المر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَالَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ الحَقُّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 1) |
الف ــ لام ـــ ميم ـــ را، ھي (اللھ تعالى جي) ڪتاب جون ئي آيتون آھن ۽ توتي جيڪو ڪجهه تنھنجي پالڻھار جي طرفان نازل ڪيو ويو آھي سو برحق آھي. پر (پوءِ به) گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. |
اللَّهُ الَّذى رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى يُدَبِّرُ الأَمرَ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم بِلِقاءِ رَبِّكُم توقِنونَ (آيت : 2) |
اها اللھ تعالى جي ئي ھستي آھي، جنھن آسمانن کي بغير ٿنڀن جي بلند ڪيو جيڪي توھان کي (صاف) نظر اچن ٿا پوءِ ھو نگھباني ڪرڻ لاءِ جلوهه افروز ٿيو (جو ڪير به ان جي نگھباني کي ظاھري طور نٿو ڏسي سگهي). ۽ هن سج ۽ چنڊ کي ھڪ نظام ھيٺ ھلڻ جو پابند بنايو، ھي سڀ ھڪ مقرر وقت تائين ھلندا رھن ٿا. اُھو ئي ھر ڪم جي حڪمت جوڙيندڙ آھي ۽ تفصيل سان نشانيون بيان ڪري ٿو ته جيئن توھان پنھنجي پالڻھار جي روبرو پيش ٿيڻ تي يقين ڪريو. |
وَهُوَ الَّذى مَدَّ الأَرضَ وَجَعَلَ فيها رَوٰسِىَ وَأَنهٰرًا وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فيها زَوجَينِ اثنَينِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 3) |
اھو (الله) ئي آھي جنھن زمين کي ڦھلائي ڇڏيو ۽ ان ۾ جبل ــ درياءَ ــ ھر قسم جا ميوا ۽ ھر جنس جا جوڙا (مؤنث ۽ مذڪر) بنايا، ھو ئي رات کي ڏينھن ۾ بدلائي ٿو، انهن ڳالھين ۾ غور ڪرڻ وارن لاءِ (وڏيون) نشانيون آھن. |
وَفِى الأَرضِ قِطَعٌ مُتَجٰوِرٰتٌ وَجَنّٰتٌ مِن أَعنٰبٍ وَزَرعٌ وَنَخيلٌ صِنوانٌ وَغَيرُ صِنوانٍ يُسقىٰ بِماءٍ وٰحِدٍ وَنُفَضِّلُ بَعضَها عَلىٰ بَعضٍ فِى الأُكُلِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 4) |
۽ زمين ۾ ھڪ ٻئي سان لڳولڳ مختلف علائقا آھن جن ۾ انگورن جا باغ، زرعي زمين ۽ کجين جا وڻ آهن انهن ۾ ڪي ھڪ ٿڙ وارا ته ڪي ٻن ٿڙن وارا آھن. سڀني وڻن کي ھڪ جھڙو ئي پاڻي ڏنو وڃي ٿو پر کائڻ جي ذائقي ۾ ڪنھن (علائقي جي) ميوي کي اسان تمام گهڻي شھرت ڏيندا آھيون (ته ڪن علائقن جي ميون کي گهٽ درجي ۾ رکندا آھيون). بيشڪ عقل وارن جي لاءِ انهن شين ۾ (وڏيون) نشانيون آھن. |
وَإِن تَعجَب فَعَجَبٌ قَولُهُم أَءِذا كُنّا تُرٰبًا أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم وَأُولٰئِكَ الأَغلٰلُ فى أَعناقِهِم وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 5) |
(اي نبيﷺ!) ھنن ماڻهن جي انڪار تي توهان تعجب ڪريو ٿا. اصل ۾ ھِنن ماڻهن جو ھي قول ئي وڏي تعجب وارو آھي ته “جڏھن اسان (مَري) مٽي ٿي وينداسين ته ڇا اسان کي وري نئين سر ٻيھر جياريو ويندو؟” انهن ماڻهن پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو آھي ۽ انهن ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ (جھالت جا) ڳَٽ پيل آھن ۽ اھي جھنمي آھن جنھن ۾ ھو ھميشه رھندا. |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ وَقَد خَلَت مِن قَبلِهِمُ المَثُلٰتُ وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو مَغفِرَةٍ لِلنّاسِ عَلىٰ ظُلمِهِم وَإِنَّ رَبَّكَ لَشَديدُ العِقابِ (آيت : 6) |
۽ ھي ماڻهو (اسان جي طرفان ڏنل) مھلت واري وقت ۾ عذاب لاءِ جلدي مچائين ٿا حالانڪ ان کان پھريائين ٻين قومن تي عذاب اچي به چڪا آھن. بيشڪ تنھنجو پالڻھار ماڻهن جي ظلم ڪرڻ باوجود کين معاف ڪندڙ آھي ۽ سخت عذاب ڏيندڙ به آھي. |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ إِنَّما أَنتَ مُنذِرٌ وَلِكُلِّ قَومٍ هادٍ (آيت : 7) |
(اي نبي ﷺ!) ڪافر چون ٿا ته ھن (نبي سڳوري) تي ڪا ظاھري نشاني ڇو نه نازل ڪئي وئي آھي؟ بيشڪ تون ته رڳو ڊيڄاريندڙ آھين ۽ ھر قوم ۾ ھدايت ڪندڙ ايندو ئي رھيو آھي. |
اللَّهُ يَعلَمُ ما تَحمِلُ كُلُّ أُنثىٰ وَما تَغيضُ الأَرحامُ وَما تَزدادُ وَكُلُّ شَيءٍ عِندَهُ بِمِقدارٍ (آيت : 8) |
اللھ تعالى ھر مؤنث جي حمل کي ڄاڻي ٿو ۽ ٻچيداني ۾ جيڪا ڪجهه گهٽ وڌائي ٿئي ٿي ( هو ان کي به ڄاڻي ٿو) ھُن وٽ ھرھڪ شيءِ جي لاءِ ھڪ (ٺيڪ) اندازو مقرر آھي. |
عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ الكَبيرُ المُتَعالِ (آيت : 9) |
ھو سڀني لڪيل ۽ ظاھر شين جو ڄاڻندڙ آھي، (ھن جي ذات) سڀ کان وڏي ۽ مٿانھين آھي. |
سَواءٌ مِنكُم مَن أَسَرَّ القَولَ وَمَن جَهَرَ بِهِ وَمَن هُوَ مُستَخفٍ بِالَّيلِ وَسارِبٌ بِالنَّهارِ (آيت : 10) |
توھان مان جيڪو به ڏاڍيان ڳالهائي ٿو يا آھستي ۽ جيڪو به رات جي اونداھي ۾ لڪيل ھجي يا ڏينھن جي روشني ۾ ھلندو ڦرندو ھجي، ان جي لاءِ سڀ ھڪ جھڙو آھي. |
لَهُ مُعَقِّبٰتٌ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ يَحفَظونَهُ مِن أَمرِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُغَيِّرُ ما بِقَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَإِذا أَرادَ اللَّهُ بِقَومٍ سوءًا فَلا مَرَدَّ لَهُ وَما لَهُم مِن دونِهِ مِن والٍ (آيت : 11) |
ھر شخص جي لاءِ اڳيان ۽ پويان ڪجهه فرشتا مقرر آھن، جيڪي اللھ تعالى جي حڪم سان سندس نگراني ڪندا رھن ٿا. بيشڪ اللھ تعالى ڪنھن به قوم جي حالت ان وقت تائين نٿو بدلائي جيستائين اھا قوم (ذھني طور تي) خود پنھنجي حالت بدلائڻ لاءِ تيار نٿي ٿئي ۽ جڏھن اللھ تعالى ڪنھن قوم تي مصيبت آڻڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته پوءِ ڪير به ان (فيصلي) کي ٽاري نٿو سگهي ۽ اللھ تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير به انهن جي مدد نٿو ڪري سگهي. |
هُوَ الَّذى يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنشِئُ السَّحابَ الثِّقالَ (آيت : 12) |
اھو (اللھ) ئي توھان ماڻهن کي (آسمان ۾) کنوڻ ڏيکاري ٿو جنھن کي ڏسي ڀؤ به ڪريو ٿا ته وري (مينھن جي اچڻ جي) اميد به رکو ٿا ۽ ھو پاڻي سان ڀريل ڪڪرن کي (برسات لاءِ) بلند ڪري ٿو. |
وَيُسَبِّحُ الرَّعدُ بِحَمدِهِ وَالمَلٰئِكَةُ مِن خيفَتِهِ وَيُرسِلُ الصَّوٰعِقَ فَيُصيبُ بِها مَن يَشاءُ وَهُم يُجٰدِلونَ فِى اللَّهِ وَهُوَ شَديدُ المِحالِ (آيت : 13) |
ڪڪرن جو گجگوڙ به ھُن (اللھ) جي تعريف سان گڏ پاڪائي بيان ڪري ٿو، ملائڪ ان جي خوف کان تعريف ۽ پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ اھو ئي چمڪندڙ کنوڻ کي موڪلي ٿو پوءِ ھو جنھن تي چاھي ڪيرائي به ٿو (اھڙيون شيون ڏسڻ کان پوءِ به) ھي ڪافر اللھ تعالى جي باري ۾ جهڳڙو ڪن ٿا. بيشڪ اللھ تعالى زبردست طاقت وارو آھي. |
لَهُ دَعوَةُ الحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَجيبونَ لَهُم بِشَيءٍ إِلّا كَبٰسِطِ كَفَّيهِ إِلَى الماءِ لِيَبلُغَ فاهُ وَما هُوَ بِبٰلِغِهِ وَما دُعاءُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 14) |
اھڙي ھستي کي ئي پڪارڻ حق آھي، جيڪي ماڻهو اللھ تعالى کان سواءِ ٻين کي پڪارين ٿا ھو انهن کي ڪنھن به شيءِ جو جواب نٿا ڏين، جيئن ڪو شخص پنھنجا ٻئي ھٿ پاڻي ڏي ڊگها ڪري ته جيئن پاڻي ان جي وات ۾ اچي، اھڙي طريقي سان ته پاڻي ڪڏھن به سندس وات ۾ نه اچي سگهندو. ڪافرن جو پڪارڻ به اھڙي جھالت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناھي. |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَظِلٰلُهُم بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 15) |
آسمانن ۽ زمين جي سموري مخلوق اللھ تعالى کي چاھيندي يا نه چاھيندي سجدو ڪري ٿي ۽ ھر شيءِ جا پاڇا به صبح ۽ شام اللھ تعالى جي اڳيان سجدو ڪندا رھن ٿا. |
قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ قُل أَفَاتَّخَذتُم مِن دونِهِ أَولِياءَ لا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم نَفعًا وَلا ضَرًّا قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَم هَل تَستَوِى الظُّلُمٰتُ وَالنّورُ أَم جَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ خَلَقوا كَخَلقِهِ فَتَشٰبَهَ الخَلقُ عَلَيهِم قُلِ اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ الوٰحِدُ القَهّٰرُ (آيت : 16) |
(اي نبيﷺ!) انهن کان پُڇا ڪر ته آسمانن ۽ زمين جو مالڪ ڪير آھي؟ تون ئي کين ٻڌاءِ ته (صرف) اللھ تعالى. (ھاڻي کين) چؤ ته ڇا پوءِ توھان ان کان سواءِ اھڙا معبود ٺاھيا آھن جيڪي پنھنجو پاڻ کي به ڪو فائدو يا نقصان نٿا پھچائي سگهن؟ يا (کين چؤ ته) اونداھي ۽ روشني برابر ٿي سگهن ٿيون يا ھي اللھ تعالى سان گڏ جن کي شريڪ ڪن ٿا انهن ڪا شيءِ پيدا ڪئي ھجي، جيئن اللھ تعالى پيدا ڪري ٿو. ڇا انهن ماڻهن کي اللھ تعالى جو ۽ شريڪن جو پيدا ڪرڻ ھڪ جھڙو نظر اچي ٿو؟ (اي نبي ﷺ!) کين ٻڌاءِ ته ھر شيءِ جو پيدا ڪندڙ صرف اللھ تعالى آھي ۽ ھو اڪيلو ۽ زبردست آھي. |
أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسالَت أَودِيَةٌ بِقَدَرِها فَاحتَمَلَ السَّيلُ زَبَدًا رابِيًا وَمِمّا يوقِدونَ عَلَيهِ فِى النّارِ ابتِغاءَ حِليَةٍ أَو مَتٰعٍ زَبَدٌ مِثلُهُ كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ الحَقَّ وَالبٰطِلَ فَأَمَّا الزَّبَدُ فَيَذهَبُ جُفاءً وَأَمّا ما يَنفَعُ النّاسَ فَيَمكُثُ فِى الأَرضِ كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ (آيت : 17) |
اللھ تعالى آسمانن مان پاڻي نازل ڪيو پوءِ ضرورت آھر نالا ۽ نديون وھڻ شروع ٿي ويا ۽ وڏي سيلاب جي شڪل اختيار ڪرڻ کان پوءِ ان جي مٿان گَج پيدا ٿي جيڪا پاڻي سان گڏ ھلندي رهي ٿي. بلڪل اھڙي گج زيور وغيره کي باهه ۾ پگهرائڻ وقت به پيدا ٿيندي آھي. اھڙي طرح اللھ تعالى حق ۽ باطل جي وضاحت ڪري ٿو، پوءِ گج ته پنھنجو پاڻ ختم ٿي ويندي آھي، باقي جيڪا ماڻهن جي فائدي واري شيءِ ھوندي آھي اھا زمين تي باقي موجود رھندي آھي. اللھ تعالى اھڙي طريقي سان (حق ۽ باطل جي) پرک ڪرڻ لاءِ مثال ڏئي ٿو. |
لِلَّذينَ استَجابوا لِرَبِّهِمُ الحُسنىٰ وَالَّذينَ لَم يَستَجيبوا لَهُ لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم سوءُ الحِسابِ وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 18) |
جن ماڻهن پنھنجي پالڻھار جو حڪم (دل سان) مڃيو تن لاءِ ڀلائي آھي ۽ جن ماڻهن سندس حڪم قبول نه ڪيو (ته قيامت جي ڏينھن) انهن وٽ زمين جي ھر شيءِ به موجود ھجي ۽ ان جيتري ٻي به ھجي ته ھو پاڻ کي بچائڻ لاءِ اھا سڀ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. اھڙن ماڻهن جو سخت حساب ٿيندو. سندن رھڻ جي جاءِ جھنم ھوندي ۽ اھو برو ٺڪاڻو ھوندو. |
أَفَمَن يَعلَمُ أَنَّما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ الحَقُّ كَمَن هُوَ أَعمىٰ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 19) |
ڇا جيڪو ماڻهو تنھنجي پالڻھار جي طرفان نازل ٿيندڙ (قرآن) کي حق سمجهي ٿو سو ان جھڙو ٿي سگهي ٿو جيڪو (قرآن کان) انڌو ھجي (يعني قرآن کي مڃي ئي نه)؟ بيشڪ عقل وارا ئي نصيحت وٺندا آھن. |
الَّذينَ يوفونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَلا يَنقُضونَ الميثٰقَ (آيت : 20) |
(قرآن کي حق سمجهڻ وارا ئي) اللھ تعالى سان ڪيل وعدي کي پورو ڪندا آھن ۽ ان کي ڪڏھن به نه ٽوڙيندا آھن. |
وَالَّذينَ يَصِلونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيَخشَونَ رَبَّهُم وَيَخافونَ سوءَ الحِسابِ (آيت : 21) |
اھي ئي ماڻهو انهن تعلقات کي قائم رکندا آھن جن کي قائم رکڻ جو حڪم ٿيل ھوندو آھي ۽ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن ۽ کين (قيامت جي ڏينھن) ٿيندڙ سخت پڇاڻي کان به خوف ٿيندو اٿن. |
وَالَّذينَ صَبَرُوا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِم وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ أُولٰئِكَ لَهُم عُقبَى الدّارِ (آيت : 22) |
جن ماڻهن پنھنجي پالڻھار خاطر مصيبتن تي صبر ڪيو، نماز قائم ڪئي، اللھ تعالى کين جيڪو رزق ڏنو ان مان لڪائي ۽ ظاھري طرح (ان جي حڪم مطابق) خرچ ڪيو ۽ برائي کي نيڪي جي ذريعي ختم ڪيو ته اھڙن ماڻهن لاءِ آخرت جو گهر آھي. |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَالمَلٰئِكَةُ يَدخُلونَ عَلَيهِم مِن كُلِّ بابٍ (آيت : 23) |
۽ ھميشه رھڻ وارا باغ (به ھوندا) جن ۾ ھو خود به داخل ٿيندا ۽ انهن جا ماءُ پيءُ، گهر واريون ۽ انهن جو اولاد جيڪي نيڪ ۽ صالح ٿي رھيا ھوندا، سي به انهن سان گڏ داخل ٿيندا ۽ فرشتا ھر طرف کان سندن استقبال ڪندا. |
سَلٰمٌ عَلَيكُم بِما صَبَرتُم فَنِعمَ عُقبَى الدّارِ (آيت : 24) |
(فرشتا کين چوندا ته) مصيبتن تي صبر ڪرڻ جي ڪري توھان تي سلامتي ھجي پوءِ آخرت جو گهر ڪيڏو نه بھترين گهر آھي. |
وَالَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ لَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 25) |
پر جيڪي ماڻهو اللھ تعالى سان ڪيل وعدي کي ٽوڙين ٿا ۽ اللھ تعالى جن تعلقات کي قائم رکڻ جو حڪم ڪيو آھي، ھي اھڙن تعلقات کي ختم ڪن ٿا ۽ زمين ۾ فساد ڦھلائين ٿا، اھڙا ئي ماڻهو لعنت جا حقدار آھن ۽ انهن لاءِ بدترين گهر آھي. |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَفَرِحوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا فِى الءاخِرَةِ إِلّا مَتٰعٌ (آيت : 26) |
اللھ تعالى جنھن لاءِ چاھيندو آھي ان جي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ جنھن لاءِ چاھيندو آھي ان جي روزي تنگ ڪندو آھي. (تعلقات ٽوڙڻ وارا ماڻهو) رڳو دنيا جي حياتي تي خوش ٿين ٿا. حالانڪ دنيا جي حياتي، آخرت جي مقابلي ۾ ٿوري سامان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آھي. |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى إِلَيهِ مَن أَنابَ (آيت : 27) |
(اي نبيﷺ!) ڪافر چون ٿا ته ھن (نبيءَ) تي اللھ تعالى جي طرفان ڪا (ظاھري) نشاني ڇو نه نازل ڪئي وئي آھي؟ توھان چئو ته بيشڪ اللھ تعالى جنھن کي گهري گمراهه ڪندو آھي ۽ جن ماڻهن مون ڏانھن لاڙو رکيو تن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي. |
الَّذينَ ءامَنوا وَتَطمَئِنُّ قُلوبُهُم بِذِكرِ اللَّهِ أَلا بِذِكرِ اللَّهِ تَطمَئِنُّ القُلوبُ (آيت : 28) |
جن ماڻهن ايمان آندو آهي اھڙن ماڻهن جي دلين کي اللھ تعالى جي ذڪر سان ئي سڪون نصيب ٿيندو آھي، وري ٻُڌو! اللھ تعالى جي ذڪر سان ئي دلين کي قرار ملندو آھي. |
الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ طوبىٰ لَهُم وَحُسنُ مَـٔابٍ (آيت : 29) |
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن لاءِ (آخرت ۾) اطمينان ۽ رھڻ جي سھڻي جاءِ آهي. |
كَذٰلِكَ أَرسَلنٰكَ فى أُمَّةٍ قَد خَلَت مِن قَبلِها أُمَمٌ لِتَتلُوَا۟ عَلَيهِمُ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ وَهُم يَكفُرونَ بِالرَّحمٰنِ قُل هُوَ رَبّى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ مَتابِ (آيت : 30) |
(اي نبيﷺ!) اسان توکي به اھڙي قوم ڏانھن رسول بنائي موڪليو آھي، جنھن کان اڳ به ڪيتريون قومون ٿي گذريون آھن ته جيئن کين ھي ڪتاب (قرآن) پڙھي ٻڌائين، جيڪو اسان توڏي وحي جي ذريعي موڪليو آھي. ھن وقت ھي ماڻهو رحمان جو انڪار ڪن ٿا. تون کين ٻڌاءِ ته منھنجو پالڻھار ئي رحمان آھي. ان کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آھي. مون ان تي ڀروسو ڪيو ۽ ان ڏانھن ئي مون کي واپس موٽڻو آھي. |
وَلَو أَنَّ قُرءانًا سُيِّرَت بِهِ الجِبالُ أَو قُطِّعَت بِهِ الأَرضُ أَو كُلِّمَ بِهِ المَوتىٰ بَل لِلَّهِ الأَمرُ جَميعًا أَفَلَم يَا۟يـَٔسِ الَّذينَ ءامَنوا أَن لَو يَشاءُ اللَّهُ لَهَدَى النّاسَ جَميعًا وَلا يَزالُ الَّذينَ كَفَروا تُصيبُهُم بِما صَنَعوا قارِعَةٌ أَو تَحُلُّ قَريبًا مِن دارِهِم حَتّىٰ يَأتِىَ وَعدُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 31) |
۽ جيڪڏھن قرآن جي اچڻ سان جبل ھلڻ لڳن ھا، زمين ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ھا ۽ قرآن جي ذريعي مُئل ماڻهو ڳالهائڻ لڳن ھا (ته به ھي ماڻهو ايمان نه آڻيندا) اهي سڀ اختيار اللھ تعالى وٽ ئي آھن. ڇا مؤمن ماڻهو اڃا به (ڪافرن جي انڪار کان) نااميد نه ٿيا آھن، (يعني مؤمنن کي اڃا به اھا اميد آھي ته ھي ڪافر ايمان آڻيندا)؟ جيڪڏھن اللھ تعالى چاھي ھا ته سڀني انسانن کي ھدايت نصيب ڪري ھا. (توھان ڏسو ٿا ته) ڪافر ھميشه اھڙي حالت ۾ رهندا آھن جو مٿن سندن عملن جي نتيجي ۾ ڪانه ڪا مصيبت ايندي رھي ٿي يا سندن گهرن جي ڀرسان ھيانءُ ڏاريندڙ واقعا ٿيندا رھن ٿا. اھو سلسلو ايستائين ھلندو رهندو جيستائين اللھ تعالى جو وعدو (يعني قيامت) اچي وڃي. بيشڪ اللھ تعالى پنھنجي وعدي جي خلاف ورزي نه ڪندو آھي. |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَأَملَيتُ لِلَّذينَ كَفَروا ثُمَّ أَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 32) |
(اي نبيﷺ!) توکان اڳ به آيل رسولن جو مذاق اُڏايو ويو پر مون ڪافرن کي (ڪافي) ڍر ڏني (پوءِ به ھو نه سڌريا) آخرڪار مون سندن پڪڙ ڪئي. سو ڏسو ته ڪيئن ھئي منھنجي سزا؟ |
أَفَمَن هُوَ قائِمٌ عَلىٰ كُلِّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ قُل سَمّوهُم أَم تُنَبِّـٔونَهُ بِما لا يَعلَمُ فِى الأَرضِ أَم بِظٰهِرٍ مِنَ القَولِ بَل زُيِّنَ لِلَّذينَ كَفَروا مَكرُهُم وَصُدّوا عَنِ السَّبيلِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
ڇا جيڪا ھستي ھر ساھواري جي ھر عمل تي نظر رکڻ واري آھي (سا بيخبر بتن جھڙي آھي)؟ پوءِ به ماڻهن اللھ تعالى جا شريڪ بنايا آھن. (اي نبيﷺ!) کانئن پڇا ڪريو ته ڀلا (اھي ڪير آھن) انهن جا نالا ته ٻڌايو؟ يا توھان اللھ تعالى کي اھڙي خبر ٻڌايو ٿا جيڪا پوري دنيا ۾ ھو نٿو ڄاڻي يا اھا رڳو توھان جي وات جي ٻٽاڪ آھي. (حقيقت ھي آھي ته) اھڙن ڪافرن جي لاءِ سندن ترڪتالين کي سھڻو بنايو ويو آھي، تنھن ڪري ھو سڌي راھ کان محروم ڪيا ويا آھن ۽ جنھن کي اللھ تعالى (سندن ڪرتوتن سبب) گمراھيءَ ۾ ڌڪي ان کي ڪير به سڌي راھ نٿو ڏيکاري سگهي. |
لَهُم عَذابٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَقُّ وَما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 34) |
انهن لاءِ ھن دنيا جي حياتيءَ ۾ عذاب آھي ۽ آخرت وارو عذاب ته ان کان به وڌيڪ سخت آھي ۽ کين اللھ تعالى (جي عذاب) کان ڪير به بچائڻ وارو نه ھوندو. |
مَثَلُ الجَنَّةِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ أُكُلُها دائِمٌ وَظِلُّها تِلكَ عُقبَى الَّذينَ اتَّقَوا وَعُقبَى الكٰفِرينَ النّارُ (آيت : 35) |
پرھيزگارن سان جنھن جنت جو وعدو ڪيو ويو آھي ان جي ھيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وھن ٿيون، ان جا ميوا ۽ ان جي ڇانو ھميشه لاءِ ھوندي. اھو پرھيزگار ماڻهن جو بدلو آھي ۽ وري ڪافرن جو انجام باهه آھي. |
وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَفرَحونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَمِنَ الأَحزابِ مَن يُنكِرُ بَعضَهُ قُل إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ وَلا أُشرِكَ بِهِ إِلَيهِ أَدعوا وَإِلَيهِ مَـٔابِ (آيت : 36) |
۽ جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنوسين (يعني يھودي ۽ عيسائي اي نبيﷺ!) ھو تنھنجي مٿان نازل ٿيندڙ ڪتاب کان خوش ٿين ٿا ۽ وري انهن ئي ٽولن مان ڪجهه ھن ڪتاب (يعني قرآن) جي ڪن ڳالھين جا انڪاري به آھن. (اي نبيﷺ!) چؤ ته (ڪير خوش ٿئي ٿو يا ڪير انڪار ڪري ٿو) مون کي ته حڪم ڏنو ويو آھي ته مان صرف اللھ تعالى جي عبادت ڪريان ۽ ان سان گڏ ڪنھن کي به شريڪ نه ڪريان. مان سڀني کي ان جي ئي دعوت ڏيان ٿو ۽ (بس!) منھنجو لاڙو ان طرف ئي آھي. |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ حُكمًا عَرَبِيًّا وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَما جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا واقٍ (آيت : 37) |
اھڙي طرح اسان ھن قرآن کي خاص “عربي فرمان” طور نازل ڪيو آهي ۽ جيڪڏھن صحيح علم اچڻ کان پوءِ به تون انهن جي خواھشن جي پيروي ڪندين ته اللھ تعالى جي مقابلي ۾ ڪير به تنھنجي مدد ڪندڙ ۽ بچائڻ وارو نه ھوندو. |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ وَجَعَلنا لَهُم أَزوٰجًا وَذُرِّيَّةً وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ لِكُلِّ أَجَلٍ كِتابٌ (آيت : 38) |
(اي نبيﷺ!) توکان اڳ اسان جيترا به رسول موڪليا ھئا تن کي اسان گهر واريون ۽ اولاد به عطا ڪيو ھو ۽ ڪنھن رسول جي اختيار ۾ اھا ڳالھ نه ھئي جو ھو اللھ تعالى جي حڪم کان سواءِ ڪا نشاني آڻي سگهي ۽ ھر دور جي حساب سان خاص حڪم ڏنا ويندا آھن. |
يَمحُوا اللَّهُ ما يَشاءُ وَيُثبِتُ وَعِندَهُ أُمُّ الكِتٰبِ (آيت : 39) |
(ھر شيءِ جي لاءِ ھڪ وقت مقرر آھي) پوءِ اھا اللھ تعالى جي ئي مرضي آھي ته هو جنھن حڪم کي ختم ڪري يا جنھن کي برقرار رکي. حقيقت ھي آھي ته اصل حڪم ته ان وٽ ئي موجود آھن. |
وَإِن ما نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَعَلَينَا الحِسابُ (آيت : 40) |
۽ اسان جيڪي (عذاب جا) وعدا ڪريون ٿا انهن مان ڪجهه توکي توهان جي زندگيءَ ۾ پورا ڪري ڏيکاريون يا انهن کي پوري ڪرڻ کان پھريائين ئي اسان توکي (وفات جي صورت ۾) پاڻ وٽ گهرائي وٺون. بيشڪ تنھنجي مٿان صرف (پيغام) پھچائڻ جي ذميداري آھي، باقي حساب ڪتاب وٺڻ اسان جي مٿان آھي. |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها وَاللَّهُ يَحكُمُ لا مُعَقِّبَ لِحُكمِهِ وَهُوَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 41) |
ڇا ھي ماڻهو نٿا ڏسن ته اسان زمين جي چئني پاسن کان (اڳتي وڌندا) اچون ٿا ۽ انهن (ڪافرن) جي لاءِ زمين کي ھر طرف کان سوڙھو ڪندا وڃون ٿا، اللھ تعالى ئي حڪم ھلائيندو آھي، ان جي حڪم کي ڪير به نافذ ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهي ۽ ھو جلد حساب وٺندو آھي. |
وَقَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلِلَّهِ المَكرُ جَميعًا يَعلَمُ ما تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ وَسَيَعلَمُ الكُفّٰرُ لِمَن عُقبَى الدّارِ (آيت : 42) |
ھن کان اڳ گذري ويل ماڻهن به وڏيون سازشون ڪيون هيون پر اصل منصوبه بندي ته اللھ تعالى جي ھٿ ۾ آھي، ماڻهو جيڪو ڪجهه ڪري ٿو، ھن کي سڀ معلوم آھي، سو ڪافرن کي جَلد خبر پئجي ويندي ته سھڻو انجام ڪنھن جو ٿيندو؟ |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَستَ مُرسَلًا قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَمَن عِندَهُ عِلمُ الكِتٰبِ (آيت : 43) |
(ايترو ڪجهه ٻڌائڻ کان پوءِ به) ڪافر چون ٿا ته تون پيغمبر نه آھين. انهن کي چؤ ته منھنجي ۽ توھان جي وچ ۾ اللھ تعالى جي شاھدي ڪافي آھي ۽ انهن جي به جن کي آسماني ڪتاب جو علم آھي. |