الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 1) |
الرا. هي ظاهر روشن ڪتاب جون آيتون آهن. |
إِنّا أَنزَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 2) |
اسان هن (ڪتاب) قرآن کي عربي زبان ۾ نازل ڪيو آهي ته جيئن اوهين سمجهو. |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ أَحسَنَ القَصَصِ بِما أَوحَينا إِلَيكَ هٰذَا القُرءانَ وَإِن كُنتَ مِن قَبلِهِ لَمِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 3) |
(اي رسول!) اسين تو تي هي قرآن نازل ڪري تو سان هڪ تمام سٺو قصو بيان ڪريون ٿا، توڙي جو تون هن کان اڳ (هن قصي کان) صفا بيپرواھ هئين. |
إِذ قالَ يوسُفُ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ إِنّى رَأَيتُ أَحَدَ عَشَرَ كَوكَبًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ رَأَيتُهُم لى سٰجِدينَ (آيت : 4) |
(اهو ياد ڪريو) جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو اي بابا! مون ٻارنهن ستارن ۽ سج ۽ چند کي (خواب ۾) ڏٺو آهي ته اهي سڀ مون کي سجدو ڪري رهيا آهن. |
قالَ يٰبُنَىَّ لا تَقصُص رُءياكَ عَلىٰ إِخوَتِكَ فَيَكيدوا لَكَ كَيدًا إِنَّ الشَّيطٰنَ لِلإِنسٰنِ عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 5) |
يعقوب چيو اي پٽ! (خبردار) پنهنجو اهو خواب پنهنجن ڀائرن کي نه ٻڌائج! (نه ته) اهي تنهنجي لاءِ ڪا مڪاري رٿيندا. پڪ ڄاڻ ته شيطان انسان جو ظاهر دشمن آهي. |
وَكَذٰلِكَ يَجتَبيكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَيُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَعَلىٰ ءالِ يَعقوبَ كَما أَتَمَّها عَلىٰ أَبَوَيكَ مِن قَبلُ إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبَّكَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 6) |
۽ جيڪي (تو ڏٺو آهي) ائين ئي ٿيندو جو تنهنجو پالڻهار تو کي برگزيده ڪندو ۽ تو کي خوابن جي تعبير جو مطلب بيان ڪرڻ سيکاريندو ۽ جيئن هن کان اڳ تنهنجن ابن ڏاڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي پنهنجون نعمتون پوريون ڪري چڪو آهي اهڙي ريت تو تي ۽ يعقوب جي اولاد تي پنهنجون نعمتون پوريون ڪندو. بيشڪ تنهنجو پالڻهار وڏو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
لَقَد كانَ فى يوسُفَ وَإِخوَتِهِ ءايٰتٌ لِلسّائِلينَ (آيت : 7) |
(اي رسول!) يوسف ۽ سندس ڀائرن جي قصي ۾ پڇڻ واري (يهودا) لاءِ (تنهنجي نبوت جون) پڪ ڪيئي نشانيون آهن. |
إِذ قالوا لَيوسُفُ وَأَخوهُ أَحَبُّ إِلىٰ أَبينا مِنّا وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنَّ أَبانا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 8) |
جڏهن (يوسف جي ڀائرن) چيو ته جيتوڻيڪ اسين گهنار آهيون تڏهن به يوسف ۽ سندس سڳو ڀاءُ (بنيامين) اسانجي پيءُ وٽ تمام گهڻو پيارو آهي. تحقيق اسان جو بابو ظاهر غلطي تي آهي. |
اقتُلوا يوسُفَ أَوِ اطرَحوهُ أَرضًا يَخلُ لَكُم وَجهُ أَبيكُم وَتَكونوا مِن بَعدِهِ قَومًا صٰلِحينَ (آيت : 9) |
(خير) ته هاڻي مناسب هئين آهي ته يا ته يوسف کي ماري ڇڏيو يا (گهٽ ۾ گهٽ) کيس ڪنهن هنڌ (هلي) اڇلي اچو ته پوءِ توهان جي والد جو پيار اوهان ڏي ٿيندو، ۽ تنهن کان (نيٺ) اوهين سڀئي (بابي جي توجه سان) چڱا مڙس ٿي ويندا. |
قالَ قائِلٌ مِنهُم لا تَقتُلوا يوسُفَ وَأَلقوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ يَلتَقِطهُ بَعضُ السَّيّارَةِ إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 10) |
هنن مان هڪ چوڻ واري چيو ته يوسف کي قتل ته نه ڪريو باقي جيڪڏهن اوهان کي ائين ئي ڪرڻو آهي ته کيس ڪنهن ٻٽي کوھ ۾ اڇليو. ڪوئي مسافر کيس ڪڍي ويندو (۽ اوهان جو مطلب حاصل ٿي ويندو) |
قالوا يٰأَبانا ما لَكَ لا تَأمَ۫نّا عَلىٰ يوسُفَ وَإِنّا لَهُ لَنٰصِحونَ (آيت : 11) |
سڀني (يعقوب کي) چيو اي بابا! نيٺ ان جو ڇا سبب آهي جو اوهين يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نه ٿا ڪريو؟ هوڏانهن اسين ته سندس سڄڻ آهيون. |
أَرسِلهُ مَعَنا غَدًا يَرتَع وَيَلعَب وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 12) |
اوهين سڀاڻي کيس اسان سان ڇڏيو ته (جهنگ) جا ميوا خوب کائي ۽ کيڏي ۽ اسين سندس نگهبان آهيون. |
قالَ إِنّى لَيَحزُنُنى أَن تَذهَبوا بِهِ وَأَخافُ أَن يَأكُلَهُ الذِّئبُ وَأَنتُم عَنهُ غٰفِلونَ (آيت : 13) |
يعقوب چيو ته اوهان جو ان کي وٺي وڄڻ مون کي (ڏاڍو) ڏکيو ٿو لڳي ۽ آءُ ڊڄان ٿو ته متان کيس بگهڙ کائي ۽ اوهين ان کان بي خبر هجو. |
قالوا لَئِن أَكَلَهُ الذِّئبُ وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنّا إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 14) |
اهي چوڻ لڳا ته جڏهين اسين پاڻ ۾ گهڻا (به) آهيون (پوءِ به) جيڪڏهن کيس بگهڙ کاڌو ته (پوءِ) پڪ اسين (نڪما) گهاٽي کڻڻ وارا ٿينداسون. |
فَلَمّا ذَهَبوا بِهِ وَأَجمَعوا أَن يَجعَلوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ وَأَوحَينا إِلَيهِ لَتُنَبِّئَنَّهُم بِأَمرِهِم هٰذا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 15) |
نيٺ يوسف کي جڏهن اهي وٺي ويا ۽ هن ڳالھ تي ٻڌي ڪيائون ته کيس انڌي کوھ ۾ اڇليون ۽ (نيٺ انهن ائين ڪيو) ته اسان يوسف کي وحي ڪيو ته (نه ڊڄ) اسين جلد تو کي وڏي رتبي تي رسائينداسون، (۽ تون) کين ان ڪم (خراب بابت) ٽوڪيندين جڏهن انهن کي ان طرف ڌيان به نه هوندو. |
وَجاءو أَباهُم عِشاءً يَبكونَ (آيت : 16) |
۽ اهي پنهنجي پيءُ وٽ رات جو (مڪر ڪري) رئيندا پٽيندا آيا. |
قالوا يٰأَبانا إِنّا ذَهَبنا نَستَبِقُ وَتَرَكنا يوسُفَ عِندَ مَتٰعِنا فَأَكَلَهُ الذِّئبُ وَما أَنتَ بِمُؤمِنٍ لَنا وَلَو كُنّا صٰدِقينَ (آيت : 17) |
۽ چوڻ لڳا اي بابا! اسين ته گڏجي ڊوڙ پورائڻ لڳاسون ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسين ايتري ۾ بگهڙ اچي کيس کاڌو ۽ اسين اگرچه سچا به هجون پر اوهان کي اسان جي ڳالھ تي پڪ ئي ڪين ايندي. |
وَجاءو عَلىٰ قَميصِهِ بِدَمٍ كَذِبٍ قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ وَاللَّهُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 18) |
۽ اهي ماڻهو يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت لڳائي کڻي آيا. يعقوب چيو (ائين نه آهي) پر اوهان جي نفس بچاءَ جي لاءِ هي ڳالھ ٺاهي آهي (نه ته قميص ضرور ڦاٽل هجي ها) پوءِ صبر ۽ شڪر آهي ۽ جيڪي اوهين چئو ٿا تنهن تي خدا کان ئي مدد گهرڻي آهي. |
وَجاءَت سَيّارَةٌ فَأَرسَلوا وارِدَهُم فَأَدلىٰ دَلوَهُ قالَ يٰبُشرىٰ هٰذا غُلٰمٌ وَأَسَرّوهُ بِضٰعَةً وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 19) |
۽ (خدا جي قدرت جو) هڪ قافلو (اتي) اچي لٿو ته هنن پنهنجي پاڻي ڀرڻ واري کي موڪليو ۽ ان پنهنجو ڏول (کوھ ۾) وڌو ئي ته (يوسف منجهس ويهي رهيو ته هن ڇڪي ڪڍيو) چيائين واھ! هي ته ڇوڪرو آهي! ۽ قافلي وارن کيس قيمتي سوغات سمجهي لڪائي ڇڏيو. هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪري رهيا هئا تنهن کان خدا چڱيءَ طرح واقف هو. |
وَشَرَوهُ بِثَمَنٍ بَخسٍ دَرٰهِمَ مَعدودَةٍ وَكانوا فيهِ مِنَ الزّٰهِدينَ (آيت : 20) |
(جڏهن سندس ڀائرن کي خبر پئي ته اچي کيس غلام سڏيو) ۽ انهن، يوسف کي ٿورڙن کوٽن ٽڪن تي وڪيو ۽ اهي (يوسف) کان بيزار ئي هئا. |
وَقالَ الَّذِى اشتَرىٰهُ مِن مِصرَ لِامرَأَتِهِ أَكرِمى مَثوىٰهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ وَلِنُعَلِّمَهُ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَاللَّهُ غالِبٌ عَلىٰ أَمرِهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 21) |
اهي (يوسف کي وٺي مصر پهتا ۽ اتي وڏي فائدي سان کين وڪيائون) ۽ مصر جي ماڻهن مان (عزيز مصر) جنهن کيس خريد ڪيو هيو پنهنجي زال (زليخا) کي چيو ته هن کي عزت ۽ آبرو سان رک! عجب نه آهي ته جو هن مان فائدو پهچي يا (وري) کيس پنهنجو پٽ ئي بنايون ۽ ائين اسان يوسف کي ملڪ (مصر) ۾ (جڳھ ڏئي) قابض بڻايو ۽ مطلب هي هئو ته اسين کيس خواب جي ڳالهين جو تعبير سيکاريون. ۽ خدا ته پنهنجي ڪم تي (هر طرح) غالب (۽ قادر) آهي پر گهڻا ماڻهو (ان کي) نٿا ڄاڻن. |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 22) |
۽ يوسف جڏهن جواني کي پهتو ته اسان کيس حڪم (نبوت) ۽ علم عطا ڪيو. ۽ نيڪي ڪندڙن کي اسين اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون. |
وَرٰوَدَتهُ الَّتى هُوَ فى بَيتِها عَن نَفسِهِ وَغَلَّقَتِ الأَبوٰبَ وَقالَت هَيتَ لَكَ قالَ مَعاذَ اللَّهِ إِنَّهُ رَبّى أَحسَنَ مَثواىَ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
۽ جنهن عورت (زليخا) جي گهر ۾ يوسف رهندو هو، تنهن پنهنجي (ناجائز) مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ خود سندس آرزو ڪئي، ۽ هن سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ (بي خود ٿي) چوڻ لڳي آءُ!(هلي آءُ) يوسف چيو معاذ الله! اهو (تنهنجو مڙس) منهنجو مالڪ آهي، جنهن مون کي سٺي طرح رکيو آهي (آءُ اهڙو ظلم ڪئين ڪندس) بيشڪ اهڙو ظلم ڪرڻ وارا ڪامياب نه آهن. |
وَلَقَد هَمَّت بِهِ وَهَمَّ بِها لَولا أَن رَءا بُرهٰنَ رَبِّهِ كَذٰلِكَ لِنَصرِفَ عَنهُ السّوءَ وَالفَحشاءَ إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُخلَصينَ (آيت : 24) |
زليخا ته هن سان (بڇڙو) ارادو ڪري ئي چڪي هئي. پر جيڪڏهن هي پنهنجي پروردگار جو دليل نه ڏسي چڪو هجي ها ته ارادو ڪري وهي ها (اسان کيس اهڙي طرح بچايو) ته جيئن هن کان برائيءَ ۽ بدڪاريءَ کي پري رکون. بيشڪ هو اسان جي خالص عبدن مان هو. |
وَاستَبَقَا البابَ وَقَدَّت قَميصَهُ مِن دُبُرٍ وَأَلفَيا سَيِّدَها لَدَا البابِ قالَت ما جَزاءُ مَن أَرادَ بِأَهلِكَ سوءًا إِلّا أَن يُسجَنَ أَو عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 25) |
۽ ٻئي ڄڻا دروازي ڏي ڊوڙيا ۽ زليخا سندس قميص کي پٺيءَ کان ڇڪي ڦاڙيو ۽ انهن ٻنهي دروازي وٽ زليخا جي مڙس کي ڏٺو زليخا يڪدم (پنهنجي مڙس کي) چوڻ لڳي ته جيڪو تنهنجي زال سان بدڪاري جو ارادو ڪري تنهن جي سزا هن کانسواءِ ٻي نه آهي جو يا ته کيس قيد ڪيو وڃي يا (وري مٿس) دردناڪ عذاب ڪيو وڃي. |
قالَ هِىَ رٰوَدَتنى عَن نَفسى وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن أَهلِها إِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن قُبُلٍ فَصَدَقَت وَهُوَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 26) |
يوسف چيو هن ئي مون کي پنهنجي هوس پوري ڪرڻ لاءِ لالچايو ۽ زليخا جي ئي قبيلي وارن مان هڪ شاهدي ڏيڻ واري (کير پياڪ ٻار) شاهدي ڏني ته جيڪڏهن ان جي قميص اڳ کان ڦاٽي آهي ته اها سچي آهي ۽ هي ڪوڙن مان آهي. |
وَإِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ فَكَذَبَت وَهُوَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 27) |
پر جيڪڏهن ان جي قميص پٺ کان ڦاٽي آهي ته هي ڪوڙي آهي ۽ هو سچن مان آهي. |
فَلَمّا رَءا قَميصَهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ قالَ إِنَّهُ مِن كَيدِكُنَّ إِنَّ كَيدَكُنَّ عَظيمٌ (آيت : 28) |
پوءِ جڏهن عزيز مصر سندس قميص پٺيان ڦاٽل ڏٺي ته (زال کي) چوڻ لڳو ته اهو اوهان (زالن) جي مڪرن مان (هڪ مڪر) آهي. بيشڪ اوهان (زالن) جو مڪر تمام وڏو آهي. |
يوسُفُ أَعرِض عَن هٰذا وَاستَغفِرى لِذَنبِكِ إِنَّكِ كُنتِ مِنَ الخاطِـٔينَ (آيت : 29) |
۽ (يوسف کي چيائين) اي يوسف: هن کي ڇڏي ڏي ۽ (زال کي چيائين ته) تون پنهنجي گناھ جي معافي گهر ڇو ته تون ئي پڪ ڏوهارين مان آهين. |
وَقالَ نِسوَةٌ فِى المَدينَةِ امرَأَتُ العَزيزِ تُرٰوِدُ فَتىٰها عَن نَفسِهِ قَد شَغَفَها حُبًّا إِنّا لَنَرىٰها فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
۽ (مصر) شهر ۾ زالون چرچو ڪرڻ لڳيون ته عزيز (مصر) جي زال پنهنجي غلام سان (ناجائز) مطلب حاصل ڪرڻ جي هوس رکي ٿي. بيشڪ (غلام لاءِ) محبت سندس دل ۾ ڄمي وئي آهي. اسين ته پڪ کيس ظاهر غلطي ۾ (ورتل) ڏسون ٿيون. |
فَلَمّا سَمِعَت بِمَكرِهِنَّ أَرسَلَت إِلَيهِنَّ وَأَعتَدَت لَهُنَّ مُتَّكَـًٔا وَءاتَت كُلَّ وٰحِدَةٍ مِنهُنَّ سِكّينًا وَقالَتِ اخرُج عَلَيهِنَّ فَلَمّا رَأَينَهُ أَكبَرنَهُ وَقَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ وَقُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما هٰذا بَشَرًا إِن هٰذا إِلّا مَلَكٌ كَريمٌ (آيت : 31) |
پوءِ جڏهن زليخا سندن ٽوڪيون ٻڌيون ته هن، انهن عورتن کي سڏائي ۽ انهن جي لاءِ هڪ خاص مجلس تيار ڪيائين. ۽ انهن مان هر هڪ کي چاقو (۽ هڪ هڪ نارنج ڏئي ۽ چيائين ته جڏهن اوهان جي اڳيان اچي ته وڍي هڪ ڦار کيس ڏجو) ۽ يوسف کي چيائين ته هاڻي هنن اڳيان ته نڪري وڃ! ته جڏهن انهن عورتن کيس ڏٺو ته ان کي تمام حسن وارو ڏسي سڀني (بي خودي مان) پنهنجا پنهنجا هٿ وڍي ڇڏيا ۽ چوڻ لڳا ته خدا پاڪ آهي، هي آدمي ته نه آهي! هي ته ڪو عزت وارو فرشتو آهي. |
قالَت فَذٰلِكُنَّ الَّذى لُمتُنَّنى فيهِ وَلَقَد رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ فَاستَعصَمَ وَلَئِن لَم يَفعَل ما ءامُرُهُ لَيُسجَنَنَّ وَلَيَكونًا مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 32) |
(تڏهن زليخا انهن کي) چيو ته بس! هي اهو ته آهي جنهن لاءِ اوهان سڀني مون کي ٽوڪيو ٿي ۽ هاءُ هن کان آءُ پنهنجو مطلب پورو ڪرڻ واري هيس پر هن پاڻ کي بچايو. ۽ جيڪو حڪم ان کي ڪريان ٿي سو جيڪڏهن نه ڪندو ته ضرور کيس قيد ڪيو ويندو ۽ ذليل به ٿيندو. |
قالَ رَبِّ السِّجنُ أَحَبُّ إِلَىَّ مِمّا يَدعونَنى إِلَيهِ وَإِلّا تَصرِف عَنّى كَيدَهُنَّ أَصبُ إِلَيهِنَّ وَأَكُن مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 33) |
(اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي يوسف منهنجي بارگاھ ۾) عرض ڪيو، اي منهنجا پالڻهار! جنهن ڪم ڏي هي عورتون مون کي سڏين ٿيون ان کان مون کي قيد خانو وڌيڪ وڻي ٿو. جيڪڏهن تون سندن مڪر کي دفع نه ڪندين ته (شايد) آءُ انهن ڏي مائل ٿي وڃان ۽ آءُ جاهلن ۾ ڳڻيو ويندس. |
فَاستَجابَ لَهُ رَبُّهُ فَصَرَفَ عَنهُ كَيدَهُنَّ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 34) |
پوءِ سندس پالڻهار هن جي ٻڌي. پوءِ ان کان زالن جي مڪر کي دفع ڪيائين. بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
ثُمَّ بَدا لَهُم مِن بَعدِ ما رَأَوُا الءايٰتِ لَيَسجُنُنَّهُ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 35) |
پوءِ (عزيز مصر ۽ سندن ماڻهن) توڙي جو (يوسف جي پاڪدامنيءَ جون) نشانيون ڏٺيون هئائون پوءِ به کين مناسب معلوم ٿيو ته ڪجھ ميعاد لاءِ کيس قيد ۾ رکجي. |
وَدَخَلَ مَعَهُ السِّجنَ فَتَيانِ قالَ أَحَدُهُما إِنّى أَرىٰنى أَعصِرُ خَمرًا وَقالَ الءاخَرُ إِنّى أَرىٰنى أَحمِلُ فَوقَ رَأسى خُبزًا تَأكُلُ الطَّيرُ مِنهُ نَبِّئنا بِتَأويلِهِ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 36) |
۽ يوسف سان گڏ ٻيا به ٻه جوان ماڻهو (قيد خاني ۾) داخل ڪيا ويا. (ڪجھ ڏينهن کان پوءِ) انهن مان هڪ چيو ته مون خواب ۾ ڏٺو آهي ته آءُ شراب (بنائڻ لاءِ انگور) نپوڙي رهيو آهيان ۽ ٻئي چيو، مون (خواب ۾) پاڻ کي ڏٺو ته منهنجي مٿي تي مانيون آهن ۽ تن مان پکي ٿا کائن (يوسف) اسان کي ان جو تعبير ٻڌاءِ ڇو ته اسين تو کي نيڪن مان سمجهون ٿا. |
قالَ لا يَأتيكُما طَعامٌ تُرزَقانِهِ إِلّا نَبَّأتُكُما بِتَأويلِهِ قَبلَ أَن يَأتِيَكُما ذٰلِكُما مِمّا عَلَّمَنى رَبّى إِنّى تَرَكتُ مِلَّةَ قَومٍ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 37) |
يوسف چيو جو کاڌو اوهان کي (قيد خاني ۾) ڏنو وڃي ٿو اهو ايندو به نه ته آءُ توهان کي ان جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي تعبير ٻڌائندس. ۽ خواب جو تعبير به انهن ڳالهين مان آهي جيڪي منهنجي پورودگار مون کي سيکاريون آهن مون انهن ماڻهن جو مذهب ترڪ ڪري ڇڏيو آهي جيڪي خدا تي ايمان نه ٿا آڻين ۽ اهي ماڻهو آخرت جا به انڪاري آهن. |
وَاتَّبَعتُ مِلَّةَ ءاباءى إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ ما كانَ لَنا أَن نُشرِكَ بِاللَّهِ مِن شَيءٍ ذٰلِكَ مِن فَضلِ اللَّهِ عَلَينا وَعَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 38) |
۽ آءُ ته پنهنجي پيءُ ڏاڏي ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي مذهب جو تابعدار آهيان. اسان کي مناسب نه آهي جو اسين خدا (جي ذات) سان ڪنهن کي (سندس شريڪ ڪريون، اها به خدا جي هڪ مهرباني آهي اسان تي به ۽ سڀني ماڻهن تي پر ڪيترائي ماڻهو سندس شڪر (به) ادا نه ٿا ڪن. |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ ءَأَربابٌ مُتَفَرِّقونَ خَيرٌ أَمِ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 39) |
اي منهنجي قيد خاني جا ساٿيو! (ڪجھ سوچيو ته) ڀلا جدا جدا (ڪيئي) معبود چڱا آهن يا اڪيلو زبردست الله؟ |
ما تَعبُدونَ مِن دونِهِ إِلّا أَسماءً سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ أَمَرَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 40) |
(افسوس) اوهين ته خدا واحد کي ڇڏي رڳو انهن ڪجھ نالن جي پوڄا ڪريو ٿا جن کي اوهان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن من گهڙت ٺاهيو آهي. خدا تعالى ته هنن لاءِ ڪو به دليل نازل نه فرمايو (آهي) حڪومت ته فقط خاص الله جي لاءِ ئي آهي. ان ته حڪم ڪيو آهي ته ان کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو. اهو ئي سڌو دين آهي (افسوس جو) گهڻا ماڻهو نه ٿا سمجهن. |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ أَمّا أَحَدُكُما فَيَسقى رَبَّهُ خَمرًا وَأَمَّا الءاخَرُ فَيُصلَبُ فَتَأكُلُ الطَّيرُ مِن رَأسِهِ قُضِىَ الأَمرُ الَّذى فيهِ تَستَفتِيانِ (آيت : 41) |
اي منهنجي قيد خاني جا ساٿيو! (چڱو هاڻي تعبير ٻڌو) توهان مان هڪ جنهن انگور ڏٺا (آزاد ٿي) پنهنجي مالڪ کي شراب پيارڻ جو ڪم ڪندو ۽ ٻيو (جنهن پنهنجي سر تي مانيون ڏٺيون آهن) سو سوريءَ تي چاڙهيو ويندو ۽ پکي سندس سر کي (چکي چکي) کائيندا. جنهن امر کي اوهين پڇو ٿا اهو (اهو ئي آهي) ۽ طي ٿي چڪو آهي. |
وَقالَ لِلَّذى ظَنَّ أَنَّهُ ناجٍ مِنهُمَا اذكُرنى عِندَ رَبِّكَ فَأَنسىٰهُ الشَّيطٰنُ ذِكرَ رَبِّهِ فَلَبِثَ فِى السِّجنِ بِضعَ سِنينَ (آيت : 42) |
۽ هنن ٻن مان جنهن بابت يوسف سمجهيو هو ته هي آزاد ٿيندو تنهن کي چيائين ته پنهنجي مالڪ وٽ منهنجي ڳالھ به ڪج! (ته آءُ بي ڏوهو قيد ۾ آهيان) ته شيطان ان کان سندس مربيءَ وٽ ڳالھ ڪرڻ ڀلائي ڇڏي ته يوسف قيد خاني ۾ ڪيئي سال رهيو. |
وَقالَ المَلِكُ إِنّى أَرىٰ سَبعَ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعَ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ يٰأَيُّهَا المَلَأُ أَفتونى فى رُءيٰىَ إِن كُنتُم لِلرُّءيا تَعبُرونَ (آيت : 43) |
۽ تڏهين بادشاھ (به خواب ڏٺو ۽) چيائين: مون ڏٺو آهي ته ست ٿلهيون ڍڳيون آهن تن کي ست ڏٻريون ڍڳيون کائين ٿيون ۽ ستن ساون سنگن کي ۽ ٻين (ستن) سڪلن (سنگن) کي به (ڏسان ٿو) اي (منهنجي) درٻار جا سردارو! جيڪڏهن اوهان کي منهنجي خواب جو تعبير اچي ٿو ته منهنجي (هن) خواب جو تعبير ٻڌايو. |
قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ وَما نَحنُ بِتَأويلِ الأَحلٰمِ بِعٰلِمينَ (آيت : 44) |
هنن عرض ڪيو هي ته پريشان خواب ئي آهن. ۽ اسين اهڙي (پريشان) خواب جو تعبير ٻڌايو... |
وَقالَ الَّذى نَجا مِنهُما وَادَّكَرَ بَعدَ أُمَّةٍ أَنا۠ أُنَبِّئُكُم بِتَأويلِهِ فَأَرسِلونِ (آيت : 45) |
۽ جيڪو هنن ٻن مان آزاد ٿيو هئو (ساقي) ۽ کيس هڪ زماني کان پوءِ يوسف جي ڳالھ) ياد آئي، چيائين ته مون کي (قيد خاني تائين) وڃڻ ڏيو ته آءُ هن (خواب) جو تعبير ٻڌائيندس. |
يوسُفُ أَيُّهَا الصِّدّيقُ أَفتِنا فى سَبعِ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعِ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ لَعَلّى أَرجِعُ إِلَى النّاسِ لَعَلَّهُم يَعلَمونَ (آيت : 46) |
(مطلب ته هو ويو ۽ يوسف کي چيائين ته) اي يوسف اي وڏا سچا! ٿورو اسان کي هي ته ٻڌائي ته ست متاريون ۽ تازيون ڍڳيون کائن ٿيون ۽ ستن ساون سنگن ۽ ٻين (ستن) سڪلن (سنگن) جو تعبير (ڇا آهي؟) ته آءُ ماڻهن ڏي موٽي وڃان (۽ ٻڌايان) ته انهن کي به تنهنجو قدر) معلوم ٿئي. |
قالَ تَزرَعونَ سَبعَ سِنينَ دَأَبًا فَما حَصَدتُم فَذَروهُ فى سُنبُلِهِ إِلّا قَليلًا مِمّا تَأكُلونَ (آيت : 47) |
يوسف چيو (ان جو تعبير هي آهي ته) اوهين سانده ست سال پوک ڪندا رهندو ته جيڪو (فصل) اوهين لڻو تنهن کي ان جي سنگن ۾ ڇڏيو سواءِ ٿوري (ان) جي جيڪو اوهين پاڻ کائو. |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ سَبعٌ شِدادٌ يَأكُلنَ ما قَدَّمتُم لَهُنَّ إِلّا قَليلًا مِمّا تُحصِنونَ (آيت : 48) |
تنهن کان پوءِ سخت (ڏڪر جا) ست سال ايندا جن ۾ اوهان ماڻهن انهن ستن سالن لاءِ اڳ ۾ ئي ڪٺو ڪري رکيو هوندو تنهن کي کائي ڇڏيندا، سواءِ ٿوري (ان) جي جنهن کي (اوهان ٻج لاءِ) رکيو هوندو. |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ عامٌ فيهِ يُغاثُ النّاسُ وَفيهِ يَعصِرونَ (آيت : 49) |
وري تنهن کان پوءِ هڪ سال (اهڙو ايندو جنهن ۾ ماڻهن لاءِ مينهن وسندو ۽ ان ۾ رس نپوڙيندا. |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ فَلَمّا جاءَهُ الرَّسولُ قالَ ارجِع إِلىٰ رَبِّكَ فَسـَٔلهُ ما بالُ النِّسوَةِ الّٰتى قَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ إِنَّ رَبّى بِكَيدِهِنَّ عَليمٌ (آيت : 50) |
(اهو تعبير ٻڌندي ئي) بادشاھ حڪم ڪيو ته يوسف کي مون ڏي ته وٺي اچو. پوءِ جڏهن (سرڪاري) چوبدار (اهو حڪم کڻي) يوسف وٽ آيو ته يوسف فرمايو ته تون پنهنجي آقا وٽ وڃي کيس چئو ته (تو کي) انهن عورتن جو حال به معلوم آهي! جن (مون کي ڏسي) پنهنجا هٿ وڍي ڇڏيا هئا. ڇا! آءُ سندن طالب هئس يا اهي (منهنجون؟) بيشڪ منهنجو خدا سندن مڪرن کان چڱيءَ طرح آگاھ هو. |
قالَ ما خَطبُكُنَّ إِذ رٰوَدتُنَّ يوسُفَ عَن نَفسِهِ قُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما عَلِمنا عَلَيهِ مِن سوءٍ قالَتِ امرَأَتُ العَزيزِ الـٰٔنَ حَصحَصَ الحَقُّ أَنا۠ رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ وَإِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 51) |
(آخر بادشاھ انهن عورتن کي سڏايو ۽) پڇيو ته جڏهن اوهان يوسف کان پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ جي تمنا ڪئي هئي ته اوهان کي ڪهڙو معاملو پيش آيو هو؟ چوڻ لڳيون، الله پاڪ آهي! اسان کي ان جي ڪا برائي معلوم نه ٿي. (تڏهن) عزيز (مصر) جي زال (زليخا) چوڻ لڳي هاڻي ته سچي پچي ڳالھ سڀني تي ظاهر ٿي ته (اصل ڳالھ هيءَ آهي ته مون خود ان کان پنهنجو) مطلب حاصل ڪرڻ جي تمنا ڪئي هئي. بيشڪ اهو پڪ سچو آهي (اها ڳالھ چوبدار يوسف کي اچي ٻڌائي ته چيائين). |
ذٰلِكَ لِيَعلَمَ أَنّى لَم أَخُنهُ بِالغَيبِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدى كَيدَ الخائِنينَ (آيت : 52) |
اها ڳالھ مون ان لاءِ کولي ته جيئن بادشاھ کي معلوم ٿئي ته مون عزيز جي پر پٺ سندس امانت ۾ خيانت ڪا نه ڪئي ۽ خدا خيانت ڪرڻ وارن جي مڪاري ڪڏهن هلڻ نه ٿو ڏئي. |
وَما أُبَرِّئُ نَفسى إِنَّ النَّفسَ لَأَمّارَةٌ بِالسّوءِ إِلّا ما رَحِمَ رَبّى إِنَّ رَبّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 53) |
۽ (هوئن ته) آءُ به پاڻ کي (ترڪ اولى کان) ... نه ٿو چوان ڇو ته (بظاهر بشر آهيان) ۽ نفس ته سدائين برائيءَ ڏي ڇڪيندو ئي رهي ٿو پر جنهن تي منهنجو پروردگار رحم فرمائي (۽ گناھ کان بچائي) بيشڪ منهنجو پروردگار وڏو بخشڻهار مهربان آهي. |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ أَستَخلِصهُ لِنَفسى فَلَمّا كَلَّمَهُ قالَ إِنَّكَ اليَومَ لَدَينا مَكينٌ أَمينٌ (آيت : 54) |
۽ بادشاھ حڪم ڏنو ته يوسف کي مون ڏانهن وٺي اچو ته آءُ کيس پنهنجو ذاتي ڪم لاءِ خاص (ماڻهو) ڪندس پوءِ جڏهن هن يوسف سان ڳالهيون ڪيون (ته يوسف جي عاليشان قابليت ثابت ٿي) هن حڪم ڏنو ته اڄ (کان) اسان جي سرڪار ۾ بلڪل باوقار ۽ معتبر آهين. |
قالَ اجعَلنى عَلىٰ خَزائِنِ الأَرضِ إِنّى حَفيظٌ عَليمٌ (آيت : 55) |
يوسف فرمايو، (جيئن توهان منهنجي قدرداني ڪئي آهي ته) مون کي ملڪي خزاني تي مقررڪريو. ڇو ته آءُ ان جو امانت دار خزانچي (۽ ان جي حساب ڪتاب جو به) واقف آهيان. |
وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ يَتَبَوَّأُ مِنها حَيثُ يَشاءُ نُصيبُ بِرَحمَتِنا مَن نَشاءُ وَلا نُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
(نيٺ يوسف شاهي خزانن جو آفيسر مقرر ٿيو) ۽ اسان اهڙيءَ طرح يوسف کي مصر ملڪ جو قابض بنايو جو ان ۾ جتي چاهي (ته) رهي. اسين جنهن کي گهرون ٿا ته ان تي فضل (۽ احسان) ڪريون ٿا ۽ اسين نيڪ ماڻهن جو اجر اڪارت نه ٿا ڪريون. |
وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 57) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ڪندا رهيا انهن لاءِ آخرت جو اجر ان کان (وري) گهڻو سٺو آهي. |
وَجاءَ إِخوَةُ يوسُفَ فَدَخَلوا عَلَيهِ فَعَرَفَهُم وَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 58) |
(۽ جيئن ته ڪنعان ۾ ڏڪر هئو تنهن ڪري) يوسف جا (پيئتا) ڀائر (اناج) خريدڻ لاءِ مصر ۾ آيا ۽ يوسف وٽ ويا ته ان کين يڪدم سڃاتو پر هنن کيس نه سڃاتو. |
وَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم قالَ ائتونى بِأَخٍ لَكُم مِن أَبيكُم أَلا تَرَونَ أَنّى أوفِى الكَيلَ وَأَنا۠ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 59) |
۽ جڏهن (يوسف سندن اناج) جو سامان ٺيڪ ڪيو ۽ (انهن موڪلايو) ته يوسف (انهن کي) چيو ته (هاڻي جو اچو ته) پنهنجي پيئتي ڀاءُ کي (جنهن کي گهر ڇڏي آيا آهيو مون وٽ آڻجو. ڇا اوهين نٿا ڏسو ته آءُ ماپ به بلڪل پوري ٿو ڏيان آءُ تمام سٺو مهمان نواز آهيان. |
فَإِن لَم تَأتونى بِهِ فَلا كَيلَ لَكُم عِندى وَلا تَقرَبونِ (آيت : 60) |
پوءِ جيڪڏهن اوهان مون وٽ هن کي نه آندو ته اوهان لاءِ مون وٽ نه ڪجھ (اناج وغيره) هوندو (۽ نه وري) مون وٽ پهچي سگهندو. |
قالوا سَنُرٰوِدُ عَنهُ أَباهُ وَإِنّا لَفٰعِلونَ (آيت : 61) |
هنن چيو ته اسين سندن والد سان ان باري ۾ وڃڻ سان ئي عرض ڪنداسون ۽ اسين ضرور اهو ڪم ڪنداسون. |
وَقالَ لِفِتيٰنِهِ اجعَلوا بِضٰعَتَهُم فى رِحالِهِم لَعَلَّهُم يَعرِفونَها إِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِم لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 62) |
۽ يوسف پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏنو ته سندن (سڀ) رقم سندن ٻورين ۾ (لڪائي رکو) ته جيئن جڏهن اهي پنهنجي اهل (عيال) وٽ موٽي وڃن ته پنهنجي پونجيءَ کي سڃاڻن (۽ ان طمع تي) شايد وري موٽي اچن. |
فَلَمّا رَجَعوا إِلىٰ أَبيهِم قالوا يٰأَبانا مُنِعَ مِنَّا الكَيلُ فَأَرسِل مَعَنا أَخانا نَكتَل وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 63) |
مطلب ته جڏهن اهي پنهنجي والد وٽ موٽي آيا ته سڀني گڏجي عرض ڪيس ته اي بابا! (اسان کي وري) اناج ملڻ کان انڪار ڪيل آهي ته پوءِ اوهين اسان سان گڏ اسان جي ڀاءُ بنيامين کي موڪل ڏي ته جيئن اسان وري (به) اناج آڻيون ۽ ان جي چڱيءَ طرح حفاظت ڪنداسون. |
قالَ هَل ءامَنُكُم عَلَيهِ إِلّا كَما أَمِنتُكُم عَلىٰ أَخيهِ مِن قَبلُ فَاللَّهُ خَيرٌ حٰفِظًا وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 64) |
يعقوب چيو ته آءُ هن جي باري ۾ اوهان جو اعتبار نه ٿو ڪريان پر ائين ئي جيئن هن کان اڳ هن جي ماءُ ڄائي ڀاءُ جي باري ۾ ڪيو هو. ته خدا هن جو سڀ کان وڌيڪ حفاظت ڪرڻ وارو آهي ۽ اهو ئي سڀ کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهي. |
وَلَمّا فَتَحوا مَتٰعَهُم وَجَدوا بِضٰعَتَهُم رُدَّت إِلَيهِم قالوا يٰأَبانا ما نَبغى هٰذِهِ بِضٰعَتُنا رُدَّت إِلَينا وَنَميرُ أَهلَنا وَنَحفَظُ أَخانا وَنَزدادُ كَيلَ بَعيرٍ ذٰلِكَ كَيلٌ يَسيرٌ (آيت : 65) |
۽ جڏهن انهن پنهنجا پنهنجا اسباب کوليا ته پنهنجي پنهنجي پونجي کي ڏٺائون ته ساڳي واپس ڪيل آهي ته (پنهنجي پيءُ کي) چوڻ لڳا اي بابا! اسان کي (ٻيو) ڇا گهرجي! (ڏس ته) هيءَ اسان جي رقم به ته اسان کي واپس ڏني ويئي آهي ۽ (اناج مفت ۾ مليو هاڻي بنيامين کي اسان سان ڇڏ ته) اسين پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ اناج آڻيون ۽ پنهنجي ڀاءُ جي پوري حفاظت (به) ڪريون ۽ هڪ اٺ جو بار وڌيڪ اناج آڻيون (هي جو هينئر آندوسين) ٿورو اناج هو) |
قالَ لَن أُرسِلَهُ مَعَكُم حَتّىٰ تُؤتونِ مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ لَتَأتُنَّنى بِهِ إِلّا أَن يُحاطَ بِكُم فَلَمّا ءاتَوهُ مَوثِقَهُم قالَ اللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 66) |
يعقوب چيو ته جيستائين اوهين منهنجي روبرو خدا سان وعدو نه ڪندو ته اوهين هن کي مون وٽ سلامت وٺي ايندو پر هاءُ جڏهن اوهان خود گهيري ۾ اچي وڃو (ته ٻي ڳالھ آهي نه ته) آءُ اوهان سان گڏ هن کي ڪڏهن به نه ڇڏيندس. جڏهن انهن سندس سامهون وعدو ڪيو ته يعقوب چيو ته اسين جيڪي چئون ٿا خدا ان جو ضامن آهي. |
وَقالَ يٰبَنِىَّ لا تَدخُلوا مِن بابٍ وٰحِدٍ وَادخُلوا مِن أَبوٰبٍ مُتَفَرِّقَةٍ وَما أُغنى عَنكُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَعَلَيهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 67) |
۽ يعقوب (پٽن کي هلڻ مهل نصيحت ڪندي) چيو ته اي پٽو! ڏسجو سڀئي گڏ) هڪ در مان داخل نه ٿجو (متان نظر نه لڳيو) پر جدا جدا درن مان داخل ٿجو آءُ اوهان کان ان (مصيبت) کي ٽاري نه ٿو سگهان جا خدا جي طرفان (اچي). حڪم ته (دراصل) الله جي لاءِ ئي آهي. مون مٿس ڀروسو ڪيو آهي ۽ ڀروسو ڪرڻ وارن کي مٿس ڀروسو ڪرڻ گهرجي. |
وَلَمّا دَخَلوا مِن حَيثُ أَمَرَهُم أَبوهُم ما كانَ يُغنى عَنهُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِلّا حاجَةً فى نَفسِ يَعقوبَ قَضىٰها وَإِنَّهُ لَذو عِلمٍ لِما عَلَّمنٰهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 68) |
۽ جڏهن اهي سڀ ڀائر جيئن سندن والد حڪم ڏنو هون تئين (مصر ۾) داخل ٿيا. پر جو خدا جي طرف کان اچڻو هو تنهن کي يعقوب ڪجھ به ٽاري نه ٿي سگهيو پر (هاءُ) يعقوب جي دل ۾ هڪ آرزو هئي جنهن کي هن اهڙي طرح پورو ڪيو ڇو ته هن ۾ ته شڪ نه آهي جو جيئن ته کيس اسان تعليم ڏني هئي علم وارو (ته) هئو ئي مگر گهڻا ماڻهو (ان کان به واقف نه آهن. |
وَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَخاهُ قالَ إِنّى أَنا۠ أَخوكَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 69) |
۽ جڏهن اهي يوسف وٽ پهتا ته يوسف پنهنجي سڳي ڀاءُ کي پاڻ وٽ (بغل ۾) جاءِ ڏني ۽ (آهستي) هن (بنيامين) کي چيائين ته آءُ تنهنجو ڀاءُ (يوسف) آهيان، ته پوءِ جيڪي (بدسلوڪيون) هي تو سان ڪن ٿا ان جو تون ڪجھ ڏک نه ڪر. |
فَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم جَعَلَ السِّقايَةَ فى رَحلِ أَخيهِ ثُمَّ أَذَّنَ مُؤَذِّنٌ أَيَّتُهَا العيرُ إِنَّكُم لَسٰرِقونَ (آيت : 70) |
پوءِ جڏهن يوسف انهن جي سفر جو سامان (اناج وغيره) ٺيڪ ڪرايو ته پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ پاڻيءَ جو پيالو (سندس اشاري سان) رکايو ويو. وري هڪ منادي واري وڏي آواز چيو ته اي قافلي وارو! (هجي نه هجي) پڪ اوهين ماڻهو چور آهيو. |
قالوا وَأَقبَلوا عَلَيهِم ماذا تَفقِدونَ (آيت : 71) |
(اهو ٻڌي) سڏڻ واري ڏي موٽيا ۽ چيائون (آخر) اوهان جي ڪهڙيءَ شيءِ گم ٿي وئي آهي؟ |
قالوا نَفقِدُ صُواعَ المَلِكِ وَلِمَن جاءَ بِهِ حِملُ بَعيرٍ وَأَنا۠ بِهِ زَعيمٌ (آيت : 72) |
انهن چيو ته اسان کي بادشاھ جو پيالو نه ٿو ملي. ۽ آءُ ضامن آهيان ته جيڪو ماڻهو ان کي آڻيندو تنهن کي هڪ اٺ جي ٻار (جو اناج) انعام ۾ ملندو. |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد عَلِمتُم ما جِئنا لِنُفسِدَ فِى الأَرضِ وَما كُنّا سٰرِقينَ (آيت : 73) |
هنن چيو خدا جو قسم اوهين ته ڄاڻو ٿا ته (اوهان جي ملڪ) ۾ اسين (ڪو) فساد ڪرڻ لاءِ (ته) نه آيا هئاسين ۽ نه وري اسين (ڪي) چور آهيون. |
قالوا فَما جَزٰؤُهُ إِن كُنتُم كٰذِبينَ (آيت : 74) |
تڏهن انهن نوڪرن چيو جيڪڏهن اوهين ڪوڙا نڪتا ته پوءِ چور جي ڪهڙي سزا ٿيندي؟ |
قالوا جَزٰؤُهُ مَن وُجِدَ فى رَحلِهِ فَهُوَ جَزٰؤُهُ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 75) |
هنن (بي ڌڙڪ) چئي ڏنو ته ان جي سزا هوءَ آهي ته جنهن جي ٻوريءَ مان اهو پيالو نڪتو ته اهو ئي خود ان جو بدلو آهي، ته اهو مال جي بدلي ۾ غلام بنايو وڃي اسين ته پاڻ وٽ ظالمن (چورن) کي اهڙي طرح سزا ڏيندا آهيون. |
فَبَدَأَ بِأَوعِيَتِهِم قَبلَ وِعاءِ أَخيهِ ثُمَّ استَخرَجَها مِن وِعاءِ أَخيهِ كَذٰلِكَ كِدنا لِيوسُفَ ما كانَ لِيَأخُذَ أَخاهُ فى دينِ المَلِكِ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ وَفَوقَ كُلِّ ذى عِلمٍ عَليمٌ (آيت : 76) |
پوءِ يوسف پنهنجي ڀاءُ جي ٻوري کان اڳ ۾ انهن جي ٻورين جي تلاشيءَ وٺڻ شروع ڪئي. پوءِ ان جي (پيالي) کي پنهنجي ڀاءُ جي ٻوري مان ڪڍيائين. اهڙي طرح اسان يوسف جي ڀاءُ کي روڪڻ لاءِ اها تدبير ٻڌائي. (ڇو ته) بادشاهُ (مصر) جي قانون موجب پنهنجي ڀاءُ کي روڪي نه ٿي سگهيو، پر هاءُ جنهن کي خدا گهري. اسين جنهن کي چاهيون ٿا ان جا درجا بلند ڪري ڇڏيون ٿا. ۽ (دنيا ۾) هر صاحب علم کان وڌيڪ هڪ ٻيو عالم آهي. |
قالوا إِن يَسرِق فَقَد سَرَقَ أَخٌ لَهُ مِن قَبلُ فَأَسَرَّها يوسُفُ فى نَفسِهِ وَلَم يُبدِها لَهُم قالَ أَنتُم شَرٌّ مَكانًا وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما تَصِفونَ (آيت : 77) |
(نيٺ بنيامين روڪيو ويو ته اهي چوڻ لڳا جيڪڏهن ان چوري ڪئي ته (ڪهڙو تعجب) ان جي ڀاءُ (يوسف) به هن کان اڳ چوري ڪئي هئي ته يوسف (ان جو جواب نه ڏنو) ان کي دل ۾ لڪايو (پر) هي چيائين ته اوهين ماڻهو وڏا خانه خراب (برا ماڻهو) آهيو ۽ جيڪي (سندس ڀاءُ جي چوري بابت) بيان ڪريو ٿا تنهن کان خدا چڱيءَ طرح واقف آهي. |
قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ إِنَّ لَهُ أَبًا شَيخًا كَبيرًا فَخُذ أَحَدَنا مَكانَهُ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 78) |
(تنهن تي) هنن چيو اي عزيز! هن (بنيامين) جو والد تمام پوڙهو (آدمي) آهي (۽ هن کي گهڻو چاهيندو آهي) ته تون اسان مان ڪنهن هڪ کي وٺ (پر هن کي ڇڏ) ڇو ته اسين اوهان کي ڏاڍو نيڪ ماڻهو سمجهون ٿا. |
قالَ مَعاذَ اللَّهِ أَن نَأخُذَ إِلّا مَن وَجَدنا مَتٰعَنا عِندَهُ إِنّا إِذًا لَظٰلِمونَ (آيت : 79) |
يوسف چيو معاذالله! (اهو ڪئين ٿي سگهي ٿو) اسان جنهن وٽان پنهنجي شيءَءَ لڌي آهي ان کي ڇڏي ٻئي کي پڪڙيون (جيڪڏهن ائين ڪيون) ته اسين بلڪل بي انصاف ٿينداسون. |
فَلَمَّا استَيـَٔسوا مِنهُ خَلَصوا نَجِيًّا قالَ كَبيرُهُم أَلَم تَعلَموا أَنَّ أَباكُم قَد أَخَذَ عَلَيكُم مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ وَمِن قَبلُ ما فَرَّطتُم فى يوسُفَ فَلَن أَبرَحَ الأَرضَ حَتّىٰ يَأذَنَ لى أَبى أَو يَحكُمَ اللَّهُ لى وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 80) |
پوءِ جڏهن ان کان ناميد ٿيا ته اڪيلا ٿي مشورا ڪرڻ لڳا. انهن جي وڏي (ڀاءُ يهودا) چيو ته اوهان کي معلوم نه آهي ته اوهان جي پيءُ اوهان کان الله جو عهد ورتو هو ۽ ان کان اڳ يوسف جي باري ۾ اوهان قصوروار آهيو. ته (ڀائرو) جيستائين منهنجو والد مون کي اجازت (نه) ڏئي يا خود خدا مون کي ڪو حڪم (نه) ڏئي آءُ هن سرزمين تان هرگز نه هٽيندس. ۽ خدا ته سڀني کان چڱو فيصلو ڪندڙ آهي. |
ارجِعوا إِلىٰ أَبيكُم فَقولوا يٰأَبانا إِنَّ ابنَكَ سَرَقَ وَما شَهِدنا إِلّا بِما عَلِمنا وَما كُنّا لِلغَيبِ حٰفِظينَ (آيت : 81) |
اوهين پنهنجي والد ڏي واپس وڃو ۽ ان سان وڃي عرض ڪيو ته اي بابا! اوهان جي صاحبزادي چوري ڪئي ۽ اسان ته پنهنجي سمجھ مطابق (کيس واپس آڻڻ جو) انجام ڪيو هئو ۽ اسين ڪو غيبي (آفت) جا واقف ته ڪين هئاسين. |
وَسـَٔلِ القَريَةَ الَّتى كُنّا فيها وَالعيرَ الَّتى أَقبَلنا فيها وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 82) |
۽ اوهين ان شخص (مصر) جي ماڻهن کان جتي اسين هئاسين معلوم ڪريو پڻ ان قافلي (وارن کان) به جنهن ۾ اسين آيا آهيون (پڇو) ۽ اسين بلڪل سچا آهيون. |
قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ عَسَى اللَّهُ أَن يَأتِيَنى بِهِم جَميعًا إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 83) |
(نيٺ) جڏهن انهن وڃي ڳالھ ڪئي ته) يعقوب چيو (هن چوري ڪا نه ڪئي آهي) پر اها ڳالھ اوهان پاڻ بڻائي آهي ته (خير!) صبر سٺو آهي. (مون کي) خدا ۾ اميد آهي ته سڀني (پٽن) کي مون وٽ رسائي. بيشڪ اهو ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰأَسَفىٰ عَلىٰ يوسُفَ وَابيَضَّت عَيناهُ مِنَ الحُزنِ فَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 84) |
۽ يعقوب انهن کان منهن ڦيري ڇڏيو ۽ (روئي) چوڻ لڳو هاءِ افسوس يوسف تي ۽ (ايترو ته رنو جو) اکيون ان غم کان اڇيون ٿي پيس، اهو وڏو ڏک سهڻ وارو هو. |
قالوا تَاللَّهِ تَفتَؤُا۟ تَذكُرُ يوسُفَ حَتّىٰ تَكونَ حَرَضًا أَو تَكونَ مِنَ الهٰلِكينَ (آيت : 85) |
(اهو ڏسي سندس پٽ) چوڻ لڳا، اوهين ته هميشه يوسف کي ايستائين ياد ڪندا رهندو جو يا ته بيمار ٿيو يا جان تان هٿ کڻندو. |
قالَ إِنَّما أَشكوا بَثّى وَحُزنى إِلَى اللَّهِ وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 86) |
يعقوب چيو (آءُ اوهان کي ڪجھ نه ٿو چوان) آءُ ته پنهنجي بيقراري ۽ ڏک جي شڪايت خدا سان ئي ڪريان ٿو ۽ خدا جي پاسي کان جيڪي ڳالهيون آءُ ڄاڻان ٿو اوهين نه ٿا ڄاڻو. |
يٰبَنِىَّ اذهَبوا فَتَحَسَّسوا مِن يوسُفَ وَأَخيهِ وَلا تَا۟يـَٔسوا مِن رَوحِ اللَّهِ إِنَّهُ لا يَا۟يـَٔسُ مِن رَوحِ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الكٰفِرونَ (آيت : 87) |
اي منهنجا پٽو! هڪ دفعو وري مصر) وڃو ۽ يوسف ۽ سندس ڀاءُ کي (جيئن پوءِ تئين) ڳولي وٺي اچو ۽ خدا جي رحمت (۽ عنايت) مان سواءِ ڪافرن جي ٻيو ڪو به نااميد نه ٿيندو آهي. |
فَلَمّا دَخَلوا عَلَيهِ قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ مَسَّنا وَأَهلَنَا الضُّرُّ وَجِئنا بِبِضٰعَةٍ مُزجىٰةٍ فَأَوفِ لَنَا الكَيلَ وَتَصَدَّق عَلَينا إِنَّ اللَّهَ يَجزِى المُتَصَدِّقينَ (آيت : 88) |
پوءِ جڏهن اهي (ٻيون دفعو) يوسف وٽ آيا ته (ڏاڍين آزين سان) عرض ڪيائون ته اي عزيز! اسان کي ۽ اسان جي (سموري) قبيلي کي (ڏڪر ڪري) وڏي تڪليف ٿي رهي آهي ۽ اسين ٿوري موڙي کڻي آيا آهيون ته اسان کي ان جي عوض) پورو اناج ڏي ۽ فقط قيمت تي نه پر اسان کي پنهنجو) صدقو خيرات به ڏي! بيشڪ الله خيرات ڪندڙن کي چڱو بدلو ڏئي ٿو. |
قالَ هَل عَلِمتُم ما فَعَلتُم بِيوسُفَ وَأَخيهِ إِذ أَنتُم جٰهِلونَ (آيت : 89) |
(هاڻي ته يوسف کان نه رهيو ٿيو) چيائين ته ڇا اوهان کي معلوم آهي جيڪي اوهان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو تڏهين اوهين جاهل هئا؟ |
قالوا أَءِنَّكَ لَأَنتَ يوسُفُ قالَ أَنا۠ يوسُفُ وَهٰذا أَخى قَد مَنَّ اللَّهُ عَلَينا إِنَّهُ مَن يَتَّقِ وَيَصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 90) |
(تڏهن اهي ڪن هڻن لڳا) چوڻ لڳا ته ڇا! تون ئي يوسف آهين؟ يوسف چيو هاءُ! آءُ ئي يوسف آهيان ۽ هي منهنجو ڀاءُ آهي. بيشڪ مون تي خدا پنهنجو (فضل ۽ ڪرم) ڪيو ان ۾ شڪ نه آهي جو جيڪو شخص (هن کان) ڊڄي ٿو ۽ مصيبت ۾ صبر ڪري ته خدا ڪڏهين به اهڙن نيڪ بندن جو اجر نٿو وڃائي. |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد ءاثَرَكَ اللَّهُ عَلَينا وَإِن كُنّا لَخٰطِـٔينَ (آيت : 91) |
هنن چيو خدا جو قسم، خدا تو کي اسان تي پڪ فضيلت عطا فرمائي آهي ۽ بيشڪ اسين پڪ ئي (پيرن کان چوٽيءَ تائين) خطا وارا آهيون. |
قالَ لا تَثريبَ عَلَيكُمُ اليَومَ يَغفِرُ اللَّهُ لَكُم وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 92) |
يوسف چيو هاڻي اڄ کان اوهان تي ڪا به ميار نه آهي. خدا توهان جا گناھ معاف فرمائي. اهو ته سڀ کان وڌيڪ رحيم آهي. |
اذهَبوا بِقَميصى هٰذا فَأَلقوهُ عَلىٰ وَجهِ أَبى يَأتِ بَصيرًا وَأتونى بِأَهلِكُم أَجمَعينَ (آيت : 93) |
هي منهنجي قميص کڻي وڃو ۽ وڃي منهنجي پيءُ جي منهن تي وجهو ته اکين وارو ٿي پوندو. ۽ اوهين سڀئي پنهنجا ٻار ٻچا وٺي مون ڏي اچو. |
وَلَمّا فَصَلَتِ العيرُ قالَ أَبوهُم إِنّى لَأَجِدُ ريحَ يوسُفَ لَولا أَن تُفَنِّدونِ (آيت : 94) |
۽ جيئن ئي قافلو مصر کان هليو ته انهن جي والد (يعقوب) چيو هئو ته اوهين جيڪڏهن مون کي ڀورڙو نه سمجهو ته (هڪ ڳالھ چوان؟ اها هيءَ ته) مون کي يوسف جي بوءِ اچي ٿي. |
قالوا تَاللَّهِ إِنَّكَ لَفى ضَلٰلِكَ القَديمِ (آيت : 95) |
(اهي (قبيلي وارا، پوٽا ۽ ٻيا) چوڻ لڳا ته خدا جو قسم آهي ته بيشڪ تون پنهنجي پراڻي (خيال) محبت ۾ مبتلا آهين. |
فَلَمّا أَن جاءَ البَشيرُ أَلقىٰهُ عَلىٰ وَجهِهِ فَارتَدَّ بَصيرًا قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 96) |
پوءِ جڏهن يوسف جي خوشخبري ڏيڻ وارو آيو تڏهن ان اها قميص سندس منهن تي وڌي پوءِ هو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. تڏهن يعقوب (پٽن کي) چيو ڇا مون اوهان کي نه چيو هو ته جيڪا ڳالھ اوهين نه ٿا ڄاڻو سا آءُ خدا جي طرفان ڄاڻان ٿو. |
قالوا يٰأَبانَا استَغفِر لَنا ذُنوبَنا إِنّا كُنّا خٰطِـٔينَ (آيت : 97) |
انهن عرض ڪيو ته اي بابا! اسان لاءِ اسان جي گناهن جي (خدا جي بارگاھ مان) معافي گهر! بيشڪ اسين (ڏاڍا) گنهگار آهيون. |
قالَ سَوفَ أَستَغفِرُ لَكُم رَبّى إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 98) |
يعقوب چين ته آءُ اوهان لاءِ جلد ئي پنهنجي پروردگار کان معافي گهرندس. بيشڪ اهو ئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
فَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَبَوَيهِ وَقالَ ادخُلوا مِصرَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ (آيت : 99) |
(نيٺ) جڏهن وري اهي ماڻهو (يعقوب سميت) هليا ۽ يوسف (کين) شهر کان ٻاهر وٺڻ آيو ته جڏهن اهي ماڻهو يوسف وٽ پهتا يوسف پنهنجي پيءُ ماءُ کي پاڻ سان وٺي (کين) چيو ته هاڻي انشاءَ الله وڏيءَ دلجاءِ سان مصر هلو. |
وَرَفَعَ أَبَوَيهِ عَلَى العَرشِ وَخَرّوا لَهُ سُجَّدًا وَقالَ يٰأَبَتِ هٰذا تَأويلُ رُءيٰىَ مِن قَبلُ قَد جَعَلَها رَبّى حَقًّا وَقَد أَحسَنَ بى إِذ أَخرَجَنى مِنَ السِّجنِ وَجاءَ بِكُم مِنَ البَدوِ مِن بَعدِ أَن نَزَغَ الشَّيطٰنُ بَينى وَبَينَ إِخوَتى إِنَّ رَبّى لَطيفٌ لِما يَشاءُ إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 100) |
آخر (اتي پهچي) يوسف پنهنجي پيءُ ماءُ کي تخت تي وهاريو ۽ سڀئي يوسف جي ادب جي لاءِ سندس سامهون سجدي ۾ ڪري پيا. (تنهن وقت) يوسف چيو اي بابا! هي تعبير آهي انهيءَ پهرين خواب جو، منهنجي پروردگار ان کي سچو ڪيو. بيشڪ هن مون تي احسان ڪيو جڏهن مون کي هن قيد مان ڪڍيو ۽ جيتوڻيڪ مون ۾ ۽ منهنجي ڀائرن ۾ شيطان ٻيائي وڌي هئي، تنهن کان پوءِ به اوهان ماڻهن کي ڳوٺ (ڪنعان) مان (مصر شهر) ۾ آندو ۽ مون سان (ملايو) بيشڪ منهنجو پرودگار جيڪو ڪرڻ چاهي ٿو تنهنجي تدبير چڱي طرح ڄاڻي ٿو. بيشڪ اهو ئي سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
رَبِّ قَد ءاتَيتَنى مِنَ المُلكِ وَعَلَّمتَنى مِن تَأويلِ الأَحاديثِ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنتَ وَلِيّۦ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ تَوَفَّنى مُسلِمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 101) |
(تنهن کان پوءِ يوسف دعا گهري ته) پالڻهار! تون مون کي ملڪ به عطا فرمايو ۽ مون کي خواب جو تعبير به سيکاريو. (اي) آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪندڙ! تون دنيا ۽ آخرت ۾ منهنجو سرپرست ۽ مالڪ آهين. مون کي (دنيا مان) اسلام تي کڻ ۽ مون کي نيڪن سان شامل ڪر. |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ أَجمَعوا أَمرَهُم وَهُم يَمكُرونَ (آيت : 102) |
(اي رسول) اهو قصو غيب جي خبرن مان آهي جنهن کي اسين تو ڏي وحي ڪريون ٿا. (تو کي معلوم ٿئي ٿو نه ته) جنهن وقت يوسف جا ڀائر پاڻ ۾ پنهنجي ڳالھ جي صلاح ڪري رهيا هئا ۽ (کيس مارڻ جو) مشورو ڪري رهيا هئا تون انهن وٽ موجود ڪين هئين. |
وَما أَكثَرُ النّاسِ وَلَو حَرَصتَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 103) |
۽ ڪيترو به گهرين پر گهڻا ماڻهو ايمان آڻڻ وارا آهن ئي ڪين. |
وَما تَسـَٔلُهُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 104) |
هوڏانهن تون انهن کان (تبليغ رسالت جو) ڪو به اجورو نٿو گهرين ۽ هي (قرآن) ته سموري جهان جي لاءِ نصيحت (ئي نصيحت) آهي. |
وَكَأَيِّن مِن ءايَةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَمُرّونَ عَلَيها وَهُم عَنها مُعرِضونَ (آيت : 105) |
پڻ آسمانن ۽ زمينن ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيتريون ئي نشانيون آهن جن کي اهي ماڻهو (رات ڏينهن) ڏسندا رهندا آهن ۽ (وري) ان کان منهن ڦيريندا رهندا اهن. |
وَما يُؤمِنُ أَكثَرُهُم بِاللَّهِ إِلّا وَهُم مُشرِكونَ (آيت : 106) |
۽ گهڻن جي ته هيءَ حالت آهي جو اهي خدا تي ته ايمان نه ٿا آڻين پر شرڪ ڪندا رهن ٿا. |
أَفَأَمِنوا أَن تَأتِيَهُم غٰشِيَةٌ مِن عَذابِ اللَّهِ أَو تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 107) |
ته ڇا کين ان ڳالھ جو ڊپ ڪونهي ته ڪو الله جو عذاب مٿن اچي پوي جو کين وڪوڙي وڃي يا مٿن اوچتو قيامت ئي اچي وڃي ۽ کين خبر به نه پوي. |
قُل هٰذِهِ سَبيلى أَدعوا إِلَى اللَّهِ عَلىٰ بَصيرَةٍ أَنا۠ وَمَنِ اتَّبَعَنى وَسُبحٰنَ اللَّهِ وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 108) |
(اي رسول) انهن کي چئو! ته منهنجو طريقو ته هي آهي جو آءُ (ماڻهن کي) خدا جي پاسي سڏيان ٿو. آءُ ۽ منهنجو تابع (ٻئي ڄڻا) پڪي (پختي) دليل تي آهيون. ۽ خدا (هر عيب ۽ نقص کان پاڪ صاف آهي ۽ آءُ مشرڪن مان نه آهيان. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم مِن أَهلِ القُرىٰ أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ اتَّقَوا أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 109) |
(اي رسول) تو کان اڳ ۾ به اسان ڳوٺن ۾ رهڻ وارن ڪجھ مردن کي (پيغمبر بنائي) پئي موڪليو آهي جو اسان مٿن وحي نازل ڪندا هئاسون. ته ڇا اهي ماڻهو روءِ زمين تي گهميا ڦريا نه آهن؟ جو غور ڪن ها ته جي ماڻهو انهن کان اڳ ٿي گذريا آهن تن جي پڇاڙي ڪئين ٿي؟ ۽ جن ماڻهن پرهيزگاري اختيار ڪئي تن لاءِ آخرت جو گهر (دنيا کان) پڪ (ڪيئي) درجا وڌيڪ آهي ڇا اهي ماڻهو نٿا ڄاڻن؟ |
حَتّىٰ إِذَا استَيـَٔسَ الرُّسُلُ وَظَنّوا أَنَّهُم قَد كُذِبوا جاءَهُم نَصرُنا فَنُجِّىَ مَن نَشاءُ وَلا يُرَدُّ بَأسُنا عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 110) |
(اڳين نبين رسالت جي تبليغ) ايتري قدر ڪئي جو جڏهن (قوم جي ايمان آڻڻ کان) مايوس ٿيا ۽ انهن ڄاتو ته کين ڪوڙو ڪيو ويو ته انهن وٽ اسان جي (خاص) مدد اچي پهتي. پوءِ اسان جنهن کي چاهيو ته نجات ڏني ۽ اسان جو عذاب گنهگار ماڻهن جي سرن کان ٽاريو نه ٿو وڃي. |
لَقَد كانَ فى قَصَصِهِم عِبرَةٌ لِأُولِى الأَلبٰبِ ما كانَ حَديثًا يُفتَرىٰ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ كُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 111) |
هن ۾ شڪ نه آهي ته انهن ماڻهن جي ڳالهين ۾ عقلمندن جي لاءِ (کليل) عبرت (۽ نصيحت) آهي. هي (قرآن) ڪا اهڙي تهڙي ڳالھ نه آهي جو (اجايو سجايو) ٺاهي وٺجي بلڪه (جي آسماني ڪتاب) هن کان اڳ ۾ موجود آهن تن جي تصديق آهي ۽ هر ڳالھ جو تفصيل پڻ ايماندارن لاءِ (ته سموري) هدايت ۽ رحمت آهي. |