الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 1) |
ﲺ (الف ـ لام ـ را) هي انهيءَ ڪتاب جون آيتون آهن، جيڪو پنهنجو مطلب کولي بيان ڪندڙ آهي |
إِنّا أَنزَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 2) |
اسان ان کي نازل ڪيو آهي قرآن بڻائي عربي زبان ۾، ته جيئن توهان (عرب وارا) ان کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهو |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ أَحسَنَ القَصَصِ بِما أَوحَينا إِلَيكَ هٰذَا القُرءانَ وَإِن كُنتَ مِن قَبلِهِ لَمِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 3) |
اي نبي! اسان هن قرآن کي توڏانهن وحي ڪري تمام سهڻي انداز ۾ واقعا ۽ حقيقتون توکي بيان ڪري ٻڌايون ٿا، نه ته ان کان اڳ ته تون (انهن ڳالهين کان) بلڪل ئي اڻڄاڻ هئين |
إِذ قالَ يوسُفُ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ إِنّى رَأَيتُ أَحَدَ عَشَرَ كَوكَبًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ رَأَيتُهُم لى سٰجِدينَ (آيت : 4) |
اها ان وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو ته "ابا! مون خواب لڌو آهي ته يارهن تارا ۽ سج ۽ چنڊ آهن ۽ اهي مونکي سجدو ڪري رهيا آهن" |
قالَ يٰبُنَىَّ لا تَقصُص رُءياكَ عَلىٰ إِخوَتِكَ فَيَكيدوا لَكَ كَيدًا إِنَّ الشَّيطٰنَ لِلإِنسٰنِ عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 5) |
جواب ۾ پڻس چيس ته "پٽـڙا! پنهنجو اهو خواب پنهنجن ڀائرن کي نه ٻڌائجانءِ ، نه ته هو تنهنجي خلاف سٽون سٽيندا. حقيقت اها آهي ته شيطان انسان جو کليو کلايو دشمن آهي |
وَكَذٰلِكَ يَجتَبيكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَيُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَعَلىٰ ءالِ يَعقوبَ كَما أَتَمَّها عَلىٰ أَبَوَيكَ مِن قَبلُ إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبَّكَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 6) |
۽ ائين ئي ٿيندو (جيئن تو خواب ۾ ڏٺو آهي ته) تنهنجو رب توکي (پنهنجي ڪم لاءِ ) چونڊي وٺندو ۽ توکي ڳالهين جي تـَـههَ تائين پهچڻ جو علم ڏيندو ۽ توتي ۽ يعقوب جي اولاد تي پنهنجي نعمت اهڙيءَ طرح مڪمل ڪندو، جهڙيءَ ريت هن کان اڳ هو تنهنجي وڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي ڪري چڪو آهي، بيشڪ تنهنجو رب ڄاڻندڙ وڏو داناءُ آهي" |
لَقَد كانَ فى يوسُفَ وَإِخوَتِهِ ءايٰتٌ لِلسّائِلينَ (آيت : 7) |
حقيقت ۾ يوسف ۽ سندس ڀائرن جي قصي ۾ انهن پڇندڙن لاءِ وڏيون نشانيون آهن |
إِذ قالوا لَيوسُفُ وَأَخوهُ أَحَبُّ إِلىٰ أَبينا مِنّا وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنَّ أَبانا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 8) |
اهو قصو هيئن آهي ته سندس ڀائرن پاڻ ۾ چيو ته "يوسف ۽ ڀاڻس ٻئي اسان جي پيءُ کي اسان کان وڌيڪ پيارا آهن، حالانڪه اسان ته هڪڙو سڄو جٿو آهيون، سچي ڳالهه اها آهي ته ابو بلڪل ڀٽڪي ويو آهي |
اقتُلوا يوسُفَ أَوِ اطرَحوهُ أَرضًا يَخلُ لَكُم وَجهُ أَبيكُم وَتَكونوا مِن بَعدِهِ قَومًا صٰلِحينَ (آيت : 9) |
يوسف کي قتل ڪريو يا ڪٿي اڇلائي اچوس، تان ته توهانجي پيءُ جو رخ پوءِ فقط توهان ڏانهن ٿي پوي، ائين ڪري پوءِ کڻي نيڪ ٿي رهجو" |
قالَ قائِلٌ مِنهُم لا تَقتُلوا يوسُفَ وَأَلقوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ يَلتَقِطهُ بَعضُ السَّيّارَةِ إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 10) |
ان تي منجهانئن هڪڙي چيو ته "يوسف کي قتل نه ڪريو، جيڪڏهن ڪجهه ڪرڻو اٿوَ ته ان کي ڦٽل کوهه جي تري ۾ اڇليو ته ڪو ايندڙ ويندڙ قافلو ڪڍي کڻي ويندو" |
قالوا يٰأَبانا ما لَكَ لا تَأمَ۫نّا عَلىٰ يوسُفَ وَإِنّا لَهُ لَنٰصِحونَ (آيت : 11) |
اها رٿ رٿي انهن وڃي پنهنجي پيءُ کي چيو ته "ابا! ڇو ڀلا تون يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نه ٿو ڪرين، حالانڪه اسان ته سندس سچا خير خواهه آهيون؟ |
أَرسِلهُ مَعَنا غَدًا يَرتَع وَيَلعَب وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 12) |
سڀاڻي اسان سان موڪل ڏينس ته ڪجهه کائيندو پيئندو به ۽ کيڏي ڪڏي به وٺندو، اسان سندس حفاظت لاءِ موجود آهيون" |
قالَ إِنّى لَيَحزُنُنى أَن تَذهَبوا بِهِ وَأَخافُ أَن يَأكُلَهُ الذِّئبُ وَأَنتُم عَنهُ غٰفِلونَ (آيت : 13) |
پيءُ چيو: "توهانجو ان کي وٺي وڃڻ منهنجي دل کي جهوري ٿو وجهي ۽ مونکي ڀؤ ٿو ٿئي ته متان بگهڙ نه کائي وڃيس ۽ ان مهل توهان جو ان ڏي ڌيان نه هجي" |
قالوا لَئِن أَكَلَهُ الذِّئبُ وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنّا إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 14) |
انهن جواب ڏنو: "جيڪڏهن اسانجي هوندي کيس بگهڙ کاڌو، جڏهن جو اسان چڱو جٿو آهيون ته پوءِ ته اسان ڪنهن ڪم جا نه ٿياسون" |
فَلَمّا ذَهَبوا بِهِ وَأَجمَعوا أَن يَجعَلوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ وَأَوحَينا إِلَيهِ لَتُنَبِّئَنَّهُم بِأَمرِهِم هٰذا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 15) |
ائين جڏهن هو کيس وٺي ويا ۽ سڀني گڏجي طيءِ ڪيو ته کيس ڦٽل کوهه جي تري ۾ ڦٽو ڪن، ته وري اسان يوسف ڏي وحي ڪيو ته "ڪو وقت ايندو، جڏهن تون انهن کي اها حرڪت ڄاڻائيندين، اهي پنهنجي ڪم جي نتيجي کان بي خبر آهن" |
وَجاءو أَباهُم عِشاءً يَبكونَ (آيت : 16) |
رات جو هو روئندا پنهنجي پيءُ وٽ آيا |
قالوا يٰأَبانا إِنّا ذَهَبنا نَستَبِقُ وَتَرَكنا يوسُفَ عِندَ مَتٰعِنا فَأَكَلَهُ الذِّئبُ وَما أَنتَ بِمُؤمِنٍ لَنا وَلَو كُنّا صٰدِقينَ (آيت : 17) |
۽ چيائون: "ابا اسان ڊوڙ پڄائڻ ۾ لڳي وياسون ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسين ته ايتري ۾ بگهڙ کيس کائي ويو. تون ته اسان جي ڳالهه تي يقين نه ڪندين توڻي جو اسان سچا هجون" |
وَجاءو عَلىٰ قَميصِهِ بِدَمٍ كَذِبٍ قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ وَاللَّهُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 18) |
۽ هو يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت لڳائي کڻي آيا هئا. اهو ٻڌي سندن پيءُ چيو: "اصل ڳالهه اها آهي ته توهانجي نفسن توهان لاءِ هڪ وڏي ڪم کي سؤلو بڻائي ڇڏيو. هاڻي بس صبر ڪرڻ ئي چڱو آهي. جيڪا ڳالهه پيا ٿا ٺاهيو، تنهن تي اهو الله ئي آهي جنهن کان مدد وٺڻي آهي" |
وَجاءَت سَيّارَةٌ فَأَرسَلوا وارِدَهُم فَأَدلىٰ دَلوَهُ قالَ يٰبُشرىٰ هٰذا غُلٰمٌ وَأَسَرّوهُ بِضٰعَةً وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 19) |
هوڏانهن هڪ قافلو اچي نڪتو ۽ انهن پنهنجي پاڻي ڀريندڙ کي پاڻي آڻڻ لاءِ موڪليو، پاڻي ڀريندڙ جو کوهه ۾ پنهنجو ڏول وڌو ته (يوسف کي ڏسي) وٺي رڙ ڪيائين: "مبارڪ هجيوَ، هتي ته هڪڙو ڇوڪرو آهي". انهن ماڻهن ان کي واپار جو مال سمجهي کڻي سانڍيو، حالانڪه جيڪي ڪجهه هو ڪري رهيا هئا، الله ان کان باخبر هو |
وَشَرَوهُ بِثَمَنٍ بَخسٍ دَرٰهِمَ مَعدودَةٍ وَكانوا فيهِ مِنَ الزّٰهِدينَ (آيت : 20) |
نيٺ انهن تمام ٿورڙي قيمت تي ڪن ٿورڙن درهمن جي عيوض کيس وڪڻي ڇڏيو، جو هو ان جي قيمت جي معاملي ۾ گهڻي جي لالـچ وارا نه هئا |
وَقالَ الَّذِى اشتَرىٰهُ مِن مِصرَ لِامرَأَتِهِ أَكرِمى مَثوىٰهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ وَلِنُعَلِّمَهُ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَاللَّهُ غالِبٌ عَلىٰ أَمرِهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 21) |
مصر جي جنهن شخص کيس خريد ڪيو ان پنهنجي زال کي چيو ته "هن کي مڙيئي مانَ سان رکجانءِ جو ٿي سگهي ٿو ته هيءُ اسان لاءِ ڪارائتو ثابت ٿئي يا اسان هن کي پٽيلو بڻايون". اهڙيءَ ريت اسان يوسف لاءِ انهيءَ سرزمين ۾ پير کوڙڻ جي واٽ ڪڍي ۽ کيس معاملن جي سمجهه جي تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪيو، الله پنهنجو ڪم پورو ڪري رهندو آهي پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 22) |
پوءِ جڏهن هو ڦوهه جوانيءَ کي رسيو ته اسان کيس فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت ۽ علم عطا ڪيو. اهڙيءَ طرح اسان نيڪ ماڻهن کي اجورا ڏيندا آهيون |
وَرٰوَدَتهُ الَّتى هُوَ فى بَيتِها عَن نَفسِهِ وَغَلَّقَتِ الأَبوٰبَ وَقالَت هَيتَ لَكَ قالَ مَعاذَ اللَّهِ إِنَّهُ رَبّى أَحسَنَ مَثواىَ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
جنهن عورت جي گهر ۾ هو هئو، اها کيس هرکائڻ لڳي ۽ هڪ ڏينهن دروازا بند ڪري چيائينس ته "هيڏانهن اچ"، يوسف چيس: "الله جي پناهه، منهنجي مالڪ ته مونکي نهايت سٺي انداز ۾ رکيو (۽ مان اهو ڪم ڪريان) اهڙا ظالم ته ڪڏهن به ڇوٽڪارو نه لهندا آهن" |
وَلَقَد هَمَّت بِهِ وَهَمَّ بِها لَولا أَن رَءا بُرهٰنَ رَبِّهِ كَذٰلِكَ لِنَصرِفَ عَنهُ السّوءَ وَالفَحشاءَ إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُخلَصينَ (آيت : 24) |
هوءَ ڏانهس وڌي ۽ يوسف به ان ڏانهن وڌي ها جيڪڏهن پنهنجي رب جو دليل (برهان) نه ڏسي وٺي ها، اهو انڪري ٿيو ته جيئن اسان کانئس بــَـدي ۽ بيحيائيءَ کي دور ڪري ڇڏيون، درحقيقت هو اسانجي چونڊيل ٻانهن مان هو |
وَاستَبَقَا البابَ وَقَدَّت قَميصَهُ مِن دُبُرٍ وَأَلفَيا سَيِّدَها لَدَا البابِ قالَت ما جَزاءُ مَن أَرادَ بِأَهلِكَ سوءًا إِلّا أَن يُسجَنَ أَو عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 25) |
نيٺ يوسف ۽ هوءَ هڪ ٻئي جي پويان وٺي در ڏانهن ڀڳا ۽ هن پــُـٺيءَ کان يوسف جي قميص (ڇــِـڪ ڏئي) ڦاڙي وڌي. دروازي وٽ ٻنهي سندس مڙس کي موجود ڏٺو، ان کي ڏسندي ئي عورت چوڻ لڳي: "ڪهڙي سزا آهي، انهيءَ شخص لاءِ جيڪو تنهنجي گهرواريءَ تي بري نيت رکي؟ ٻي ڪهڙي، سواءِ هن جي جو ان کي قيد ڪيو وڃي يا ان کي سخت سزا ڏني وڃي؟" |
قالَ هِىَ رٰوَدَتنى عَن نَفسى وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن أَهلِها إِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن قُبُلٍ فَصَدَقَت وَهُوَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 26) |
يوسف چيو: "اهائي مونکي هَوَس پوري ڪرڻ لاءِ ورغلائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي". انهيءَ عورت جي پنهنجي ڪٽنب جي هڪ شخص (حالتن تي ٻڌل) شاهدي پيش ڪئي ته "جيڪڏهن يوسف جي قميص اَڳَ کان ڦاٽل آهي ته عورت سچي آهي ۽ هو ڪوڙو آهي |
وَإِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ فَكَذَبَت وَهُوَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 27) |
۽ جي ان جي قميص پــُـٺ کان ڦاٽل آهي ته عورت ڪوڙي آهي ۽ هيءُ سچو آهي" |
فَلَمّا رَءا قَميصَهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ قالَ إِنَّهُ مِن كَيدِكُنَّ إِنَّ كَيدَكُنَّ عَظيمٌ (آيت : 28) |
پوءِ جڏهن مڙس ڏٺو ته يوسف جي قميص پـُـٺ کان ڦاٽل آهي ته چيائين ته "اهي توهان زالن جا مڪر آهن ۽ سچ پچ ته توهان زالن جا مڪر ڏاڍا خطرناڪ آهن |
يوسُفُ أَعرِض عَن هٰذا وَاستَغفِرى لِذَنبِكِ إِنَّكِ كُنتِ مِنَ الخاطِـٔينَ (آيت : 29) |
يوسف تون انهيءَ معاملي کي ٽاري ڇڏ ۽ اي عورت! تون پنهنجي قصور جي معافي وٺ، حقيقت ۾ ڏوهه تنهنجو ئي هو" |
وَقالَ نِسوَةٌ فِى المَدينَةِ امرَأَتُ العَزيزِ تُرٰوِدُ فَتىٰها عَن نَفسِهِ قَد شَغَفَها حُبًّا إِنّا لَنَرىٰها فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
شهر جون عورتون پاڻ ۾ چؤپچو ڪرڻ لڳيون ته "عزيز جي گهرواري پنهنجي نوجوان ٻانهي کي ورغلائڻ جي ڪڍ آهي. محبت صفا مست ڪري ڇڏيو اٿس. اسانجي خيال ۾ ته اها پڌري گمراهيءَ ۾ آهي" |
فَلَمّا سَمِعَت بِمَكرِهِنَّ أَرسَلَت إِلَيهِنَّ وَأَعتَدَت لَهُنَّ مُتَّكَـًٔا وَءاتَت كُلَّ وٰحِدَةٍ مِنهُنَّ سِكّينًا وَقالَتِ اخرُج عَلَيهِنَّ فَلَمّا رَأَينَهُ أَكبَرنَهُ وَقَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ وَقُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما هٰذا بَشَرًا إِن هٰذا إِلّا مَلَكٌ كَريمٌ (آيت : 31) |
هن جڏهن سندن اهي مڪاريءَ واريون ڳالهيون ٻڌيون ته کين گـُـهرائي ورتائين ۽ انهن لاءِ طول وهاڻن جي نشست تيار ڪرايائين ۽ دعوت ۾ هرهڪ کي هڪ هڪ ڇـُـري ڏنائين (پوءِ جنهن وقت هو ميوا وڍي کائي رهيون هيون ته) يوسف کي اشارو ڪيائين ته انهن جي سامهون نڪري اچ، جڏهن انهن عورتن جي نگاهه مٿس پئي ته هوش وڃائي ويٺيون ۽ پنهنجا هٿ ڪپي وڌائون ۽ بي اختيار ٿي چوڻ لڳيون ته "اوڻاين کان پاڪ ته الله آهي، باقي هيءُ شخص انسان ناهي، هيءُ ته ڪو سٻاجهڙو ملائڪ آهي" |
قالَت فَذٰلِكُنَّ الَّذى لُمتُنَّنى فيهِ وَلَقَد رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ فَاستَعصَمَ وَلَئِن لَم يَفعَل ما ءامُرُهُ لَيُسجَنَنَّ وَلَيَكونًا مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 32) |
عزيز جي زال چين: "ڏِٺوَ، اهو اٿوَ اهو شخص جنهن جي باري ۾ مونکي پئي مهڻا ڏِنوَ. برابر مون هن کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هيءُ پاڻ بچائي ويو. جيڪڏهن منهنجو چيو نه مڃيندو ته قيد ۾ پوندو ۽ خوار خراب ٿيندو" |
قالَ رَبِّ السِّجنُ أَحَبُّ إِلَىَّ مِمّا يَدعونَنى إِلَيهِ وَإِلّا تَصرِف عَنّى كَيدَهُنَّ أَصبُ إِلَيهِنَّ وَأَكُن مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 33) |
يوسف چيو: "اي منهنجا رب! قيد مونکي منظور آهي، ان ڳالهه کان جو مان اهو ڪم ڪريان جنهن ڏانهن مونکي ڇڪين پيا ۽ جيڪڏهن تو سندن چالبازيون مون کان پري نه ڪيون ته مان ته سندن ڄار ۾ ڦاسي پوندس ۽ جاهلن ۾ شامل ٿي ويندس" |
فَاستَجابَ لَهُ رَبُّهُ فَصَرَفَ عَنهُ كَيدَهُنَّ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 34) |
پوءِ سندس رب دعا قبول ڪئي ۽ انهن عورتن جون چالبازيون کانئس پري ڪري ڇڏيائين، بيشڪ اهوئي آهي، جيڪو سڀني جي ٻڌي ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو |
ثُمَّ بَدا لَهُم مِن بَعدِ ما رَأَوُا الءايٰتِ لَيَسجُنُنَّهُ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 35) |
پوءِ انهن ماڻهن کي اهو خيال آيو ته هڪ مدت لاءِ کيس قيد ۾ رکن، توڻي جو هو (سندس بيقصور ۽ پاڪدامن هجڻ جون) چٽيون نشانيون ڏسي به چڪا هئا |
وَدَخَلَ مَعَهُ السِّجنَ فَتَيانِ قالَ أَحَدُهُما إِنّى أَرىٰنى أَعصِرُ خَمرًا وَقالَ الءاخَرُ إِنّى أَرىٰنى أَحمِلُ فَوقَ رَأسى خُبزًا تَأكُلُ الطَّيرُ مِنهُ نَبِّئنا بِتَأويلِهِ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 36) |
قيد خاني ۾ ٻه ٻيا جوان به ساڻس گڏ داخل ٿيا. هڪ ڏينهن انهن مان هڪڙي چيو: "مان خواب لڌو آهي ته مان شراب ٿو نپوڙي ڪڍان". ٻئي چيو ته "مان خواب ۾ ڏٺو آهي ته منهنجي مٿي تي مانيون رکيون آهن ۽ پکي انهن کي کائي رهيا آهن". ٻنهي چيو: "اسانکي انهن جو تعبير ٻڌاءِ ، اسين ڏسون پيا ته تون ڏاڍو نيڪ ماڻهو آهين" |
قالَ لا يَأتيكُما طَعامٌ تُرزَقانِهِ إِلّا نَبَّأتُكُما بِتَأويلِهِ قَبلَ أَن يَأتِيَكُما ذٰلِكُما مِمّا عَلَّمَنى رَبّى إِنّى تَرَكتُ مِلَّةَ قَومٍ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 37) |
يوسف چين: "هتي جيڪا ماني توهانکي ملندي آهي، انهيءَ جي اچڻ کان اڳيئي مان توهانکي انهن خوابن جو تعبير ٻڌائيندس. اهو علم انهن علمن منجهان آهي، جيڪي منهنجي رب مونکي عطا ڪيا آهن. ڳالهه اها آهي ته مان انهن ماڻهن جو دين ڇڏيو، جيڪي الله تي ايمان نٿا آڻين ۽ آخرت جو انڪار ڪن ٿا |
وَاتَّبَعتُ مِلَّةَ ءاباءى إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ ما كانَ لَنا أَن نُشرِكَ بِاللَّهِ مِن شَيءٍ ذٰلِكَ مِن فَضلِ اللَّهِ عَلَينا وَعَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 38) |
مون پنهنجن ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو دين اختيار ڪيو آهي، اسانکي نٿو جڳائي ته الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪريون. حقيقت ۾ اهو ته الله جو فضل آهي اسان تي به ۽ سڀني انسانن تي به (ته هن پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو اسانکي بندو نه بڻايو آهي) پر گهڻا ماڻهو شڪر نٿا ڪن |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ ءَأَربابٌ مُتَفَرِّقونَ خَيرٌ أَمِ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 39) |
اي جيل جا ساٿيو! توهان پاڻ ئي سوچيو ته گهڻا ڌار ڌار رب سٺا يا اهو هڪ الله جو سڀني تي غالب آهي؟ |
ما تَعبُدونَ مِن دونِهِ إِلّا أَسماءً سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ أَمَرَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 40) |
ان کي ڇڏي توهان جن جي بندگي ڪريو پيا، اهي انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهن ته رڳو ڪي نالا آهن، جيڪي توهان ۽ توهانجي ابن ڏاڏن رکيا آهن. الله انهن لاءِ ڪابه ســَـنــَـدَ نازل نه ڪئي آهي. حڪم هلائڻ جو اختيار الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به ناهي، ان جو حڪم آهي ته سندس ذات کانسواءِ توهان ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪريو. اهوئي زندگي گذارڻ جو سڌو رستو آهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ أَمّا أَحَدُكُما فَيَسقى رَبَّهُ خَمرًا وَأَمَّا الءاخَرُ فَيُصلَبُ فَتَأكُلُ الطَّيرُ مِن رَأسِهِ قُضِىَ الأَمرُ الَّذى فيهِ تَستَفتِيانِ (آيت : 41) |
اي قيدي ساٿيو! توهانجي خوابن جو تعبير هي آهي ته توهان مان هڪڙو ته پنهنجي آقا (مصر جي بادشاهه) کي شراب پيئاريندو، باقي رهيو ٻيو، سو ان کي ڦاسي ڏني ويندي ۽ پکي ان جو ميڄالو پٽي کائيندا. فيصلو ٿي ويو آهي ان ڳالهه جو جيڪا توهان پڇي آهي" |
وَقالَ لِلَّذى ظَنَّ أَنَّهُ ناجٍ مِنهُمَا اذكُرنى عِندَ رَبِّكَ فَأَنسىٰهُ الشَّيطٰنُ ذِكرَ رَبِّهِ فَلَبِثَ فِى السِّجنِ بِضعَ سِنينَ (آيت : 42) |
پوءِ انهن مان جنهن جي باري ۾ خيال هو ته هو ڇٽي ويندو، تنهن کي يوسف چيو ته "پنهنجي آقا (مصر جي بادشاهه) سان منهنجي ڳالهه ڪجانءِ". (پر) شيطان کيس غفلت ۾ وڌو جو هن کان پنهنجي آقا سان هن جي ڳالهه ڪرڻ وسري وئي ۽ يوسف ڪيترائي سال قيدخاني ۾ پيو رهيو |
وَقالَ المَلِكُ إِنّى أَرىٰ سَبعَ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعَ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ يٰأَيُّهَا المَلَأُ أَفتونى فى رُءيٰىَ إِن كُنتُم لِلرُّءيا تَعبُرونَ (آيت : 43) |
هڪ ڏينهن بادشاهه چيو: "مان خواب لڌو آهي ته ست متاريون ڳئون آهن، جن کي ست ڏٻريون ڳئون کائي رهيون آهن ۽ اَنَ جا ست سنگ ساوا آهن ۽ ٻيا ست وري سڪل. اي درٻار وارؤ! مونکي ان خواب جو تعبير ڪري ٻڌايو، جيڪڏهن توهان خوابن جو مطلب ڪڍي سگهو ٿا" |
قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ وَما نَحنُ بِتَأويلِ الأَحلٰمِ بِعٰلِمينَ (آيت : 44) |
انهن چيو: "اهي ته پريشان خوابن جون ڳالهيون آهن ۽ اسان اهڙن خوابن جو مطلب ڄاڻندڙ نه آهيون" |
وَقالَ الَّذى نَجا مِنهُما وَادَّكَرَ بَعدَ أُمَّةٍ أَنا۠ أُنَبِّئُكُم بِتَأويلِهِ فَأَرسِلونِ (آيت : 45) |
انهن ٻن قيدين مان جيڪو ڇٽي ويو هو ۽ وڏي عرصي کانپوءِ ان وقت ڳالهه ياد آيس، تنهن چيو: "مان ٿو توهان کي ان جو تعبير ٻڌايان. مونکي ٿورو (قيدخاني ۾ يوسف وٽ) موڪليو" |
يوسُفُ أَيُّهَا الصِّدّيقُ أَفتِنا فى سَبعِ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعِ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ لَعَلّى أَرجِعُ إِلَى النّاسِ لَعَلَّهُم يَعلَمونَ (آيت : 46) |
هن وڃي چيو: "اي يوسف سچار! مونکي هن خواب جو مطلب ته ٻڌاءِ ته ست متاريون ڳئون آهن، جن کي ست ڏٻريون ڳئون کائي رهيون آهن ۽ ست ساوا سنگ آهن ۽ ست ســُـڪا ته مان انهن وٽ واپس وڃان ته مــَـن (سمورو مطلب) کين معلوم ٿي وڃي" |
قالَ تَزرَعونَ سَبعَ سِنينَ دَأَبًا فَما حَصَدتُم فَذَروهُ فى سُنبُلِهِ إِلّا قَليلًا مِمّا تَأكُلونَ (آيت : 47) |
يوسف چيو: "ست سال ساندهه توهان پوک ڪندؤ، ان عرصي ۾ جيڪو فصل توهان لڻو، ان مان بس ڪو ٿورو حصو جيڪو کائڻ لاءِ گــُـهرجيوَ ڪڍي، باقي سارو اَن سنگن ۾ ئي رهڻ ڏيو |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ سَبعٌ شِدادٌ يَأكُلنَ ما قَدَّمتُم لَهُنَّ إِلّا قَليلًا مِمّا تُحصِنونَ (آيت : 48) |
پوءِ ست سال ڏاڍا سخت ايندا، انهيءَ عرصي ۾ اهو سڀ اناج کاڄي ويندو، جيڪو توهان انهيءَ وقت لاءِ گڏ ڪري رکيو هوندو، باقي وڃي اهو رهندو، جيڪو توهان خاص طرح سانڍي رکيو هوندو |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ عامٌ فيهِ يُغاثُ النّاسُ وَفيهِ يَعصِرونَ (آيت : 49) |
ان کان پوءِ وري هڪ سال اهڙو ايندو، جنهن ۾ رحمت جي برسات جي شڪل ۾ ماڻهن جون دانهون قبوليون وينديون ۽ هو رس نپوڙيندا" |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ فَلَمّا جاءَهُ الرَّسولُ قالَ ارجِع إِلىٰ رَبِّكَ فَسـَٔلهُ ما بالُ النِّسوَةِ الّٰتى قَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ إِنَّ رَبّى بِكَيدِهِنَّ عَليمٌ (آيت : 50) |
بادشاهه چيو: انهيءَ کي مون وٽ آڻيو. پوءِ جڏهن نياپي وارو وٽس پهتو ته ان کي چيائين ته "پنهنجي آقا ڏي موٽي وڃ ۽ پڇيس ته انهن عورتن جو ڇا معاملو هو، جن پنهنجا هٿ ڪپي وڌا هئا؟ منهنجو رب ته انهن جي مڪاريءَ کان واقف آهي" |
قالَ ما خَطبُكُنَّ إِذ رٰوَدتُنَّ يوسُفَ عَن نَفسِهِ قُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما عَلِمنا عَلَيهِ مِن سوءٍ قالَتِ امرَأَتُ العَزيزِ الـٰٔنَ حَصحَصَ الحَقُّ أَنا۠ رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ وَإِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 51) |
تنهن تي بادشاهه عورتن کان پڇا ڪئي ته "توهان ڇا محسوس ڪيو هو جڏهن توهان يوسف کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي؟" سڀني ائين چيو ته "بي عيب الله آهي، اسان ته منجهس بديءَ جو ڪو ذرڙو به نه ڏٺو.“ عزيز جي زال چوڻ لڳي: "هاڻي ته سچي ڳالهه کلي پئي آهي ته اها مان هــُـئس، جنهن هن کي ٿيڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. بيشڪ هو بلڪل سچو آهي" |
ذٰلِكَ لِيَعلَمَ أَنّى لَم أَخُنهُ بِالغَيبِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدى كَيدَ الخائِنينَ (آيت : 52) |
يوسف چيو: "ان مان منهنجو مقصد اهو هو ته (عزيز کي) خبر پوي ته مان پرپٺ ساڻس ڪا خيانت نه ڪئي هئي ۽ جيڪي خيانت ڪندڙ هوندا آهن، الله انهن جي هلايل حيلن کي هلڻ نه ڏيندو آهي |
وَما أُبَرِّئُ نَفسى إِنَّ النَّفسَ لَأَمّارَةٌ بِالسّوءِ إِلّا ما رَحِمَ رَبّى إِنَّ رَبّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 53) |
مان ڪو پاڻ کي خطائن کان خالي نٿو چوان، نفس ته مڙيوئي برائيءَ لاءِ اڀاريندو آهي، سواءِ ان جي جنهن تي منهنجي رب جي رحمت ٿئي، بلاشڪ منهنجو رب ڏاڍو بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي" |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ أَستَخلِصهُ لِنَفسى فَلَمّا كَلَّمَهُ قالَ إِنَّكَ اليَومَ لَدَينا مَكينٌ أَمينٌ (آيت : 54) |
بادشاهه چيو: "انهيءَ کي مون وٽ وٺي اچو ته جيئن مان کيس خاص طرح پنهنجي ڪم لاءِ مقرر ڪريان". پوءِ جڏهن يوسف ساڻس گفتگو ڪئي ته هن چيو: "هاڻي تون اسان وٽ وڏي مرتبي وارو آهين ۽ تنهنجي امانتداريءَ تي پورو پورو اعتبار آهي" |
قالَ اجعَلنى عَلىٰ خَزائِنِ الأَرضِ إِنّى حَفيظٌ عَليمٌ (آيت : 55) |
يوسف چيو: "ملڪ جا خزانا منهنجي حوالي ڪري ڇڏ، مان حفاظت به ڪري ڄاڻان ۽ علم وارو به آهيان" |
وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ يَتَبَوَّأُ مِنها حَيثُ يَشاءُ نُصيبُ بِرَحمَتِنا مَن نَشاءُ وَلا نُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
اهڙيءَ طرح اسان ان سرزمين ۾ يوسف لاءِ اقتدار جو رستو کوليو. هن کي اختيار هو ته جتي وڻيس اتي پنهنجي جڳهه بڻائي. اسان پنهنجي رحمت سان جنهن کي به گهرون نوازي ڇڏيندا آهيون ۽ نيڪ ماڻهن جو اجورو هرگز نه وڃائيندا آهيون |
وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 57) |
۽ آخرت جو اجر انهن ماڻهن لاءِ ته اڃان به ڀلو آهي، جن ايمان آندو ۽ الله کان ڊڄندي گذاريائون |
وَجاءَ إِخوَةُ يوسُفَ فَدَخَلوا عَلَيهِ فَعَرَفَهُم وَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 58) |
يوسف جا ڀائر مصر آيا ۽ اچي وٽس حاضر ٿيا. هـُـن کين سڃاڻي ورتو پر هو کانئس اڻ ڄاڻ هئا |
وَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم قالَ ائتونى بِأَخٍ لَكُم مِن أَبيكُم أَلا تَرَونَ أَنّى أوفِى الكَيلَ وَأَنا۠ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 59) |
پوءِ جڏهن هن سندن سامان تيار ڪرايو ته هلندي وقت کين چيائين ته پنهنجي پيئيتي ڀاءُ کي مون وٽ آڻجو. ڏسو نٿا ته مان ڪيئن ٿو ماڻَ ڀري ڏيانوَ ۽ ڪهڙو نه سٺو مهمان نواز آهيان |
فَإِن لَم تَأتونى بِهِ فَلا كَيلَ لَكُم عِندى وَلا تَقرَبونِ (آيت : 60) |
جيڪڏهن توهان ان کي نه آڻيندؤ ته پوءِ مون وٽ توهان لاءِ ڪوبه اناج ڪونهي. منهنجي ويجهوئي نه اچجو |
قالوا سَنُرٰوِدُ عَنهُ أَباهُ وَإِنّا لَفٰعِلونَ (آيت : 61) |
انهن چيو: "اسان ڪوشش ڪنداسون ته سندس پيءُ کيس موڪلڻ تي راضي ٿي پوي ۽ اهو ڪم اسان ضرور ڪنداسون" |
وَقالَ لِفِتيٰنِهِ اجعَلوا بِضٰعَتَهُم فى رِحالِهِم لَعَلَّهُم يَعرِفونَها إِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِم لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 62) |
يوسف پنهنجي غلامن کي چيو ته "اناج جي عيوض انهن جيڪو مال ڏنو آهي، اهو لڪائي ورائي سندن ٻورن ۾ رکي ڇڏيو، اميد ته گهر واپس پهچي اهو سڃاڻندا ۽ پوءِ اميد آهي ته موٽي ايندا" |
فَلَمّا رَجَعوا إِلىٰ أَبيهِم قالوا يٰأَبانا مُنِعَ مِنَّا الكَيلُ فَأَرسِل مَعَنا أَخانا نَكتَل وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 63) |
جڏهن هو پنهنجي پيءُ وٽ واپس پهتا ته چيائون: "ابا اڳتي لاءِ اسانکي اناج ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، تنهنڪري اسانجي ڀاءُ کي اسان سان موڪل ڏي ته اسان اَنُ وٺي اچون ۽ اسان ان جي حفاظت جا ذميوار آهيون" |
قالَ هَل ءامَنُكُم عَلَيهِ إِلّا كَما أَمِنتُكُم عَلىٰ أَخيهِ مِن قَبلُ فَاللَّهُ خَيرٌ حٰفِظًا وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 64) |
پيءُ جواب ۾ چين: "ڇا مان هن جي معاملي ۾ به توهان تي ائين ئي اعتبار ڪريان، جيئن اڳي سندس ڀاءُ جي معاملي ۾ ڪيو هو؟ الله ئي حفاظت ڪرڻ جي لحاظ کان سڀني کان ڀلو آهي ۽ هو سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهي" |
وَلَمّا فَتَحوا مَتٰعَهُم وَجَدوا بِضٰعَتَهُم رُدَّت إِلَيهِم قالوا يٰأَبانا ما نَبغى هٰذِهِ بِضٰعَتُنا رُدَّت إِلَينا وَنَميرُ أَهلَنا وَنَحفَظُ أَخانا وَنَزدادُ كَيلَ بَعيرٍ ذٰلِكَ كَيلٌ يَسيرٌ (آيت : 65) |
پوءِ جڏهن انهن پنهنجو سامان کوليو ته ڏٺائون ته سندن مال به کين موٽائي ڏنو ويو آهي. اهو ڏسي چوڻ لڳا ته "اي ابا! اسانکي ٻيو ڇا کپي؟ ڏس ته اسانجو مال به اسانکي موٽائي ڏنو ويو آهي. هاڻي ته اسان وينداسون ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن لاءِ اَن وٺي اينداسون ۽ پنهنجي ڀاءُ جي به حفاظت ڪنداسون ۽ اَنَ جو هڪ وڌيڪ اٺ به آڻينداسون ۽ ايترو وڌيڪ اَنُ ملڻ تمام سؤلو آهي" |
قالَ لَن أُرسِلَهُ مَعَكُم حَتّىٰ تُؤتونِ مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ لَتَأتُنَّنى بِهِ إِلّا أَن يُحاطَ بِكُم فَلَمّا ءاتَوهُ مَوثِقَهُم قالَ اللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 66) |
سندن پيءُ چيو: مان ان کي توهان سان تيستائين نه ڇڏيندس، جيستائين توهان الله جو عهد ڏئي مون سان وعدو نه ڪيو ته ان کي ضرور مون وٽ موٽائي آڻيندؤ، سواءِ ان حالت جي جو توهان ئي ڪنهن پڪڙ ۾ اچي وڃو". جڏهن هنن ساڻس پڪو وعدو ڪيو ته هن چين: "ڏسو اسانجي انهيءَ وعدي تي الله ضامن آهي" |
وَقالَ يٰبَنِىَّ لا تَدخُلوا مِن بابٍ وٰحِدٍ وَادخُلوا مِن أَبوٰبٍ مُتَفَرِّقَةٍ وَما أُغنى عَنكُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَعَلَيهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 67) |
پوءِ هن چين: "پٽڙؤ (انهيءَ شهر ۾) هڪ ئي دروازي مان اندر نه گهڙجو، پر جدا جدا دروازن مان وڃجو. تنهن هوندي به مان الله جي مرضيءَ جي ڀيٽ ۾ توهان لاءِ ڪجهه نٿو ڪري سگهان. حڪم انهيءَ کانسواءِ ٻئي ڪنهن جو به نٿو هلي، انهيءَ تي ئي مون ڀروسو ڪيو آهي ۽ جنهن کي به ڀاڙڻو آهي ته انهيءَ تي ئي ڀاڙي" |
وَلَمّا دَخَلوا مِن حَيثُ أَمَرَهُم أَبوهُم ما كانَ يُغنى عَنهُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِلّا حاجَةً فى نَفسِ يَعقوبَ قَضىٰها وَإِنَّهُ لَذو عِلمٍ لِما عَلَّمنٰهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 68) |
۽ ٿيو به ائين ته جڏهن هو پنهنجي پيءُ جي ڏنل هدايت مطابق شهر ۾ داخل ٿيا ته سندس اهو حيلو الله جي مشيت جي ڀيٽ ۾ ڪنهن ڪم نه آيو. بس يعقوب جي دل ۾ جيڪو کــُـٽڪو هو، تنهن جي لاهڻ جي پنهنجي سِر ڪوشش ڪئي هئائين، بيشڪ هو اسان جي ڏنل تعليم جي ڪري وڏي علم وارو هو، پر گهڻا ماڻهو معاملي جي اصل حقيقت کي ڄاڻن ئي نٿا |
وَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَخاهُ قالَ إِنّى أَنا۠ أَخوكَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 69) |
هو يوسف وٽ حاضر ٿيا ته هن پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ وٽ الڳ گهرايو ۽ ٻڌايائينس ته "مان تنهنجو اهوئي ڀاءُ آهيان (جيڪو وڃائجي ويو هوس) هاڻي تون انهن ڳالهين جو ڪو ڏک نه ڪر، جيڪي اهي ڪندا آيا آهن" |
فَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم جَعَلَ السِّقايَةَ فى رَحلِ أَخيهِ ثُمَّ أَذَّنَ مُؤَذِّنٌ أَيَّتُهَا العيرُ إِنَّكُم لَسٰرِقونَ (آيت : 70) |
جڏهن يوسف ڀائرن جو سامان ڀــَـرائي رهيو هو ته هن پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ پنهنجو پيالو رکي ڇڏيو. پوءِ هڪڙي سڏڻ واري سڏ ڪري چيو: "او قافلي وارؤ! توهان ته چور آهيو" |
قالوا وَأَقبَلوا عَلَيهِم ماذا تَفقِدونَ (آيت : 71) |
انهن موٽي اچي پڇين: "توهان جو ڇا ويو آهي؟" |
قالوا نَفقِدُ صُواعَ المَلِكِ وَلِمَن جاءَ بِهِ حِملُ بَعيرٍ وَأَنا۠ بِهِ زَعيمٌ (آيت : 72) |
سرڪاري نوڪرن چيو: "بادشاهه جو پيالو نٿو لڀي". (۽ سندن جمعدار چيو) جيڪو آڻي ڏيندو اُن لاءِ اناج جو اُٺ انعام آهي. مان ان جو ذمو کڻان ٿو" |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد عَلِمتُم ما جِئنا لِنُفسِدَ فِى الأَرضِ وَما كُنّا سٰرِقينَ (آيت : 73) |
انهن چيو: "الله جو قسم! توهان چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته اسان هن ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ نه آيا آهيون ۽ نڪي اسان چور آهيون" |
قالوا فَما جَزٰؤُهُ إِن كُنتُم كٰذِبينَ (آيت : 74) |
هنن چين: "چڱو جيڪڏهن توهان جي ڳالهه ڪوڙي نڪتي ته پوءِ چور جي سزا ڇا آهي؟" |
قالوا جَزٰؤُهُ مَن وُجِدَ فى رَحلِهِ فَهُوَ جَزٰؤُهُ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 75) |
انهن چيو: "انهيءَ جي سزا؟ جنهن جي به ٻوري مان شيءِ نڪري ته اهو پاڻ ئي پنهنجي سزا طور جهليو وڃي. اسان وٽ ته اهڙن ظالمن جي اهائي سزا آهي" |
فَبَدَأَ بِأَوعِيَتِهِم قَبلَ وِعاءِ أَخيهِ ثُمَّ استَخرَجَها مِن وِعاءِ أَخيهِ كَذٰلِكَ كِدنا لِيوسُفَ ما كانَ لِيَأخُذَ أَخاهُ فى دينِ المَلِكِ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ وَفَوقَ كُلِّ ذى عِلمٍ عَليمٌ (آيت : 76) |
پوءِ يوسف پنهنجي (سڳي) ڀاءُ جي ٻوري کان اڳ هنن جي ٻورن جي تلاشي وٺڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي (سڳي) ڀاءُ جي ٻورن مان گم ٿي ويل شيءِ ڪڍي ورتائين. اهڙيءَ طرح اسان يوسف خاطر اٽڪل هلائي. هــُـن کي اهو اختيار نه هو، جو بادشاهه جي دين (ملڪي قانون) موجب پنهنجي ڀاءُ کي روڪي سگهي، سواءِ ان جي جو الله جي مرضي ائين هجي. اسان جنهن جا به چاهيون درجا بلند ڪري ڇڏيون ٿا ۽ هڪ علم وارو اهڙو آهي، جيڪو هر علم واري کان مٿڀرو آهي |
قالوا إِن يَسرِق فَقَد سَرَقَ أَخٌ لَهُ مِن قَبلُ فَأَسَرَّها يوسُفُ فى نَفسِهِ وَلَم يُبدِها لَهُم قالَ أَنتُم شَرٌّ مَكانًا وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما تَصِفونَ (آيت : 77) |
انهن ڀائرن چيو: "اهو جيڪڏهن چوري ڪري ته تعجب جي ڳالهه ناهي، هن کان اڳ سندس ڀاءُ (يوسف) به چوري ڪئي هئي". يوسف (اهو ٻڌي) ان کي پنهنجي دل ۾ رکيو ۽ ان جي حقيقت مٿن نه کوليائين، بس (چپن ۾) ايترو سو چيائين ته ڏاڍا بڇڙا ماڻهو آهيو (منهنجي منهن تي ئي مون تي) جيڪو الزام ٿا هڻو، ان جي حقيقت الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو" |
قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ إِنَّ لَهُ أَبًا شَيخًا كَبيرًا فَخُذ أَحَدَنا مَكانَهُ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 78) |
انهن چيو: "اي بااختيار حاڪم (عزيز)! هن جو پيءُ ڏاڍو پوڙهو مڙس آهي، هن جي بدران اسان مان ڪنهن کي کڻي جهل، (قيد ڪر)اسان توکي ڏاڍو احسان ڪندڙ ٿا ڏسون" |
قالَ مَعاذَ اللَّهِ أَن نَأخُذَ إِلّا مَن وَجَدنا مَتٰعَنا عِندَهُ إِنّا إِذًا لَظٰلِمونَ (آيت : 79) |
يوسف چين: "الله جي پناهه، ٻئي ڪنهن کي اسان ڪيئن ٿا جهلي سگهون؟ جنهن وٽان اسان پنهنجو سامان لڌو آهي، انکي ڇڏي ٻئي کي جهليوسون ته ظالم ٿي پونداسون" |
فَلَمَّا استَيـَٔسوا مِنهُ خَلَصوا نَجِيًّا قالَ كَبيرُهُم أَلَم تَعلَموا أَنَّ أَباكُم قَد أَخَذَ عَلَيكُم مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ وَمِن قَبلُ ما فَرَّطتُم فى يوسُفَ فَلَن أَبرَحَ الأَرضَ حَتّىٰ يَأذَنَ لى أَبى أَو يَحكُمَ اللَّهُ لى وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 80) |
جڏهن هو يوسف کان مايوس ٿي ويا ته ڪنڊ ۾ وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا، جيڪو سڀني کان وڏو هو، تنهن چين: "توهانکي خبر ناهي ته توهان جي پيءُ توهان کان الله جو نالو وجهي پڪو وعدو ورتو هو ۽ هن کان اڳ يوسف جي باري ۾ جيڪو قصور توهان ڪري چڪا آهيو، سو به معلوم اٿوَ، مان ته هتان هٽندس ئي نه جيستائين منهنجو پيءُ مونکي اجازت نه ڏئي يا وري الله ئي منهنجي باري ۾ ڪو فيصلو ڪري، جو هو سڀني کان ڀلو فيصلو ڪندڙ آهي" |
ارجِعوا إِلىٰ أَبيكُم فَقولوا يٰأَبانا إِنَّ ابنَكَ سَرَقَ وَما شَهِدنا إِلّا بِما عَلِمنا وَما كُنّا لِلغَيبِ حٰفِظينَ (آيت : 81) |
توهان وڃي پيءُ کي چئو ته "ابا تنهنجي پٽ چوري ڪئي آهي، اسان هن کي چوري ڪندي نه ڏٺو آهي، جيڪي اسانکي معلوم ٿيو آهي سو ٿا ٻڌايون ۽ اسان غيب جي چوڪسي ڪندڙ ته نه هئاسون |
وَسـَٔلِ القَريَةَ الَّتى كُنّا فيها وَالعيرَ الَّتى أَقبَلنا فيها وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 82) |
تون ان ڳوٺ جي ماڻهن کان پڇي ڏس، جتي اسان هئاسون، انهيءَ قافلي کان به پڇا ڪر، جنهن سان گڏجي آيا آهيون. اسان بلڪل سچا آهيون" |
قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ عَسَى اللَّهُ أَن يَأتِيَنى بِهِم جَميعًا إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 83) |
(يعقوب اهو قصو ٻڌي) چيو: "دراصل توهانجي نفس توهان لاءِ وري به هڪ وڏيءَ ڳالهه کي آسان ڪري ڇڏيو. پوءِ صبر ڪرڻ ئي چڱو آهي، اميد آهي الله ۾، ته هو سڀئي آڻي مون سان ملائيندو. هو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ سندس سڀ ڪم حڪمت تي ٻڌل آهن" |
وَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰأَسَفىٰ عَلىٰ يوسُفَ وَابيَضَّت عَيناهُ مِنَ الحُزنِ فَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 84) |
پوءِ هو انهن کي پٺي ڏئي ويهي رهيو ۽ چوڻ لڳو: "هاءِ يوسف". هو اندر ئي اندر ۾ پيو ڏک ۾ جــُـهرندو رهيو ۽ سندس اکيون اڇيون ٿي ويون |
قالوا تَاللَّهِ تَفتَؤُا۟ تَذكُرُ يوسُفَ حَتّىٰ تَكونَ حَرَضًا أَو تَكونَ مِنَ الهٰلِكينَ (آيت : 85) |
پٽن چيس: "الله جو قسم! تون ته پيو ٿو يڪو يوسف کي ياد ڪرين". تانجو پاڻ کي ڳاري ڇڏيندين يا ماري ڇڏيندين" |
قالَ إِنَّما أَشكوا بَثّى وَحُزنى إِلَى اللَّهِ وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 86) |
هن چين: "مان پنهنجي پريشانيءَ ۽ غم جي دانهن ته رڳو الله کي ئي ڏيان ٿو ۽ الله کي جيئن مان ٿو سڃاڻان توهان نٿا سڃاڻو |
يٰبَنِىَّ اذهَبوا فَتَحَسَّسوا مِن يوسُفَ وَأَخيهِ وَلا تَا۟يـَٔسوا مِن رَوحِ اللَّهِ إِنَّهُ لا يَا۟يـَٔسُ مِن رَوحِ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الكٰفِرونَ (آيت : 87) |
پٽڙؤ! وڃو وڃي يوسف ۽ سندس ڀاءُ جو ڪو پتو لهو، الله جي رحمت کان نااميد نه ٿيو، سندس رحمت کان ته ڪافر ئي نااميد ٿيندا آهن" |
فَلَمّا دَخَلوا عَلَيهِ قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ مَسَّنا وَأَهلَنَا الضُّرُّ وَجِئنا بِبِضٰعَةٍ مُزجىٰةٍ فَأَوفِ لَنَا الكَيلَ وَتَصَدَّق عَلَينا إِنَّ اللَّهَ يَجزِى المُتَصَدِّقينَ (آيت : 88) |
جڏهن هو مصر وڃي يوسف آڏو حاضر ٿيا ته عرض ڪيائون ته "اي بااختيار حاڪم، اسان ۽ اسانجا ٻارٻچا سخت مصيبت ۾ آهيون، اسان تمام ٿورڙي موڙي کڻي آيا آهيون، تون اسانکي ماڻَ ڀري ڏي ۽ اسانکي خيرات طور ڏي، الله خيرات ڏيندڙن کي اجر ڏيندو آهي" |
قالَ هَل عَلِمتُم ما فَعَلتُم بِيوسُفَ وَأَخيهِ إِذ أَنتُم جٰهِلونَ (آيت : 89) |
(اهو ٻڌي يوسف پاڻ جهلي نه سگهيو ۽) چيائين: "خبر اٿوَ ته توهان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڇا ڪيو هو جڏهن توهان نادان هيؤ؟" |
قالوا أَءِنَّكَ لَأَنتَ يوسُفُ قالَ أَنا۠ يوسُفُ وَهٰذا أَخى قَد مَنَّ اللَّهُ عَلَينا إِنَّهُ مَن يَتَّقِ وَيَصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 90) |
هنن ڇرڪ ڀري چيو: "هان! اهو تون ئي آهين ڇا يوسف؟" چيائين: "هائو مان يوسف آهيان ۽ هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي. الله اسان تي احسان ڪيو، حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن ڪو تقويٰ ۽ صبر کان ڪم وٺي ته الله اهڙن نيڪن جو اجر نه وڃائيندو آهي" |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد ءاثَرَكَ اللَّهُ عَلَينا وَإِن كُنّا لَخٰطِـٔينَ (آيت : 91) |
انهن چيو: "الله جو قسم! بيشڪ توکي الله اسان تي فضيلت ڏني ۽ اسان سچ پچ گنهگار هئاسون" |
قالَ لا تَثريبَ عَلَيكُمُ اليَومَ يَغفِرُ اللَّهُ لَكُم وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 92) |
هن جواب ڏنو: "اڄ توهان تي ڪا ميار ڪانهي، الله شل معاف ڪريوَ، هو سڀني کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهي |
اذهَبوا بِقَميصى هٰذا فَأَلقوهُ عَلىٰ وَجهِ أَبى يَأتِ بَصيرًا وَأتونى بِأَهلِكُم أَجمَعينَ (آيت : 93) |
منهنجي هيءَ قميص کڻي وڃو، پوءِ ابي جي منهن تي لڳايو، هو وري سڄو ٿي پوندو ۽ پنهنجو سمورو ڪٽنب مون وٽ وٺي اچو" |
وَلَمّا فَصَلَتِ العيرُ قالَ أَبوهُم إِنّى لَأَجِدُ ريحَ يوسُفَ لَولا أَن تُفَنِّدونِ (آيت : 94) |
جڏهن اهو قافلو (مصر کان) روانو ٿيو ته سندن پيءُ (ڪنعان ۾) چيو: "مونکي يوسف جي خوشبوءِ ٿي اچي، پوءِ کڻي توهان مونکي پـِـيريءَ جي ڪري مــَـت کسيل ئي سمجهو" |
قالوا تَاللَّهِ إِنَّكَ لَفى ضَلٰلِكَ القَديمِ (آيت : 95) |
گهروارن چيس: "الله جو قسم! تون ته اڃان تائين پنهنجي اڳوڻي سوداءَ ۾ ئي پيل آهين" |
فَلَمّا أَن جاءَ البَشيرُ أَلقىٰهُ عَلىٰ وَجهِهِ فَارتَدَّ بَصيرًا قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 96) |
پوءِ جڏهن خوشخبري آڻيندڙ اچي ويو ته هن اها قميص ان (يعقوب) جي منهن تي کڻي وڌي ۽ پوءِ سندس نظر موٽي آئي، تڏهن چيائين: "مان توهانکي نه پئي چيو ته مان الله وٽان اهو ٿو ڄاڻان جيڪو توهان نٿا ڄاڻو" |
قالوا يٰأَبانَا استَغفِر لَنا ذُنوبَنا إِنّا كُنّا خٰطِـٔينَ (آيت : 97) |
سڀئي چوڻ لڳا: "ابا تون اسانجي گناهن جي بخشش لاءِ دعا گهر، برابر اسان ڏوهي هئاسون" |
قالَ سَوفَ أَستَغفِرُ لَكُم رَبّى إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 98) |
هن چيو: "مان ضرور پنهنجي رب کي توهان جي بخشش لاءِ ٻاڏائيندس، هو ڏاڍو غفور رحيم آهي" |
فَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَبَوَيهِ وَقالَ ادخُلوا مِصرَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ (آيت : 99) |
پوءِ جڏهن اُهي يوسف وٽ پهتا ته هن پنهنجي پيءُ ماءُ کي پاڻ سان گڏ ويهاريو ۽ پنهنجي سڄي ڪٽنب وارن کي چيائين ته "هاڻي هلو شهر ۾، الله گهريو ته امن ۽ آرام سان رهندؤ" |
وَرَفَعَ أَبَوَيهِ عَلَى العَرشِ وَخَرّوا لَهُ سُجَّدًا وَقالَ يٰأَبَتِ هٰذا تَأويلُ رُءيٰىَ مِن قَبلُ قَد جَعَلَها رَبّى حَقًّا وَقَد أَحسَنَ بى إِذ أَخرَجَنى مِنَ السِّجنِ وَجاءَ بِكُم مِنَ البَدوِ مِن بَعدِ أَن نَزَغَ الشَّيطٰنُ بَينى وَبَينَ إِخوَتى إِنَّ رَبّى لَطيفٌ لِما يَشاءُ إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 100) |
(شهر ۾ پهچڻ کان بعد) پنهنجي پيءُ ماءُ کي مٿي چاڙهي پاڻ سان گڏ تخت تي ويهاريائين ۽ سڀني بي اختيار ٿي سندس آڏو جهڪي سجدو ڪيو، يوسف چيو: "ابا اهو آهي تعبير منهنجي ان خواب جو جيڪو مان اڳ ڏٺو هو. منهنجي پالڻهار ان کي سچو ڪيو. انهيءَ جو احسان آهي، جو ان مونکي قيد مان ڪڍيو ۽ توهانکي ٻهراڙيءَ مان هت آندو حالانڪه شيطان ته منهنجي ۽ منهنجي ڀائرن جي وچ ۾ ڏڦيڙ وجهي چڪو هو، حقيقت اها آهي ته منهنجو رب اڻ لکي انداز ۾ پنهنجي مشيت پوري ڪندو آهي، بيشڪ هو ڏاڍو ڄاڻندڙ وڏو داناءُ آهي |
رَبِّ قَد ءاتَيتَنى مِنَ المُلكِ وَعَلَّمتَنى مِن تَأويلِ الأَحاديثِ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنتَ وَلِيّۦ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ تَوَفَّنى مُسلِمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 101) |
منهنجا رب! تو مونکي حڪومت ڏني ۽ ڳالهين جي مطلب لهڻ جو علم ڏنو، اي آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ، تون ئي دنيا ۽ آخرت ۾ منهنجو ڪارساز آهين، منهنجو خاتمو اسلام تي ڪر ۽ مونکي صالحن ۾ شامل ڪر" |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ أَجمَعوا أَمرَهُم وَهُم يَمكُرونَ (آيت : 102) |
اي نبي! هيءُ قصو غيب جي خبرن منجهان آهي، جيڪي اسان توتي وحي ڪري رهيا آهيون، نه ته تون ته انهن وٽ موجود نه هئين، جڏهن يوسف جي ڀائرن پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪري ســِـٽ ســِـٽي هئي |
وَما أَكثَرُ النّاسِ وَلَو حَرَصتَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 103) |
پر تون کڻي ڪيترو به پاڻ پتوڙين انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا ناهن |
وَما تَسـَٔلُهُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 104) |
حالانڪه تون ته کانئن ڪو اجورو به ڪونه ٿو گهرينِ. اها ته هڪڙي نصيحت آهي، جيڪا دنيا جي سڀني ماڻهن لاءِ آهي |
وَكَأَيِّن مِن ءايَةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَمُرّونَ عَلَيها وَهُم عَنها مُعرِضونَ (آيت : 105) |
آسمانن ۽ زمين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون موجود آهن، جن وٽان اهي ماڻهو لنگهندا به رهن ٿا، پر منهن موڙيندڙ آهن |
وَما يُؤمِنُ أَكثَرُهُم بِاللَّهِ إِلّا وَهُم مُشرِكونَ (آيت : 106) |
انهن مان گهڻا ته الله کي به مڃن ٿا، پر ائين جو ساڻس گڏ ٻين کي به شريڪ ڪن ٿا |
أَفَأَمِنوا أَن تَأتِيَهُم غٰشِيَةٌ مِن عَذابِ اللَّهِ أَو تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 107) |
پوءِ ڀلا اهي اهڙا بي ڊپا ٿي ويا آهن ڇا ته الله جي عذاب واري آفت کين اچي سوگهو نه ڪندي يا وري سندن بي خبريءَ ۾ قيامت جي گهڙي اوچتو ئي اوچتو اچي مٿن نه ڪڙڪندي؟ |
قُل هٰذِهِ سَبيلى أَدعوا إِلَى اللَّهِ عَلىٰ بَصيرَةٍ أَنا۠ وَمَنِ اتَّبَعَنى وَسُبحٰنَ اللَّهِ وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 108) |
صاف طرح چئي ڇڏين ته "منهنجو رستو ته هيءُ آهي، مان الله ڏانهن سڏيان ٿو. مان پاڻ به روشنيءَ ۾ پنهنجو رستو چٽو ڏسي رهيو آهيان ۽ جيڪي منهنجي پٺيان هلن ٿا، اهي به ۽ الله جي ذات پاڪ آهي ۽ شرڪ ڪندڙن سان منهنجو ڪوبه واسطو ناهي" |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم مِن أَهلِ القُرىٰ أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ اتَّقَوا أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 109) |
اي نبي! توکان اڳ اسان جيڪي به پيغمبر موڪليا هئا، سي سڀ انسان ئي هئا ۽ انهن ئي ڳوٺن جي رهاڪن مان هئا ۽ انهن ڏانهن ئي اسان وحي ڪندا رهيا آهيون. پوءِ اِهي ماڻهو زمين ۾ گهميا ڦريا ناهن ڇا جو اها پڇاڙي نه ڏٺي اٿن، جيڪا کانئن اڳ ٿي گذريل قومن جي ٿي؟ بيشڪ آخرت جو گهر انهن ماڻهن لاءِ وڌيڪ ڀلو آهي جن (پيغمبرن جي ڳالهه مڃي) تقويٰ اختيار ڪئي. ڇا اڃان به سمجهه نه ڌاريندؤ؟ |
حَتّىٰ إِذَا استَيـَٔسَ الرُّسُلُ وَظَنّوا أَنَّهُم قَد كُذِبوا جاءَهُم نَصرُنا فَنُجِّىَ مَن نَشاءُ وَلا يُرَدُّ بَأسُنا عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 110) |
(اڳين پيغمبرن سان به اهوئي ٿيندو رهيو ته هو سالن جا سال ماڻهن کي سمجهائيندا رهيا پر هنن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو) تانجو جڏهن پيغمبر ماڻهن کان مايوس ٿي ويا ۽ ماڻهن به سمجهيو ته انهن سان ڪوڙ ڳالهايو ويو آهي ته پوءِ اسانجي مدد اچي کين پهتي، پوءِ اهڙي موقعي تي اسان جنهن کي مرضي پوي بچائي وٺندا آهيون ۽ ڏوهارين کان ته اسانجو عذاب ٽاري ئي نه ٿو سگهجي |
لَقَد كانَ فى قَصَصِهِم عِبرَةٌ لِأُولِى الأَلبٰبِ ما كانَ حَديثًا يُفتَرىٰ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ كُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 111) |
آڳاٽن ماڻهن جي انهن قصن ۾ عقل وارن لاءِ سبق پرائڻ جو سامان آهي. اهو جيڪي ڪجهه به قرآن ۾ ٻڌايو پيو وڃي سي ڪي گهڙيل ڳالهيون ناهن، بلڪه (هنن جي وسيلي) جيڪي ڪتاب هن کان اڳ آيا آهن، انهن جي تصديق (ٿي رهي) آهي ۽ پڻ هر شيءِ کي کولي سمجهايو پيو وڃي ۽ ايمان آڻڻ وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي |