الر كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ لِتُخرِجَ النّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِ رَبِّهِم إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 1) |
ا-ل-ر، (اي نبي!) هي هڪ ڪتاب آهي جيڪو نازل ڪيو اسان توتي، جيئن تون ماڻهن کي اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻين سندن رب جي حڪم سان (ان خدا) جي راهه تي جيڪو زبردست ۽ ذات ۾ ساراهيل آهي |
اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَوَيلٌ لِلكٰفِرينَ مِن عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 2) |
اهو الله ئي آهي جيڪو آسمانن سان گڏ سڀ موجودات جو مالڪ آهي جيڪي زمين ۾ آهن ۽ حق جي منڪرن جي لاءِ سخت سزا آهي تباهه ڪندڙ |
الَّذينَ يَستَحِبّونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 3) |
اهي ماڻهو جيڪي ترجيح ڏين ٿا دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي زندگيءَ تي، ۽ جيڪي روڪين ٿا ماڻهن کي الله جي راهه کان ۽ چاهين ٿا ته هي رستو (سندن خواهشن مطابق) ڏنگو رهي، اهي ماڻهو گمراهيءَ ۾ گهڻو پري نڪري ويل آهن |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا بِلِسانِ قَومِهِ لِيُبَيِّنَ لَهُم فَيُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 4) |
۽ اسان جڏهن به موڪليو آهي پنهنجي رسول کي پنهنجي پيغام پهچائڻ لاءِ، ان پنهنجي قوم جي ٻوليءَ ۾ کين پيغام ڏنو جيئن کين کولي ڳالهه سمجهائي، پوءِ الله جنهن کي گهري گمراهه ڪندو آهي ۽ هدايت ڏيندو آهي جنهن کي اُهو چاهي، ۽ اهو ئي زبردست آهي حڪمت وارو |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا أَن أَخرِج قَومَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَذَكِّرهُم بِأَيّىٰمِ اللَّهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 5) |
۽ اسان هن کان اڳ موڪليو موسيٰ کي پنهنجين نشانين سان، ان کي به اسان حڪم ڏنو هو ته پنهنجي قوم کي انڌيرن مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي ۽ کين واقعا ٻڌائي الله جي تاريخ جا سبق سيکاريندڙ، بيشڪ انهن واقعن ۾ (نصيحت) جون نشانيون آهن صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارن لاءِ |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ أَنجىٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ وَيُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 6) |
۽ جڏهن چيو موسيٰ پنهنجي قوم کي، ياد ڪريو ان نعمت کي جيڪا الله توهان تي ڪئي، ان نجات ڏني توهان کي فرعون وارن کان، جيڪي توهان کي سخت تڪليفون ڏيندا هئا ۽ قتل ڪندا هئا توهان جي ڇوڪرن کي ۽ جيئرو رکندا هئا توهان جي عورتن کي، ۽ ان ۾ توهان جي لاءِ وڏي آزمائش هئي توهان جي رب جي طرفان |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكُم لَئِن شَكَرتُم لَأَزيدَنَّكُم وَلَئِن كَفَرتُم إِنَّ عَذابى لَشَديدٌ (آيت : 7) |
۽ توهان جي رب توهان کي خبردار ڪيو ته جي شڪرگذار ٿيندؤ ته وڌيڪ نوازيندس ۽ جي ناشڪري ڪندؤ منهنجي نعمت جي ته منهنجي سزا به ڏاڍي سخت آهي |
وَقالَ موسىٰ إِن تَكفُروا أَنتُم وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا فَإِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 8) |
۽ چيو موسيٰ (قوم کي) جيڪڏهن سڀ رهاڪو توهان مان ڪافر ٿي وڃن زمين ۾ گڏجي، ته به الله (سڀ کان) بي نياز آهي ۽ پنهنجي ذات ۾ پاڻ ساراهيل آهي |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ مِن قَبلِكُم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم لا يَعلَمُهُم إِلَّا اللَّهُ جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرَدّوا أَيدِيَهُم فى أَفوٰهِهِم وَقالوا إِنّا كَفَرنا بِما أُرسِلتُم بِهِ وَإِنّا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونَنا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 9) |
ڇا توهان کي خبرون نه پهتيون آهن انهن (قومن) جون جيڪي توهان کان اڳي ٿي گذريون آهن: قوم نوح ۽ عاد ۽ ثمود، ۽ انهن کان پوءِ اچڻ واريون ڪيتريون ئي قومون جن جو ڳاڻيٽو معلوم آهي الله کي، جڏهن انهن وٽ آيا انهن جا رسول چٽين نشانين سان ته انهن پنهنجا هٿ پنهنجن واتن ۾ ڏنا ۽ چيائون ته، اسين انڪار ٿا ڪريون جنهن پيغام سان گڏ توهان موڪليا ويا آهيو، اهو اسان لاءِ سخت منجهائيندڙ آهي، شڪ ۾ پيل آهيون |
قالَت رُسُلُهُم أَفِى اللَّهِ شَكٌّ فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَدعوكُم لِيَغفِرَ لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّرَكُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى قالوا إِن أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا تُريدونَ أَن تَصُدّونا عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتونا بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 10) |
انهن جي رسولن کين چيو، ڇا الله جي باري ۾ توهان کي شڪ آهي جيڪو خالق آهي آسمانن ۽ زمين جو؟ اهو ئي سڏي پيو توهان کي جيئن معاف ڪري توهان جا گناهه ۽ ڏئي توهان کي مقرر مدت تائين. انهن جواب ڏنو، توهان ڪجهه به نه آهيو بس اهڙا ئي انسان جهڙا اسين، توهان اسان کي روڪڻ گهرو ٿا انهن هستين جي عبادت کان جن جي عبادت اسان جي ابن ڏاڏن ٿئي پئي، چڱو! آڻيو ڪا پڌري سَندَ |
قالَت لَهُم رُسُلُهُم إِن نَحنُ إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَمُنُّ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَما كانَ لَنا أَن نَأتِيَكُم بِسُلطٰنٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
چيو انهن کي سندن رسولن، واقعي اسان ڪجهه نه آهيون بس توهان جهڙا ئي انسان آهيون، ۽ (حقيقت هيءَ آهي ته) الله جنهن کي چاهي نوازيندو آهي پنهنجي ٻانهن مان، ۽ هي اسان جي وس ۾ ناهي جو توهان کي ڪا سَنَد آڻي ڏيون، سَنَد ته الله جي حڪم سان ئي ملندي، ۽ الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي مؤمنن کي |
وَما لَنا أَلّا نَتَوَكَّلَ عَلَى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنا سُبُلَنا وَلَنَصبِرَنَّ عَلىٰ ما ءاذَيتُمونا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 12) |
۽ ڇو نه اسان به ڀروسو ڪريون الله تي، جڏهن ته هن رهنمائي ڪئي اسان جي زندگيءَ جي راهن ۾! ۽ اسان ته صبر ڪندا رهنداسين جيڪي تڪليفون توهان اسان کي ڏئي رهيا آهيو، ۽ الله تي ئي ڀروسو ڪندڙن کي ڀروسو هئڻ گهرجي |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِرُسُلِهِم لَنُخرِجَنَّكُم مِن أَرضِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا فَأَوحىٰ إِلَيهِم رَبُّهُم لَنُهلِكَنَّ الظّٰلِمينَ (آيت : 13) |
۽ آخرڪار چئي ڏنو منڪرن پنهنجن رسولن کي، يا ته ڪڍنداسين اسان توهان کي پنهنجي ملڪ مان يا وري موٽڻو پوندو توهان کي اسان جي دين ۾، تڏهن وحي موڪليو انهن ڏي سندن رب ته اسان هلاڪ ڪنداسين اهڙن ظالمن کي |
وَلَنُسكِنَنَّكُمُ الأَرضَ مِن بَعدِهِم ذٰلِكَ لِمَن خافَ مَقامى وَخافَ وَعيدِ (آيت : 14) |
۽ پوءِ آباد ڪنداسين زمين تي توهان کي انهن کان پوءِ، اهو انعام آهي انهن جو جيڪي مون وٽ اچڻ کان ڊڄن ٿا ۽ منهنجي دڙڪي کان خوف کائن ٿا |
وَاستَفتَحوا وَخابَ كُلُّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 15) |
۽ انهن فيصلو گهريو (سو ائين ئي ٿيو) ۽ هر هٺيلي حق جي دشمن هار کاڌي |
مِن وَرائِهِ جَهَنَّمُ وَيُسقىٰ مِن ماءٍ صَديدٍ (آيت : 16) |
وري ان بعد اڳتي ان لاءِ دوزخ آهي اتي کيس پيئڻ لاءِ پاڻي ڏنو ويندو پونءِ جو |
يَتَجَرَّعُهُ وَلا يَكادُ يُسيغُهُ وَيَأتيهِ المَوتُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَما هُوَ بِمَيِّتٍ وَمِن وَرائِهِ عَذابٌ غَليظٌ (آيت : 17) |
جنهن کي هو زبردستي نڙيءَ مان ڳهڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ڏکيائيءَ سان لاهي سگهندو ۽ موت ڇانيل هوندو مٿس هر طرف کان، پر هو مري ڪونه سگهندو ۽ اڳتي لاڳو رهندو سندس جان سان سخت عذاب ذلت وارو |
مَثَلُ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم أَعمٰلُهُم كَرَمادٍ اشتَدَّت بِهِ الرّيحُ فى يَومٍ عاصِفٍ لا يَقدِرونَ مِمّا كَسَبوا عَلىٰ شَيءٍ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ البَعيدُ (آيت : 18) |
مثال آهي انهن ماڻهن جي ڪفر جو پنهنجي رب سان سندن عمل هڪ رک وانگر آهي جنهن کي طوفاني ڏينهن واري جهڪ اڏاري ڇڏيو هجي، اهي ڪو نتيجو حاصل ڪري نه سگهندا پنهنجي عملن جو ڪنهن شيءِ تي، اها ئي آهي وڏي گمراهي پري جي |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَأتِ بِخَلقٍ جَديدٍ (آيت : 19) |
ڇا تون ڏسين نٿو ته الله جوڙجڪ آسمانن ۽ زمين جي حق سان قائم ڪئي آهي، جي اهو گهري ته توهان کي کڻي وٺي ۽ هڪ نئين مخلوق توهان جي جاءِ تي آڻي |
وَما ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزيزٍ (آيت : 20) |
۽ ائين ڪرڻ الله جي لاءِ ڪجهه به مشڪل نه آهي |
وَبَرَزوا لِلَّهِ جَميعًا فَقالَ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا مِن عَذابِ اللَّهِ مِن شَيءٍ قالوا لَو هَدىٰنَا اللَّهُ لَهَدَينٰكُم سَواءٌ عَلَينا أَجَزِعنا أَم صَبَرنا ما لَنا مِن مَحيصٍ (آيت : 21) |
۽ جڏهن سڀ ماڻهو الله جي آڏو گڏ ظاهر ٿيندا ته ان وقت جيڪي دنيا ۾ هيڻا هئا چوندا انهن ماڻهن کي جيڪي وڏا بڻيل هئا، دنيا ۾ اسان توهان جا تابعدار هئاسين، ڇا هاڻي توهان بچائڻ لاءِ اسان کي الله جي عذاب کان ڪجهه ڪري سگهو ٿا؟ اهي جواب ڏيندا، جي هدايت ڪا ملي هجي ها الله جي طرفان ته اسان ضرور توهان کي به ڏيکاريون ها، هاڻي اسين برابر آهيون، روڄ راڙو ڪريون يا صبر ڪريون، بهرحال اسان جي بچڻ جي ڪا صورت ئي ناهي |
وَقالَ الشَّيطٰنُ لَمّا قُضِىَ الأَمرُ إِنَّ اللَّهَ وَعَدَكُم وَعدَ الحَقِّ وَوَعَدتُكُم فَأَخلَفتُكُم وَما كانَ لِىَ عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ إِلّا أَن دَعَوتُكُم فَاستَجَبتُم لى فَلا تَلومونى وَلوموا أَنفُسَكُم ما أَنا۠ بِمُصرِخِكُم وَما أَنتُم بِمُصرِخِىَّ إِنّى كَفَرتُ بِما أَشرَكتُمونِ مِن قَبلُ إِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 22) |
۽ چوندو (کين) شيطان جڏهن فيصلو ڪيو ويندو ته، حقيقت هيءَ آهي ته الله جا توهان سان جيڪي وعدا هئا سي سڀ سچا هئا ۽ مون جيڪي وعدا توهان سان ڪيا تن مان ڪوبه پورو نه ڪيو، ۽ منهنجو توهان تي ڪو زور به ته نه هو، مون ان کان سواءِ ڪجهه به نه ڪيو جو توهان کي سڏيم پنهنجي رستي ڏانهن ۽ توهان به هليا آيا، هاڻي مون کي ملامت نه ڪريو ۽ پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪريو، هتي آئون توهان جي مدد ڪري نٿو سگهان ۽ نه توهان منهنجي ڪا مدد ڪري سگهندؤ، بيشڪ توهان ڀائيوار ڪيو خدائيءَ ۾ مون کي هن کان پهرين، (ان جي مون تي ذميواري ناهي) اهڙن ظالمن لاءِ آهي دردناڪ عذاب يقيني |
وَأُدخِلَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم تَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ (آيت : 23) |
۽ ان جي برخلاف جن ماڻهن دنيا ۾ ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا، سي اهڙن باغن ۾ رهندا جن جي هيٺان وهنديون هونديون نهرون، اهي اتي هميشھ رهندا پنهنجي رب جي حڪم سان، ۽ اتي انهن جي آجيان مبارڪن سان ٿيندي |
أَلَم تَرَ كَيفَ ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا كَلِمَةً طَيِّبَةً كَشَجَرَةٍ طَيِّبَةٍ أَصلُها ثابِتٌ وَفَرعُها فِى السَّماءِ (آيت : 24) |
ڇا تون ڏسين نٿو ته الله تعاليٰ ڪلمي پاڪ جو مثال ڪهڙي شيءِ سان ڏنو آهي؟ اهو هڪ سٺي وڻ جي نسل وانگر آهي جنهن جي پاڙ اونهي کتل آهي (زمين ۾) ۽ ٽاريون آسمان تائين |
تُؤتى أُكُلَها كُلَّ حينٍ بِإِذنِ رَبِّها وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 25) |
اهو هر وقت پنهنجا ميوا ڏئي رهيو آهي پنهنجي رب جي حڪم سان، ۽ اهڙا مثال الله ان لاءِ ڏيندو آهي جيئن ماڻهو ان مان سبق وٺن |
وَمَثَلُ كَلِمَةٍ خَبيثَةٍ كَشَجَرَةٍ خَبيثَةٍ اجتُثَّت مِن فَوقِ الأَرضِ ما لَها مِن قَرارٍ (آيت : 26) |
۽ بڇڙو مثال هڪ اهڙي ڪِني وڻ جي نسل وانگر آهي جنهن کي پٽي اڇليو وڃي ٿو زمين جي مٿاڇري تان، ان کي ته ڪو ٽِڪاءُ ڪونهي |
يُثَبِّتُ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا بِالقَولِ الثّابِتِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَيُضِلُّ اللَّهُ الظّٰلِمينَ وَيَفعَلُ اللَّهُ ما يَشاءُ (آيت : 27) |
ثابت ڪري ٿو الله ايمان آڻڻ وارن ماڻهن کي هڪ ثابت قول جي بنياد تي سلامتي عطا ڪندي دنيا توڙي آخرت (ٻنهي ۾) ۽ ڀٽڪائيندو آهي الله ظالمن کي، ۽ اختيار آهي الله کي جيڪي وڻيس سو ڪري |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ بَدَّلوا نِعمَتَ اللَّهِ كُفرًا وَأَحَلّوا قَومَهُم دارَ البَوارِ (آيت : 28) |
(اي نبي!) تو ڏٺو انهن ماڻهن کي جن بدلايو الله جي مليل نعمت کي ناشڪري سان (پاڻ سان گڏ) پنهنجي قوم کي تباهي جي گهر ۾ ڦٽو ڪيو |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها وَبِئسَ القَرارُ (آيت : 29) |
(يعني) دوزخ، جنهن ۾ اهي لهسايا ويندا ۽ جيڪو (بنهه) بڇڙو ٺڪاڻو آهي |
وَجَعَلوا لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّعوا فَإِنَّ مَصيرَكُم إِلَى النّارِ (آيت : 30) |
۽ مقرر ڪيا الله جا شريڪ ته اهي کين ڀٽڪائين الله جي راهه کان، کين چئو، چڱو مزا ماڻي وٺو، آخرڪار توهان کي موٽي وڃڻو ته جهنم ڏي ئي آهي |
قُل لِعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا يُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُنفِقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خِلٰلٌ (آيت : 31) |
(اي نبي!) چؤ منهنجي انهن ٻانهن کي جن ايمان آندو آهي، ته قائم ڪن نماز ۽ جيڪو ڪجهه اسان انهن کي ڏنو آهي، ان مان خرچ ڪن لڪل ۽ ظاهري طور (خير جي راهه ۾) ان کان اڳي جو اهو ڏينهن اچي جنهن ۾ نه ٿيندو ڪوبه وڻج واپار ۽ نه ٿيندي ڪا به دوست نوازي |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم وَسَخَّرَ لَكُمُ الفُلكَ لِتَجرِىَ فِى البَحرِ بِأَمرِهِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الأَنهٰرَ (آيت : 32) |
الله اهو ئي ته آهي جنهن خلقيو آسمانن ۽ زمين کي ۽ وسايو آسمان مان پاڻي، ان جي وسيلي قسمين قسمين ميوا اُپايا رزق رسائڻ لاءِ توهان کي، ۽ قابو ۾ آندو توهان لاءِ ٻيڙيءَ کي جيئن هلي سمنڊ ۾ سندس حڪم سان، ۽ قبضي ۾ رکيو توهان جي لاءِ دريائن کي |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الشَّمسَ وَالقَمَرَ دائِبَينِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ (آيت : 33) |
۽ قبضي ۾ رکيا توهان جي لاءِ سج ۽ چنڊ ته برابر هلندا رهن، ۽ قبضي ۾ رکيو توهان جي لاءِ ڏينهن ۽ رات کي |
وَءاتىٰكُم مِن كُلِّ ما سَأَلتُموهُ وَإِن تَعُدّوا نِعمَتَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ الإِنسٰنَ لَظَلومٌ كَفّارٌ (آيت : 34) |
۽ اهو سڀڪجهه توهان کي عطا ڪيو جيڪي توهان ان کان گهريو، ۽ جي شمار ڪرڻ گهرو نعمتون الله جون ته اهو ڪم ڪري نه سگهو، بيشڪ انسان وڏو بي انصاف ناشڪرو آهي |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ رَبِّ اجعَل هٰذَا البَلَدَ ءامِنًا وَاجنُبنى وَبَنِىَّ أَن نَعبُدَ الأَصنامَ (آيت : 35) |
۽ ياد ڪر اهو وقت جڏهن دعا ڪئي ابراهيم پنهنجي رب کان ته، اي منهنجا پالڻهار! هن شهر کي امن وارو بناءِ ۽ بچاءِ مون کي ۽ منهنجي اولاد کي بت پرستيءَ کان |
رَبِّ إِنَّهُنَّ أَضلَلنَ كَثيرًا مِنَ النّاسِ فَمَن تَبِعَنى فَإِنَّهُ مِنّى وَمَن عَصانى فَإِنَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 36) |
منهنجا پالڻهار! انهن بتن ته ڪيترن کي گمراهيءَ ۾ وڌي آهي ماڻهن کي، (متان منهنجو اولاد به گمراه ٿئي، ان ڪري) جيڪو منهنجي طريقي تي هلي سو منهنجو آهي جيڪو نه هلي سو منهنجو ناهي، بيشڪ تون بخشڻهار آهين |
رَبَّنا إِنّى أَسكَنتُ مِن ذُرِّيَّتى بِوادٍ غَيرِ ذى زَرعٍ عِندَ بَيتِكَ المُحَرَّمِ رَبَّنا لِيُقيمُوا الصَّلوٰةَ فَاجعَل أَفـِٔدَةً مِنَ النّاسِ تَهوى إِلَيهِم وَارزُقهُم مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَشكُرونَ (آيت : 37) |
اسان جا پالڻهار! مون هڪ برپٽ (بنا گاهه پاڻي واري بيابان) ۾ پنهنجي اولاد مان ڪن کي تنهنجي عزت واري گهر وٽ اچي آباد ڪيو آهي، منهنجا پالڻهار! اهو ان لاءِ ڪيو ته اهي ماڻهو هتي اچي نماز قائم ڪن، ان ڪري انهن ماڻهن جون دليون انهن ڏي ڦيراءِ، کين کائڻ جي لاءِ ميوا عطا ڪر ته من اهي تنهنجا شڪرگذار بنجن |
رَبَّنا إِنَّكَ تَعلَمُ ما نُخفى وَما نُعلِنُ وَما يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِن شَيءٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 38) |
منهنجا پالڻهار! بيشڪ تون ڄاڻين ٿو جيڪي ڪجهه لڪايون ٿا اسين يا ظاهر ڪريون ٿا ۽ حقيقت هيءَ آهي ته الله کان ڪابه شيءِ لڪل نه آهي زمين ۾ ۽ نه وري آسمانن ۾ |
الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى وَهَبَ لى عَلَى الكِبَرِ إِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبّى لَسَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 39) |
شڪر آهي ان الله جو، جنهن هن پوڙهائپ ۾ مون کي پٽ عطا ڪيا آهن اسماعيل ۽ اسحاق، حقيقت هيءَ آهي ته منهنجو رب ضرور دعا ٻڌندو آهي |
رَبِّ اجعَلنى مُقيمَ الصَّلوٰةِ وَمِن ذُرِّيَّتى رَبَّنا وَتَقَبَّل دُعاءِ (آيت : 40) |
اي منهنجا رب! مون کي بناءِ نماز قائم ڪندڙ ۽ منهنجي اولاد مان به (اهي ماڻهو اٿار جيڪي ائين ڪن) پالڻهار! منهنجي دعا قبول فرماءِ |
رَبَّنَا اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِلمُؤمِنينَ يَومَ يَقومُ الحِسابُ (آيت : 41) |
پروردگار! معاف ڪجانءِ مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ سڀني ايمان وارن کي ان ڏينهن جڏهن حساب قائم ڪيو ويندو |
وَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ غٰفِلًا عَمّا يَعمَلُ الظّٰلِمونَ إِنَّما يُؤَخِّرُهُم لِيَومٍ تَشخَصُ فيهِ الأَبصٰرُ (آيت : 42) |
۽ تون ائين نه ڀانءِ ته الله انهن ماڻهن کان غافل آهي جيڪي هي ظالم ڪري رهيا آهن، بيشڪ اهو (الله) ته کين ٽاري رهيو آهي ان ڏينهن لاءِ، جڏهن سندن هي حال هوندو ته اکيون ڦوٽارجي ويل آهن |
مُهطِعينَ مُقنِعى رُءوسِهِم لا يَرتَدُّ إِلَيهِم طَرفُهُم وَأَفـِٔدَتُهُم هَواءٌ (آيت : 43) |
پنهنجا مٿا مٿي کڻي ڊوڙندا وتندا نظرون مٿي کتل آهن ۽ سندن دليون پيون هٿن مان وينديون |
وَأَنذِرِ النّاسَ يَومَ يَأتيهِمُ العَذابُ فَيَقولُ الَّذينَ ظَلَموا رَبَّنا أَخِّرنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ نُجِب دَعوَتَكَ وَنَتَّبِعِ الرُّسُلَ أَوَلَم تَكونوا أَقسَمتُم مِن قَبلُ ما لَكُم مِن زَوالٍ (آيت : 44) |
۽ (اي نبي!) ڊيڄار ماڻهن کي ان ڏينهن کان جڏهن ورائيندن اچي عذاب، ان وقت چوندا اهي ظالم ته، اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ٿورڙي مهلت ڏي، اسان تنهنجي دعوت قبول ڪنداسين ۽ تابعداري ڪنداسين رسولن جي (کين صاف جواب ڏنو ويندو) ڇا توهان اهي ماڻهو نه آهيو جن اڳي قسم کڻي چيو هو ته اسان کي زوال اچڻو ئي ناهي؟ |
وَسَكَنتُم فى مَسٰكِنِ الَّذينَ ظَلَموا أَنفُسَهُم وَتَبَيَّنَ لَكُم كَيفَ فَعَلنا بِهِم وَضَرَبنا لَكُمُ الأَمثالَ (آيت : 45) |
۽ رهي چڪا آهيو توهان انهن قومن جي جاين ۾ جن پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو هو ۽ ڏسي چڪا هئا ته اسان ڪهڙو ظلم ڪيو ساڻن ۽ توهان کي به سمجهائي چڪا هئاسين انهن جا مثال ڏئي |
وَقَد مَكَروا مَكرَهُم وَعِندَ اللَّهِ مَكرُهُم وَإِن كانَ مَكرُهُم لِتَزولَ مِنهُ الجِبالُ (آيت : 46) |
۽ انهن پنهنجا سڀ مڪر ۽ فريب ڪيا پر سندن ٽوڙ الله وٽ مڪر جو هو، جڏهن ته سندن تدبيرون اهڙيون غضب جون هيون جو انهن سان جبل به هٽي وڃن |
فَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ مُخلِفَ وَعدِهِ رُسُلَهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 47) |
پوءِ (اي نبي!) هرگز گمان نه ڪر ته الله پنهنجا ڪيل وعدا رسولن سان ٽوڙيندو، بيشڪ الله غالب آهي ۽ بدلو وٺڻ وارو آهي |
يَومَ تُبَدَّلُ الأَرضُ غَيرَ الأَرضِ وَالسَّمٰوٰتُ وَبَرَزوا لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 48) |
ان ڏينهن کان ڊيڄار انهن کي جڏهن زمين ۽ آسمان بدلائي ڇا مان ڇا ڪيا ويندا ۽ اهي سڀ الله واحد زبردست آڏو حاضر ٿي ويندا |
وَتَرَى المُجرِمينَ يَومَئِذٍ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 49) |
۽ تون ڏسندين ڏوهارين کي ان ڏينهن ته زنجيرن ۾ هٿ پير ٻڌل هوندن |
سَرابيلُهُم مِن قَطِرانٍ وَتَغشىٰ وُجوهَهُمُ النّارُ (آيت : 50) |
ڏامر جا ڪپڙا پاتل هوندن ۽ ڇانيل هوندن سندن منهن تي باهه جا اُلا |
لِيَجزِىَ اللَّهُ كُلَّ نَفسٍ ما كَسَبَت إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 51) |
اهو ان لاءِ ته الله هر ڪنهن جيوَ کي سندس ڪمائيءَ جو بدلو ڏئي ٿو، بيشڪ الله کي حساب وٺڻ ۾ دير نٿي لڳي |
هٰذا بَلٰغٌ لِلنّاسِ وَلِيُنذَروا بِهِ وَلِيَعلَموا أَنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَلِيَذَّكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 52) |
اهو هڪ پيغام آهي سڀني انسانن جي لاءِ موڪليل ان لاءِ ته کين خبردار ڪيو وڃي ۽ اهي ڄاڻي وٺن ته حقيقت ۾ خدا بس هڪ ئي آهي ۽ جيڪي عقل رکن ٿا سي هوش ۾ اچن |