المر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَالَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ الحَقُّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 1) |
الٓـــمّٓــر کي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، قدرت جي ڪتاب جون، آهن نِشانيون نِروار، پڻ وِيو اُتاريو تو اُتي، تُنهنجي صاحب کان ستار، صَحِي ثابت ڳالهيون، وَهم نه جن ۾ وار، پرآڻين نه اِعتبار، مُوڙهل گھڻا ماڻهن مان. |
اللَّهُ الَّذى رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى يُدَبِّرُ الأَمرَ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم بِلِقاءِ رَبِّكُم توقِنونَ (آيت : 2) |
آهي اُهو اَلله، جِنهن اُڀ اُڀارِيا، ري ٿَنڀِين، ڏِسِين پَسِين جن کي، نِرتئون ساڻ نگاھ، موٽِي تختگاھ، سَڀ ڪِنهن رِيت سَنڀاليو. سج، چنڊ تابِع تِنهن ڪيا، هَلن مُقرر مُدت تڪ، ڪَري هَر ڪِنهن ڪم جو، قادِر جوڙ جڪ، کوليو کوليو آيتون، بَيان ڪري بيشڪ، تان ڪريو پورِي پَڪ، پَنهنجي مولا سان ملڻِ جي. |
وَهُوَ الَّذى مَدَّ الأَرضَ وَجَعَلَ فيها رَوٰسِىَ وَأَنهٰرًا وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فيها زَوجَينِ اثنَينِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 3) |
۽ ڌَرِ پکيڙِي جِنهن ڌڻِيءَ، جِنهن تي، لَکِين رَهن لوڪ، ۽ جَبل جَڙيائـِين تِنهن ۾، ۽ دَريا، دريا ڌوڪ، ۽ مَنجھسِ ميوا موڪ، ٻِٽاجوڙيئـِين ٻاجھ سان. رات وَرِي ٿِي ڏِينهن مَٿان، اُنهِيءَ ۾ اُهڃاڻ، قوم اُنهِيء ڪاڻ، جي سَچ پَچ سوچِينِ ڳالهيون. |
وَفِى الأَرضِ قِطَعٌ مُتَجٰوِرٰتٌ وَجَنّٰتٌ مِن أَعنٰبٍ وَزَرعٌ وَنَخيلٌ صِنوانٌ وَغَيرُ صِنوانٍ يُسقىٰ بِماءٍ وٰحِدٍ وَنُفَضِّلُ بَعضَها عَلىٰ بَعضٍ فِى الأُكُلِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 4) |
۽ ڀاڱا ڀيڙا ڀُونءَ جا، ۽ پوکون، باغ اَنگُور، ٽارِيُن ۽ بِنا ٽارِيُنِ، کَجِيون، وَڻ کَجُور، پِيَن پاڻِي هيڪڙو، مگر مَزي ۾ مُور، ڪن کي ڪريون، ڪن کان، زِياده ضَرُور، خُوب کُلِيل خَبرون، مَنجِھيِين مَذڪُور، جي پُورِي رکن پَروڙ، ڪارڻ تِنهِين قوم جي. |
وَإِن تَعجَب فَعَجَبٌ قَولُهُم أَءِذا كُنّا تُرٰبًا أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم وَأُولٰئِكَ الأَغلٰلُ فى أَعناقِهِم وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 5) |
۽ جي عَجب ڪرِين، ته پوءِعَجب آهي، اُنهن جِي ڳالھ، ڇا اَسِين مِٽي، مِٽيءَ ۾، هُونداسون جِنهن حال، بَنجِي پوءِ بَحال، اَسين اِينداسون نئـِينءَ جوڙ ۾؟ اُهي، سي سَندنِ سائـِينءَ کان، جي نابِرٿيانِپٽ، ۽ اُهي، سي آهن، جن جي، ڳِچين اَندر ڳَٽ، ۽ اُهي ڄيري وارا ڄَٽ، اُهي دائـِم داخِل اُن ۾. |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ وَقَد خَلَت مِن قَبلِهِمُ المَثُلٰتُ وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو مَغفِرَةٍ لِلنّاسِ عَلىٰ ظُلمِهِم وَإِنَّ رَبَّكَ لَشَديدُ العِقابِ (آيت : 6) |
سُک کان، دُک توڪنان، تَڪڙو گُھرن تَڪرار، اِنهيان اَ ڳي گُذريا، صَدمان، سو، صدبار، ماڻهن لئي مُورهِين، تُنهنجو پالڻهار، سَندنِ بيدادِيُنِ مَٿي، بيشڪ بَخشڻهار، ۽ سَندئـِي رَبَّ، ستار، سزا ڏِين ۾، سَخت گھڻو. |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ إِنَّما أَنتَ مُنذِرٌ وَلِكُلِّ قَومٍ هادٍ (آيت : 7) |
۽ ڪَهَنَ، جن ڪُفر ڪيو، ته پاران سَندنِ پَرور، ڇو نه اُتارِي ويئـِي، آيت ڪا اِن سِر؟ تون ڄاڻوئـِي ڄَر، ۽ سُونهون سَڀ ڪِنهن قوم لئي. |
اللَّهُ يَعلَمُ ما تَحمِلُ كُلُّ أُنثىٰ وَما تَغيضُ الأَرحامُ وَما تَزدادُ وَكُلُّ شَيءٍ عِندَهُ بِمِقدارٍ (آيت : 8) |
سائـِين سَمجھي جيڪِي، نار کڻي، ڪو بار، پڻ جيڪِي ڳِهڻ، گَھٽائي ڳُجھ ۾، پڻ وَڌائي ڪو وار، ۽ اُنهِيء وَٽ اَندازسان، سَڀ ڪوئـِي ڪَم ڪار، |
عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ الكَبيرُ المُتَعالِ (آيت : 9) |
ڳُجِھيون، پَڌرِيون ڳالهيون، ڄاڻي ڄاڻڻهار، مٿاهُون مُختار، وَڏِي وڏائـِيءَ جو ڌڻِي. |
سَواءٌ مِنكُم مَن أَسَرَّ القَولَ وَمَن جَهَرَ بِهِ وَمَن هُوَ مُستَخفٍ بِالَّيلِ وَسارِبٌ بِالنَّهارِ (آيت : 10) |
برابر، ڪري بات ڳُجِھي، مان اوهان، يا پَڌرِي، ۽ جو لڪل رهي، منجھ رات، يا ڏيھ گهمندڙ، ڏِينهن ۾. |
لَهُ مُعَقِّبٰتٌ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ يَحفَظونَهُ مِن أَمرِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُغَيِّرُ ما بِقَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَإِذا أَرادَ اللَّهُ بِقَومٍ سوءًا فَلا مَرَدَّ لَهُ وَما لَهُم مِن دونِهِ مِن والٍ (آيت : 11) |
اڳيان، پويان اُن جي، ڪي پَهرُون پَهريدار، چونڪِي ڏِينَسِ چوڌار، اَلله جي اَمر کان. اَلله نه ڦيري نِعمتون، جي ڪِنهِين قوم نال، تان نَه بَدلائـِينِ ڀال، پاڻورا، جي پاڻ سان. ۽ جڏهن قصد ڪري، ڪِنهن قوم تي، ڏُرت سَندو ڏاتار، پوءِ موٽائـِيندڙ نه مُورِهين، ڪو هرگز اُنِهيء هارِ، ۽ اُنهن جو، نه اِنهيان ڌار، ڪو وارڻ وارو واهرُو. |
هُوَ الَّذى يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنشِئُ السَّحابَ الثِّقالَ (آيت : 12) |
جو وِڄ ڏيکاري ڏُور، آن کي، ڊَپ، اُميد ۾، پڻ بادل ڳَرا ڀَرپُور، جوڙي جَلَّ جَلالهٗ. |
وَيُسَبِّحُ الرَّعدُ بِحَمدِهِ وَالمَلٰئِكَةُ مِن خيفَتِهِ وَيُرسِلُ الصَّوٰعِقَ فَيُصيبُ بِها مَن يَشاءُ وَهُم يُجٰدِلونَ فِى اللَّهِ وَهُوَ شَديدُ المِحالِ (آيت : 13) |
۽ گوڙ، سَندسِ ساراه سان، پاڪ چَوي، پَرور، پڻ سَندسِ خوف، خيال کان، مَلائـِڪ مِهتر، ۽ وِڄون وَلهارن تي، موڪلي مُقرّر، پوءِ گُھري جِنهن سِر، قادِر ڪيرائيسِ، اُن مٿان. ۽ اُهي خُود اَلله ۾، ڪن جھيڙا، جَنگ، جِدال، بارِي بي مِثال، سَزا ڏِيڻ ۾، سَخت گھڻو. |
لَهُ دَعوَةُ الحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَجيبونَ لَهُم بِشَيءٍ إِلّا كَبٰسِطِ كَفَّيهِ إِلَى الماءِ لِيَبلُغَ فاهُ وَما هُوَ بِبٰلِغِهِ وَما دُعاءُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 14) |
بر حق، هِڪ اُنهِيء کي، دانهون مَنجھ دَرٻار، تِنهن سوا، سَڏِين جَن کي، سي نه ٻُڌنِ، ڪاٻاڪار، مگر مِثال اُن جي، ته مَٿان کوه خُوار، پاڻِي لاءِ پَکيڙيو، پَنهنجو ٻُڪ ٻِيهار، ته پُهچيسِ پَنهنجي وات ۾، نه پُهچڻو تِنهن پار، ۽ ناهِن مُونجھارٖي ڌار، ڪافِرن جون ڪِيرتوُن. |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَظِلٰلُهُم بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 15) |
۽ جُھڪن ٿا جَبَّار کي، جيڪِي اُڀ، ڀون ۾، ڪَس يا رَس، پڻ اُنهن جا اَوس، سايا صُبح، شام ۾. |
قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ قُل أَفَاتَّخَذتُم مِن دونِهِ أَولِياءَ لا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم نَفعًا وَلا ضَرًّا قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَم هَل تَستَوِى الظُّلُمٰتُ وَالنّورُ أَم جَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ خَلَقوا كَخَلقِهِ فَتَشٰبَهَ الخَلقُ عَلَيهِم قُلِ اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ الوٰحِدُ القَهّٰرُ (آيت : 16) |
چَئو، آهي اُڀ،زمين جو، جوڙڻ وارو ڪير؟ چَئو، درست بِنا دير، ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ. چئو، پوءِ ڪِ اُن ري اولياءَ، وَرتا اَوهان وَهلور! جي سَندنِ نفعي، نقصان جا، مالِڪ نه آهِن مُور، چَئو، مَٽ ڪِ ٿِيَنِ مُورِهين، سَڄو ۽ مَعذور؟ يا اُونداهِي ۽ نُور، مَٽ ٿِيندا مُورِهين؟ ڇا؟ سي، جوڙڻهار سان، جوڙيؤن جوڙِيوال، جن جوڙِي جائـِي جوڙ ڪا، اُن جي جوڙ مثال؟ پوءِ جوڙون ٿِيون هڪ جھڙيون، تڏهين مُنهنجِي پِيا مَتوال، چئو صاحب سَڀ ڪِنهن شيءِ جو، بَنائـِيندڙ بَحال، ۽ اُهو جَلَّ جَلال، حاڪِم قهرِي هيڪڙو. |
أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسالَت أَودِيَةٌ بِقَدَرِها فَاحتَمَلَ السَّيلُ زَبَدًا رابِيًا وَمِمّا يوقِدونَ عَلَيهِ فِى النّارِ ابتِغاءَ حِليَةٍ أَو مَتٰعٍ زَبَدٌ مِثلُهُ كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ الحَقَّ وَالبٰطِلَ فَأَمَّا الزَّبَدُ فَيَذهَبُ جُفاءً وَأَمّا ما يَنفَعُ النّاسَ فَيَمكُثُ فِى الأَرضِ كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ (آيت : 17) |
اُتاريائـِين اُڀ ڪنان، پاڻِي پاڪ پَلُر، پوءِ درياء ڌُوڪي هَليا، سَندنِ ڪَٿ قدر، پوءِ ڇانڀي کَنئـِي ڇَر، گِجِي اُڀامَندڙ اُن مَٿان. پڻ اُن مان اَوهين جَن تي، ٻاريو باه ٻِيهار، سَبَب طَلب سِينگار، ياسودي اَندر، سُود لئي. ٻِي پڻ اُن جِهڙِي، آهي ڦِيڻ عيان، بارِي ڪري بيان، اِن پَر سَچ ۽ ڪُور جو. پوءِ گجِي وَڃي گُم ٿِي، ۽ ڀُونء ۾ رهي بَند، ۽ جنهن ۾ مطلب ماڻـهئـِين، سو پاڻِي پاڪ پَسند، اِن پَر خداوند، صفا ڏِئي سَمجھائـِڻِيُون، |
لِلَّذينَ استَجابوا لِرَبِّهِمُ الحُسنىٰ وَالَّذينَ لَم يَستَجيبوا لَهُ لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم سوءُ الحِسابِ وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 18) |
جن مَڃيو مالِڪ پَنهنجو، بيشڪ تن لئي ڀل، جن قبوليو ڪِين ڪِي، جي هُوند، هُجن تن نال، جيڪِي هِن زمين ۾، سَڀ ملڪِيت مال، تِنهن سان گَڏ گَنج ٻِيا، اُٽل اُن مثال، ته فِدا سَڀ فِى الحال ڪِيئون؛ تن جو ڪارو ليکو ڪال، ۽ آهي گَھر اُنهن جو، جَھَنَّم جِيءَ جَنجال، ۽ وَڏو آهي وَبال، سو هاوِي هَنڌ اُنهن جو. |
أَفَمَن يَعلَمُ أَنَّما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ الحَقُّ كَمَن هُوَ أَعمىٰ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 19) |
پوءِ، جو ڄاڻٖي پَڪ سان، ته تُنهنجِي مالِڪ ڪنان مُور، وِيو اُتاريو، تو اُتي، مُرسل ! هِي مَذڪُور، اُهو ڪِ جَڏو اُن جِھڙو، جو مُرڳوئـِي مَعذور؟، پُورِي جَن پَرور، سي سَنڀالينِ، پاڻ کي. |
الَّذينَ يوفونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَلا يَنقُضونَ الميثٰقَ (آيت : 20) |
جي پارِين قول ڪرِيم سان، ۽ اَصل نه ڀَڃن اَنجام، |
وَالَّذينَ يَصِلونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيَخشَونَ رَبَّهُم وَيَخافونَ سوءَ الحِسابِ (آيت : 21) |
۽ ڳنڍِينِ، جن جي ڳَنڍڻ جو، اَمر ڪيو عَلام، ۽ سَندنِ خدا جي خوف کان، وِنجھلن پِيا وَريام، ۽ مَن ۾ رکن مُدام، سو نڪتو سَخت عذاب جو. |
وَالَّذينَ صَبَرُوا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِم وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ أُولٰئِكَ لَهُم عُقبَى الدّارِ (آيت : 22) |
۽ جي سَهن، سَندنِ سائـِينءَ جي، مَرضِيءَ خاطر مُور، ۽ پَڙهن پورٖي وَقت، نِت نِمازون نُور، ۽ ڏِين، ڏِنوسون تِنهن مَنجھان، زڪواتون ضَرُور، لِڪ اَندر، لوڪ کان، ۽ ظاهِر ۽ ظُهور، خُوبِيءَ سان، خامِيءَ کي، ڪن دَفع ۽ دُور، مُوچارو مَنظور، آخر گھر، اُنهن لئي. |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَالمَلٰئِكَةُ يَدخُلونَ عَلَيهِم مِن كُلِّ بابٍ (آيت : 23) |
گھاٽاباغ بِهشت جا، جن ۾، ڪَندا قَرار، پڻ اَبن مَنجھان اُنهن جي، جن چڱاڪيا ڪم ڪار، پڻ ٻايون ۽ ٻار اُنهن جا؛ ۽ مَالائـِڪ موچار، هر دَر کان، داخِل تن مَٿي، واريندا هَر وار، |
سَلٰمٌ عَلَيكُم بِما صَبَرتُم فَنِعمَ عُقبَى الدّارِ (آيت : 24) |
سُکيا سَلامت رَهو، جِنهن سَبَب سَٺان بار، پوءِ اُنهن جو آخرڪار، موچارو ماڳ ٿيو! |
وَالَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ لَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 25) |
۽ جي ڀَڃن صاحِب ساڻ، ٻول ٻَڌا پوءِ، اُنهن جي، ۽ ڇِنَنِ جِنهن کي، ڳَنڊڻ لئي، چيو پرور پاڻ، ۽ وِجھن بِگيڙ ڀُونء ۾، وِلهاڪن وٿاڻ، ڌُران ڌِڪارون اُنهن مَٿي، قادر ساڻ ڪاڻ، آخر اُنهن ڪاڻ، ڀَاڻ برابر بُڇڙو. |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَفَرِحوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا فِى الءاخِرَةِ إِلّا مَتٰعٌ (آيت : 26) |
والِي وَڻيسِ، تِنهن کي، ڏي گَھڻو ڪِ، گَھٽ گُذران، ۽ هِن جَھٽ پَٽ جِھڙي جِيڻ تي، خوش ٿِي ويٺا خان، ۽ هِي جِيئڻ ٻِئي جِيئن اڳيان، ڪاشيء آهي ڪانه، مَگر جِيئَن مِهمان، چَئـِن ڏِينهن جو چُٽڪو. |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى إِلَيهِ مَن أَنابَ (آيت : 27) |
۽ ڪَهَن، جن ڪُفر ڪَيو، ته پاران سندسِ پرور، ڇو نه اُتارِي ويئـِي، آيت ڪا اِن سِر، چئو واحد وَڻيسِ تِنهن کي، مُنجھائـٖي مُقرّر، ۽ مُڙيو، جو مِهتر، تِنهن سَنئـِين سُهائي، پاڻ ڏي. |
الَّذينَ ءامَنوا وَتَطمَئِنُّ قُلوبُهُم بِذِكرِ اللَّهِ أَلا بِذِكرِ اللَّهِ تَطمَئِنُّ القُلوبُ (آيت : 28) |
آندو جن اِيمان ۽ قَلب قَراريا اُنهن جا، سارڻ سين سُبحان جي؛ سارڻ سِين سُبحان، سَمجھ ته سُکِي جان ۽ قَلب اَچنِ قَرار ۾. |
الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ طوبىٰ لَهُم وَحُسنُ مَـٔابٍ (آيت : 29) |
آيا، جي اِيمان تي، ۽ چَڱا ڪَيئون ڪَم ڪار، تِنِين لئي تَڪرار، مُبارڪون ۽ ماڳ چڱو. |
كَذٰلِكَ أَرسَلنٰكَ فى أُمَّةٍ قَد خَلَت مِن قَبلِها أُمَمٌ لِتَتلُوَا۟ عَلَيهِمُ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ وَهُم يَكفُرونَ بِالرَّحمٰنِ قُل هُوَ رَبّى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ مَتابِ (آيت : 30) |
اِنپر توکي اُمّت ڏي مُڪو سون مَهندار! جن کان اڳي اُمتون، لنگھيون لڳاتار، تان توڏي، جو وَحِي ٿيو، ساپڙھ مَٿِن پَچار، ۽ ڏيهَن جي ڏاتار کان، ٿا اُهي ڪَن اِنڪار، چَئو، سائـِين مُنهنجو، سو صَحِي، ٻِيو ڌَڻِي نَه جِنهن کان ڌار، اُنِهئَ تي رَکيمِ بار، ۽ اُن ڏي، مُون کي موٽڻو. |
وَلَو أَنَّ قُرءانًا سُيِّرَت بِهِ الجِبالُ أَو قُطِّعَت بِهِ الأَرضُ أَو كُلِّمَ بِهِ المَوتىٰ بَل لِلَّهِ الأَمرُ جَميعًا أَفَلَم يَا۟يـَٔسِ الَّذينَ ءامَنوا أَن لَو يَشاءُ اللَّهُ لَهَدَى النّاسَ جَميعًا وَلا يَزالُ الَّذينَ كَفَروا تُصيبُهُم بِما صَنَعوا قارِعَةٌ أَو تَحُلُّ قَريبًا مِن دارِهِم حَتّىٰ يَأتِىَ وَعدُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 31) |
جيڪر رَئـِي جَبلن کي، ڪجي سِين قرآن، يا اُن سان ٽُڪر ٽُڪر، ڪَجي ڀُون کي بي گمان، يا مُئا ڳالهائـِينِ مُورهِين، اُنهِيءَ ساڻ عيان، صاحِب لئي، سُبحان، اُٽلو سَڀ اِختياريون. ڇامُؤمِنن مَعلوم نه ڪيو؟ جي گُھري رَبُّ سائـِين، ته سَنئـِين سُهائـِين، مِڙِني ماڻهن مُورهين. ۽ ڦِريا جي فَرمان کان، تن ڪيا جي ڪم ڪار، تِنهن سبب رَسندا، تن رهن، واقعا ويروتار، ياڳَلِي سَندنِ ڳوٺ جِي، يا ويجھا مَنجھ وَلهار، جاسِين اَچي الله جي، وَعدي جِھڙِي وار، وَعدو نه ڦيري وار، اَلله جَلَّ جَلالہٗ. |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَأَملَيتُ لِلَّذينَ كَفَروا ثُمَّ أَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 32) |
۽ توکان مَهندِيَنِ مُرسلن تان ٿِيون مَسخريون مگر، پوءِ ڦِريا جي فرمان کان، ڍيليمِ تن ڍِنگھر، پوءِ پَڪڙيمِ اُنهن کي، گھيري مَنجھ گَنگهر، سَزا ڪِيئَن سَگھر، آخِر آهي، مُنهنجِي. |
أَفَمَن هُوَ قائِمٌ عَلىٰ كُلِّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ قُل سَمّوهُم أَم تُنَبِّـٔونَهُ بِما لا يَعلَمُ فِى الأَرضِ أَم بِظٰهِرٍ مِنَ القَولِ بَل زُيِّنَ لِلَّذينَ كَفَروا مَكرُهُم وَصُدّوا عَنِ السَّبيلِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
پوءِ ڇا؟ جو، هرجان تي، قائـِم ڪاردار، سَنڀالِيندڙ سڀ کي، جي ڪيائـِين ڪَم ڪار، ۽ ڇاجوڙيئون، جوڙڻهارسان، جُڙتو جوڙڻهار؟ چَئو، وَٺو واحِد سامهان، نالاتن نِروار، ڇا اوهين ڏِيوٿا اُن کي، تِنهنجِي خبر چار، جِنهن کي، بلڪل ڀُونء ۾، نه ڄاڻي ڄاڻڻهار، يا ڪريو ٿا ڪُفار، مَٿاڇريون ڳالهيون. بِلڪلُ وَڻايا،تَن وِيا، سَندنِ ٺڳيون ٺاھ، ۽ روڪيا ويا راه کان، جِنهن کي مُنجھائي اَللهَ، ڪونهي ڪو هَمراه، رَهبر اُن جو راه ۾. |
لَهُم عَذابٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَقُّ وَما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 34) |
هِن حياتِئَ خَسِيس ۾، اُنهن لئي آزار، ۽ عَذاب آخرت ۾، جَبرو جَٽادار، ۽ هُوندو نه سَندنِ هارِ، ڪو جھالائُو، جَلِيل کان. |
مَثَلُ الجَنَّةِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ أُكُلُها دائِمٌ وَظِلُّها تِلكَ عُقبَى الَّذينَ اتَّقَوا وَعُقبَى الكٰفِرينَ النّارُ (آيت : 35) |
ڀَلن سان جِنهن باغ جو، اَڳتي آهي اَنجام، هَر هَنڌ هيٺان اُن جي، جَر وَهن ٿا جام، ميوا موڪ اُن جا، پڻ مَلهارِيون مُدام، جَن سَنڀالِيو سِيل کي، اُنهن جو، اِهو اَنجام، ۽ باھِ بَنھ بَدنام، عاقِبَت اِنڪاريئـِين. |
وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَفرَحونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَمِنَ الأَحزابِ مَن يُنكِرُ بَعضَهُ قُل إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ وَلا أُشرِكَ بِهِ إِلَيهِ أَدعوا وَإِلَيهِ مَـٔابِ (آيت : 36) |
۽ اُهي، اَسان جَن کي، ڏِنو سون ڪتاب، جو توڏي اُتاريو وِيو، تِنهن تي شاديون ڪَن شتاب، ۽ اُن جا بَعض باب، ڪي قومون مَڃِينِ ڪِين ڪِي. چئو، حُڪم ٿِيمِ، هِڪ اَلله لئي، ٻَڌان آئون ٻانهون، ۽ ٻِيو ٻِيلي نَه گڏيان اُن سان، ڏيان تِنهن دَر دانهون، ۽ آخِر اوڏانهون، مُون کي آهي، موٽڻو. |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ حُكمًا عَرَبِيًّا وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَما جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا واقٍ (آيت : 37) |
۽ اِنپر اُتارِياسون اُهي، عَربِيء ۾ اَحڪام، ۽ جي تابِع ٿيندِين، تن جي، خواهِش سَندو، خام، جنهن بعد آيئـِي عِلم مَنجھان، پوءِ ڄاڻ نه پَنهنجو ڄام! واهِر، ڪو وَريام، پڻ جَھالائو جِلِيل کان. |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ وَجَعَلنا لَهُم أَزوٰجًا وَذُرِّيَّةً وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ لِكُلِّ أَجَلٍ كِتابٌ (آيت : 38) |
مُرسل توکان مَهندا ڀَرا، موڪلياسُون مُور، ۽ زالون، پُٽ ضَرُور، عَطا ڪياسون، اُنهن کي. ۽ ڪِنهن مُرسل وَس نه مُور، ته آڻي آيت مُعجزو، اَلله جَلّ جَلالہٗ، مگر ڪري منظور، آهي هَر اَنجام لَئي، لِکيل حُڪم حُضور، |
يَمحُوا اللَّهُ ما يَشاءُ وَيُثبِتُ وَعِندَهُ أُمُّ الكِتٰبِ (آيت : 39) |
ميٽي يا ثابِت رکي، جِنهن لئي گُھري غَفُور، ۽ وَٽِس ضَبط ضَرُور، آهي اصل ڪتاب جو. |
وَإِن ما نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَعَلَينَا الحِسابُ (آيت : 40) |
يا توکي ڏيکاريون تِنهن مَنجھان، جو ٻولايون ٻِيهار، يا پساه پورا ڪريون، مَهند سَندئـِي مَهندار!، توتي پُهچائـِڻ پار، ۽ اَسان تي، ليکو لوڪ جو. |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها وَاللَّهُ يَحكُمُ لا مُعَقِّبَ لِحُكمِهِ وَهُوَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 41) |
ڇا وَرتئون نه ويچار؟ ته اَسِين اَچون زَمِين کي، ڀيريون ڀيريون ڀَڃندا، ڪَپر ڪَنڌيون ڪِنار، ۽ اَلله هَلائي حُڪم ٿو، پَنهنجي پَسندِي هار، هرگز نه سَندسِ حُڪم کي، ڪو وارڻ وار وار، ۽ تِکو سو تڪرار، بابن ڀيٽڻ، باب ۾. |
وَقَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلِلَّهِ المَكرُ جَميعًا يَعلَمُ ما تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ وَسَيَعلَمُ الكُفّٰرُ لِمَن عُقبَى الدّارِ (آيت : 42) |
۽ مَڪر ڪيائون مُورهين، جي مهند، تِنئان مَڪار، آهن مَڪر اُنهن جا، سڀ صاحب وَٽ سَتار، ڄاڻي سو هَر ڄَڻي. ڪيا جي ڪَم ڪار، ۽ سَمجِھي وِيندا سِگھڙٖي، جَن اَنڌن ڪيو اِنڪار، ته آهي، آخِرڪار، ماڳ موچارو ڪِنهن لئي. |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَستَ مُرسَلًا قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَمَن عِندَهُ عِلمُ الكِتٰبِ (آيت : 43) |
۽ ڪَهَن، جن ڪُفر ڪيو، ته تون نَه مُرسل مُور، چئو، مُون ۽ اَوهان جي وِچ ۾، گواه بَس غَفُور، ۽ پڻ جِنهِين وَٽ ضرور، آهي عِلم ڪِتاب جو. |