المر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَالَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ الحَقُّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 1) |
المرٰ (اي پيغمبر) هي قرآن جون آيتون آهن ۽ جيڪي توڏي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان لاٿو ويو آهي سو حق آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا مڃين. |
اللَّهُ الَّذى رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى يُدَبِّرُ الأَمرَ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم بِلِقاءِ رَبِّكُم توقِنونَ (آيت : 2) |
الله اهو آهي جنهن ٿنڀن کان سواءِ آسمانن کي اوچو ڪيو جن کي اوهين ڏسو ٿا پوءِ عرش تي قائم ٿيو، ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳايو اٿس. هر هڪ مقررّ مُدّت تائين هلي ٿو. (هو) ڪم جي تدبير ٿو ڪري (۽) نشانين کي کولي بيان ٿو ڪري ته مَنَ اوهين پنهنجي پاليندڙ سان ملڻ جو يقين ڪريو. |
وَهُوَ الَّذى مَدَّ الأَرضَ وَجَعَلَ فيها رَوٰسِىَ وَأَنهٰرًا وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فيها زَوجَينِ اثنَينِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 3) |
۽ هو اهو آهي جنهن زمين کي پکيڙيو ۽ ان ۾ جبل ۽ نديون پيدا ڪيائين. ۽ ان ۾ سڀ ڪنهن ميوي مان جوڙو يعني ٻه ٻه قسم پيدا ڪيائين (يعني کٽو ۽ مٺو ۽ نفيس ۽ خسيس) رات کي ڏينهن سان ڍڪي ٿو. بيشڪ ان ۾ فڪر ڪرڻ واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن. |
وَفِى الأَرضِ قِطَعٌ مُتَجٰوِرٰتٌ وَجَنّٰتٌ مِن أَعنٰبٍ وَزَرعٌ وَنَخيلٌ صِنوانٌ وَغَيرُ صِنوانٍ يُسقىٰ بِماءٍ وٰحِدٍ وَنُفَضِّلُ بَعضَها عَلىٰ بَعضٍ فِى الأُكُلِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 4) |
۽ زمين ۾ هڪ ٻئي جي ڀر سان (ان جا) مختلف ٽڪرا آهن ۽ (ان ۾ ) انگورن جا باغ ۽ پوکون ۽ هڪ ٻئي سان گڏيل ٿڙن واريون ۽ جدا جدا ٿڙن واريون کجيون آهن، انهن کي هڪ ئي پاڻي پياريو وڃي ٿو ۽(پوءِ به) اسين زمين جي هڪڙن ٽڪرن کي ٻين کان پيداوار ۾ ڀلو ڪريون ٿا. بيشڪ ان ۾ سمجهدار قوم لاءِ نشانيون آهن |
وَإِن تَعجَب فَعَجَبٌ قَولُهُم أَءِذا كُنّا تُرٰبًا أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم وَأُولٰئِكَ الأَغلٰلُ فى أَعناقِهِم وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 5) |
۽ (اي پيغمبر !) جيڪڏهن تون (سندن انڪارتي) عجب ٿو ڪرين ته انهن جو هيءُ ٻول به عجيب آهي ته ڇا جڏهن اسين مٽي ٿينداسون ته ڇا اسان کي نئين سر بنايو ويندو؟ اِهي اهي آهن جن پنهنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو. ۽ انهن جي ڳچين ۾ طوق هوندا. ۽ اهي ئي دوزخي آهن، اهي ان ۾ پيا رهندا. |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ وَقَد خَلَت مِن قَبلِهِمُ المَثُلٰتُ وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو مَغفِرَةٍ لِلنّاسِ عَلىٰ ظُلمِهِم وَإِنَّ رَبَّكَ لَشَديدُ العِقابِ (آيت : 6) |
۽ (اي پيغمبر) توکان ڀلائي (گهرڻ) کان اڳ ۾ بڇڙائي گهرڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا هوڏانهن انهن کان اڳي (اهڙا) عذاب (ٻين قومن تي) گذري چڪا آهن.۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ماڻهن کي سندن ظلم هوندي به معاف ڪرڻ وارو آهي. ۽ بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جو عذاب (به) سخت آهي. |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ إِنَّما أَنتَ مُنذِرٌ وَلِكُلِّ قَومٍ هادٍ (آيت : 7) |
۽ ڪافر چون ٿا ته هن (رسول) تي سندس پاليندڙ جي طرفان ڪا نشاني ڇو نه لاٿي ويئي؟ (سو اي پيغمبر) تون رڳو ڊيڄاريندڙ ۽ سڀني قومن لاءِ رستو ڏيکاريندڙ آهين. |
اللَّهُ يَعلَمُ ما تَحمِلُ كُلُّ أُنثىٰ وَما تَغيضُ الأَرحامُ وَما تَزدادُ وَكُلُّ شَيءٍ عِندَهُ بِمِقدارٍ (آيت : 8) |
۽ سڀڪا مادي جيڪو (پنهنجي پيٽ ۾) حمل جهلي ٿي ۽ جنهن کي ڳڀيرڻيون گهٽائين ٿيون ۽ جنهن کي وڌائين ٿيون تن سڀني) کي الله ڄاڻي ٿو. ۽ ان وٽ سڀ ڪنهن شيءَ جو اندازو آهي. |
عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ الكَبيرُ المُتَعالِ (آيت : 9) |
(هو) ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ، وڏو (۽) مٿاهون آهي. |
سَواءٌ مِنكُم مَن أَسَرَّ القَولَ وَمَن جَهَرَ بِهِ وَمَن هُوَ مُستَخفٍ بِالَّيلِ وَسارِبٌ بِالنَّهارِ (آيت : 10) |
جيڪو اوهان مان آهستي ڳالهه ڪري ٿو ۽ جيڪو ڏاڍيان ڳالهائي ٿو ۽ جيڪو رات جو لڪندڙ ۽ جو ڏينهن جو هلندڙ آهي سي (سڀئي ان وٽ) برابر آهن. |
لَهُ مُعَقِّبٰتٌ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ يَحفَظونَهُ مِن أَمرِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُغَيِّرُ ما بِقَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَإِذا أَرادَ اللَّهُ بِقَومٍ سوءًا فَلا مَرَدَّ لَهُ وَما لَهُم مِن دونِهِ مِن والٍ (آيت : 11) |
انسان لاءِ سندس اڳيان ۽ سندس پويان هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ پهريدار آهن، اهي الله جي حڪم سان ان جي نگهباني ڪن ٿا. بيشڪ الله ڪنهن قوم جي حالت نه ٿو بدلائي جيستائين جيڪي سندن دلين ۾ آهي تنهن کي اهي نه بدلائين. ۽ جڏهن الله ڪنهن قوم سان برائي جو ارادو ڪري ٿو ته ان برائي کي ڪوبه ڦيرڻ وارو نه آهي. ۽ ان کان سواءِ سندن ڪو مددگار نه آهي. |
هُوَ الَّذى يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنشِئُ السَّحابَ الثِّقالَ (آيت : 12) |
هو اُهو آهي جيڪو خوف ۽ اميد پيدا ڪرڻ لاءِ اوهان کي وڄ ٿو ڏيکاري ۽ ڳرا ڪڪر ٿو اُٿاري. |
وَيُسَبِّحُ الرَّعدُ بِحَمدِهِ وَالمَلٰئِكَةُ مِن خيفَتِهِ وَيُرسِلُ الصَّوٰعِقَ فَيُصيبُ بِها مَن يَشاءُ وَهُم يُجٰدِلونَ فِى اللَّهِ وَهُوَ شَديدُ المِحالِ (آيت : 13) |
۽ گجگوڙ ڪندڙ (ڪڪر) ۽ ملائڪ سندس ڊپ کان سندس تعريف سان گڏ پاڪائي بيان ڪن ٿا. ۽ وڄون ٿو موڪلي پوءِ جنهن تي گهري تنهن تي اهي ڪيرائي ٿو. ۽ اهي (ڪافر) الله جي ڳالهه ۾ جهڳڙو ڪن ٿا، هوڏانهن اهو زبردست طاقت وارو آهي. |
لَهُ دَعوَةُ الحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَجيبونَ لَهُم بِشَيءٍ إِلّا كَبٰسِطِ كَفَّيهِ إِلَى الماءِ لِيَبلُغَ فاهُ وَما هُوَ بِبٰلِغِهِ وَما دُعاءُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 14) |
ان کي ئي سڏڻ حق آهي. ۽ ڪافر الله کان سواءِ جن کي سڏين ٿا سي کين ڪجهه به جواب نه ٿا ڏين مگر جيئن ڪو پنهنجا ٻئي هٿ پاڻيءَ ڏي ڊگها ڪري ته (پاڻي ازخود) ان جي وات تائين پهچي هوڏانهن اهو پاڻي ان تائين پهچڻ وارو نه آهي ۽ ڪافرن جو سڏڻ رڳو بيڪار آهي. |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَظِلٰلُهُم بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 15) |
۽ جيڪيآسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي خوشيءَ ۽ مجبوريءَ سان ۽ انهن جا پاڇا به صبح ۽ شام جو الله کي ئي سجدو ڪن ٿا. |
قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ قُل أَفَاتَّخَذتُم مِن دونِهِ أَولِياءَ لا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم نَفعًا وَلا ضَرًّا قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَم هَل تَستَوِى الظُّلُمٰتُ وَالنّورُ أَم جَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ خَلَقوا كَخَلقِهِ فَتَشٰبَهَ الخَلقُ عَلَيهِم قُلِ اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ الوٰحِدُ القَهّٰرُ (آيت : 16) |
(اي پيغمبر! کين) چو ته آسمانن ۽ زمين جو پاليندڙ ڪير آهي؟ (اهي ڇا جواب ڏيندا؟ تون ئي) چو ته الله . (ان کان پوءِ) چو ته ڇا پوءِ به اوهان ان کان سواءِ ٻيا اهڙا مددگار ڪري ورتا آهن جي پاڻ کي به ڪنهن فائدي ۽ نقصان پهچائڻ جو اختيار نه ٿا رکن؟ چو ته ڇا انڌو ۽ سڄو (پاڻ ۾ ) برابر آهن. ڀلا اونداهيون ۽ سوجهرو (به پاڻ ۾ ڪي) برابر ٿيندا ڇا؟ ڀلا انهن الله سان اهڙا شريڪ مقرر ڪيا آهن ڇا؟ جن (به) الله جي پيدا ڪرڻ وانگر ڪجهه پيدا ڪيو هجي پوءِ (انهن ٻنهين جو) پيدا ڪرڻ کين هڪ جهڙو معلوم ٿئي ٿو. (اي پيغمبر! کين) چو ته الله سڀ ڪنهن شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ اهو ئي اڪيلو (۽) زبردست آهي. |
أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسالَت أَودِيَةٌ بِقَدَرِها فَاحتَمَلَ السَّيلُ زَبَدًا رابِيًا وَمِمّا يوقِدونَ عَلَيهِ فِى النّارِ ابتِغاءَ حِليَةٍ أَو مَتٰعٍ زَبَدٌ مِثلُهُ كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ الحَقَّ وَالبٰطِلَ فَأَمَّا الزَّبَدُ فَيَذهَبُ جُفاءً وَأَمّا ما يَنفَعُ النّاسَ فَيَمكُثُ فِى الأَرضِ كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ (آيت : 17) |
ان آسمان مان پاڻي وسايو پوءِ پنهنجي قدر آهر واهه وهيا، پوءِ وهندڙ پاڻي ڦوڪيل گجيءَ کي ڪڍيو. ۽ ڪنهن زيور يا سامان جي بنائڻ لاءِ جيڪا شيءِ باهه ۾ ڳارين ٿا تنهن ۾ به اهڙي گجي آهي. الله اهڙي طرح حق ۽ باطل جو مثال بيان ڪري ٿو. پوءِ (پاڻيءَ جي) گجي ته نابود ٿي وڃي ٿي ۽ جا شيءَ ماڻهن کي فائدو پهچائي ٿي سا زمين ۾ رهي ٿي. الله اهڙيءَ طرح مثال بيان ڪري ٿو. |
لِلَّذينَ استَجابوا لِرَبِّهِمُ الحُسنىٰ وَالَّذينَ لَم يَستَجيبوا لَهُ لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم سوءُ الحِسابِ وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 18) |
جن پنهنجي پاليندڙ جو حڪم قبول ڪيوتن لاءِ ڀلائي آهي ۽ جن ان جو حڪم قبول نه ڪيو تن وٽ جيڪڏهن جيڪي زمين ۾ سڀئي آهي سو ۽ ان سان گڏ ٻيو اوترو هجي ته به اهو ڏيئي پاڻ کي ڇڏيائين. انهن لاءِ بڇڙو حساب آهي. |
أَفَمَن يَعلَمُ أَنَّما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ الحَقُّ كَمَن هُوَ أَعمىٰ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 19) |
انهن جي رهڻ جي جاءِ جهنم آهي ۽ اهو بڇڙو هنڌ آهي. (اي پيغمبر !) ڇا پوءِ جيڪو ڄاڻي ٿو ته جيڪو (قرآن) تو ڏي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي سو سچ آهي سو ڪو ان جهڙو آهي جو انڌو آهي؟ عقل وارا ئي ڌيان ڪن ٿا، |
الَّذينَ يوفونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَلا يَنقُضونَ الميثٰقَ (آيت : 20) |
(اِهي اُهي آهن) جيڪي الله جي انجام کي پورو ڪن ٿا ۽ وعده نه ٿا ڀڃن، |
وَالَّذينَ يَصِلونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيَخشَونَ رَبَّهُم وَيَخافونَ سوءَ الحِسابِ (آيت : 21) |
۽ جنهن جي ڳنڍڻ جو الله حڪم ڪيو آهي، ان کي جيڪي ڳنڍين ٿا، ۽ پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄن ٿا ۽ حساب جي سختيءَ کان ڊڄن ٿا. |
وَالَّذينَ صَبَرُوا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِم وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ أُولٰئِكَ لَهُم عُقبَى الدّارِ (آيت : 22) |
۽ جن پنهنجي پاليندڙ جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ صبر ڪيو ۽ نماز قائم ڪئي ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان ڳجهو ۽ ظاهر خرچ ڪيائون ۽ ڀلائيءَ سان بڇڙائي کي ٽارين ٿا. انهن لاءِ ئي آخرت جو گهر آهي، |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَالمَلٰئِكَةُ يَدخُلونَ عَلَيهِم مِن كُلِّ بابٍ (آيت : 23) |
رهڻ جا باغ آهن جن ۾ اُهي (پاڻ) ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ زالن ۽ اولادن مان جيڪي نيڪ ٿيا، سي داخل ٿيندا ۽ وٽن سڀ ڪنهن دروازي کان ملائڪ ايندا. |
سَلٰمٌ عَلَيكُم بِما صَبَرتُم فَنِعمَ عُقبَى الدّارِ (آيت : 24) |
(۽ اچي چوندن ته) اوهان جيڪو صبر ڪيو هو تنهن جي ڪري اوهان لاءِ سلامتي آهي پوءِ آخرت جو گهر چڱو آهي. |
وَالَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ لَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 25) |
۽ جيڪي الله جي انجام کي ان جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ڀڃن ٿا ۽ جنهن جي ڳنڍڻ جو الله حڪم ڪيو آهي تنهن کي ڇنن ٿا، ۽ زمين ۾ فساد ڪن ٿا، تن تي لعنت آهي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گهرآهي. |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَفَرِحوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا فِى الءاخِرَةِ إِلّا مَتٰعٌ (آيت : 26) |
الله جنهن لاءِ گهري تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري تنهن جي) تنگ ڪري ٿو. ۽ اهي دُنيا جي حياتيءَ تي خوش ٿيا، هوڏانهن دنيا جي حياتي آخرت جي مقابلي ۾ ٿوري سامان کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى إِلَيهِ مَن أَنابَ (آيت : 27) |
۽ (اي پيغمبر! تنهنجي باري ۾ ) ڪافر چون ٿا ته هن جي پاليندڙ جي طرفان هن تي نشاني ڇو نه لاٿي ويئي آهي؟ تون چو ته الله جنهن کي گهري ٿو تنهن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ جيڪو رجوع ٿيو تنهن کي پاڻ ڏي رستو ڏيکاري ٿو. |
الَّذينَ ءامَنوا وَتَطمَئِنُّ قُلوبُهُم بِذِكرِ اللَّهِ أَلا بِذِكرِ اللَّهِ تَطمَئِنُّ القُلوبُ (آيت : 28) |
يعني انهن کي جن ايمان آندو ۽ سندن دلين کي الله کي ياد ڪرڻ سان آرام ملي ٿو. خبردار ٿيو! الله کي ياد ڪرڻ سان ئي دلين کي آرام ملي ٿو. |
الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ طوبىٰ لَهُم وَحُسنُ مَـٔابٍ (آيت : 29) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ خوشي ۽ چڱي جاءِ آهي. |
كَذٰلِكَ أَرسَلنٰكَ فى أُمَّةٍ قَد خَلَت مِن قَبلِها أُمَمٌ لِتَتلُوَا۟ عَلَيهِمُ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ وَهُم يَكفُرونَ بِالرَّحمٰنِ قُل هُوَ رَبّى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ مَتابِ (آيت : 30) |
(اي پيغمبر !) اهڙي طرح اسان توکي اهڙي جماعت ۾ موڪليو آهي جنهن کان اڳي ڪيتريون جماعتون گذري چڪيون آهن هن لاءِ ته جيڪو (قرآن) اسان تو ڏي وحي ڪيو آهي سو انهن کي پڙهي ٻڌائين ۽ اهي رحمان جو انڪار ڪن ٿا. تون چو ته اهو ئي منهنجو پاليندڙ آهي ان کان سواءِ ڪو عبادت جي لائق نه آهي. ان تي ئي مون ڀروسو ڪيو آهي ۽ ان ڏي ئي مون کي موٽڻو آهي. |
وَلَو أَنَّ قُرءانًا سُيِّرَت بِهِ الجِبالُ أَو قُطِّعَت بِهِ الأَرضُ أَو كُلِّمَ بِهِ المَوتىٰ بَل لِلَّهِ الأَمرُ جَميعًا أَفَلَم يَا۟يـَٔسِ الَّذينَ ءامَنوا أَن لَو يَشاءُ اللَّهُ لَهَدَى النّاسَ جَميعًا وَلا يَزالُ الَّذينَ كَفَروا تُصيبُهُم بِما صَنَعوا قارِعَةٌ أَو تَحُلُّ قَريبًا مِن دارِهِم حَتّىٰ يَأتِىَ وَعدُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 31) |
۽ جيڪڏهن ڪو قرآن اهڙو هجي ها جنهن سان جبلن کي هلائجي يا ان سان زمين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪجي يا ان جي ذريعي مئلن سان ڳالهائجي (تڏهن به اهي ايمان نه آڻيندا) پر سمورو ڪم الله جي وس ۾ آهي. ڇا پوءِ به ايمان وارن نه سمجهيو ته جيڪڏهن الله گهري ته سڀني ماڻهن کي هدايت ڪري. ۽ ڪافرن جيڪي ڪيو آهي تنهن جي ڪري هميشة کين ڪا نه ڪا مصيبت پهچندي رهندي يا (اها مصيبت) سندن گهرن جي ويجهو پيئي لهندي. جيستائين الله جو وعدو اچي. بيشڪ الله پنهنجو وعدو نٿو ڦيرائي. |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَأَملَيتُ لِلَّذينَ كَفَروا ثُمَّ أَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 32) |
۽ (اي پيغمبر !) توکان اڳ رسولن تي مسخري ڪئي ويئي پوءِ (اول) ڪافرن کي ڍر ڏنيم (ان کان) پوءِ کين پڪڙيم. پوءِ منهنجي سزا ڪيئن هئي؟ |
أَفَمَن هُوَ قائِمٌ عَلىٰ كُلِّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ قُل سَمّوهُم أَم تُنَبِّـٔونَهُ بِما لا يَعلَمُ فِى الأَرضِ أَم بِظٰهِرٍ مِنَ القَولِ بَل زُيِّنَ لِلَّذينَ كَفَروا مَكرُهُم وَصُدّوا عَنِ السَّبيلِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
ڇا پوءِ (الله) جيڪو سڀ ڪنهن ماڻهو (جي مٿي) تي جيڪي ان ڪيو آهي تنهن جي بدلي ڏيڻ لاءِ موجود آهي (سو بيخبر بُتن جهڙو آهي) ۽ ڪافرن الله جا شريڪ مقرر ڪيا آهن (اي محمد ؑ! کين) چو ته انهن جا نالا ٻڌايو. ڀلا الله کي اهڙي ڳالهه ٻڌايو ٿا ڇا جنهن کي زمين ۾ نه ٿو ڄاڻي يا ته بي ڀروسي جهڙي ڳالهه سان (انهن کي الله جا شريڪ چو ٿا) پر (حقيقت هيءَ آهي ته) ڪافرن کي سندن غلط خيال چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي ۽ انهن کي (الله جي) رستي کان روڪيو ويو آهي. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري تنهن کي ڪو به رستو ڏيکارڻ وارو نه آهي. |
لَهُم عَذابٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَقُّ وَما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 34) |
انهن لاءِ دنيا جي حياتيءَ ۾ عذاب آهي ۽ آخرت جو عذاب ته اڃان به سخت آهي. ۽ انهن کي الله (جي عذاب) کان ڪو به بچائڻ وارو نه آهي. |
مَثَلُ الجَنَّةِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ أُكُلُها دائِمٌ وَظِلُّها تِلكَ عُقبَى الَّذينَ اتَّقَوا وَعُقبَى الكٰفِرينَ النّارُ (آيت : 35) |
جنهن جنت جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي تنهن جو بيان هيءَ آهي ته ان جي هيٺان واه وهن ٿا. ان جا ميوا ۽ ان جي ڇانوَ هميشة رهڻ وارا آهن. اهو پرهيزگارن جو بدلو آهي، ۽ ڪافرن جو بدلو باهه آهي. |
وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَفرَحونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَمِنَ الأَحزابِ مَن يُنكِرُ بَعضَهُ قُل إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ وَلا أُشرِكَ بِهِ إِلَيهِ أَدعوا وَإِلَيهِ مَـٔابِ (آيت : 36) |
۽ جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي سي جيڪو (ڪتاب) توڏي نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي خوش ٿين ٿا ۽ انهن جماعتن مان ڪي اهڙا آهن جي ان جي ڪجهه ڳالهين جو انڪار ڪن ٿا. تون چو ته مون کي هي ئي حڪم ڪيو ويو آهي ته آءُ الله جي عبادت ڪريان ۽ ان سان (ڪنهن کي به) شريڪ نه ڪريان. ان ڏي ئي (ماڻهن کي) سڏيان ٿو ۽ ان ڏي ئي منهنجو موٽڻ آهي. |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ حُكمًا عَرَبِيًّا وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَما جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا واقٍ (آيت : 37) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان ان (قرآن) کي عربي زبان ۾ حاڪم ڪري نازل ڪيو آهي ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون سندن خواهشن جي تابعداري ڪندين ان کان پوءِ جو توکي علم پهچي چڪو آهي ته توکي الله (جي عذاب) کان (بچائڻ لاءِ) تنهنجو نه ڪو دوست ۽ نه ڪو بچائڻ وارو ٿيندو. |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ وَجَعَلنا لَهُم أَزوٰجًا وَذُرِّيَّةً وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ لِكُلِّ أَجَلٍ كِتابٌ (آيت : 38) |
۽ بيشڪ تو کان اڳي اسان ڪيترا رسول موڪليا ۽ کين زالون ۽ اولاد ڏنوسون. ۽ ڪنهن به رسول لاءِ هيءَ ڳالهه (جائز) نه هئي ته الله جي حڪم کان سواءِ ڪا نشاني آڻي. |
يَمحُوا اللَّهُ ما يَشاءُ وَيُثبِتُ وَعِندَهُ أُمُّ الكِتٰبِ (آيت : 39) |
سڀ ڪنهن وعدي لاءِ لکيل (حڪم) آهي. (ان کان پوءِ ان مان) الله جيڪي گهري ٿو سو مٽائي ٿو ۽ (جيڪي گهري ٿو سو) باقي رکي ٿو. ۽ ان وٽ ئي اصل ڪتاب (لوح محفوط) آهي. |
وَإِن ما نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَعَلَينَا الحِسابُ (آيت : 40) |
۽ (اي پيغمبر !) جيڪو انجام انهن سان ڪريون ٿا تنهن مان ڪجهه جيڪڏهن توکي ڏيکاريون يا توکي (ڏيکارڻ کان اڳي) ماريون ته (ٻنهين صورتن ۾ ) توتي رڳو پيغام پهچائڻ ۽ اسان تي حساب وٺڻ آهي. |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها وَاللَّهُ يَحكُمُ لا مُعَقِّبَ لِحُكمِهِ وَهُوَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 41) |
ڇا انهن نه ڏٺو ته اسين (سندن) زمين کي ان جي پاسن کان گهٽائيندا ٿا اچون. ۽ الله حڪم ڪري ٿو سندس حڪم کي ڪوبه رد ڪرڻ وارو نه آهي. ۽ ان جي طرفان جلد حساب ٿيڻ وارو آهي. |
وَقَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلِلَّهِ المَكرُ جَميعًا يَعلَمُ ما تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ وَسَيَعلَمُ الكُفّٰرُ لِمَن عُقبَى الدّارِ (آيت : 42) |
۽ جيڪي انهن کان اڳ هئا تن بيشڪ (ڪم بگاڙڻ لاءِ) ڳجهي تدبير ڪئي (پرڪارگر نه ٿي) ڇو ته سڀ تدبيرون الله جي هٿ ۾ آهن. سڀڪو نفس جيڪي ڪري ٿو تنهن کي الله ڄاڻي ٿو. ۽ ڪافر جلد ڄاڻندا ته ڪنهن لاءِ آخرت جو گهر آهي. |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَستَ مُرسَلًا قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَمَن عِندَهُ عِلمُ الكِتٰبِ (آيت : 43) |
۽ ڪافر چون ٿا ته تون ( الله جو) موڪليل نه آهين. (کين) چو ته منهنجي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ الله شاهد بس آهي ۽ (اهو به) جنهن وٽ ڪتاب جو علم آهي. |