المر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَالَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ الحَقُّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 1) |
ا-ل-م-ر، هي انهيءَ ڪتاب جون آيتون آهن، ۽ جيڪي ڪجهه لاٿو ويو آهي توتي تنهنجي پالڻهار جي طرفان، سو بلڪل سچ آهي پر گهڻا ماڻهو (تنهنجي قوم جا) مڃين نٿا |
اللَّهُ الَّذى رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى يُدَبِّرُ الأَمرَ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم بِلِقاءِ رَبِّكُم توقِنونَ (آيت : 2) |
اهو الله ئي آهي جنهن آسمانن کي بنا سهارن بيهاريو جيڪي توهان کي نظر ايندا هجن، پوءِ اهو پنهنجي سلطنت جي تخت تي رونق افروز ٿيو ۽ هڪ قانون جو پابند ڪيو سج ۽ چنڊ کي، سڄي نظام جي هر شيءِ هڪ مقرر مدت تائين هلي پئي، اهو (الله آهي) جيڪو ان سڀ ڪم جي تدبير ڪري پيو، کولي کولي نشانيون ٻڌائي پيو، شايد پنهنجي رب سان ملاقات جو يقين اچيوَ |
وَهُوَ الَّذى مَدَّ الأَرضَ وَجَعَلَ فيها رَوٰسِىَ وَأَنهٰرًا وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فيها زَوجَينِ اثنَينِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 3) |
۽ هو اهو ئي آهي جنهن هي زمين کولي پکيڙي ڇڏي ۽ ان ۾ جبلن جا ڪِل ٺوڪي ڇڏيا ۽ ان ۾ درياء وهايا، ۽ سڀني ميون جا پيدا ڪيا آهن جوڙا ان ۾ ۽ اهو ئي پکيڙي ٿو رات تي ڏينهن کي، بيشڪ انهن شين ۾ وڏيون نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي غور فڪر ڪن ٿا |
وَفِى الأَرضِ قِطَعٌ مُتَجٰوِرٰتٌ وَجَنّٰتٌ مِن أَعنٰبٍ وَزَرعٌ وَنَخيلٌ صِنوانٌ وَغَيرُ صِنوانٍ يُسقىٰ بِماءٍ وٰحِدٍ وَنُفَضِّلُ بَعضَها عَلىٰ بَعضٍ فِى الأُكُلِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 4) |
۽ ڏسو زمين ۾ ڌار ڌار طبقا آهن جيڪي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، انگورن جا باغ آهن، پوکون آهن، کجيءَ جا وڻ آهن جن مان ڪي هڪ ٿڙ واريون ته ڪي ٻن ٿڙن واريون، سڀني کي ساڳيو پاڻي ملي ٿو پر مزي ۾ ڪنهن کي بهتر بڻايون ٿا ته ڪنهن کي گهٽ درجي وارو، بيشڪ انهن ۾ ڪيتريون نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا |
وَإِن تَعجَب فَعَجَبٌ قَولُهُم أَءِذا كُنّا تُرٰبًا أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم وَأُولٰئِكَ الأَغلٰلُ فى أَعناقِهِم وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 5) |
۽ هاڻي توکي جيڪڏهن عجب ٿو لڳي ته عجب جهڙن ماڻهن جو اهو قول آهي ته جڏهن اسان مري مٽي ٿي وينداسين ته ڇا اسين وري پيدا ڪيا وينداسين؟ هي اهي ماڻهو آهن جن ڪفر ڪيو پنهنجي رب سان، ۽ هي اهي ئي ماڻهو آهن جن جي ڳچين ۾ ڳٽ پيل آهن، اهي ئي ماڻهو دوزخي آهن ۽ اهي ئي ان ۾ هميشھ رهندا |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ وَقَد خَلَت مِن قَبلِهِمُ المَثُلٰتُ وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو مَغفِرَةٍ لِلنّاسِ عَلىٰ ظُلمِهِم وَإِنَّ رَبَّكَ لَشَديدُ العِقابِ (آيت : 6) |
۽ (اي رسول!) اهي ئي ماڻهو بُرائي گُهرن ٿا ڀلائي کان اڳي ئي، ۽ جڏهن کانئن اڳي جيڪي ان راهه تي هليا تن تي عذاب جا عبرتناڪ مثال گذري چڪا آهن، حقيقت ۾ تنهنجو رب درگذر ڪرڻ وارو آهي باوجود ماڻهن جي زيادتين جي، ۽ اها به حقيقت آهي ته تنهنجو رب سخت سزا ڏيڻ وارو آهي |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ إِنَّما أَنتَ مُنذِرٌ وَلِكُلِّ قَومٍ هادٍ (آيت : 7) |
۽ چون ٿا اهي ماڻهو جن تنهنجي ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، ڇو نه لٿي آهي ڪا نشاني هن شخص تي سندس رب طرفان؟ بيشڪ تون ته رڳو ڊيڄارڻ وارو (خبردار ڪندڙ) آهين ۽ هر قوم جي لاءِ هڪ اڳواڻ آهي |
اللَّهُ يَعلَمُ ما تَحمِلُ كُلُّ أُنثىٰ وَما تَغيضُ الأَرحامُ وَما تَزدادُ وَكُلُّ شَيءٍ عِندَهُ بِمِقدارٍ (آيت : 8) |
الله ڄاڻي ٿو هر ڪنهن حمل واريءَ جي پيٽ بابت ۽ جيڪي ڪجهه ان ۾ ٺهي ٿو تنهن کي به ڄاڻي ٿو جيڪا به ان ۾ گهٽ وڌائي ٿئي ٿي اها به خبر رکي ٿو، هر شيءِ جي لاءِ وٽس هڪ اندازو مقرر آهي |
عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ الكَبيرُ المُتَعالِ (آيت : 9) |
هو ڄاڻي ٿو ڳجهه ۽ ظاهر، هر شيءِ جو ڄاڻو آهي، اهو سڀ کان وڏو هر حال ۾ مٿانهون آهي |
سَواءٌ مِنكُم مَن أَسَرَّ القَولَ وَمَن جَهَرَ بِهِ وَمَن هُوَ مُستَخفٍ بِالَّيلِ وَسارِبٌ بِالنَّهارِ (آيت : 10) |
ڀلي ڪوبه ماڻهو توهان مان زور سان ڳالهائي يا آهستي ۽ ڪو رات جي اونداهيءَ ۾ لڪل هجي يا هلي رهيو هجي ڏينهن جي روشنيءَ ۾. |
لَهُ مُعَقِّبٰتٌ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ يَحفَظونَهُ مِن أَمرِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُغَيِّرُ ما بِقَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَإِذا أَرادَ اللَّهُ بِقَومٍ سوءًا فَلا مَرَدَّ لَهُ وَما لَهُم مِن دونِهِ مِن والٍ (آيت : 11) |
ان لاءِ برابر آهي سندس مقرر ڪيل نگهبان هر شخص جي اڳيان ۽ پويان لڳل (محافظ) کين سنڀالي رهيا آهن الله جي حڪم سان، حقيقت هي آهي ته الله نٿو بدلائي ڪنهن قوم جي حالت کي، جيستائين اها پاڻ پنهنجي راهه نٿي بدلائي، ۽ جڏهن ارادو ڪري الله ڪنهن قوم مٿان شامت آڻڻ جو، پوءِ اها ٽري نٿي سگهي ۽ نه وري (الله جي مقابلي ۾) اهڙي قوم جو ڪو مددگار ٿي سگهي ٿو |
هُوَ الَّذى يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنشِئُ السَّحابَ الثِّقالَ (آيت : 12) |
اهو ئي آهي جيڪو توهان جي آڏو کنوڻ چمڪائي ٿو جنهن کي ڏسي خوف کائو ٿا ۽ اميدون به رکندا آهيو ۽ اهو ئي پاڻيءَ سان ڀريل ڪڪر آڻي ٿو |
وَيُسَبِّحُ الرَّعدُ بِحَمدِهِ وَالمَلٰئِكَةُ مِن خيفَتِهِ وَيُرسِلُ الصَّوٰعِقَ فَيُصيبُ بِها مَن يَشاءُ وَهُم يُجٰدِلونَ فِى اللَّهِ وَهُوَ شَديدُ المِحالِ (آيت : 13) |
۽ ساراهه ڪري ٿي ڪڪرن جي گوڙ ۽ پاڪائي بيان ڪرڻ ۾ ملائڪ به ڏڪندي پاڪائي بيان ڪن ٿا، اهو موڪلي ٿو ڪڙڪيدار وڄون ۽ ڪڏهن ته جنهن تي به گُهري ڪيرائي ٿو ان کي انهيءَ حالت ۾ جڏهن ماڻهو الله جي باري ۾ تڪرار ڪندا آهن ۽ سندس چال واقعي زبردست آهي |
لَهُ دَعوَةُ الحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَجيبونَ لَهُم بِشَيءٍ إِلّا كَبٰسِطِ كَفَّيهِ إِلَى الماءِ لِيَبلُغَ فاهُ وَما هُوَ بِبٰلِغِهِ وَما دُعاءُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 14) |
ان کي ئي سڏڻ برحق آهي ۽ رهيون اهي ٻيون هستيون جن کي (ڪافر) پڪارين ٿا (الله کي) ڇڏي سي سندن دعائن جو ڪو جواب ڏئي نٿا سگهن، انهن کي پڪارڻ ائين آهي جيئن پاڻي کي ڪو عرض ڪري ته منهنجي وات ۾ پهچي وڃ، پر اهو پهچي نٿو، ائين آهن ڪافرن جون دعائون جيئن بي نشان تير |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَظِلٰلُهُم بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 15) |
۽ اهو الله ئي آهي جنهن کي سجدو ڪري ٿي آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ خوشي يا ناخوشي، ۽ سڀني شين جا پاڇا (ان جي آڏو جهڪن ٿا) صبح ۽ شام |
قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ قُل أَفَاتَّخَذتُم مِن دونِهِ أَولِياءَ لا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم نَفعًا وَلا ضَرًّا قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَم هَل تَستَوِى الظُّلُمٰتُ وَالنّورُ أَم جَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ خَلَقوا كَخَلقِهِ فَتَشٰبَهَ الخَلقُ عَلَيهِم قُلِ اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ الوٰحِدُ القَهّٰرُ (آيت : 16) |
انهن کان پڇو ڪير آهي پالڻهار آسمانن ۽ زمين جو، چؤ الله! پوءِ کين چؤ جڏهن حقيقت اها آهي پوءِ توهان ان کي ڇڏي اهڙن خدائن کي پنهنجو مشڪل ڪشا بڻايو ٿا جيڪي پنهنجي لاءِ به نفعي نقصان جو اختيار نٿا رکن؟ چوين، ڇا برابر ٿي سگهي ٿو انڌو ۽ اکيون رکڻ وارو؟ ڇا برابر آهن اونداهيون ۽ سوجهرو؟ ۽ جي ائين نه آهي ته الله وانگر سندن ٺاهيل شريڪن به ڪجهه پئدا ڪيو آهي جنهن ڪري مشڪوڪ ٿي پيو آهي خلقڻ وارو معاملو انهن جي لاءِ؟ چوين (اي نبي!) الله ئي خالق آهي سڀني شين جو ۽ اهو ئي اڪيلو آهي سڀني تي غالب |
أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسالَت أَودِيَةٌ بِقَدَرِها فَاحتَمَلَ السَّيلُ زَبَدًا رابِيًا وَمِمّا يوقِدونَ عَلَيهِ فِى النّارِ ابتِغاءَ حِليَةٍ أَو مَتٰعٍ زَبَدٌ مِثلُهُ كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ الحَقَّ وَالبٰطِلَ فَأَمَّا الزَّبَدُ فَيَذهَبُ جُفاءً وَأَمّا ما يَنفَعُ النّاسَ فَيَمكُثُ فِى الأَرضِ كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ (آيت : 17) |
نازل ڪري ٿو الله آسمان مان پاڻي ۽ هر ندي ۽ نئن پنهنجي وسعت آهر ان کي کڻي ٿي، پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي ته مٿان گج به تري آئي ۽ اهڙي ئي گج انهن ڌاتن مان نڪرندي آهي جن کي باهه ۾ وجهي زيور ۽ ٿانوَ جوڙڻ لاءِ ماڻهو ڳاريندا آهن، انهيءَ مثال ئي سان الڳ ڪري ٿو الله حق ۽ باطل جي معاملي کي، پوءِ جيڪا گج هوندي آهي سا اڏامي ويندي آهي ۽ جيڪا شيءِ منافع بخش هوندي آهي انسانن جي لاءِ، اها رهجي ويندي آهي زمين ۾، اهڙيءَ طرح سمجهائي ٿو الله پنهنجي ڳالهه مثالن سان |
لِلَّذينَ استَجابوا لِرَبِّهِمُ الحُسنىٰ وَالَّذينَ لَم يَستَجيبوا لَهُ لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم سوءُ الحِسابِ وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 18) |
جن ماڻهن قبولي دعوت پنهنجي رب جي، تن لاءِ ڀلائي آهي ۽ جن ماڻهن ان کي قبول نه ڪيو، سي جيڪڏهن ان سموري دولت جا مالڪ هجن جيڪا زمين ۾ آهي ۽ ايتري ٻي به گڏ ڪن ته اها فديي ۾ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا بچڻ لاءِ الله جي پڪڙ کان، هي اهي ماڻهو آهن جن کان سختيءَ سان حساب وٺبو، ۽ انهن جو ٺڪاڻو جهنم ئي آهي، ۽ تمام خراب آهي اهو ٺڪاڻو |
أَفَمَن يَعلَمُ أَنَّما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ الحَقُّ كَمَن هُوَ أَعمىٰ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 19) |
ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جيڪو ڄاڻي ٿو هن ڪتاب کي جيڪو نازل ڪيل آهي تنهنجي رب طرفان حق سان ۽ اهو شخص جيڪو انڌو هن حقيقت کان ٻئي برابر هجن؟ نصيحت ته سمجهو ماڻهو ئي حاصل ڪندا آهن |
الَّذينَ يوفونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَلا يَنقُضونَ الميثٰقَ (آيت : 20) |
۽ سندن (عمل هي هوندو آهي ته) پنهنجا انجام پاڙيندا آهن الله سان ۽ اهو پڪو ڪرڻ بعد ٽوڙيندا نه آهن (پنهنجو) وعدو |
وَالَّذينَ يَصِلونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيَخشَونَ رَبَّهُم وَيَخافونَ سوءَ الحِسابِ (آيت : 21) |
۽ انهن جو رويو هي هوندو آهي ته جن جن لاڳاپن کي الله ڳنڍڻ جو حڪم ڏنو آهي تن کي قائم رکندا آهن ۽ ڊڄندا آهن پنهنجي رب کان ته ڪٿي سختيءَ سان حساب نه ورتو وڃي |
وَالَّذينَ صَبَرُوا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِم وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ أُولٰئِكَ لَهُم عُقبَى الدّارِ (آيت : 22) |
۽ انهن (شخصن جو حال هي هوندو آهي ته) صبر ڪندا آهن پنهنجي رب جي رضا خاطر ۽ قائم ڪندا آهن نماز ۽ خرچ ڪندا آهن اسان جي ڏنل رزق مان لڪل يا ظاهر ظهور ۽ ٽاريندا آهن چڱائيءَ سان برائي کي، اهڙن ئي ماڻهن جي لاءِ آخرت جو گهر آهي |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَالمَلٰئِكَةُ يَدخُلونَ عَلَيهِم مِن كُلِّ بابٍ (آيت : 23) |
يعني اهڙا باغ جيڪي سندن هميشھ جي رهائشگاه هوندا، ۽ اهي پاڻ به انهن ۾ داخل ٿيندا ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ زالن ۽ سندن اولاد مان جيڪي صالح آهن سي ساڻن گڏ هوندا، فرشتا سندن استقبال لاءِ هر طرف کان ايندا |
سَلٰمٌ عَلَيكُم بِما صَبَرتُم فَنِعمَ عُقبَى الدّارِ (آيت : 24) |
۽ کين چوندا ته توهان تي سلامتي هجي توهان دنيا ۾ جيترو صبر ڪيو، ان جي صدقي اڄ هن جا حقدار آهيو، ڪهڙو نه ڀلو آهي آخرت جو گهر |
وَالَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ لَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 25) |
۽ رهيا اهي ماڻهو جيڪي الله سان عهد پڪو ڪرڻ کان پوءِ ٽوڙين ٿا، جيڪي انهن لاڳاپن کي ڇنن ٿا جن کي الله جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ جيڪي پکيڙيندا رهن ٿا فساد کي زمين ۾، اهي ئي ماڻهو حقدار آهن لعنت جا ۽ انهن لاءِ تمام بڇڙو ٺڪاڻو آهي آخرت ۾ |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَفَرِحوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا فِى الءاخِرَةِ إِلّا مَتٰعٌ (آيت : 26) |
الله جنهن کي گهرندو آهي رزق ڪشادو ڪندو آهي ۽ جنهن کي گهرندو آهي پورو پنو عطا ڪندو آهي، اهي ماڻهو مست آهن حياتي ۾ دنيا جي، ۽ جڏهن ته حياتي دنيا واري مقابلي ۾ آخرت جي ٿوري سامان کان سواءِ ڪجهه نه آهي |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى إِلَيهِ مَن أَنابَ (آيت : 27) |
۽ اهي ماڻهو چون ٿا جن ڪفر ڪيو (رسول کي مڃڻ کان) ته، هن شخص تي ڪا نشاني پنهنجي رب طرفان ڇو نه لٿي؟ چوين، بيشڪ الله جنهن کي گُهري گمراهه ڪري ۽ جنهن کي چاهي هدايت بخشي پاڻ ڏانهن اچڻ جو رستو ڏيکاري |
الَّذينَ ءامَنوا وَتَطمَئِنُّ قُلوبُهُم بِذِكرِ اللَّهِ أَلا بِذِكرِ اللَّهِ تَطمَئِنُّ القُلوبُ (آيت : 28) |
اهڙا ماڻهو آهن جن ايمان آندو ۽ (هن نبي جي دعوت کي) مڃيو، پنهنجي دلين سان الله جي ياد ۾ کين اطمينان ملي ٿو، خبردار! الله جي ياد سان ئي دلين کي اطمينان ملي ٿو |
الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ طوبىٰ لَهُم وَحُسنُ مَـٔابٍ (آيت : 29) |
پوءِ جن ماڻهن حق جي دعوت کي مڃيو ۽ سٺا عمل ڪيا سي ڀاڳ وارا آهن ۽ انهن جي لاءِ ئي سٺي آهي پڄاڻي |
كَذٰلِكَ أَرسَلنٰكَ فى أُمَّةٍ قَد خَلَت مِن قَبلِها أُمَمٌ لِتَتلُوَا۟ عَلَيهِمُ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ وَهُم يَكفُرونَ بِالرَّحمٰنِ قُل هُوَ رَبّى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ مَتابِ (آيت : 30) |
(اي نبي!) ان سان اسان توکي رسول ڪري هڪ اهڙي قوم ڏي موڪليو آهي جنهن کان اڳ ۾ ڪيئي قومون گذري چڪيون آهن جيئن تون ٻڌائين انهن ماڻهن کي اهو پيغام، جيڪو اسان توتي نازل ڪيو آهي ان حالت ۾ جو اهي منڪر آهن پنهنجي ٻاجهاري خدا جا، کين چؤ ته اهو ئي منهنجو رب آهي ان بنا ٻيو ڪوبه معبود ناهي، ۽ انهيءَ تي ئي ڀروسو ڪيو اٿم ۽ اهو ئي منهنجي لاءِ سڀڪجهه آهي |
وَلَو أَنَّ قُرءانًا سُيِّرَت بِهِ الجِبالُ أَو قُطِّعَت بِهِ الأَرضُ أَو كُلِّمَ بِهِ المَوتىٰ بَل لِلَّهِ الأَمرُ جَميعًا أَفَلَم يَا۟يـَٔسِ الَّذينَ ءامَنوا أَن لَو يَشاءُ اللَّهُ لَهَدَى النّاسَ جَميعًا وَلا يَزالُ الَّذينَ كَفَروا تُصيبُهُم بِما صَنَعوا قارِعَةٌ أَو تَحُلُّ قَريبًا مِن دارِهِم حَتّىٰ يَأتِىَ وَعدُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 31) |
۽ ڇا ٿي پوي ها جيڪڏهن ڪو اهڙو قرآن لاٿو وڃي ها جنهن جي زور سان جبل لُڏڻ لڳن ها يا ڦاٽي پوي ها ان سان زمين يا ڳالهائڻ لڳن ها قبرن مان نڪري مردا؟ (اهي نشانيون ڏيکارڻ مشڪل ناهن) پر الله وٽ ته سمورو اختيار آهي، پوءِ ڇا آس لڳايل آهن ايمان وارا (ڪافرن جي گُھر تي ڪنهن نشاني ظاهر ٿيڻ لاءِ) مايوس الله کان ناهن، جيڪڏهن اُهو گهري ها ته سڀني انسانن کي هدايت ڏئي ها، ۽ جن ڪفر جو رويو اختيار ڪيو آهي الله سان، تن تي سندن ڪرتوتن سبب ڪا نه ڪا آفت ايندي رهي ٿي يا سندن گهر جي ويجهو نازل ٿئي پئي، هي سلسلو هلندو ئي رهندو تان جو اچي پورو ٿيندو وعدو الله جو، بيشڪ الله خلاف ورزي نٿو ڪري پنهنجي وعدي جي |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَأَملَيتُ لِلَّذينَ كَفَروا ثُمَّ أَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 32) |
۽ ٺٺوليون ڪيون ويون آهن ڪيترن ئي رسولن تي تو کان اڳي، پر اسان هميشھ ڍر ڏني آهي انهن ڪافرن کي ۽ آخرڪار کين پڪڙي ئي ورتو، پوءِ ڏسو اها سزا ڪيتري نه سخت هئي |
أَفَمَن هُوَ قائِمٌ عَلىٰ كُلِّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ قُل سَمّوهُم أَم تُنَبِّـٔونَهُ بِما لا يَعلَمُ فِى الأَرضِ أَم بِظٰهِرٍ مِنَ القَولِ بَل زُيِّنَ لِلَّذينَ كَفَروا مَكرُهُم وَصُدّوا عَنِ السَّبيلِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
پوءِ ڇا اهو جيڪو نظر رکي ٿو سڀني ساهوارن جي ڪمائي تي (ان جي مقابلي ۾ ڪوششون ٿين پيون) شريڪ مقرر ڪيا ماڻهن الله جا. (اي نبي!) کين چئو (ڇا اهي خدا جا پنهنجا ٺاهيل شريڪ آهن) ته سندن ڪجهه نالا ته وٺو، ته اهي ڪير آهن، ڇا الله کي هڪ نئين ڳالهه جي خبر پيا ڏيو زمين ۾ جيڪا هو نٿو ڄاڻي؟ يا جيڪي وات ۾ اچي ٿو چئي ٿا ڏيو؟ حقيقت ۾ جن ماڻهن حق کي نه مڃيو آهي تن جا مڪر (سهڻا) بنايا ويا آهن ۽ اهي روڪيا ويا آهن سڌي راهه کان، پوءِ جنهن کي گمراهيءَ ۾ الله اڇلي ڇڏي، تنهن کي ڪوبه راهه ڏيکاريندڙ نه ملندو |
لَهُم عَذابٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَقُّ وَما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 34) |
اهڙن ئي ماڻهن لاءِ عذاب آهي دنيا جي حياتيءَ ۾، ۽ آخرت جو عذاب ته ان کان وڌيڪ سخت آهي، ۽ ڪوبه اهڙو نه آهي جيڪو کين الله کان بچائڻ وارو هجي |
مَثَلُ الجَنَّةِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ أُكُلُها دائِمٌ وَظِلُّها تِلكَ عُقبَى الَّذينَ اتَّقَوا وَعُقبَى الكٰفِرينَ النّارُ (آيت : 35) |
جنهن جنت جو وعدو ڪيل آهي خدا ترس ماڻهن جي لاءِ، ان جون نشانيون هي آهن ته ان جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، ميوا آهن سدائين رهڻ وارا ۽ هميشھ واري ڇانوَ هوندي، اها پڇاڙي آهي پرهيزگارن جي ۽ ڪافرن جي پڇاڙي دوزخ جي باهه آهي |
وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَفرَحونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَمِنَ الأَحزابِ مَن يُنكِرُ بَعضَهُ قُل إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ وَلا أُشرِكَ بِهِ إِلَيهِ أَدعوا وَإِلَيهِ مَـٔابِ (آيت : 36) |
۽ جن ماڻهن کي اسان ڏنو هو ڪتاب (اي نبي!) سي ان ڪتاب کان خوش آهن، جيڪو نازل ڪيو ويو آهي توتي، ۽ مختلف ٽولن ۾ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ان جي ڪن ڳالهين کي نٿا مڃن، تون ڏي ته، مون کي بندگيءَ جو حڪم ڏنو ويو آهي صرف الله جي ۽ ان ڳالهه کان جهليو ويو آهي ته ڪنهن کي به ساڻس شريڪ نه ڪيان، ان ڏي ئي سڏيان ۽ ان ڏي منهنجو موٽڻ آهي |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ حُكمًا عَرَبِيًّا وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَما جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا واقٍ (آيت : 37) |
اسان انهيءَ هدايت سان عربي فرمان توتي لاٿو آهي، هاڻي تو جيڪڏهن ماڻهن جي خواهشن جي پيروي ڪئي جڏهن ته تو وٽ آيل آهي (اسان جو) علم، ته تنهنجو الله جي مقابلي ۾ ڪوبه مددگار ناهي ۽ نه ڪير توکي سندس پڪڙ کان بچائيندو |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ وَجَعَلنا لَهُم أَزوٰجًا وَذُرِّيَّةً وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ لِكُلِّ أَجَلٍ كِتابٌ (آيت : 38) |
اسان موڪليا آهن ڪيترا ئي رسول توکان اڳ ۾ ۽ کين اسان بڻايو هو زالن ۽ ٻارن وارو، ۽ ڪنهن به رسول کي اها طاقت ڪانه هئي ته ڪابه نشاني آڻي پاڻ ڏيکاري سواءِ الله جي حڪم جي، هر دور جي لاءِ هڪ ڪتاب آهي |
يَمحُوا اللَّهُ ما يَشاءُ وَيُثبِتُ وَعِندَهُ أُمُّ الكِتٰبِ (آيت : 39) |
ختم ڪندو آهي الله جيڪي گُهرندو آهي ۽ قائم رکندو آهي ۽ اصل ڪتاب ”ام الڪتاب“ انهيءَ وٽ آهي |
وَإِن ما نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَعَلَينَا الحِسابُ (آيت : 40) |
۽ (اي نبي!) جنهن بڇڙي نتيجي جي ڌمڪي اسان ماڻهن کي ڏئي رهيا آهيون ان جو حصو اسان تنهنجي حياتيءَ ۾ ڏيکاريون (يا توکي کڻي وٺون)، تنهنجو ڪم نياپو رسائڻ آهي ۽ حساب وٺڻ اسان جو |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها وَاللَّهُ يَحكُمُ لا مُعَقِّبَ لِحُكمِهِ وَهُوَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 41) |
ڇا هي ماڻهو ڏسن نٿا ته اسان هن زمين تي هلندا پيا اچون ۽ ان جو گهيرو هر طرف کان تنگ ڪندا پيا اچون؟ ۽ الله حڪومت ڪري رهيو آهي ڪوبه سندس فيصلي تي نظر ثاني ڪندڙ ناهي ۽ کيس حساب وٺڻ ۾ دير نٿي لڳي |
وَقَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلِلَّهِ المَكرُ جَميعًا يَعلَمُ ما تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ وَسَيَعلَمُ الكُفّٰرُ لِمَن عُقبَى الدّارِ (آيت : 42) |
۽ انهن کان جيڪي ماڻهو ٿي گذريا آهن اڳي، اهي به وڏيون چالون کيڏندا رهيا، پر اصل فيصلي واري چال الله وٽ آهي، اهو ڄاڻي ٿو ته ڪير ڪهڙي ڪمائي ڪري رهيو آهي ۽ ڄاڻندا سگهوئي حق جا منڪر ته پڇاڙي ڪنهن جي خير واري ٿي؟ |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَستَ مُرسَلًا قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَمَن عِندَهُ عِلمُ الكِتٰبِ (آيت : 43) |
۽ هي چون ٿا جن انڪار ڪيو آهي ته توهان الله جا موڪليل نه آهيو، چوين ته منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ الله جي شاهدي ڪافي آهي ۽ هر ان شخص جي شاهدي پڻ جيڪو علم رکي ٿو آسماني ڪتاب جو |