المر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَالَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ الحَقُّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 1) |
الف لام ميم را. هي ڪتاب جون آيتون آهن. ۽ جيڪِي ڪجهه تو ڏانهن تنهنجي پالڻهار جي طرفان نازل ڪيو وڃي ٿو سو حق آهي ۽ پر گھڻا ماڻهو ايمان نه ٿا آڻن. |
اللَّهُ الَّذى رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى يُدَبِّرُ الأَمرَ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم بِلِقاءِ رَبِّكُم توقِنونَ (آيت : 2) |
الله اُهو آهي جنهن آسمانن کي بنا ٿنڀن جي مٿاهون ڪيو آهي جنهن کي اوهان ڏسو ٿا پوءِ اهو عرش تي قائم ٿيو (يعني پنهنجي تختِ سلطنت تي جلوه گر ٿيو) ۽ سج ۽ چنڊ کي نظام جو پابند ڪيائين. هر هڪ مقرر مدت لاءِ گشت ڪري ٿو. اهو الله ئي نظام جي تدبير ڪري ٿو پنهنجون نشانيون کولي کولي بيان ڪري ٿو ته جيئن توهان پنهنجي رب جي ملاقات جو يقين ڪيو. |
وَهُوَ الَّذى مَدَّ الأَرضَ وَجَعَلَ فيها رَوٰسِىَ وَأَنهٰرًا وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فيها زَوجَينِ اثنَينِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 3) |
اُهو ئي آهي جنهن زمين کي وڇايو ۽ ان ۾ جبل بنايائين ۽ نهرون (وهايائين.) ۽ سڀني ميوَن مان ٻه ٻه جوڙا جوڙا بنايائين اهو رات سان ڏينهن کي ڍڪي ٿو. بيشڪ ان (ساري قدرتن) ۾ غور و فڪر ڪندڙ قوم لاءِ وڏيون نشانيون آهن. |
وَفِى الأَرضِ قِطَعٌ مُتَجٰوِرٰتٌ وَجَنّٰتٌ مِن أَعنٰبٍ وَزَرعٌ وَنَخيلٌ صِنوانٌ وَغَيرُ صِنوانٍ يُسقىٰ بِماءٍ وٰحِدٍ وَنُفَضِّلُ بَعضَها عَلىٰ بَعضٍ فِى الأُكُلِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 4) |
۽ زمين ۾ هڪ ٻئي جي ڀرسان (مختلف قسم جا) ٽڪرا آهن ۽ انگورن جا باغ آهن ۽ پوکون ۽ کجورن جا وڻ آهن مليل ٿڙن وارا ۽ جدا ٿڙن وارا (انهن) سڀني کي هڪڙو پاڻي پياريو وڃي ٿو. ۽ (پوءِ به) اسان ذائقي ۾ هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏيون ٿا. بيشڪ ان ۾ عقلمند قوم لاءِ وڏيون نشانيون آهن. |
وَإِن تَعجَب فَعَجَبٌ قَولُهُم أَءِذا كُنّا تُرٰبًا أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم وَأُولٰئِكَ الأَغلٰلُ فى أَعناقِهِم وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 5) |
۽ جيڪڏهن تون (منڪرن تي) عجب ٿو ڪرين ته انهن جو هي قول به عجيب آهي ته ”ڇا جڏهن اسان (مري) مِٽي ٿينداسين ته اسان کي ٻيهر نئين سر پيدا ڪيو ويندو“؟ اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پالڻهار سان ڪفر ڪيو، ۽ اهي آهن جن جي ڳچين ۾ ڳٽ هوندا ۽ اُهي جهنمي آهن. اهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ وَقَد خَلَت مِن قَبلِهِمُ المَثُلٰتُ وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو مَغفِرَةٍ لِلنّاسِ عَلىٰ ظُلمِهِم وَإِنَّ رَبَّكَ لَشَديدُ العِقابِ (آيت : 6) |
۽ تو کان ڀلائي کان اڳ برائي گهرڻ ۾ تڪڙ مچائن ٿا حالانڪه انهن کان اڳ ڪيئي عذاب (جا واقعا) گذري چڪا آهن. ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ماڻهن لاءِ انهن جي ظلمن جي باوجود بخشڻ وارو آهي ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي. |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ إِنَّما أَنتَ مُنذِرٌ وَلِكُلِّ قَومٍ هادٍ (آيت : 7) |
۽ ڪافر چون ٿا ته: ”هن (رسول) تي ان جي پالڻهار کان ڪا نشاني ڇو نه لاٿي وئي“؟ (اي نبي!) تون صرف ڊيڄارڻ وارو آهين ۽ هر قوم لاءِ هڪ رهنما آهي. |
اللَّهُ يَعلَمُ ما تَحمِلُ كُلُّ أُنثىٰ وَما تَغيضُ الأَرحامُ وَما تَزدادُ وَكُلُّ شَيءٍ عِندَهُ بِمِقدارٍ (آيت : 8) |
الله ڄاڻي ٿو جيڪو هر مادي پنهنجي پيٽ ۾ کڻي هلي ٿي ۽ ڳڀ جيتري قدر گهٽجن ۽ وڌن ٿا. ۽ هر شيءِ وٽس مقرر حد سان آهي. |
عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ الكَبيرُ المُتَعالِ (آيت : 9) |
ڳُجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو آهي سڀ کان وڏو ۽ مٿاهين شان وارو آهي. |
سَواءٌ مِنكُم مَن أَسَرَّ القَولَ وَمَن جَهَرَ بِهِ وَمَن هُوَ مُستَخفٍ بِالَّيلِ وَسارِبٌ بِالنَّهارِ (آيت : 10) |
(ان لاءِ سڀ) برابر آهن اوهان مان ڪو آهستي ڳالهه ڪري يا ڏاڍيان ڪري ۽ ڪو رات (جي انڌاري) ۾ لڪل هجي ۽ ڪو ڏينهن (جي روشني) ۾ هلندڙ هجي. |
لَهُ مُعَقِّبٰتٌ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ يَحفَظونَهُ مِن أَمرِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُغَيِّرُ ما بِقَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَإِذا أَرادَ اللَّهُ بِقَومٍ سوءًا فَلا مَرَدَّ لَهُ وَما لَهُم مِن دونِهِ مِن والٍ (آيت : 11) |
انسان لاءِ هڪ ٻئي پٺيان اچڻ وارا (فرشتا) آهن جيڪي ان جي اڳيان ۽ ان جي پٺيان (هجن ٿا) الله جي حڪم سان ان جي نگهباني ڪن ٿا. بيشڪ الله ڪنهن قوم جي (بهتر) حالت کي نه ٿو بدلائي جيستائين اُهي پاڻ (نافرماني ڪري) پنهنجي حالت کي نه بدلائي ڇڏن. ۽ جنهن وقت الله ڪنهن قوم سان برائي (يعني عذاب) جو ارادو ڪري ٿو ته ان کي ڪو ٽارڻ وارو ناهي ۽ نه ئي انهن لاءِ الله کان سواءِ مددگار آهي. |
هُوَ الَّذى يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنشِئُ السَّحابَ الثِّقالَ (آيت : 12) |
اُهو ئي آهي جيڪو اوهان کي کِنوڻ ڏيکاري ٿو خوف ۽ اميد پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ ڳرا (پاڻي سان ڀريل) ڪڪر پيدا ڪري ٿو. |
وَيُسَبِّحُ الرَّعدُ بِحَمدِهِ وَالمَلٰئِكَةُ مِن خيفَتِهِ وَيُرسِلُ الصَّوٰعِقَ فَيُصيبُ بِها مَن يَشاءُ وَهُم يُجٰدِلونَ فِى اللَّهِ وَهُوَ شَديدُ المِحالِ (آيت : 13) |
۽ گجگوڙ ان جي تعريف سان گڏ ان جي پاڪائي بيان ڪري ٿي ۽ فرشتا به ان جي خوف کان (لرزندي تسبيح ۽ تعريف ڪن ٿا) ۽ اُهو کنوڻيون موڪلي ٿو پوءِ (ڪڏهن) جنهن تي چاهي اُها ان وقت ڪيرائي ٿو جڏهن اُهي الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪندڙ هجن ٿا ۽ اُهو زبردست قوت وارو آهي. |
لَهُ دَعوَةُ الحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَجيبونَ لَهُم بِشَيءٍ إِلّا كَبٰسِطِ كَفَّيهِ إِلَى الماءِ لِيَبلُغَ فاهُ وَما هُوَ بِبٰلِغِهِ وَما دُعاءُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 14) |
ان کي ئي سڏڻ بر حق آهي. ۽ جيڪي ماڻهو ان (الله) کان سواءِ جن کي سڏن ٿا اُهي کين ڪجهه به جواب نه ٿا ڏين مگر جيئن ڪو پنهنجا ٻئي هٿ پاڻيءَ ڏانهن ڊگها ڪري ته پاڻي (پاڻهي) ان جي وات تائين پهچي ۽ اُهو (پاڻي) ان تائين پهچڻ وارو نه آهي. ۽ (ان طرح) ڪافرن جو (بتن کي) سڏڻ به گمراهيءَ ۾ ئي آهي. |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَظِلٰلُهُم بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 15) |
۽ الله جي لاءِ سجدو ڪري ٿو جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي خوشيءَ سان ۽ ناخوشيءَ سان ۽ انهن جا پاڇا به صبح ۽ شام. (سجدو ڪن ٿا) |
قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ قُل أَفَاتَّخَذتُم مِن دونِهِ أَولِياءَ لا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم نَفعًا وَلا ضَرًّا قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَم هَل تَستَوِى الظُّلُمٰتُ وَالنّورُ أَم جَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ خَلَقوا كَخَلقِهِ فَتَشٰبَهَ الخَلقُ عَلَيهِم قُلِ اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ الوٰحِدُ القَهّٰرُ (آيت : 16) |
چؤ ته آسمانن ۽ زمين جو پروردگار ڪير آهي؟ چؤ : ”الله“. چؤ ڇا پوءِ به اوهان ان الله کان سواءِ (بتن کي) ڪارساز بنايو آهي؟ جيڪي پنهنجي ذات لاءِ نه ڪنهن نفعي جا مالڪ آهن ۽ نه ڪنهن نقصان جا. چؤ ته ڇا انڌو ۽ ڏسندڙ پاڻ ۾ برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڀلا ڇا انڌيرا ۽ روشني پاڻ ۾ برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڀلا ڇا الله لاءِ ڪي اهڙا شريڪ بنايا اٿن؟ جن الله جي خلقڻ وانگر (ڪجهه) خلقيو هجي؟ پوءِ انهن جو پيدا ڪرڻ کين هڪ جهڙو لڳي ٿو. چؤ الله ئي هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي اُهو اڪيلو سڀني تي غالب آهي. |
أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسالَت أَودِيَةٌ بِقَدَرِها فَاحتَمَلَ السَّيلُ زَبَدًا رابِيًا وَمِمّا يوقِدونَ عَلَيهِ فِى النّارِ ابتِغاءَ حِليَةٍ أَو مَتٰعٍ زَبَدٌ مِثلُهُ كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ الحَقَّ وَالبٰطِلَ فَأَمَّا الزَّبَدُ فَيَذهَبُ جُفاءً وَأَمّا ما يَنفَعُ النّاسَ فَيَمكُثُ فِى الأَرضِ كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ (آيت : 17) |
ان آسمان مان پاڻي لاٿو (يعني مينهن وسايو) پوءِ نَيُون پنهنجي گنجائش آهر وهي هليون پوءِ وهڪري اڀريل گَـــــجِ کي کنيو. ۽ جن شين کي باهه ۾ گرم ڪن ٿا زيور يا ٻيو سامان بنائڻ لاءِ ته ان مان به اهڙي گج نڪري ٿي. اهڙي طرح الله حق ۽ باطل جو مثال ڏئي ٿو. پوءِ گج ته (پاڻيءَ جي هجي يا لوهه جي) بيڪار بنجي وڃي ٿي ۽ پر جيڪي ماڻهن لاءِ نفعي بخش آهي سو زمين ۾ رهجي وڃي ٿو. الله اهڙي طرح مثال بيان ڪري ٿو. |
لِلَّذينَ استَجابوا لِرَبِّهِمُ الحُسنىٰ وَالَّذينَ لَم يَستَجيبوا لَهُ لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم سوءُ الحِسابِ وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 18) |
جن پنهنجي پالڻهار جو حڪم قبول ڪيو انهن لاءِ ڀلائي آهي. ۽ جن سندس حڪم نه قبوليو جيڪڏهن وٽن اُهو سڀ ڪجهه هجي جيڪي زمين ۾ آهي ۽ ان سان گڏ ايترو ٻيو به هجي ته جيڪر اُهو (پاڻُ بچائڻ لاءِ) فديي ۾ ڏين. اهي ماڻهو آهن جن لاءِ برو حساب آهي، ۽ انهن جي جاءِ جهنم آهي ۽ برو ٽڪاڻو آهي. |
أَفَمَن يَعلَمُ أَنَّما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ الحَقُّ كَمَن هُوَ أَعمىٰ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 19) |
ڀلا اُهو ماڻهو جيڪو ڄاڻي ٿو ته جيڪي تو تي تنهنجي پالڻهار وٽان نازل ٿيو آهي سو حق آهي اهو ان ماڻهو وانگر ٿي سگهي ٿو ڇا جيڪو انڌو آهي؟ نصيحت ته صرف عقل وارا ئي حاصل ڪن ٿا. |
الَّذينَ يوفونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَلا يَنقُضونَ الميثٰقَ (آيت : 20) |
جيڪي ماڻهو الله جو عهد پورو ڪن ٿا ۽ (پڪي ڪرڻ بعد پنهنجا ) انجام نه ٿا ڀڃن. |
وَالَّذينَ يَصِلونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيَخشَونَ رَبَّهُم وَيَخافونَ سوءَ الحِسابِ (آيت : 21) |
۽ جيڪي ماڻهو ڳنڍن ٿا جنهن جي ڳنڍڻ جو الله امر ڪيو آهي ۽ پنهنجي پروردگار کان ڊڄن ٿا ۽ اهي بري پُڇاڻي کان ڊڄن ٿا. |
وَالَّذينَ صَبَرُوا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِم وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ أُولٰئِكَ لَهُم عُقبَى الدّارِ (آيت : 22) |
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي رضا طلب ڪندي صبر ڪن ٿا ۽ نماز قائم رکن ٿا ۽ جيڪي اسان انهن کي روزي ڏني آهي ان مان ڳجهي طرح ۽ ظاهر ظهور خرچ ڪن ٿا ۽ نيڪيءَ ذريعي برائي کي دور ڪن ٿا اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ آخرت جو گھر آهي. |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَالمَلٰئِكَةُ يَدخُلونَ عَلَيهِم مِن كُلِّ بابٍ (آيت : 23) |
هميشه رهڻ وارا باغَ آهن جن ۾ اُهي داخل ٿيندا ۽ انهن جي ابن ڏاڏن ۽ انهن جي زالن ۽ انهن جي اولاد مان به جيڪي نيڪوڪار هوندا (سي به انهن باغن ۾ داخل ٿيندا) ۽ فرشتا انهن وٽ هر دروازي کان ايندا. |
سَلٰمٌ عَلَيكُم بِما صَبَرتُم فَنِعمَ عُقبَى الدّارِ (آيت : 24) |
(فرشتا چوندا) ”توهان تي سلامتي آهي توهان جي صبر سبب پوءِ آخرت جو گهر (ڪهڙو نه ) ڀلو آهي“. |
وَالَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ لَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 25) |
۽ جيڪي ماڻهو الله جي عهد کي ان جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ڀڃن ٿا ۽ ان (رابطن) کي ٽوڙن ٿا جن جي جوڙڻ جو الله امر ڪيو آهي ۽ زمين ۾ فساد مچائن ٿا، ان ماڻهن لاءِ لعنت آهي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گهر آهي. |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَفَرِحوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا فِى الءاخِرَةِ إِلّا مَتٰعٌ (آيت : 26) |
الله جنهن لاءِ چاهي رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي)تنگ ڪري ٿو ۽ اُهي (ڪافر) دنيا جي زندگي تي خوش ٿي ويا آهن. ۽ دنيا جي حياتي آخرت جي ڀيٽ ۾ ٿورڙي سامان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى إِلَيهِ مَن أَنابَ (آيت : 27) |
۽ ڪافر چون ٿا ته: ”هن (رسول ﷺ) تي سندس پالڻهار وٽان ڪا نشاني ڇو نه لٿي آهي“؟ چؤ ته: ”بيشڪ الله جنهن کي چاهي گمراهه ڪري ٿو ۽ جو ان ڏانهن رجوع ڪري ٿو ان کي پاڻ ڏانهن رهنمائي فرمائي ٿو“. |
الَّذينَ ءامَنوا وَتَطمَئِنُّ قُلوبُهُم بِذِكرِ اللَّهِ أَلا بِذِكرِ اللَّهِ تَطمَئِنُّ القُلوبُ (آيت : 28) |
(هي اهي ماڻهو آهن) جن ايمان آندو ۽ الله جي ذڪر سان سندن دليون مطمئن ٿين ٿيون. خبردار الله جي ذڪر سان دليون اطمينان حاصل ڪن ٿيون. |
الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ طوبىٰ لَهُم وَحُسنُ مَـٔابٍ (آيت : 29) |
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون انهن لاءِ مبارڪباد آهي ۽ بهترين جاءِ آهي. |
كَذٰلِكَ أَرسَلنٰكَ فى أُمَّةٍ قَد خَلَت مِن قَبلِها أُمَمٌ لِتَتلُوَا۟ عَلَيهِمُ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ وَهُم يَكفُرونَ بِالرَّحمٰنِ قُل هُوَ رَبّى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ مَتابِ (آيت : 30) |
(اي نبي !) اهڙي طرح اسان تو کي اهڙي امت ۾ (رسول بنائي) موڪليو آهي جو بيشڪ ان کان اڳي (گھڻيون) امتون گذري چڪيون آهن هن لاءِ ته تون انهن کي اُهو (قرآن) پڙهي ٻڌائين جو اسان تو ڏانهن وحي ڪيو آهي ۽ اُهي وڏي مهربان (الله) جو انڪار ڪن ٿا. تون چؤ ته اُهو منهنجو پالڻهار آهي ان کان سواءِ ڪو معبود ناهي. مون ان مٿان ڀروسو ڪيو ۽ ان ڏانهن ئي منهنجو موٽڻ آهي. |
وَلَو أَنَّ قُرءانًا سُيِّرَت بِهِ الجِبالُ أَو قُطِّعَت بِهِ الأَرضُ أَو كُلِّمَ بِهِ المَوتىٰ بَل لِلَّهِ الأَمرُ جَميعًا أَفَلَم يَا۟يـَٔسِ الَّذينَ ءامَنوا أَن لَو يَشاءُ اللَّهُ لَهَدَى النّاسَ جَميعًا وَلا يَزالُ الَّذينَ كَفَروا تُصيبُهُم بِما صَنَعوا قارِعَةٌ أَو تَحُلُّ قَريبًا مِن دارِهِم حَتّىٰ يَأتِىَ وَعدُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 31) |
۽ اگر ڪو قرآن اهڙو هجي ها جنهن سان جبلَ هلائجن ها يا زمين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو وڃي ها يا ان جي ذريعي مُئلن سان ڳالهرائجي ها (ته به اهي نه مڃن ها). بلڪه هر ڪم الله جي اختيار ۾ آهي. ڇا پوءِ به ايمان وارا نه ٿا سمجهن ته جي الله چاهي ها ته سڀ ماڻهن کي هدايت ڪري ها. ۽ هميشه ڪافرن کي سندس ڪرتوتن سبب ڪانه ڪا مصيبت پهچندي رهندي يا انهن جي گهرن جي آس پاس لهندي رهندي جيستائين الله جو وعدو اچي پهچي. بيشڪ الله وعدي خلافي ڪونه ٿو ڪري. |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَأَملَيتُ لِلَّذينَ كَفَروا ثُمَّ أَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 32) |
۽ بيشڪ تو کان اڳ به رسولن سان مذاق ٿيندي رهي آهي پوءِ مون ڪافرن کي مهلت ڏني پوءِ کين پڪڙيم. پوءِ منهنجو عذاب ڪيئن هيو؟ |
أَفَمَن هُوَ قائِمٌ عَلىٰ كُلِّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ قُل سَمّوهُم أَم تُنَبِّـٔونَهُ بِما لا يَعلَمُ فِى الأَرضِ أَم بِظٰهِرٍ مِنَ القَولِ بَل زُيِّنَ لِلَّذينَ كَفَروا مَكرُهُم وَصُدّوا عَنِ السَّبيلِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
ڇا پوءِ اُهو (پروردگار) جيڪو هر جان تي ان جي عملن جي نگهباني ڪري رهيو آهي (انهن بتن جهڙو آهي؟) ۽ (اهي بت جيڪي) الله لاءِ شريڪ بنايا اٿن چؤ انهن جا نالا ته ٻڌايو! ڇا اوهان الله کي ان شيءِ جي خبر ڏيو ٿا؟ جيڪا زمين ۾ نه ٿو ڄاڻي. يا (بي حقيقت) ظاهري ڳالهين سان (ان جا شريڪ بنايو ٿا). بلڪه ڪافرن لاءِ انهن جو فريب خوشنما بنايو ويو آهي ۽ انهن کي رستي کان روڪيو ويو آهي. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ان لاءِ ڪو هدايت ڪرڻ وارو ناهي. |
لَهُم عَذابٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَقُّ وَما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 34) |
انهن لاءِ دنياوي زندگي ۾ عذاب آهي ۽ يقيناً آخرت جو عذاب اڃا به سخت آهي ۽ کين الله (جي عذاب) کان ڪو بچائڻ وارو ناهي. |
مَثَلُ الجَنَّةِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ أُكُلُها دائِمٌ وَظِلُّها تِلكَ عُقبَى الَّذينَ اتَّقَوا وَعُقبَى الكٰفِرينَ النّارُ (آيت : 35) |
ان جنت جي صفت جنهن جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي هي آهي جو ان جي هيٺان نهرون وهن ٿيون. ان جا ميوا ۽ ان جا پاڇولا هميشه رهڻ وارا آهن. اها پڇاڙي آهي انهن جي جن پرهيزگاري ڪئي ۽ ڪافرن جي پڇاڙي باهه آهي. |
وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَفرَحونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَمِنَ الأَحزابِ مَن يُنكِرُ بَعضَهُ قُل إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ وَلا أُشرِكَ بِهِ إِلَيهِ أَدعوا وَإِلَيهِ مَـٔابِ (آيت : 36) |
۽ اُهي ماڻهو جن کي اسان ڪتاب (تورات) ڏنو آهي سي جيڪو تو تي نازل ڪيو ويو آهي ان تي خوش ٿين ٿا ۽ مختلف گروهن مان ڪجھه ماڻهو آهن جيڪي ان جي ڪجهه حصي جو انڪار ڪن ٿا. چؤ ته: ”مون کي ته صرف اهو حڪم ڏنو ويو آهي ته آءٌ الله جي عبادت ڪيان ۽ ان سان شرڪ نه ڪيان. ان ڏانهن سڏيان ٿو ۽ ان ڏانهن ئي منهنجو موٽڻ آهي“. |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ حُكمًا عَرَبِيًّا وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَما جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا واقٍ (آيت : 37) |
۽ اهڙي طرح اسان ان (قرآن) کي حڪم (يعني دستور العمل) بنائي عربي ۾ لاٿو آهي. ۽ جيڪڏهن تون انهن (ڪافرن) جي سڌن جي پيروي ڪندين ان کان پوءِ جو تو وٽ علم اچي چڪو ته تو لاءِ الله جي مقابلي ۾ نه ڪو مددگار هوندو ۽ نه ڪو بچائڻ وارو. |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ وَجَعَلنا لَهُم أَزوٰجًا وَذُرِّيَّةً وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ لِكُلِّ أَجَلٍ كِتابٌ (آيت : 38) |
۽ بيشڪ اسان تو کان اڳ ڪيترا رسول موڪلي چڪا آهيون ۽ اسان انهن لاءِ زالون ۽ اولاد به ڪيا. ۽ ڪنهن رسول جو اُهو ڪم ناهي جو ڪا نشاني آڻي سواءِ الله جي حڪم جي. هر مُدي لاءِ هڪ لکت آهي. |
يَمحُوا اللَّهُ ما يَشاءُ وَيُثبِتُ وَعِندَهُ أُمُّ الكِتٰبِ (آيت : 39) |
الله جنهن (لکت) کي چاهي ميٽائي ٿو ۽ (جو چاهي) باقي رکي ٿو ۽ ان وٽ ئي اصل ڪتاب (يعني لوح محفوظ) آهي. |
وَإِن ما نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَعَلَينَا الحِسابُ (آيت : 40) |
۽ انهن سان ڪيل وعدن مان ڪجھه اگر اسان توکي ڏيکاريون يا توکي ان کان اڳ وفات ڏياريون. (اُهو اسان جي وس آهي) تو تي ته صرف پيغام پهچائڻ آهي ۽ حساب وٺڻ اسان تي آهي. |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها وَاللَّهُ يَحكُمُ لا مُعَقِّبَ لِحُكمِهِ وَهُوَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 41) |
۽ ڇا نه ٿا ڏسن ته اسان ڪيئن زمين کي ان جي پاسن کان گهٽائيندا (يعني سندن گھيرو تنگ ڪندا) اچون ٿا. ۽ الله حڪم ڪري ٿو ڪو به ان جي حڪم کي رد ڪرڻ وارو نه آهي. ۽ اُهو جلد حساب وٺڻ وارو آهي. |
وَقَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلِلَّهِ المَكرُ جَميعًا يَعلَمُ ما تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ وَسَيَعلَمُ الكُفّٰرُ لِمَن عُقبَى الدّارِ (آيت : 42) |
۽ بيشڪ انهن ماڻهن به فريب ڪيو هيو جيڪي انهن کان اڳ هئا پوءِ انهن سڀني تدبيرن کي ٽوڙڻ الله جي اختيار ۾ آهي. اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي هر نفس ڪمائي رهيو آهي. ۽ ڪافر سگهو ئي ڄاڻندا ته آخرت جو گهر ڪنهن جي لاءِ آهي. |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَستَ مُرسَلًا قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَمَن عِندَهُ عِلمُ الكِتٰبِ (آيت : 43) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن چيو ته: ”تون رسول ناهين“. چؤ ته: ”منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ الله شاهد ڪافي آهي ۽ اُهو شخص جنهن وٽ ڪتاب جو علم آهي. |