المر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَالَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ الحَقُّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 1) |
ﺏ (الف ــ لام ــ ميم ــ را) هي (الله جي) ڪتاب جون آيتون آهن ۽ جيڪي ڪجهه تنهنجي رب وٽان توتي نازل ڪيو ويو آهي، سو بلڪل حق سچ آهي، پر (تنهنجي قوم جا) گهڻا ماڻهو نٿا مڃين |
اللَّهُ الَّذى رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى يُدَبِّرُ الأَمرَ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم بِلِقاءِ رَبِّكُم توقِنونَ (آيت : 2) |
اهو الله ئي آهي، جنهن آسمانن کي اهڙن ٿنڀن کان سواءِ بيهاريو آهي، جيڪي توهان کي ڏسڻ ۾ اچن. پوءِ عرش تي قائم ٿيو ۽ سج ۽ چنڊ کي هڪ قانون ۾ جڪڙيائين، هرهڪ شيءِ هڪڙي مقرر ڪيل وقت تائين هلندي رهي ٿي ۽ الله ئي انهيءَ ساري معاملي کي هلائي ٿو. هو نشانيون کولي کولي بيان ڪري ٿو ته مــَـن توهان پنهنجي رب جي ملاقات تي يقين ڪريو |
وَهُوَ الَّذى مَدَّ الأَرضَ وَجَعَلَ فيها رَوٰسِىَ وَأَنهٰرًا وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فيها زَوجَينِ اثنَينِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 3) |
۽ اهوئي آهي، جنهن هيءَ ڌرتي وڇائي ڇڏي آهي، منجهس جبلن کي کوڙيو اٿائين ۽ درياءَ وهائي ڇڏيا اٿائين. انهيءَ ئي هر قسم جي ميون جا جوڙا پيدا ڪيا آهن ۽ اهوئي ڏينهن کي رات سان ڍڪي ٿو، انهن سڀني شين ۾ وڏيون نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي سوچ ويچار ڪن ٿا |
وَفِى الأَرضِ قِطَعٌ مُتَجٰوِرٰتٌ وَجَنّٰتٌ مِن أَعنٰبٍ وَزَرعٌ وَنَخيلٌ صِنوانٌ وَغَيرُ صِنوانٍ يُسقىٰ بِماءٍ وٰحِدٍ وَنُفَضِّلُ بَعضَها عَلىٰ بَعضٍ فِى الأُكُلِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 4) |
۽ ڏسو زمين ۾ ڌار ڌار قسمن جا ٽڪرا آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان لڳولڳ آهن ۽ انگورن جا باغ آهن، ٻنيون آهن، کجيءَ جا وڻ آهن، جن مان ڪي هڪڙي ئي اُڀي ٿــڙ وارا آهن ته ڪي جــُـهڳٽي جي شڪل ۾، سڀني کي ساڳيو ئي پاڻي ملي ٿو، پر ذائقي ۾ اسان ڪنهن کي ڀلو بڻايون ٿا ته ڪنهن کي وري گهٽ درجي وارو، انهن سڀني شين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل وارا آهن |
وَإِن تَعجَب فَعَجَبٌ قَولُهُم أَءِذا كُنّا تُرٰبًا أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم وَأُولٰئِكَ الأَغلٰلُ فى أَعناقِهِم وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 5) |
جي توکي عجب ٿو لڳي ته عجب جهڙي ڳالهه ته ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته "جڏهن اسان مري مٽي ٿي وينداسين ته ڇا پوءِ اسان وري نئين سر پيدا ڪيا وينداسون؟" اِهي اُهي ماڻهو آهن، جن پنهنجي رب سان ڪفر ڪيو آهي، اهي ئي ماڻهو آهن، جن جي ڳچين ۾ ڳٽ پيل آهن، اهي دوزخي آهن ۽ جهنم ۾ سدائين رهندا |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ وَقَد خَلَت مِن قَبلِهِمُ المَثُلٰتُ وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو مَغفِرَةٍ لِلنّاسِ عَلىٰ ظُلمِهِم وَإِنَّ رَبَّكَ لَشَديدُ العِقابِ (آيت : 6) |
اهي ماڻهو ڀلائيءَ کان اڳ ۾ ٿا برائيءَ لاءِ تڪڙ مچائن، حالانڪه کانئن اڳ (جيڪي ماڻهو ائين هليا انهن تي الاهي عذاب جا) عبرت ڏياريندڙ مثال ٿي گذريا آهن. حقيقت اها آهي ته تنهنجو رب ماڻهن جي ڏاڍاين جي باوجود ساڻن چشم پوشيءَ کان ڪم ٿو وٺي ۽ وري اها به حقيقت آهي ته تنهنجو رب سخت سزا ڏيندڙ به آهي |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ إِنَّما أَنتَ مُنذِرٌ وَلِكُلِّ قَومٍ هادٍ (آيت : 7) |
اهي ماڻهو جن تنهنجي ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، چون ٿا ته "هن شخص تي سندس رب وٽان ڪا نشاني ڇونه لٿي آهي؟" تون ته فقط خبردار ڪندڙ آهين ۽ هرهڪ قوم لاءِ هڪڙو واٽ ڏسيندڙ هوندو آهي |
اللَّهُ يَعلَمُ ما تَحمِلُ كُلُّ أُنثىٰ وَما تَغيضُ الأَرحامُ وَما تَزدادُ وَكُلُّ شَيءٍ عِندَهُ بِمِقدارٍ (آيت : 8) |
الله هرهڪ حمل واري ماديءَ جي پيٽ کي ڄاڻي ٿو ۽ اهو به ڄاڻي ٿو، جيڪي جو ڳڀيرڻن ۾ ٺهي ٿو ۽ جيڪي جو وڌي ويجهي يا گهٽجي ٿو ۽ هر شيءِ لاءِ وٽس هڪ مقدار مقرر ٿيل آهي |
عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ الكَبيرُ المُتَعالِ (آيت : 9) |
هو لڪل توڙي ظاهر هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي ۽ هر حالت ۾ مٿانهون رهڻ وارو آهي |
سَواءٌ مِنكُم مَن أَسَرَّ القَولَ وَمَن جَهَرَ بِهِ وَمَن هُوَ مُستَخفٍ بِالَّيلِ وَسارِبٌ بِالنَّهارِ (آيت : 10) |
توهان مان کڻي ڪو آهستي ڳالهائي يا ڏاڍيان ۽ ڪو رات جي اونداهيءَ ۾ لڪل هجي يا ڏينهن ڏٺي جو وتي گهمندو، ان (الله) لاءِ مڙيو ئي برابر آهن |
لَهُ مُعَقِّبٰتٌ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ يَحفَظونَهُ مِن أَمرِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُغَيِّرُ ما بِقَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَإِذا أَرادَ اللَّهُ بِقَومٍ سوءًا فَلا مَرَدَّ لَهُ وَما لَهُم مِن دونِهِ مِن والٍ (آيت : 11) |
هر شخص جي اڳيان توڙي پويان سندس مقرر ڪيل واري وٽيءَ وارا پهريدار آهن، جيڪي الله جي حڪم سان سندس نگهباني ڪن ٿا. حقيقت اها آهي ته الله ڪنهن به قوم جي حالت تيستائين نه بدلائيندو آهي، جيستائين هو پاڻ پنهنجي حالت نه بدلائي ۽ جڏهن الله ڪنهن قوم جي تباهي آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيندو آهي ته پوءِ اها ڪنهن جي به ٽارئي نه ٽرندي آهي ۽ نڪي الله جي مقابلي ۾ اهڙي قوم جو ڪو واهر وسيلو ٿي سگهي ٿو |
هُوَ الَّذى يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنشِئُ السَّحابَ الثِّقالَ (آيت : 12) |
اهوئي آهي، جيڪو توهان کي وڄ جا چمڪاٽ ڏيکاريندو آهي، جن کي ڏسي ڀؤ به ٿيندو اٿوَ ته اميد به ٿيندي اٿوَ. اهوئي آهي، جيڪو پاڻيءَ سان ڀريل ڪڪر مٿي چاڙهيندو آهي |
وَيُسَبِّحُ الرَّعدُ بِحَمدِهِ وَالمَلٰئِكَةُ مِن خيفَتِهِ وَيُرسِلُ الصَّوٰعِقَ فَيُصيبُ بِها مَن يَشاءُ وَهُم يُجٰدِلونَ فِى اللَّهِ وَهُوَ شَديدُ المِحالِ (آيت : 13) |
ڪڪرن جي گاج سندس ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪندي آهي ۽ ملائڪ سندس هيبت کان ڪنبندي پيا سندس تسبيح ڪندا آهن. هو گجگوڙ واريون وڄون موڪليندو آهي، پوءِ جنهن تي به چاهيندو آهي، ٺيڪ انهيءَ وقت ڪيرائيندو آهي، جڏهن هو الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هوندا آهن. حقيقت ۾ سندس پڪڙ ڏاڍي سخت آهي |
لَهُ دَعوَةُ الحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَجيبونَ لَهُم بِشَيءٍ إِلّا كَبٰسِطِ كَفَّيهِ إِلَى الماءِ لِيَبلُغَ فاهُ وَما هُوَ بِبٰلِغِهِ وَما دُعاءُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 14) |
کيس ئي سڏڻ حق آهي، باقي ٻين جن کي به هو سندس بدران سڏين ٿا، اهي سندن دعائن جو ڪوبه جواب نٿا ڏيئي سگهن. انهن کي سڏڻ ته ائين آهي، جيئن ڪو شخص پاڻيءَ ڏانهن هٿ ڊگهيري ان کي چوي ته اچي منهنجي وات ۾ پؤ، جڏهن ته هو ان تائين پهچڻ وارو ناهي. بس اهڙيءَ ريت ڪافرن جون دعائون به ائين آهن جيئن بي نشانو تير! |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَظِلٰلُهُم بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 15) |
اهو ته الله ئي آهي، جنهن کي آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ چاهيندي توڙي نه چاهيندي سجدو ڪندي رهي ٿي ۽ سڀني شين جا پاڇا به صبح توڙي شام سندس آڏو جهڪندا رهن ٿا |
قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ قُل أَفَاتَّخَذتُم مِن دونِهِ أَولِياءَ لا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم نَفعًا وَلا ضَرًّا قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَم هَل تَستَوِى الظُّلُمٰتُ وَالنّورُ أَم جَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ خَلَقوا كَخَلقِهِ فَتَشٰبَهَ الخَلقُ عَلَيهِم قُلِ اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ الوٰحِدُ القَهّٰرُ (آيت : 16) |
پڇينِ ته آسمانن ۽ زمين جو رب ڪير آهي؟ چؤ الله، پوءِ چوين ته جڏهن حقيقت اها آهي ته پوءِ ڇا ان کي ڇڏي اهڙن معبودن کي پنهنجو آڌار بڻايو اٿوَ، جن کي پنهنجي لاءِ به ڪنهن نفعي نقصان جي ڪا طاقت ڪانهي؟ چوين ته ڇا انڌو ۽ سڄو ٻئي برابر ٿين ٿا؟ ڇا اونداهيون ۽ روشني هڪ جهڙيون آهن؟ ۽ جيڪڏهن ائين ناهي ته ڇا سندن گهڙيل شريڪن به ڪو الله وانگر ڪجهه خلقيو آهي، جو ان ڪري خلقڻ جو معاملو انهن لاءِ هڪجهڙو ٿي پيو آهي؟ چوينِ ته فقط الله ئي هر شيءِ جو خالق آهي ۽ هو بي مثل ۽ سڀني تي غالب آهي |
أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسالَت أَودِيَةٌ بِقَدَرِها فَاحتَمَلَ السَّيلُ زَبَدًا رابِيًا وَمِمّا يوقِدونَ عَلَيهِ فِى النّارِ ابتِغاءَ حِليَةٍ أَو مَتٰعٍ زَبَدٌ مِثلُهُ كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ الحَقَّ وَالبٰطِلَ فَأَمَّا الزَّبَدُ فَيَذهَبُ جُفاءً وَأَمّا ما يَنفَعُ النّاسَ فَيَمكُثُ فِى الأَرضِ كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ (آيت : 17) |
الله آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ واهه پنهنجي پنهنجي گنجائش آهر ان کي کڻي هليا ۽ پاڻيءَ جي تيز وهڪري تي گج جا گولا ٿي ويا ۽ اهڙي ئي گج انهن ڌاتن تي به ٿي پوندي آهي، جن کي زيورن ۽ ٿانون ٺاهڻ لاءِ باهه تي رجايو ويندو آهي، انهيءَ مثال سان الله حق ۽ باطل جي معاملي کي چٽو ٿو ڪري، پوءِ جيڪا گج هوندي آهي سا کڄي ويندي آهي، باقي جيڪا شيءِ انسانن لاءِ نفعو ڏيندڙ آهي، سا زمين ۾ رهجي ويندي آهي، ائين مثال ڏئي الله ڳالهه سمجهائيندو آهي |
لِلَّذينَ استَجابوا لِرَبِّهِمُ الحُسنىٰ وَالَّذينَ لَم يَستَجيبوا لَهُ لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم سوءُ الحِسابِ وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 18) |
جن ماڻهن پنهنجي رب جي حڪم کي قبوليو، تن لاءِ ڀلائي آهي ۽ جن ان جو حڪم نه قبوليو، انهن کي کڻي زمين جي سموري دولت هجي ۽ اوتري ٻي به هجينِ ته به هو الله جي پڪڙ کان بچڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه عيوضي ۾ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. اِهي اُهي ماڻهو آهن، جن کان بڇڙو حساب ورتو ويندو ۽ سندن ٺڪاڻو جهنم آهي، ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو |
أَفَمَن يَعلَمُ أَنَّما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ الحَقُّ كَمَن هُوَ أَعمىٰ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 19) |
ائين ڀلا ڪيئن ٿيندو ته اهو شخص جيڪو تنهنجي رب جي طرفان توتي نازل ٿيل ڪتاب کي حق ڄاڻندو هجي، ان شخص جي برابر ٿئي، جيڪو ان حقيقت کان انڌو آهي؟ نصيحت ته فقط سياڻا ماڻهو ئي پرائيندا آهن |
الَّذينَ يوفونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَلا يَنقُضونَ الميثٰقَ (آيت : 20) |
۽ اهي ماڻهو الله سان ڪيل وعدا پاڙيندا آهن ۽ پڪو عهد ڪرڻ کان پوءِ ان کي ٽوڙيندا ناهن |
وَالَّذينَ يَصِلونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيَخشَونَ رَبَّهُم وَيَخافونَ سوءَ الحِسابِ (آيت : 21) |
۽ الله جن ناتن کي ڳنڍڻ جو حڪم ڏنو آهي، انهن کي قائم رکندا آهن ۽ پنهنجي رب کان ڊڄندا آهن ۽ ان ڀؤ ۾ رهندا آهن ته متان کانئن حساب بڇڙي نموني ۾ نه ورتو وڃي |
وَالَّذينَ صَبَرُوا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِم وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ أُولٰئِكَ لَهُم عُقبَى الدّارِ (آيت : 22) |
انهن جي حالت اها آهي ته پنهنجي رب جي رضا خاطر صبر کان ڪم وٺن ٿا، نماز قائم ڪن ٿا، اسانجي ڏنل رزق مان لڪائي توڙي ظاهر ظهور خرچ ڪن ٿا ۽ برائيءَ کي ڀلائيءَ سان ختم ڪن ٿا، اهي ئي آهن جن لاءِ آخرت وارو گهر آهي |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَالمَلٰئِكَةُ يَدخُلونَ عَلَيهِم مِن كُلِّ بابٍ (آيت : 23) |
سدائين باغ اٿن رهڻ لاءِ ، جن ۾ هو پاڻ به داخل ٿيندا ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ سندن گهروارين ۽ سندن اولاد مان به اهي جيڪي صالح هوندا، ساڻن گڏ داخل ٿيندا. ملائڪ سندن استقبال لاءِ هر دروازي کان ايندا |
سَلٰمٌ عَلَيكُم بِما صَبَرتُم فَنِعمَ عُقبَى الدّارِ (آيت : 24) |
۽ کين چوندا: "توهان تي سلامتي آهي، توهان دنيا ۾ جهڙيءَ ريت صبر کان ڪم ورتو، ان جي ڪري ئي توهان اڄ هن جا حقدار ٿيا آهيو" |
وَالَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ لَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 25) |
ڪهڙونه ڀلو آهي آخرت وارو گهر! باقي جيڪي الله سان پڪو عهد ڪري، پوءِ ان کي ٽوڙين ٿا ۽ انهن ناتن کي ڇنن ٿا جن جي ڳنڍڻ جو الله حڪم ڏنو آهي ۽ زمين ۾ فساد پکيڙن ٿا، اهي ئي آهن، جيڪي لعنت جا حقدار آهن ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ نهايت بڇڙو رهڻ جو هنڌ آهي |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَفَرِحوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا فِى الءاخِرَةِ إِلّا مَتٰعٌ (آيت : 26) |
الله جنهن کي وڻيس ڪشادو ٿو ڏئي ۽ جنهن کي وڻيس تنگ ٿو ڏئي، اهي ماڻهو دنيا جي زندگيءَ تي خوش آهن، جڏهن ته دنيا جي زندگي آخرت جي ڀيٽ ۾ ته ڪا شيءِ ڪانهي |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى إِلَيهِ مَن أَنابَ (آيت : 27) |
جن ڪفر ڪيو آهي، سي چون ٿا ته "هن تي ڀلا پنهنجي رب وٽان ڪا نشاني ڇونه لٿي آهي؟" چوين ته الله جنهن کي وڻيس گمراهه ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پاڻ ڏانهن اچڻ جو رستو انهيءَ کي ڏيکاريندو آهي، جيڪو هن ڏانهن رُخ ڪندو آهي |
الَّذينَ ءامَنوا وَتَطمَئِنُّ قُلوبُهُم بِذِكرِ اللَّهِ أَلا بِذِكرِ اللَّهِ تَطمَئِنُّ القُلوبُ (آيت : 28) |
اهڙائي ماڻهو آهن جن (هن نبيءَ جي دعوت تي) ايمان آندو آهي ۽ سندن دلين کي الله کي ياد ڪرڻ سان اطمينان حاصل ٿي ويندو آهي. ٻڌي ڇڏيو ته، الله کي ياد ڪرڻ سان ئي دلين کي اطمينان ملندو آهي |
الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ طوبىٰ لَهُم وَحُسنُ مَـٔابٍ (آيت : 29) |
پوءِ جن ماڻهن حق جي دعوت کي مڃيو ۽ نيڪ عمل ڪيا، ڀلا ٿيا انهن جا ڀاڳ ۽ پڇاڙي به ٿيندن ڏاڍي سهڻي |
كَذٰلِكَ أَرسَلنٰكَ فى أُمَّةٍ قَد خَلَت مِن قَبلِها أُمَمٌ لِتَتلُوَا۟ عَلَيهِمُ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ وَهُم يَكفُرونَ بِالرَّحمٰنِ قُل هُوَ رَبّى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ مَتابِ (آيت : 30) |
اي نبي! اهڙيءَ طرح اسان توکي رسول بڻائي موڪليو آهي، اهڙيءَ قوم ۾، جنهن کان اڳ ڪيتريون ئي قومون ٿي گذريون آهن ته جيئن تون انهن کي اهو پيغام ٻڌائين، جيڪو اسان توتي نازل ڪيو آهي، توڻي جو اهي نهايت مهربان الله جا انڪاري بڻيل آهن. چوين ته اهوئي منهنجو رب آهي، هن کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، ان تي ئي ڀروسو ڪيم ۽ ان ڏانهن ئي منهنجو موٽڻ آهي |
وَلَو أَنَّ قُرءانًا سُيِّرَت بِهِ الجِبالُ أَو قُطِّعَت بِهِ الأَرضُ أَو كُلِّمَ بِهِ المَوتىٰ بَل لِلَّهِ الأَمرُ جَميعًا أَفَلَم يَا۟يـَٔسِ الَّذينَ ءامَنوا أَن لَو يَشاءُ اللَّهُ لَهَدَى النّاسَ جَميعًا وَلا يَزالُ الَّذينَ كَفَروا تُصيبُهُم بِما صَنَعوا قارِعَةٌ أَو تَحُلُّ قَريبًا مِن دارِهِم حَتّىٰ يَأتِىَ وَعدُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 31) |
۽ ڀلا ڇا ٿئي ها، جيڪڏهن ڪو اهڙو قرآن لاٿو وڃي ها، جنهن جي زور تي جبل هلڻ لڳن ها يا زمين ڦاٽي پوي ها يا مئا قبرن مان نڪري ڳالهائڻ لڳن ها (اهڙيون نشانيون ڏيکارڻ ته ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي) پر سڀ ڪجهه الله جي ئي هٿ ۾ آهي. پوءِ ڀلا ايمان وارا (ڪافرن جي گُهر جي موٽ ۾ ڪنهن نشانيءَ جي ظاهر ٿيڻ جو آسرو ڪن ٿا ڇا ۽ اهو ڄاڻي) اڃان مايوس نه ٿيا آهن ڇا ته جيڪڏهن الله چاهي ها ته سڀني انسانن کي هدايت جي راهه تي آڻي ڇڏي ها؟ جن ماڻهن الله سان ڪفر ڪيو آهي، انهن تي سندن عملن جي ڪري ڪا نه ڪا آفت ايندي ئي رهي ٿي يا سندن گهرن جي ڀرسان ڪٿي نازل ٿئي ٿي. ائين ٿيندو رهندو، تانجو الله جو وعدو اچي پورو ٿئي، بيشڪ الله پنهنجي وعدي جي ابتـڙ نه ڪندو آهي |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَأَملَيتُ لِلَّذينَ كَفَروا ثُمَّ أَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 32) |
توهان کان اڳ گهڻن ئي رسولن تي ٽوڪبازيون ٿينديون رهيون آهن، مگر مان هميشه ڪافرن کي ڍر ڏني ۽ نيٺ کين پڪڙي ورتو، پوءِ ڏسو ته منهنجي سزا ڪهڙي نه سخت هئي |
أَفَمَن هُوَ قائِمٌ عَلىٰ كُلِّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ قُل سَمّوهُم أَم تُنَبِّـٔونَهُ بِما لا يَعلَمُ فِى الأَرضِ أَم بِظٰهِرٍ مِنَ القَولِ بَل زُيِّنَ لِلَّذينَ كَفَروا مَكرُهُم وَصُدّوا عَنِ السَّبيلِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
ڇا پوءِ جنهن جي هرهڪ ساهواري جي ڪئي تي نظر آهي (تنهن سان ٿا سينو ساهن) ماڻهن الله جا شريڪ گهڙيا آهن؟ اي نبي! چوين ته (جيڪڏهن اهي سچ پچ الله جا پنهنجا بڻايل شريڪ آهن ته) انهن جا نالا ته ٻڌايو ته اهي ڪير آهن؟ ڇا توهان الله کي ٿا اهڙيءَ ڳالهه جي خبر ڏيو، جيڪا زمين ۾ ته هن کي سُجهي ئي نٿي؟ يا جيڪو ٿو وات ۾ اچيوَ چئي ٿا ڏيو؟ اصل ڳالهه اها آهي ته جن ماڻهن حق جي دعوت مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، انهن لاءِ سندن چالبازيون ڏسڻ ۾ سهڻيون بڻايون ويون آهن ۽ هو سڌيءَ راهه کان روڪيا ويا آهن. پوءِ جنهن کي الله گمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏي، انکي ڪو دڳ لائڻ وارو ئي ڪونهي |
لَهُم عَذابٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَقُّ وَما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 34) |
اهڙن ماڻهن لاءِ ته دنيا جي زندگيءَ ۾ ئي عذاب آهي ۽ آخرت جو عذاب ته اڃان به وڌيڪ سخت اٿن. ڪوبه ناهي، جيڪو کين الله کان بچائڻ وارو هجي |
مَثَلُ الجَنَّةِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ أُكُلُها دائِمٌ وَظِلُّها تِلكَ عُقبَى الَّذينَ اتَّقَوا وَعُقبَى الكٰفِرينَ النّارُ (آيت : 35) |
پرهيزگارن لاءِ جنهن جنت جو وعدو ڪيو ويو آهي اها ته اهڙي آهي، جنهن جي هيٺان واهيون پيون وهنديون، ان جا ميوا هر موسم ۾ ملندڙ ۽ ان جي ڇانوَ سدائين هوندي، اها آهي پڇاڙي انهن جي جيڪي الله کان ڊڄي هلن ٿا ۽ حق جو انڪار ڪندڙن جي پڇاڙي دوزخ جي باهه آهي |
وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَفرَحونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَمِنَ الأَحزابِ مَن يُنكِرُ بَعضَهُ قُل إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ وَلا أُشرِكَ بِهِ إِلَيهِ أَدعوا وَإِلَيهِ مَـٔابِ (آيت : 36) |
اي نبي! جن ماڻهن کي اسان اڳي ڪتاب ڏنو هو، سي انهيءَ ڪتاب کان جيڪو توتي نازل ڪيو ويو آهي، خوش آهن ۽ مختلف ٽولن مان ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي ان جي ڪن ڳالهين کي نٿا مڃين. تون چوين ته "مونکي ته اهوئي حڪم ڏنو ويو آهي ته فقط الله جي ئي بندگي ڪريان ۽ ساڻس ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريان، تنهنڪري مان ته ڏانهس ئي سڏيان ٿو ۽ ڏانهس ئي منهنجو ورڻ آهي" |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ حُكمًا عَرَبِيًّا وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَما جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا واقٍ (آيت : 37) |
انهيءَ هدايت سان اسان هي عربي فرمان توتي نازل ڪيو آهي. هاڻي جيڪڏهن اهو علم تو وٽ پهچي وڃڻ کان پوءِ به تون ماڻهن جي خواهشن جي ڪڍ لڳندين ته الله جي مقابلي ۾ تنهنجو نڪي ڪو دوست آهي ۽ نه ڪو سندس پڪڙ کان بچائڻ وارو |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ وَجَعَلنا لَهُم أَزوٰجًا وَذُرِّيَّةً وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ لِكُلِّ أَجَلٍ كِتابٌ (آيت : 38) |
توکان اڳ اسان گهڻائي رسول موڪلي چڪا آهيون ۽ انهن کي اسان زالن ۽ ٻارن وارو ئي بڻايو هو ۽ ڪنهن به رسول کي اها طاقت نه هئي ته الله جي حڪم کانسواءِ ڪابه نشاني پاڻ آڻي ڏيکاري. هر دور لاءِ هڪ ڪتاب آهي |
يَمحُوا اللَّهُ ما يَشاءُ وَيُثبِتُ وَعِندَهُ أُمُّ الكِتٰبِ (آيت : 39) |
الله جيڪي وڻيس سو مــِـٽائي ڇڏي ٿو ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي قائم رکي ٿو ۽ اصل ڪتاب (ام الڪتاب) ته وٽس ئي آهي |
وَإِن ما نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَعَلَينَا الحِسابُ (آيت : 40) |
۽ اي نبي! جنهن سخت وعيد جي ڌمڪي اسان کين ڏئي رهيا آهيون، تنهن مان ڪجهه کين تنهنجي جيئري ئي ڏيکاريون يا ان جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي توکي کڻي وٺون، تنهنجو ڪم رڳو پيغام پهچائي ڇڏڻ آهي ۽ حساب وٺڻ اسان جو ڪم آهي |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها وَاللَّهُ يَحكُمُ لا مُعَقِّبَ لِحُكمِهِ وَهُوَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 41) |
ڇا اهي ماڻهو ڏسن نٿا ته اسين ڌرتي کي سندس ڪنارن کان گهٽائيندا ٿا اچون؟ حڪومت ته الله ٿو ڪري، ڪوبه سندس فيصلن کي پوئتي موٽائڻ وارو ڪونهي ۽ هو حساب ڪرڻ ۾ ڪا دير نه ڪندو آهي |
وَقَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلِلَّهِ المَكرُ جَميعًا يَعلَمُ ما تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ وَسَيَعلَمُ الكُفّٰرُ لِمَن عُقبَى الدّارِ (آيت : 42) |
انهن کان اڳ ۾ جيڪي ماڻهو ٿي گذريا آهن تن به ڏاڍيون اٽڪلون ڪيون، پر اصلي تدبير ته ساري جو ساري الله جي ئي هٿ ۾ آهي، اُهو ڄاڻي ٿو ته ڪير ڪهڙي ڪمائي پيو ڪري ۽ سگهوئي حق جا منڪر ڄاڻي وٺندا ته پڇاڙي ڪنهن جي ٿي چڱي ٿئي |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَستَ مُرسَلًا قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَمَن عِندَهُ عِلمُ الكِتٰبِ (آيت : 43) |
۽ اهي منڪر چون ٿا ته تون الله جو موڪليل نه آهين، چوين ته "منهنجي ۽ توهانجي وچ ۾ الله جي شاهدي ڪافي آهي ۽ پڻ ان شخص جي شاهدي جنهن کي (آسماني) ڪتاب جو علم آهي" |