
الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى وَهَبَ لى عَلَى الكِبَرِ إِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبّى لَسَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 39) |
شڪر آھي ان اللھ تعالى جو جنھن مون کي پوڙھائپ ۾ اسماعيل ۽ اسحاق (ؐ) عطا ڪيا. بيشڪ منھنجو پالڻھار ضرور دعا ٻڌندڙ آھي. |
رَبِّ اجعَلنى مُقيمَ الصَّلوٰةِ وَمِن ذُرِّيَّتى رَبَّنا وَتَقَبَّل دُعاءِ (آيت : 40) |
اي منھنجا پالڻھار! مون کي ۽ منھنجي اولاد کي نماز قائم ڪندڙ بناءِ، اي اسان جا پالڻھار! منھنجي دعا کي قبول فرماءِ. |
رَبَّنَا اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِلمُؤمِنينَ يَومَ يَقومُ الحِسابُ (آيت : 41) |
اي اسان جا پالڻھار! قيامت واري ڏينھن مون کي، منھنجي ماءُ پيءُ ۽ سڀني ايمان آڻيندڙن کي معاف فرمائجانءِ. |
وَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ غٰفِلًا عَمّا يَعمَلُ الظّٰلِمونَ إِنَّما يُؤَخِّرُهُم لِيَومٍ تَشخَصُ فيهِ الأَبصٰرُ (آيت : 42) |
(اي نبيﷺ!) ظالمن جي ڪمن ڪارين کان توهان اللھ تعالى کي بي خبر نه سمجهو، هو ته کين ان ڏينھن تائين ڍر ڏئي ٿو جنھن ڏينھن سندن اکيون ڦوٽارجي وينديون. |
مُهطِعينَ مُقنِعى رُءوسِهِم لا يَرتَدُّ إِلَيهِم طَرفُهُم وَأَفـِٔدَتُهُم هَواءٌ (آيت : 43) |
ھو منھن مٿي ڪري اُڀا ڀڄندا ويندا. پاڻ ڏي ته نظر ڪري ئي نه سگهندا ، سندن دليون ڏڪنديون. |
وَأَنذِرِ النّاسَ يَومَ يَأتيهِمُ العَذابُ فَيَقولُ الَّذينَ ظَلَموا رَبَّنا أَخِّرنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ نُجِب دَعوَتَكَ وَنَتَّبِعِ الرُّسُلَ أَوَلَم تَكونوا أَقسَمتُم مِن قَبلُ ما لَكُم مِن زَوالٍ (آيت : 44) |
توهان ماڻهن کي ان ڏينھن کان ڊيڄاريو جنھن ڏينھن کين عذاب گهيري ۾ وٺندو. پوءِ ظالم ماڻهو چوندا ته اي اسان جا پالڻھار! اسان کي ڪجهه وقت لاءِ مھلت ڏي ته ھاڻي اسان تنھنجي ھر حڪم کي مڃينداسين ۽ تنھنجي موڪليل رسولن جي پيروي ڪنداسين (کين جواب ڏنو ويندو ته) ڇا توھان ھن کان اڳ قسم نه کڻندا ھئا ته توھان تي ڪڏھن به تباھي نه ايندي؟ |
وَسَكَنتُم فى مَسٰكِنِ الَّذينَ ظَلَموا أَنفُسَهُم وَتَبَيَّنَ لَكُم كَيفَ فَعَلنا بِهِم وَضَرَبنا لَكُمُ الأَمثالَ (آيت : 45) |
توھان انهن شھرن ۾ به رھي چڪا آھيو جن جي رهاڪن پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ھو ۽ اوھان کي خبر به ھئي ته اسان انهن سان ڪھڙو حشر ڪيو ھو؟ اسان توھان کي بار بار انهن جا مثال به ڏيندا ھئاسين. |
وَقَد مَكَروا مَكرَهُم وَعِندَ اللَّهِ مَكرُهُم وَإِن كانَ مَكرُهُم لِتَزولَ مِنهُ الجِبالُ (آيت : 46) |
انهن پنھنجا وڏا وڏا منصوبا ٺاھيا هئا ۽ اللھ تعالى وٽ به انهن جي منصوبن کي ناڪام ڪرڻ جو انتظام ھو ۽ انهن جا منصوبا اھڙا ته مؤثر ھئا جنهن سان جبل به پنھنجي جاءِ تان هٽي وڃن ھا. |
فَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ مُخلِفَ وَعدِهِ رُسُلَهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 47) |
(اي نبيﷺ!) تون ھرگز ايئن نه سمجهه ته ڪو اللھ تعالى رسولن سان ڪيل وعدي کان ڦري ويندو. بيشڪ اللھ تعالى زبردست انتقام وٺندڙ آھي. |
يَومَ تُبَدَّلُ الأَرضُ غَيرَ الأَرضِ وَالسَّمٰوٰتُ وَبَرَزوا لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 48) |
قيامت واري ڏينھن ھن زمين ۽ آسمانن جي نظام کي بلڪل نئين نظام ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ سڀ ماڻهو اڪيلي اللھ جي سامھون حاضر ڪيا ويندا جيڪو زبردست آھي. |
وَتَرَى المُجرِمينَ يَومَئِذٍ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 49) |
تون ان ڏينھن ڏوھارين کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏسندين. |
سَرابيلُهُم مِن قَطِرانٍ وَتَغشىٰ وُجوهَهُمُ النّارُ (آيت : 50) |
کين گندرف ۽ ڏامر جو لباس پارايو ويندو ۽ سندن چھرن تي (ڏامر جي ڪري) باهه چنبڙيل ھوندي. |
لِيَجزِىَ اللَّهُ كُلَّ نَفسٍ ما كَسَبَت إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 51) |
(اهو سڀ ان ڪري ھوندو) ته جيئن اللھ تعالى ھر ڪنھن کي سندن اعمال جو بدلو ڏي. بيشڪ اللھ تعالى جلد حساب وٺندو آھي. |
هٰذا بَلٰغٌ لِلنّاسِ وَلِيُنذَروا بِهِ وَلِيَعلَموا أَنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَلِيَذَّكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 52) |
ھي سڀني انسانن جي لاءِ ھڪ اطلاع آھي ته جيئن ان جي ذريعي کين ڊيڄاريو وڃي ۽ ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته بيشڪ ھڪ اللھ کان سواءِ ٻيو ڪير به معبود نه آھي ته جيئن عقل مند ماڻهو ان اطلاع مان نصيحت حاصل ڪن. |