المر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَالَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ الحَقُّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 1) |
ا- ل- م- ر- هي ڪتاب جون آيتون آهن ۽ جيڪو تنهنجي ڌڻيءَ کان تو ڏي موڪليل آهي، سو حق آهي، پر گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. |
اللَّهُ الَّذى رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى يُدَبِّرُ الأَمرَ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم بِلِقاءِ رَبِّكُم توقِنونَ (آيت : 2) |
الله اهو آهي، جنهن بنا ٿنڀن جي آسمانن کي بنايو آهي، جي ڏسو ٿا- پوءِ عرش ڏي ڌيان ڪيائين ۽ سج ۽ چنڊ کي جڪڙيائين- جو هر ڪو مقرر ڪيل وقت تائين هلي ٿو- هو ئي سڀني ڪمن کي رٿي ٿو ۽ اوهان کي چٽائي سان آيتون ٿو ٻڌائي ته، من اوهان کي رب سان ملڻ جو يقين ٿئي. |
وَهُوَ الَّذى مَدَّ الأَرضَ وَجَعَلَ فيها رَوٰسِىَ وَأَنهٰرًا وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فيها زَوجَينِ اثنَينِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 3) |
۽ هو ئي آهي، جنهن زمين کي پکيڙيو، منجهس جبل ۽ نهرون بنايائين ۽ ان ۾ سڀ ڪنهن ميوي جا ٻه ٻه قسم پيدا ڪيائين، هو ڏينهن کي رات سان ٿو ڍڪي، بيشڪ فڪر وارن لاءِ انهن ۾ نشانيون آهن. |
وَفِى الأَرضِ قِطَعٌ مُتَجٰوِرٰتٌ وَجَنّٰتٌ مِن أَعنٰبٍ وَزَرعٌ وَنَخيلٌ صِنوانٌ وَغَيرُ صِنوانٍ يُسقىٰ بِماءٍ وٰحِدٍ وَنُفَضِّلُ بَعضَها عَلىٰ بَعضٍ فِى الأُكُلِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 4) |
۽ زمين ۾ لاڳيتا ٽڪرا آهن ۽ انگورن جا باغ، پوکون ۽ ٽارين خواهه بنا ٽارين جي کجيون، جن کي هڪ ئي پاڻي ٿو ملي، پر اسان ئي هڪ ميوي جو ذائقو ٻئي کان سٺو ٿا ڪريون_ انهن ۾ عقل واري قوم لاءِ (قدرت جون) نشانيون آهن. |
وَإِن تَعجَب فَعَجَبٌ قَولُهُم أَءِذا كُنّا تُرٰبًا أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم وَأُولٰئِكَ الأَغلٰلُ فى أَعناقِهِم وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 5) |
برابر سندن چوڻ عجب جهڙو آهي، جڏهن چون ٿا ”جڏهن اسين مٽي ٿي وينداسون ته، وري جيئرا ڪيا وينداسون ڇا؟“ هي اهي آهن جن پنهنجي رب جو انڪار ڪيو آهي، انهن جي ڳچين ۾ ڳٽ وڌا ويندا، اهي ئي دوزخي آهن ۽ ان ۾ هميشه جي لاءِ رهندا. |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ وَقَد خَلَت مِن قَبلِهِمُ المَثُلٰتُ وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو مَغفِرَةٍ لِلنّاسِ عَلىٰ ظُلمِهِم وَإِنَّ رَبَّكَ لَشَديدُ العِقابِ (آيت : 6) |
اهي اوهان کان چڱائي جي پهچڻ کان اڳ تڪڙي مدائي ٿا گهرن، بيشڪ انهن کان اڳ به اهڙا عذاب آيل آهن ۽ تنهنجو رب گناهن هوندي به ماڻهن کي بخشيندڙ به آهي ۽ تنهنجو رب سخت عذاب ڏيندڙ به آهي. |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ إِنَّما أَنتَ مُنذِرٌ وَلِكُلِّ قَومٍ هادٍ (آيت : 7) |
۽ ڪافر چون ٿا ته ” هن تي رب جي طرفان ڪو نشان ڇو نه نازل ٿيو آهي؟“ مگر تون فقط ڊيڄاريندڙ آهين، ۽ هر قوم لاءِ واٽ ڏيکاريندڙ موڪليل آهي. |
اللَّهُ يَعلَمُ ما تَحمِلُ كُلُّ أُنثىٰ وَما تَغيضُ الأَرحامُ وَما تَزدادُ وَكُلُّ شَيءٍ عِندَهُ بِمِقدارٍ (آيت : 8) |
ان کي الله ڄاڻي ٿو، جيڪو هر هڪ ماديءَ جي پيٽ ۾ آهي ۽ جيڪي پيٽن ۾ گهٽجي يا وڌي ٿو، وٽس هر هڪ شيءِ جو مقرر انداز آهي. |
عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ الكَبيرُ المُتَعالِ (آيت : 9) |
هو ڳجهي خواهه پڌري جو ڄاڻندڙ، سڀ کان وڏو عزت وارو آهي. |
سَواءٌ مِنكُم مَن أَسَرَّ القَولَ وَمَن جَهَرَ بِهِ وَمَن هُوَ مُستَخفٍ بِالَّيلِ وَسارِبٌ بِالنَّهارِ (آيت : 10) |
اوهان مان جيڪو به هوريان يا ڏاڍيان ٿو ڳالهائي يا ڪو ماڻهو رات جو لڪي ۽ ڏينهن جو ظاهر ٿي ٿو گهمي، سو (هن لاءِ) هڪ جهڙو آهي. |
لَهُ مُعَقِّبٰتٌ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ يَحفَظونَهُ مِن أَمرِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُغَيِّرُ ما بِقَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَإِذا أَرادَ اللَّهُ بِقَومٍ سوءًا فَلا مَرَدَّ لَهُ وَما لَهُم مِن دونِهِ مِن والٍ (آيت : 11) |
الله جي حڪم سان سندس اڳيان ۽ پويان سنڀال لاءِ ملائڪ مقرر ٿيل آهن. الله ڪنهن به قوم جي حالت کي تيسين نٿو بدلائي، جيسين هو پنهنجي اندر کي نه بدلائين ۽ جڏهن الله ڪنهن قوم لاءِ مصيبت جو ارادو ٿو ڪري ته ان کي ڪو به ٽاري نه ٿو سگهي، ان ڌاران ڪو ٻيو سندن مددگار ناهي. |
هُوَ الَّذى يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنشِئُ السَّحابَ الثِّقالَ (آيت : 12) |
اهو ئي آهي جو اوهان کي اميد ۽ خوف سان گڏيل حالت ۾ وڄ ٿو ڏيکاري ۽ تمام ڳرن ڪڪرن کي ٿو کڻي. |
وَيُسَبِّحُ الرَّعدُ بِحَمدِهِ وَالمَلٰئِكَةُ مِن خيفَتِهِ وَيُرسِلُ الصَّوٰعِقَ فَيُصيبُ بِها مَن يَشاءُ وَهُم يُجٰدِلونَ فِى اللَّهِ وَهُوَ شَديدُ المِحالِ (آيت : 13) |
رعد ۽ ٻيا ملائڪ سندن خوف کان سندس واکاڻ ٿا ڪن_ اهو ئي وڄون ٿو موڪلي، پوءِ جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن تي وڄ ٿو ڪيرائي ۽ هو الله بابت بحث ۽ تڪرار ٿا ڪن پر هو سخت پڪڙ ڪندڙ آهي. |
لَهُ دَعوَةُ الحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَجيبونَ لَهُم بِشَيءٍ إِلّا كَبٰسِطِ كَفَّيهِ إِلَى الماءِ لِيَبلُغَ فاهُ وَما هُوَ بِبٰلِغِهِ وَما دُعاءُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 14) |
ان کي سڏڻ ئي حق آهي ۽ الله کانسواءِ جن کي سڏين ٿا، سي ته سندن سڏ ڪجهه به نه ٿا ٻڌي سگهن، جو ڄڻ ته ڪو پاڻيءَ ڏي رڳو هٿ ڊگهيري، ته اهو سندن وات ۾ پوي پر اهو نه پوي ۽ منڪرن جو سڏڻ بلڪل گمراهيءَ ۾ آهي. |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَظِلٰلُهُم بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 15) |
جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي خوشيءَ سان يا بنا خوشيءَ الله کي سجدو ڪن ٿا ۽ سندن پاڇا به صبح خواهه شام (سجدو). |
قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ قُل أَفَاتَّخَذتُم مِن دونِهِ أَولِياءَ لا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم نَفعًا وَلا ضَرًّا قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَم هَل تَستَوِى الظُّلُمٰتُ وَالنّورُ أَم جَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ خَلَقوا كَخَلقِهِ فَتَشٰبَهَ الخَلقُ عَلَيهِم قُلِ اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ الوٰحِدُ القَهّٰرُ (آيت : 16) |
پڇ ته ”آسمانن ۽ زمين جو ڌڻي ڪير آهي؟“ چوندا ”الله!“ چئو ته ”ڀلا اوهان الله کي ڇڏي ٻين کي ڇو ڌڻي ڪري ورتو آهي، جي پنهنجي پاڻ کي به ڪو نفعو نٿا پهچائي سگهن؟“ پوءِ پڇ ته ”ڇا، انڌو ۽ سڄو به برابر ٿي سگهن ٿا؟“ يا ڇا، اونداهيون ۽ سوجهرو پاڻ ۾ مٽ ٿي سگهن ٿا؟“ يا انهن الله جا اهڙا شريڪ بنايا آهن، جن الله جهڙي ڪا مخلوق بنائي ڏيکاري آهي، جا کين انهيءَ جهڙي ٿي لڳي؟ چئو ته الله ئي سڀ ڪنهن شيءِ جو خالق آهي جو واحد ۽ قهار آهي. |
أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسالَت أَودِيَةٌ بِقَدَرِها فَاحتَمَلَ السَّيلُ زَبَدًا رابِيًا وَمِمّا يوقِدونَ عَلَيهِ فِى النّارِ ابتِغاءَ حِليَةٍ أَو مَتٰعٍ زَبَدٌ مِثلُهُ كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ الحَقَّ وَالبٰطِلَ فَأَمَّا الزَّبَدُ فَيَذهَبُ جُفاءً وَأَمّا ما يَنفَعُ النّاسَ فَيَمكُثُ فِى الأَرضِ كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ (آيت : 17) |
اهو آسمان مان پاڻي ٿو وسائي، جنهن سان نئيون پنهنجي قدر آهر وهن ٿيون، پوءِ پاڻيءَ جي ڇر تي اڀامندڙ گجي ٿي اٿي ۽ جيڪي زيورن يا سامان ٺاهڻ خاطر باهه ۾ ڳاريندا آهن، ان تي به اهڙي گجي ٿئي ٿي_ ائين الله کري ۽ کوٽي جو مثال ڏئي ٿو، مگر پوءِ جهڳ سڪي ويندي آهي ۽ ماڻهن جي فائدي جو مال زمين ۾ رهي ويندو آهي، الله ان طرح مثال ٿو بيان ڪري. |
لِلَّذينَ استَجابوا لِرَبِّهِمُ الحُسنىٰ وَالَّذينَ لَم يَستَجيبوا لَهُ لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم سوءُ الحِسابِ وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 18) |
جن پنهنجي رب جو حڪم مڃيو، تن لاءِ ڀلائي آهي، پر جي نٿا مڃين، سي جيڪڏهن جيڪي به زمين ۾ آهي ۽ ٻيو ان جيترو به وٽن هجي، اهو گڏ ڏين، ته به انهن لاءِ سخت حساب آهي ۽ انهن جي جاءِ دوزخ آهي ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. |
أَفَمَن يَعلَمُ أَنَّما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ الحَقُّ كَمَن هُوَ أَعمىٰ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 19) |
پوءِ اوهان ڏي جيڪي رب کان موڪليل آهي، ان کي سچ سمجهندڙ، عقل وارا انڌي وانگر چئبا ڇا؟ برابر سمجهه وارا ئي نصيحت وٺن ٿا. |
الَّذينَ يوفونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَلا يَنقُضونَ الميثٰقَ (آيت : 20) |
اهي الله سان ڪيل انجام پاڙين ٿا ۽ ڪڏهن به انجام نٿا ڀڃن. |
وَالَّذينَ يَصِلونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيَخشَونَ رَبَّهُم وَيَخافونَ سوءَ الحِسابِ (آيت : 21) |
جي، الله جنهن جي ملائڻ جو حڪم ڪيو آهي، تنهن کي ڳنڍين ٿا، رب کان ڊڄن ٿا، حساب جي سختيءَ کان خوف ٿا رکن. |
وَالَّذينَ صَبَرُوا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِم وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ أُولٰئِكَ لَهُم عُقبَى الدّارِ (آيت : 22) |
۽ جن پنهنجي رب جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ صبر ڪيو ۽ نماز کي قائم ڪيو، کين مليل منجهان ڳجهو ۽ پڌرو خرچ ڪن ٿا ۽ براين کي چڱاين سان ٽارين ٿا، اهڙن لاءِ آخرت جو گهر چڱو آهي. |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَالمَلٰئِكَةُ يَدخُلونَ عَلَيهِم مِن كُلِّ بابٍ (آيت : 23) |
جي هميشه رهندڙ باغ آهن، تن ۾ رهندا ۽ سندن مائٽن مان اهي وڏا، زالون ۽ پٽ به، جي نيڪ هوندا، وٽن سڀ ڪنهن دروازي کان ملائڪ ايندا. |
سَلٰمٌ عَلَيكُم بِما صَبَرتُم فَنِعمَ عُقبَى الدّارِ (آيت : 24) |
(۽ چوندا ته) ”اوهان جي صبر سبب اوهان تي سلامتي هجي! هي آخرت جو ڀلو گهر آهي.“ |
وَالَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ لَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 25) |
۽ جيڪي الله سان پڪو ڪيل انجام ٿا ڀڃن ۽ انهن حڪمن کي ڀڃن ٿا، جن جي ڳنڍڻ جو کين حڪم ٿيل آهي ۽ ملڪ ۾ فساد ٿا ڪن، انهن تي لعنت آهي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گهر آهي! |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَفَرِحوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا فِى الءاخِرَةِ إِلّا مَتٰعٌ (آيت : 26) |
الله جنهن جي وڻيس تنهنجي روزي ڪشادي يا تنگ ٿو ڪري ۽ (منڪر) دنيا جي حياتيءَ تي خوش ٿا ٿين، پر دنيا جي حياتي آخرت جي مقابلي ۾ ڪا ٿورڙي چيز آهي. |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى إِلَيهِ مَن أَنابَ (آيت : 27) |
ڪافر چون ٿا، ”رسول تي الله وٽان ڪو نشان ڇو نه لٿو آهي؟“ چئو ته ”الله جنهن کي گهري، تنهن کي گمراهه ٿو ڪري ۽ توبه ڪندڙ کي هدايت ٿو ڪري. |
الَّذينَ ءامَنوا وَتَطمَئِنُّ قُلوبُهُم بِذِكرِ اللَّهِ أَلا بِذِكرِ اللَّهِ تَطمَئِنُّ القُلوبُ (آيت : 28) |
جن ايمان آندو ۽ سندن دليون الله جي يادگيريءَ سان ٺريل ۽ آرامي آهن، ياد رکو الله جي يادگيريءَ سان دلين ۾ آرام ٿو اچي. |
الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ طوبىٰ لَهُم وَحُسنُ مَـٔابٍ (آيت : 29) |
جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، تن لاءِ خوشيءَ ۽ چڱي جاءِ آهي. |
كَذٰلِكَ أَرسَلنٰكَ فى أُمَّةٍ قَد خَلَت مِن قَبلِها أُمَمٌ لِتَتلُوَا۟ عَلَيهِمُ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ وَهُم يَكفُرونَ بِالرَّحمٰنِ قُل هُوَ رَبّى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ مَتابِ (آيت : 30) |
ان طرح توکي هڪ امت ڏي موڪليو اٿئون، جنهن کان اڳ ڪيتريون ئي امتون گذريون آهن، ته جيڪي اسان توڏي موڪليو آهي، سو کين پڙهي ٻڌائين، اهي رحمان جا منڪر آهن، چئو ته اهو منهنجو رب آهي، ان ڌاران ڪو ٻيو سائين ناهي، مون ان تي ڀروسو ڪيو آهي ۽ ان ڏي ئي موٽڻو آهي. |
وَلَو أَنَّ قُرءانًا سُيِّرَت بِهِ الجِبالُ أَو قُطِّعَت بِهِ الأَرضُ أَو كُلِّمَ بِهِ المَوتىٰ بَل لِلَّهِ الأَمرُ جَميعًا أَفَلَم يَا۟يـَٔسِ الَّذينَ ءامَنوا أَن لَو يَشاءُ اللَّهُ لَهَدَى النّاسَ جَميعًا وَلا يَزالُ الَّذينَ كَفَروا تُصيبُهُم بِما صَنَعوا قارِعَةٌ أَو تَحُلُّ قَريبًا مِن دارِهِم حَتّىٰ يَأتِىَ وَعدُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 31) |
پر جي سچ پچ قرآن اهڙو هجي ها، جنهن سان جبلن کي هلائجي ها يا ان سان زمين کي ٽڪر ٽڪر ڪجي ها، يا ان سان مئلن کي ڳالهرائجي ها، (ته به اهي ڪافر ايمان نه آڻين ها،) بلڪ سڀ ڪم الله جي هٿ ۾ آهن، ڇا، اڃا مومنن نه ڄاتو آهي، ته جي الله گهري ها ته سڀني ماڻهن کي هدايت ڪري ها؟ ۽ منڪرن کي سندن ڪرتوتن سبب هميشه سزا ملندي آهي، يا الله جي انجام اچڻ تائين سندن گهر وٽ پيئي پهچندي، بيشڪ الله پنهنجي انجام کي نٿو ڦيرائي. |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَأَملَيتُ لِلَّذينَ كَفَروا ثُمَّ أَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 32) |
بيشڪ اوهان کان اڳ آيل نبين تي به مسخريون ٿيون آهن، پوءِ ڪافرن کي ڪجهه مهلت ڏنيم ۽ پوءِ کين پڪڙ ڪيم، پوءِ ڪيئن هو منهنجو عذاب؟ |
أَفَمَن هُوَ قائِمٌ عَلىٰ كُلِّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ قُل سَمّوهُم أَم تُنَبِّـٔونَهُ بِما لا يَعلَمُ فِى الأَرضِ أَم بِظٰهِرٍ مِنَ القَولِ بَل زُيِّنَ لِلَّذينَ كَفَروا مَكرُهُم وَصُدّوا عَنِ السَّبيلِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
ڀلا جيڪو هر شخص جي ڪمن مٿان ڄڻ ته بيٺو آهي ۽ هنن انهيءَ الله جا ڀائيوار بنايا آهن، چئو ته سندن نالا وٺو، ڇا، اوهين کيس زمين جي اها خبر ٿا ڏيو، جا هو نٿو ڄاڻي، يا ٺلهيون ڳالهيون آهن؟ پر ڪافرن کي سندن خيال سهڻا ڪري ڏيکاريل آهن ۽ کين سنئين واٽ کان روڪيو ويو آهي ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري تنهن لاءِ ڪو به واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي. |
لَهُم عَذابٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَقُّ وَما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 34) |
انهن لاءِ دنيا ۾ عذاب آهي ۽ آخرت جو عذاب ته تمام سخت آهي، الله کان کين ڪو به بچائيندڙ ناهي. |
مَثَلُ الجَنَّةِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ أُكُلُها دائِمٌ وَظِلُّها تِلكَ عُقبَى الَّذينَ اتَّقَوا وَعُقبَى الكٰفِرينَ النّارُ (آيت : 35) |
نيڪن سان جنهن بهشت جو وعدو ڪيل آهي، ان جو مثال اهڙو آهي، جنهن جي هيٺان نهرون ٿيون وهن ۽ سندس ميوا ۽ ڇانو هميشه لاءِ هوندا، اها نيڪن جي پڇاڙي آهي، پر ڪافرن جي پڇاڙي ته باهه ئي آهي. |
وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَفرَحونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَمِنَ الأَحزابِ مَن يُنكِرُ بَعضَهُ قُل إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ وَلا أُشرِكَ بِهِ إِلَيهِ أَدعوا وَإِلَيهِ مَـٔابِ (آيت : 36) |
۽ جڏهن ڪجهه توڏي نازل ٿئي ٿو، ته ڪتاب وارا خوش ٿا ٿين، پر جماعتن مان ڪي ان جي ڪن ڳالهين جو انڪار ٿا ڪن، چئو ته مون کي فقط اهو حڪم ٿيل آهي ته الله جي عبادت ڪريان ۽ ساڻس ڪو به شريڪ نه سمجهان ۽ ان ڏانهن ئي سڏيان ٿو ۽ ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي. |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ حُكمًا عَرَبِيًّا وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَما جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا واقٍ (آيت : 37) |
ائين قرآن کي عربيءَ ۾ حڪم ڪندڙ موڪليو سون ۽ جيڪڏهن تون علم جي اچڻ کان پوءِ انهن جي خواهش تي هلندي ته پوءِ الله جي پاران نه ڪو تنهنجو حمايتي ٿيندو ۽ نه بچائيندڙ! |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ وَجَعَلنا لَهُم أَزوٰجًا وَذُرِّيَّةً وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ لِكُلِّ أَجَلٍ كِتابٌ (آيت : 38) |
۽ بيشڪ توکان اڳ رسول موڪلياسون ۽ سندن زالون ۽ اولاد بناياسون ۽ ڪنهن به رسول لاءِ ائين ناهي، جو هو الله جي حڪم کانسواءِ ڪو معجزو آڻي، هر هڪ وقت لاءِ خاص حڪم آهي. |
يَمحُوا اللَّهُ ما يَشاءُ وَيُثبِتُ وَعِندَهُ أُمُّ الكِتٰبِ (آيت : 39) |
الله کي جيڪي وڻي ٿو سو ميٽي ٿو ۽ قائم ٿو رکي، وٽس اصل ڪتاب آهي. |
وَإِن ما نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَعَلَينَا الحِسابُ (آيت : 40) |
۽ جنهن عذاب جو ساڻن انجام ڪيل آهي ان مان ڪجهه جيڪڏهن تنهنجي روبرو ڏيکارجي، يا تنهنجي بعد ته به توتي رڳو حڪم رسائڻ آهي ۽ حساب اسان تي آهي. |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها وَاللَّهُ يَحكُمُ لا مُعَقِّبَ لِحُكمِهِ وَهُوَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 41) |
ڇا هو نٿا ڏسن ته اسين چوڌاري زمين کي گهٽائي رهيا آهيون؟ الله ئي حڪم ڪري ٿو، سندس حڪم کي ڪو به روڪڻ وارو نه آهي ۽ اهو تمام جلد حساب وٺندڙ آهي. |
وَقَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلِلَّهِ المَكرُ جَميعًا يَعلَمُ ما تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ وَسَيَعلَمُ الكُفّٰرُ لِمَن عُقبَى الدّارِ (آيت : 42) |
انهن کان اڳ به قومن اٽڪلون ڪيون آهن مگر سڀ ڪا اٽڪل الله جي هٿ ۾ آهي_ هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي خيال کي ڄاڻي ٿو ۽ ڪافرن کي جلدي پتو پوندو ته آخرت جو گهر ڪنهن لاءِ آهي. |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَستَ مُرسَلًا قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَمَن عِندَهُ عِلمُ الكِتٰبِ (آيت : 43) |
منڪر چون ٿا ته تون رسول ناهين، چئو ته اوهان ۽ منهنجي وچ ۾ الله ڪافي آهي ۽ اهو ماڻهو به، جنهن وٽ (اڳ آيل) ڪتاب جو علم آهي. |