الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 1) |
الٓــــرٰ کي، سَمجھٖي هِڪ سُبحان، هِي حُڪم پاڪ ڪتاب جا، جَن ۾ کُلِيل خُوب بَيان، |
إِنّا أَنزَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 2) |
اُتاريو سون اُن کي، عَربِيءَ مَنجھ زِبان، تان ڀَلارو قُرآن، پَڙِهي مانَ پِرائيو! |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ أَحسَنَ القَصَصِ بِما أَوحَينا إِلَيكَ هٰذَا القُرءانَ وَإِن كُنتَ مِن قَبلِهِ لَمِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 3) |
قِصّو، قِصّن ۾ سُهڻو، توسان ڪريون بيان، جِيئن ڪيوسون وَحِي توڏي، ڪامل! مَنجھ هِن قرآن، بي خَبرن ۾خان!، توڻي اَ ڳي هُئـِين اِن کان. |
إِذ قالَ يوسُفُ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ إِنّى رَأَيتُ أَحَدَ عَشَرَ كَوكَبًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ رَأَيتُهُم لى سٰجِدينَ (آيت : 4) |
جڏهن يوسف، بابسِ کي چيو، ته بابمِ! ڀَلارا، ته سُوٺمِ سِج ۽ چَنڊ کي، يارهن ٻِيا تارا، سَجدي ۾ سارا، مون لئي ڏِٺمِ مُورهين. |
قالَ يٰبُنَىَّ لا تَقصُص رُءياكَ عَلىٰ إِخوَتِكَ فَيَكيدوا لَكَ كَيدًا إِنَّ الشَّيطٰنَ لِلإِنسٰنِ عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 5) |
چي، پُٽمِ پَنهنجن ڀائن سان، کول نه تُنهنجو خواب، پوءِ رِٿِينِ رِٿ تولئي، ڪا خار وِچان خراب، اِبليس آدم باب، دُشمن ڌُران ئـِي پَڌرو. |
وَكَذٰلِكَ يَجتَبيكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَيُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَعَلىٰ ءالِ يَعقوبَ كَما أَتَمَّها عَلىٰ أَبَوَيكَ مِن قَبلُ إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبَّكَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 6) |
۽ اِنپر پَرور تُنهنجو،ڀَلو ڪَندئـِي بِهتر، ۽ سيکارِيندئـِي سوڻن جون، ماهِيتون مِهتر! ۽ توتي پَنهنجون نِعمتون، پُوريون ڪندو پَرور، ۽ ڪيائين ڪُٽنب يَعقوب تي، پُورِيون جِھڙِي پر، اَ ڳي تُنهنجي ٻِن اَبن، اِبراهيم، اِسحاق سِر، سَمجھندڙ سَربَسر، ڏاهو تُنهنجو ڏيھ ڌَڻِي. |
لَقَد كانَ فى يوسُفَ وَإِخوَتِهِ ءايٰتٌ لِلسّائِلينَ (آيت : 7) |
يُوسُف ۽ سَندسِ ڀائرن ۾، نِشانِي نِروار، پَڌرِي پُڇندڙن لئي، |
إِذ قالوا لَيوسُفُ وَأَخوهُ أَحَبُّ إِلىٰ أَبينا مِنّا وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنَّ أَبانا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 8) |
وَراڻيئون جِنهن وار، ته يُوسف ۽ ڀاءُ اُن جو، پَنهنجي پِيء سڳوري پار، ٻَئـِي پِيارا پاڻ کان، ۽ طاقت اَسين تڪرار، آهي بي اِختِيار، پَنهنجي پِيء، پَڌرِيءَ ڀُل ۾. |
اقتُلوا يوسُفَ أَوِ اطرَحوهُ أَرضًا يَخلُ لَكُم وَجهُ أَبيكُم وَتَكونوا مِن بَعدِهِ قَومًا صٰلِحينَ (آيت : 9) |
قَتل ڪريو يُوسُف کي، يا سَٽيوسِ سُڃ اَندر، ته مُورهِين ٿئي مُنهن پان ڏي، پَنهنجي پاڪ پِڌر، ۽ سُڌريل قوم سَڌر ، تِنهن پُڄاڻا، پاڻ ٿِيون. |
قالَ قائِلٌ مِنهُم لا تَقتُلوا يوسُفَ وَأَلقوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ يَلتَقِطهُ بَعضُ السَّيّارَةِ إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 10) |
ڪِنهن چَوندڙ چيو اُنهن مان، ته يُوسُف نه ماريو مُور، ۽ اُڇليوسِ اُونداهٖي کوه ۾، جي ڪَرڻو اَٿان ڪَلُور، ته زِنده مانَ ضرور، ڪڍيسِ، ڪو قافلو. |
قالوا يٰأَبانا ما لَكَ لا تَأمَ۫نّا عَلىٰ يوسُفَ وَإِنّا لَهُ لَنٰصِحونَ (آيت : 11) |
چي، باب! اسان تي ڀَروسو، ڇوڪرِين نَه يُوسُف ڪاڻ، ۽ اَسِين گَھڻگُھرا اُن جا، پُورا آهيون پاڻ، |
أَرسِلهُ مَعَنا غَدًا يَرتَع وَيَلعَب وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 12) |
ڇَڏِينسِ ته کيلي ۽ خُوشيون ڪري، صُباح اَسان ساڻ، ۽ پَهريدار پاڻ، اَسِين آهيون اُن تي. |
قالَ إِنّى لَيَحزُنُنى أَن تَذهَبوا بِهِ وَأَخافُ أَن يَأكُلَهُ الذِّئبُ وَأَنتُم عَنهُ غٰفِلونَ (آيت : 13) |
چي، ڳارٖيمِ اِهاڳالھ، ته مُون کان نِيوسِ، نال اوهان، ۽ بَگھڙ کائيسِ بَر۾، اِي آهٖيمِ خوف خيال، ۽ هُجو اَوهِين جِنهن حال، اَوَس اُن کان ويسلا، |
قالوا لَئِن أَكَلَهُ الذِّئبُ وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنّا إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 14) |
چي، بَگھڙ کائـِيندسِ ڪِيئَن ڀَلا!، اَسين جُنگ جَماعت گڏ، ۽ آهِيون هِيڻان هَڏ، اَسين اِهڙي حال ۾. |
فَلَمّا ذَهَبوا بِهِ وَأَجمَعوا أَن يَجعَلوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ وَأَوحَينا إِلَيهِ لَتُنَبِّئَنَّهُم بِأَمرِهِم هٰذا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 15) |
پوءِ جڏهن نِيائونسِ نال، مِڙٖيئـِي مِڙياهِن ڳالھ تي، ته اُڇلِينَس اُونداهٖي کُوھ ۾، پوءِ چَيوسونسِ اِنهيءَ چال، ته سِگھو سُڻائـِيندِين تن کي، اِهو اُنهن جو اَحوال، توکي جِنهِين حال، صَحِي سُڃاڻن ڪِين ڪِي. |
وَجاءو أَباهُم عِشاءً يَبكونَ (آيت : 16) |
۽ سَندنِ اَبي وَٽ آيا، سُور رُوئيندي شام، |
قالوا يٰأَبانا إِنّا ذَهَبنا نَستَبِقُ وَتَرَكنا يوسُفَ عِندَ مَتٰعِنا فَأَكَلَهُ الذِّئبُ وَما أَنتَ بِمُؤمِنٍ لَنا وَلَو كُنّا صٰدِقينَ (آيت : 17) |
ته بابا وِياسون راند تي، چِٽڻ تِير تَمام، يُوسُف پَنهنجن وَٿنِ وَٽ، وِهاريوسون وَريامَ! ته يُوسُف کي کائـِي وِيو، بَگھڙ ڪو بَدنام، توڻِي هُجون سَچا هُمام! ته به تون نه اسان کي، وِسَهڻون. |
وَجاءو عَلىٰ قَميصِهِ بِدَمٍ كَذِبٍ قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ وَاللَّهُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 18) |
۽ آندائون قَمِيص اُن جِي، ڪِنهن ڪُوڙٖي رَت ساڻ، چي، اَهنجي جِيَن، جَھلڪايو، ڪو ڪم اَوهان جي ڪاڻ، پوءِ صَبر آهي سُهڻو، اَئـِين، جي ڏِيو اُهڃاڻ، پَرور آهي پاڻ، ٻيلِي اِن ٻولِيءَ مَٿي. |
وَجاءَت سَيّارَةٌ فَأَرسَلوا وارِدَهُم فَأَدلىٰ دَلوَهُ قالَ يٰبُشرىٰ هٰذا غُلٰمٌ وَأَسَرّوهُ بِضٰعَةً وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 19) |
۽ ڪاهي آيو قافلو، ڪو ويجھو تِنهِين واءِ، پوءِ ماڻهو ڪو موڪليؤن، پنهنجو، پاڻيء لاءِ، کلي پَنهنجِي کُوه ۾، نيڪ کَڻِي جان ناءِ، واه ڙي!! واڌايون، ٻَھ ٻَھ! ٿو ٻولاءِ، دِلي ۾ دِلجاءِ، هِي ڇَٽِيھ لکڻُو ڇوڪرو! مخفِي رکيائونسِ مُورهِين، ڪري موڙِي مال، ۽ الله ڄاڻُو اُن جو، جيڪِي ڪن ڪُلال، |
وَشَرَوهُ بِثَمَنٍ بَخسٍ دَرٰهِمَ مَعدودَةٍ وَكانوا فيهِ مِنَ الزّٰهِدينَ (آيت : 20) |
وَرِي وِڪيائون اُن کي، ٿورٖي ناڻي نال، ۽ ڳاڻ ڳَڻيا ڪي مِصر جا، روپيا رَيال، بَها مَنجھ بَحال، هُئا گھڻو گَھٽائـِيندڙ مان. |
وَقالَ الَّذِى اشتَرىٰهُ مِن مِصرَ لِامرَأَتِهِ أَكرِمى مَثوىٰهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ وَلِنُعَلِّمَهُ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَاللَّهُ غالِبٌ عَلىٰ أَمرِهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 21) |
۽ جِنهن وَرتِس مِصر مَنجھان، تِنهن چيو، سَندسِ زال، ته چڱِي ڏِئـِيسِ جاءِ ڪا، خاطِر اِن خِيال، تان لاڀ ڏِينِئُون، سو لال، يا پاليُونسِ پُٽ ڪري. ۽ اِنپر ڏِناسون يُوسُف کي، مَنجھ مِصر ماڳ مَڪان، ۽ خُوب سيکاريون خوابن جا، تِنهن کي، باب بَيان، ۽ اَلله سَندسِ اَمر تي، آهي غالِب بي گُمان، پَر اَڪثر هِي انسان، نه سوچِينِ، سَچِيءَ ڳالھ کي. |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 22) |
۽ جڏهن پهتو پَنهنجي زور کي، ٿِيو جُنگ جُوان، ته ڏِنِي سون ڏاهپ اُن کي، پڻ عِلم ۽ عرفان، نيڪن کي نِڌان، اِن نموني نَوازيون. |
وَرٰوَدَتهُ الَّتى هُوَ فى بَيتِها عَن نَفسِهِ وَغَلَّقَتِ الأَبوٰبَ وَقالَت هَيتَ لَكَ قالَ مَعاذَ اللَّهِ إِنَّهُ رَبّى أَحسَنَ مَثواىَ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
۽ جِنهن جي گُھر ۾ گھاريئـِين تِنهن ڇِڪيَسِ پنهنجي پار، ۽ ٻَڌئـِين دَرٻَهار، چي، هِيءَ، ته تيار تولَئي. چي، اَلله ڏي پَناه مون، هُوسَندمِ سَردار، جِنهن ماڳ ڏِنِم موچار، مُوزِي نه ڇُٽنڊا مُورهِين. |
وَلَقَد هَمَّت بِهِ وَهَمَّ بِها لَولا أَن رَءا بُرهٰنَ رَبِّهِ كَذٰلِكَ لِنَصرِفَ عَنهُ السّوءَ وَالفَحشاءَ إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُخلَصينَ (آيت : 24) |
اِنپر روڪيون، اُن ڪنان، بُرافِعل، فُجور، هو مُقررّ مُور، سَندئون، سَچن ٻانهن مان. |
وَاستَبَقَا البابَ وَقَدَّت قَميصَهُ مِن دُبُرٍ وَأَلفَيا سَيِّدَها لَدَا البابِ قالَت ما جَزاءُ مَن أَرادَ بِأَهلِكَ سوءًا إِلّا أَن يُسجَنَ أَو عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 25) |
ڀَڄندي اڳ ۾ آيو، دُولہ مَٿي دَر، چولو پُٺيانسِ چِيريو؛ پڻ وَنئـِي جو وَر، دَر تي بيٺل ديکيو، پوءِ پُڪارئـِين اِن پر، ڇاهي سَزا تِنهن سَندِي، جنهن گَھاڙيو تُنهنجو گَھر؟ ڪجيس قيد مگر، يا آزارِيندڙ عَذاب ڪو. |
قالَ هِىَ رٰوَدَتنى عَن نَفسى وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن أَهلِها إِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن قُبُلٍ فَصَدَقَت وَهُوَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 26) |
چي، اِنهيءَ عورت مون کي، ڇِڪيو پَنهنجي پار، ۽ ڪِنهن شاهد ڏِني، شاهدِي، گھر سَندسِ مان ڀار، ته اِنهيء جي آبي کي، جي آهي اڳيان ڏار، پوءِ هُن صَفاسَچ چيو ۽ بِيبِيءَ مَٿي نه بار، آهي اِهو اِظهار، ڪوڙن جي قطار مان. |
وَإِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ فَكَذَبَت وَهُوَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 27) |
۽ جي ڦاٽل آهي، هُن جو، پُٺ کان پيراهن، ته ڪُوڙ ڪيو هِن، ۽ هُو آهي صَفا سَچن مان. |
فَلَمّا رَءا قَميصَهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ قالَ إِنَّهُ مِن كَيدِكُنَّ إِنَّ كَيدَكُنَّ عَظيمٌ (آيت : 28) |
پوءِ پُٺيان سَندسِ پيراهن کي، جڏهن ڏِٺائين ڏار، هِي مَڪر اوهان جو عورتون، ٻوليائين ٻِيهار، آهي وَڏو اِظهار، مَڪر اوهان جو عورتون. |
يوسُفُ أَعرِض عَن هٰذا وَاستَغفِرى لِذَنبِكِ إِنَّكِ كُنتِ مِنَ الخاطِـٔينَ (آيت : 29) |
مُنهن موڙيو يُوسُف!، هِن ڪنان، ۽ مڱ توهان مَعافي مُور، اِي ڪامڻ! سَندِئي قُصور، تون خاطِين مَنجھان خاطرِي. |
وَقالَ نِسوَةٌ فِى المَدينَةِ امرَأَتُ العَزيزِ تُرٰوِدُ فَتىٰها عَن نَفسِهِ قَد شَغَفَها حُبًّا إِنّا لَنَرىٰها فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
۽ چيو گَھراڻـيُن گام ۾، وَزِير وڏي جي زال، گُھري سَندسِ گولي کان، پَنهنجو خام خيال، محبت کان مَن اُن جو، چيرئـِين اِهڙي چال، ڀانيوسِ ٿِيون بَحال، بِلڪُل پَڌرِيءَ ڀُل ۾. |
فَلَمّا سَمِعَت بِمَكرِهِنَّ أَرسَلَت إِلَيهِنَّ وَأَعتَدَت لَهُنَّ مُتَّكَـًٔا وَءاتَت كُلَّ وٰحِدَةٍ مِنهُنَّ سِكّينًا وَقالَتِ اخرُج عَلَيهِنَّ فَلَمّا رَأَينَهُ أَكبَرنَهُ وَقَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ وَقُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما هٰذا بَشَرًا إِن هٰذا إِلّا مَلَكٌ كَريمٌ (آيت : 31) |
جَڏهن ٻُڌائـِين ٻوليون، پوءِ ڪوٺِيئـِينِ پَنهنجي پار، ۽ طُول وِهاڻا تَڪيا، ڪيئـِين تن لئي تيار، هَرهِڪ کي ڏِنئـِين اُنهن مان، ڪاتِي ڪاٽڻ هار. چي، نِڪر نِرمل! اُنهن مَٿي، پوءِ ويکــئونِس جِنهن وار، ڳَرِي ڀانيوسِ ڳالهڙِي، ٿيون سُڌٻُڌکان ٻَهار، ڪپيائون هَٿ پَنهنجا، ۽ ٻوليائون ٻِيهار، ته پاڪائـِي پَرور کي، جِنهن جوڙيو هِي جِنسار، مگر مَلڪ موچار، هِي ماڻهو ناهي مُورهين. |
قالَت فَذٰلِكُنَّ الَّذى لُمتُنَّنى فيهِ وَلَقَد رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ فَاستَعصَمَ وَلَئِن لَم يَفعَل ما ءامُرُهُ لَيُسجَنَنَّ وَلَيَكونًا مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 32) |
چي، هِي، سو اُهو لال، جِنهن تان، ڇِينڀِيان مُون کي ڇوريون، ۽ جيڏيون گُھريمِ جنهن سان، ويترئـِي وِصال، هِي سالِم ساراسال، پاڪ رکي پِيو پاڻ کي. ۽ جي نه مڃيندو مُورهين، چوانسِ جيڪاڳالھ، قيد اڄ يا ڪالھ، ۽ ٿِيندوخُوارن مان خَلق ۾. |
قالَ رَبِّ السِّجنُ أَحَبُّ إِلَىَّ مِمّا يَدعونَنى إِلَيهِ وَإِلّا تَصرِف عَنّى كَيدَهُنَّ أَصبُ إِلَيهِنَّ وَأَكُن مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 33) |
چي سانيمِ! سڏِينِمِ جيڏهين، حاڪمياڻيون حُضور؛ مُون لئي قيد، اُنهيء ڪم کان، موچارو مَنظور، مون کان، تون تن جو، جي نه ڦرِيندِين فُتور، ته مُڙندسِ تن ڏي مُور، ۽ ٿِيندسِ مُورکن مان مُورهين. |
فَاستَجابَ لَهُ رَبُّهُ فَصَرَفَ عَنهُ كَيدَهُنَّ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 34) |
پوءِ ڌَڻِي دُعا اُن جِي، ڪئـِي مِڙيئـِي مَنظور، حِيلا اُنهن جا، اُن ڪنان، هَٽايا حُضور، سو مالِڪ آهي مُور، سُڻندڙ سَمجھندڙ ڳالهيون. |
ثُمَّ بَدا لَهُم مِن بَعدِ ما رَأَوُا الءايٰتِ لَيَسجُنُنَّهُ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 35) |
جِنهن بَعد ڀَليون نِشانِيون، سوٺائون صَحِي، وَڻِينِ هِيئـِين کي هِي، ته ڪو وقت رَکنسِ قيد ۾. |
وَدَخَلَ مَعَهُ السِّجنَ فَتَيانِ قالَ أَحَدُهُما إِنّى أَرىٰنى أَعصِرُ خَمرًا وَقالَ الءاخَرُ إِنّى أَرىٰنى أَحمِلُ فَوقَ رَأسى خُبزًا تَأكُلُ الطَّيرُ مِنهُ نَبِّئنا بِتَأويلِهِ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 36) |
۽ پُوريا ساڻسِ پور ۾، ٻَه ساٿِي سزاياب، هِڪ چيو ته ڪر نِنڊ۾، نِچُوڙيان شراب، ٻئي چيو ته، مانِي ڪا مَٿمِ، کـڻان پيو مَنجھ خواب، پَٽيو کِين پکي پِيا، اُنهيءَ مان عُقاب، ڪَر تعبِير تِنهنجو، صَحِي بَرصواب، نيڪن مان نَواب!، بيشڪ توکي ڀانيون. |
قالَ لا يَأتيكُما طَعامٌ تُرزَقانِهِ إِلّا نَبَّأتُكُما بِتَأويلِهِ قَبلَ أَن يَأتِيَكُما ذٰلِكُما مِمّا عَلَّمَنى رَبّى إِنّى تَرَكتُ مِلَّةَ قَومٍ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 37) |
يُوسُف چيو، ته کائو، جو نه اِيندان اُهو طعام، ڏَسِيندسِ اوهان کي اُن جو، مَهند تِنهن کان مام، سائين جو، سيکاريمِ، اِها اُنهيء مان اِنعام، ڇَڏيمِ پَنٿ تِنهن پَهر جو، جي نه مَڃِينِ رَبُّ عَلام، پڻ آخرت کان اَظلام، اُهي مُنڪر آهِين مُورهين. |
وَاتَّبَعتُ مِلَّةَ ءاباءى إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ ما كانَ لَنا أَن نُشرِكَ بِاللَّهِ مِن شَيءٍ ذٰلِكَ مِن فَضلِ اللَّهِ عَلَينا وَعَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 38) |
۽ پنهنجي پاڪ پِيَن جِي، پڪ پرهيمِ پَر، اِبراهيم، اِسحاق ۽ يعقوب جِي، جي پارس پيغمبر، شان نه اَسان جو، ڪِنهن شئ کي، پاڙيون سِين پرور، اِي ڀلي ربَّ جي ڀال مان، اسان ۽ انسانن سِر، پر اِنسانن مان اَڪثر، نه ڳائـِين ڳُڻنِ ڳالهيون. |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ ءَأَربابٌ مُتَفَرِّقونَ خَيرٌ أَمِ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 39) |
سُڻو ساٿِي بَند جا! ته ڌَڻِي ڌارو ڌار، ڀَلابَندنِ هارِ، يا سائـِين سَٻر هيڪڙو. |
ما تَعبُدونَ مِن دونِهِ إِلّا أَسماءً سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ أَمَرَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 40) |
اوهين نه پُوڄيو اُن سَوا، مگر نام نشان، اَوهان، ۽ اوهان جي مائٽنِ، جي ٺَلها ٺاهيان ٿان، ڪا ثابتي سُبحان، اُن لئي اُتارِي ڪانڪا. حُڪم هِڪ اَلله جو، تِنهن حُڪم ڪيو حُضور، ته شيوا نه ڪريو، تِنهن سوا، دُرست اُهو دستور، پر ماڻهو گھڻا مُور، سَمجھن نَه صحِي ڳالھ کي. |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ أَمّا أَحَدُكُما فَيَسقى رَبَّهُ خَمرًا وَأَمَّا الءاخَرُ فَيُصلَبُ فَتَأكُلُ الطَّيرُ مِن رَأسِهِ قُضِىَ الأَمرُ الَّذى فيهِ تَستَفتِيانِ (آيت : 41) |
سڻو ساٿِي قيد جا! خبر اَهنجي خواب، اوهان ٻن مان هِڪڙو، پيارِيندو شراب، خادمِ پنهنجي خان کي، ٻِيو سُورِيء چڙهي شِتاب، پوءِ کِيندسِ ماس مَغز مان، اچي ڪي عُقاب، بَيان پُڇو جِنهن باب، اِهو نِياء نبيريو ويو. |
وَقالَ لِلَّذى ظَنَّ أَنَّهُ ناجٍ مِنهُمَا اذكُرنى عِندَ رَبِّكَ فَأَنسىٰهُ الشَّيطٰنُ ذِكرَ رَبِّهِ فَلَبِثَ فِى السِّجنِ بِضعَ سِنينَ (آيت : 42) |
۽ جنهن لئي ڀانئين، ته ٻن مان ڇُٽندو، تنهن کي چيائين اِهڙي چال، ته ڪَج سِندئـِي سائـِينءَ وٽ، مُنهنجِي سار سَنڀال، پوءِ شيطان سَندسِ سائـِين جِي، ڏِنيسَ وِساري ڳالھ، تِنهن سبب وَڌِيڪ سال، ڪي تان ڪاٽيئـِين قيد ۾. |
وَقالَ المَلِكُ إِنّى أَرىٰ سَبعَ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعَ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ يٰأَيُّهَا المَلَأُ أَفتونى فى رُءيٰىَ إِن كُنتُم لِلرُّءيا تَعبُرونَ (آيت : 43) |
۽ بادشاه اِن ڀَت، چيو، ته ڏِسان ٿو خواب ۾، سَت ڍَڳا مَواڙڪي، جن کي ،کِيْنِ سَت نِست، ۽ ساوا سنگ سَت ٻيا، سُڪل سَنگ پڻ سَت، خاصا! سَندمِ خواب جِي، مُون کي ڏِيو ماهِيت، آهيو جي اَلبت، خبرون ڏِيندڙ خواب جون . |
قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ وَما نَحنُ بِتَأويلِ الأَحلٰمِ بِعٰلِمينَ (آيت : 44) |
چي، آهن خالِي خواب جا، اِهي خيال خراب، پڻ خبرن، مَنجھان خواب، اَسين وَڌيڪ واقف نه آهيون. |
وَقالَ الَّذى نَجا مِنهُما وَادَّكَرَ بَعدَ أُمَّةٍ أَنا۠ أُنَبِّئُكُم بِتَأويلِهِ فَأَرسِلونِ (آيت : 45) |
تڏهن ٻن مان تنهن ٻوليو، جو اُنهن مان ٿيو آزاد، مُدت پُڄاڻا ڪيترِي، يُوسف آيو ياد، ته موڪليومِ ته مُراد، آن کي ٻُڌايان اُن جِي. |
يوسُفُ أَيُّهَا الصِّدّيقُ أَفتِنا فى سَبعِ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعِ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ لَعَلّى أَرجِعُ إِلَى النّاسِ لَعَلَّهُم يَعلَمونَ (آيت : 46) |
اي يُوسف! يار سچا، ڏي ڪامل! اسان کي ڪَل، سَڻڀا سَتابا سَت ڍڳا، تن کي کائـِينِ سَت ٿَڪل، سَت سِٽا ساواگھڻا، سَت سَنگ ٻيا سُڪل، تان ماڻهن ڏي مُرسل! موٽان، ته ڪن معلوم سي. |
قالَ تَزرَعونَ سَبعَ سِنينَ دَأَبًا فَما حَصَدتُم فَذَروهُ فى سُنبُلِهِ إِلّا قَليلًا مِمّا تَأكُلونَ (آيت : 47) |
چي، سانده سَت سال اوهين، ساري پوکيندا سَر، پوءِ جيڪي لُئان، ڇَڏيو تنهن، سَندسِ سِٽن اَندر، مگر مُختصر، جو کِيندا پَنهنجي پيٽ ۾. |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ سَبعٌ شِدادٌ يَأكُلنَ ما قَدَّمتُم لَهُنَّ إِلّا قَليلًا مِمّا تُحصِنونَ (آيت : 48) |
تِنهن کان پوءِ اَچن ورِي، ڏاڍا ست ڏُڪار، کِيندا جيڪِي ميڙيان، اَڳم اُنهن هارِ، ڪن ٿورن داڻن ڌار، جي تُخم رکو، تُخمِين سان. |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ عامٌ فيهِ يُغاثُ النّاسُ وَفيهِ يَعصِرونَ (آيت : 49) |
اُن کان پوءِ وَرھ اَچي، جِنهن ماڻِينِ، ماڻهو وَس، ۽ قِسمِين قِسمِين رَس، ڪڍندا چاڙهي چِيچڙا. |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ فَلَمّا جاءَهُ الرَّسولُ قالَ ارجِع إِلىٰ رَبِّكَ فَسـَٔلهُ ما بالُ النِّسوَةِ الّٰتى قَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ إِنَّ رَبّى بِكَيدِهِنَّ عَليمٌ (آيت : 50) |
۽ فرمايو سُلطان، ته اُن کي مون وٽ آڻيو. جڏهن وَٽِس آيو، خاطو ته چيسِ، خان، پُڇُ سَندِئـِي سائـِينءَ ڪنان، تن بِيبِين جو بيان، جن پَنهنجا هَٿ پاڻهِين ڪپيا، ٿِي حيرت ۾ حيران سانيمِ رَبّ سُبحان، ڄاڻو اُنهن جي ڄار کان. |
قالَ ما خَطبُكُنَّ إِذ رٰوَدتُنَّ يوسُفَ عَن نَفسِهِ قُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما عَلِمنا عَلَيهِ مِن سوءٍ قالَتِ امرَأَتُ العَزيزِ الـٰٔنَ حَصحَصَ الحَقُّ أَنا۠ رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ وَإِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 51) |
چي اَهنجِي ڪهڙِي ڳالھ، جڏهن يُوسف، پاڻ کي، ڪيئان وَس وِصال لئي، چي، ربَّ رکيس شال، اَثر نه ڄاتو سون اُن تي، ڪو بَدِيء جو بَحال، هاڻي حق ظاهر ٿيو، اُتو عزيز جِي زال، مون ئـِي اُنهِيءَ پاڻ کي، ٿِي ڦِسلايو فِى الحال، ۽ هِيءُ لاکيڻُو لال، سَچ پَچ، سَچ ٻولين مان. |
ذٰلِكَ لِيَعلَمَ أَنّى لَم أَخُنهُ بِالغَيبِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدى كَيدَ الخائِنينَ (آيت : 52) |
اِها صفائـِي اِن ڪري، ته خُوب ڄاڻي خان، ته ڪِنهن پر پَرپُٺ اُن جِي، ڪَيمِ خِيانت ڪانه، صاب نه وجھي سُبحان، ڪُو ڪٽ ڪُپتِين جا. |
وَما أُبَرِّئُ نَفسى إِنَّ النَّفسَ لَأَمّارَةٌ بِالسّوءِ إِلّا ما رَحِمَ رَبّى إِنَّ رَبّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 53) |
۽ پاڪ نه چايان پاڻ کي، هِي نفس نِدورو، آهي اَڀراين تي، زور ڪندڙ زورو، مگر ڪري رَبُّ رحم جو، جنهن تي، نظر نِسورو، سانيمِ سَڳورو، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀريو. |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ أَستَخلِصهُ لِنَفسى فَلَمّا كَلَّمَهُ قالَ إِنَّكَ اليَومَ لَدَينا مَكينٌ أَمينٌ (آيت : 54) |
۽ چيو بادشاه، ته اُن کي مُون وٽ آڻِيو، ته پَسند ڪريانسِ پاڻ لئي، درٻارِي درگاه، جڏهن ٻَهڳڻ ساڻسِ ٻوليون، ته چيائـِين، مان چاه، اڄ کان اَسان وٽ شاھ! عُهديدار، اَمِين تون. |
قالَ اجعَلنى عَلىٰ خَزائِنِ الأَرضِ إِنّى حَفيظٌ عَليمٌ (آيت : 55) |
ڀونءَ جي ڀانڊارن تي، ڪر خزانچِي مُون کي خان، آئون آهيان بي گمان، واهي واقِف واھ جو!. |
وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ يَتَبَوَّأُ مِنها حَيثُ يَشاءُ نُصيبُ بِرَحمَتِنا مَن نَشاءُ وَلا نُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
اِنپر ڏِنوسون يُوسف کي، مِصر ۾ مَڪان، وڻيسِ تِتي ولهارن ۾، سَير ڪري سُلطان، پهچايوسون پَنهنجِي ٻاجھ ۾؛ جنهنکي گهرون بي گمان، ۽ ڀاڙي مان ڀَلن جي، ذَرو نه ڪريون زِيان، |
وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 57) |
۽ اُنهن لئي آخرت ۾، عُمدا اَجر عيان، آندو جن اِيمان، پڻ آهِن پَلِيندا پاڻ کي. |
وَجاءَ إِخوَةُ يوسُفَ فَدَخَلوا عَلَيهِ فَعَرَفَهُم وَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 58) |
۽ آيا اَدل يُوسف جا، پوءِ پهتا وَٽسِ پاڻ، پوءِ سُڄاتنِ سُڄاڻ، ۽ هُو اَڻ سُڃاتو، اُن جا. |
وَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم قالَ ائتونى بِأَخٍ لَكُم مِن أَبيكُم أَلا تَرَونَ أَنّى أوفِى الكَيلَ وَأَنا۠ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 59) |
چي، ڀاءُ اَوهان جو آڻجو، جڏهن ڀَري ڏِنائينِ بار، جو اوهان جي اَبي مَنجھان، آهي اَوهان هارِ، ڏِسو ته اوهان کي ٿو ڏِيان، مان ڀَري موچار، ۽ خاصو خِدمت گار، آئون آيلنِ لئي آهيان. |
فَإِن لَم تَأتونى بِهِ فَلا كَيلَ لَكُم عِندى وَلا تَقرَبونِ (آيت : 60) |
مُون وَٽ، نه اُن کي، جي اَوهان آندو ساڻ، پوءِ مُون وَٽ نه آن لئي ماڻ، پڻ اوڏامُون نَه اَچجو. |
قالوا سَنُرٰوِدُ عَنهُ أَباهُ وَإِنّا لَفٰعِلونَ (آيت : 61) |
چي، گُھرنداسُونسِ، بابَسِ کان، اِهو ڪم اَسان سِر، |
وَقالَ لِفِتيٰنِهِ اجعَلوا بِضٰعَتَهُم فى رِحالِهِم لَعَلَّهُم يَعرِفونَها إِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِم لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 62) |
۽ سَندسِ سپاهِيُن کي، پاٻوهِيائـِين اِن پَر، ته رکو رقم اِنهن جي، مَنجھ ٻورن، تن ٻِيهر، جڏهين وَريا وَڳر ڏي پَنهنجي، ته سُڃاڻن، سوزَر، تان وَڃِي ڪَن ڪو وَر، اَسان تان، اِن آسري. |
فَلَمّا رَجَعوا إِلىٰ أَبيهِم قالوا يٰأَبانا مُنِعَ مِنَّا الكَيلُ فَأَرسِل مَعَنا أَخانا نَكتَل وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 63) |
موٽِي سَندنِ مائـِٽ وَٽ، جڏهن پهتا پاڻ، چيائون، ته اَبا! اَسان کان، مَنع ڪيو وِيو ماڻ، پوءِ اَدو ساسان سان ڇَڏ، ته ڀَريون اَن، سَستي اگھ ساڻ، اَسِين اُنِهيءَ ڪاڻ، هر ويلي واهِي آهيون. |
قالَ هَل ءامَنُكُم عَلَيهِ إِلّا كَما أَمِنتُكُم عَلىٰ أَخيهِ مِن قَبلُ فَاللَّهُ خَيرٌ حٰفِظًا وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 64) |
چي، آئون نه اوهان تي، اِن جو، ڪريان اِعتبار، مگر جھڙو مَهندو رکيمِ، آن تي، ڀاء سَندسِ جو بار، پوءِ خداحافِظ هيڪڙو مِڙني کان موچار، بِهتر برقرار، ۽ اُهومِڙنِئان مِهربان گھڻو. |
وَلَمّا فَتَحوا مَتٰعَهُم وَجَدوا بِضٰعَتَهُم رُدَّت إِلَيهِم قالوا يٰأَبانا ما نَبغى هٰذِهِ بِضٰعَتُنا رُدَّت إِلَينا وَنَميرُ أَهلَنا وَنَحفَظُ أَخانا وَنَزدادُ كَيلَ بَعيرٍ ذٰلِكَ كَيلٌ يَسيرٌ (آيت : 65) |
پوءِ، جڏهن کوليئون پَنهنجو بار، ته لَڌائون لاڳت پنهنجي، واپس وَرائـِي ويئـِي؛ وَراڻيئون تِنهن وار. بابا! ڀلا ڇاکپي، هي ناڻو پَنهنجو نِهار، موٽايا وِيا مهر سان، پيسا اَسان جي پار، آڻينداسون اُن ڪنان، گُذر پنهنجي گَھر ٻار، ۽ پَنهنجي ڀاءُ ڀلي تي، چونڪِي ڏِيندسون چوڌار، ۽ اُٺ وَڌيڪ آڻينداسون، ڪاهي مَنجھ قطار، آهي اِهو اِظهار، سودو سَهانگو گھڻو. |
قالَ لَن أُرسِلَهُ مَعَكُم حَتّىٰ تُؤتونِ مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ لَتَأتُنَّنى بِهِ إِلّا أَن يُحاطَ بِكُم فَلَمّا ءاتَوهُ مَوثِقَهُم قالَ اللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 66) |
چي، آئون نَه ڇَڏيان اُن کي، اَصل اوهان ساڻ، تان ڏِيو پرور پاڪ جو، پَڪو ڪو پَرياڻ، ته موٽِي آڻيدَسِ، مون وٽ، سَلامت سُڄاڻ، مگر مَجبورًا پاڻ، پِيو پَڪڙ جِي ڪِنهن ڳالھ ۾. پوءِ جڏهن ڏِٺائون اُن کي، اَلله جو اَنجام، چي، ڪريون جو ڪَلام، اَلله شاهد اُن مَٿي. |
وَقالَ يٰبَنِىَّ لا تَدخُلوا مِن بابٍ وٰحِدٍ وَادخُلوا مِن أَبوٰبٍ مُتَفَرِّقَةٍ وَما أُغنى عَنكُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَعَلَيهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 67) |
چي، پُٽڙا! نه گِھڙو هِڪ دَرکان، گِھڙو دَرن کان ڌار، ۽ آئون نه ڇَڏايان اَوهان کي، واحِد ڪنان وار، هرگز نه حُڪم ٻِئي جو، مگر مالڪ هارِ، تَوَڪَّل رکيمِ، تنهن مَٿي، سونپيمِ سڀ ڪم ڪار، ۽ تِنهن بارِي مَٿي بار، رکڻ گھرجي رَکندڙِين. |
وَلَمّا دَخَلوا مِن حَيثُ أَمَرَهُم أَبوهُم ما كانَ يُغنى عَنهُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِلّا حاجَةً فى نَفسِ يَعقوبَ قَضىٰها وَإِنَّهُ لَذو عِلمٍ لِما عَلَّمنٰهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 68) |
پوءِ، جڏهن اُتان آئـِيا، پيء چَينِ جِنهن پَر، اُنهن کان، ڪاڻ ڪرِيم جِي، نه لاٿيسِ مُورمگر، يَعقوب پورِي پاڻ ڪئـِي، جا هُيسِ هِينِئين اَندر، ۽ اُهو واقف اُن ڪنان، جِنهنجي ڪيڻسِ ڏِني سون ڪَر، پر آدمِي اَڪثر، صحِي نه سَمجھن ڳالھ کي. |
وَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَخاهُ قالَ إِنّى أَنا۠ أَخوكَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 69) |
۽ جڏهن اُهي يُوسف وَٽ، پُهتا اَچِي پاڻ، ته سَڳي ڀاءُ سَندسِ کي، سُکِي ڪيائـِين ساڻ، چي، آئون تُنهنجو آهيان، صَحِي ڀاءُ سُڄاڻ!، پوءِ، ڪَر نه غَم تِنهن ڪاڻ، هِي جي ڪندا هُئا ڪَمڙا. |
فَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم جَعَلَ السِّقايَةَ فى رَحلِ أَخيهِ ثُمَّ أَذَّنَ مُؤَذِّنٌ أَيَّتُهَا العيرُ إِنَّكُم لَسٰرِقونَ (آيت : 70) |
پوءِ جڏهن ڀَري ڏِنائين بار، ته ڀاءُ سَندسِ جي بار ۾، رکايو ڳُجھ ڳوھ ۾، وَٽو ڪو وِينجھار، ورِي هوڪو ڦيريو، هاڪاري هيڪار، اَوس چور چَڪار، اي اوٺِيڙا! آهيو. |
قالوا وَأَقبَلوا عَلَيهِم ماذا تَفقِدونَ (آيت : 71) |
پاٻوهِيائون پاڻ، ۽ ڳالهايؤن رُوبَرُو، ڇا وِڃايان؟ |
قالوا نَفقِدُ صُواعَ المَلِكِ وَلِمَن جاءَ بِهِ حِملُ بَعيرٍ وَأَنا۠ بِهِ زَعيمٌ (آيت : 72) |
وِڃايو سُون، مِير مِصر جو ماڻ، ۽ آڻِيندو جو اُن کي، اُن جو اُٺ اُنهِيء ڪاڻ، ۽ آئون اُنِهيءَ ساڻ، ٻولين ٻَڌل آهيان. |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد عَلِمتُم ما جِئنا لِنُفسِدَ فِى الأَرضِ وَما كُنّا سٰرِقينَ (آيت : 73) |
چيائون ته قسم ڪلتار، معلوم اوهان کي مُورِهين، نه آياسون ته ڀُون بِگيڙيون، ۽ نه آهِيون چورچَڪار، |
قالوا فَما جَزٰؤُهُ إِن كُنتُم كٰذِبينَ (آيت : 74) |
۽ چي، ڪِهڙي تِنهنجِي ڪار، جي ڪُوڙا ٿِيا قول ۾. |
قالوا جَزٰؤُهُ مَن وُجِدَ فى رَحلِهِ فَهُوَ جَزٰؤُهُ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 75) |
چي، لَڌو جِنهن جي لَڏ ۾، تِنهن ڪارڻ اِهاڪار، اُهو پاڻ اُنِهيء جو پار، اِئين بَدلو بيداين ڏِيون. |
فَبَدَأَ بِأَوعِيَتِهِم قَبلَ وِعاءِ أَخيهِ ثُمَّ استَخرَجَها مِن وِعاءِ أَخيهِ كَذٰلِكَ كِدنا لِيوسُفَ ما كانَ لِيَأخُذَ أَخاهُ فى دينِ المَلِكِ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ وَفَوقَ كُلِّ ذى عِلمٍ عَليمٌ (آيت : 76) |
جانچيئين اُنهن جو بار، اڳ ڀاڻسِ جي بار کان، ورِي لَڌو ڀاڻسِ جي بار مان، سو ٽويو ٽِيلهيدار، اِنپر رِٿي سون يُوسف لئي، نه ته ڀاڻسِ کي ڀَلار، نه وَٺِي هارا جا رِيت ۾، مگر گُھري غَفّار، وڻي تِنهن کي وَڏا ڏيون، دَرجا دِلقرار، ۽ آهي سمجھدار، سڀ ڪِنهن سَمجھدار مٿان. |
قالوا إِن يَسرِق فَقَد سَرَقَ أَخٌ لَهُ مِن قَبلُ فَأَسَرَّها يوسُفُ فى نَفسِهِ وَلَم يُبدِها لَهُم قالَ أَنتُم شَرٌّ مَكانًا وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما تَصِفونَ (آيت : 77) |
چيائون اِهڙِي چال، جي هِن چورِي، هِيءَ ڪئـِي، ته چوري ڪئـِي، اِنهيان اڳي، سَندسِ ڀاء بَحال، يُوسف سَندسِ جان ۾، گُھجِهي رکي سا ڳالھ، ۽ ذَرو ظاهر نه ڪئـِي، تَن سان حقِيقت حال، چي اَوهين بِلڪُل بُڇڙا، پاڙي مَنجھ پيمال!، ۽ جيڪِي چَئو چَپن نال، واحِد واقِف اُن ڪنان |
قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ إِنَّ لَهُ أَبًا شَيخًا كَبيرًا فَخُذ أَحَدَنا مَكانَهُ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 78) |
چي، آهي عزيز! اُن جو، والد وڏِي ڄَمار، پوءِ اَسان مان، اِن بجاءِ، هِڪ جَھل جوابدار، توکي، اَسِين تڪرار، ڀاليرن مان ڀائـِيون. |
قالَ مَعاذَ اللَّهِ أَن نَأخُذَ إِلّا مَن وَجَدنا مَتٰعَنا عِندَهُ إِنّا إِذًا لَظٰلِمونَ (آيت : 79) |
چي، رکي شال ربُّ، ته اسين وِجھون ٻِئي کي وَٽ، مگر ڀاتوسون پَنهنجو، وَٽِ جِنهن وَٽ، تَڏهن ته اَسِين نِپٽ، آزارِيندڙ آهيون. |
فَلَمَّا استَيـَٔسوا مِنهُ خَلَصوا نَجِيًّا قالَ كَبيرُهُم أَلَم تَعلَموا أَنَّ أَباكُم قَد أَخَذَ عَلَيكُم مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ وَمِن قَبلُ ما فَرَّطتُم فى يوسُفَ فَلَن أَبرَحَ الأَرضَ حَتّىٰ يَأذَنَ لى أَبى أَو يَحكُمَ اللَّهُ لى وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 80) |
پوءِ، وانجِھياجِنهن وار، ته ٿيا نيڪ نويڪلا، ڪرڻ لڳاڪُنڊ ۾، ويچارا وِيچار، وَڏي سَندنِ وَراڻيو، ڇا اَٿان نه سماچار؟ وَرتا قسم ڪلتار، پِيء پَنهنجي، پاڻ کان. پڻ بابت ڀاءُ يُوسف جي، ڪَيئان اڳ قُصور، اَبو نه اِجازت ڏيمِ، تان مِصر نه ڇَڏيان مُور، يا فرمائي مُنهنجو فيصلو، پَرورپاڪ حُضور، ۽ الله آهي ضَرور، فائـِق فيصلن ۾. |
ارجِعوا إِلىٰ أَبيكُم فَقولوا يٰأَبانا إِنَّ ابنَكَ سَرَقَ وَما شَهِدنا إِلّا بِما عَلِمنا وَما كُنّا لِلغَيبِ حٰفِظينَ (آيت : 81) |
موٽو پنهنجي مائٽ ڏي، پوءِ چئو ته اَباجان!، تُنهنجي پٽ چورِي ڪئـِي، ۽ ساک اسان کي ڪانه، مگر جو معلوم ٿيو، اسان کي عيان، ۽ پَرپُٺ پاسبان، هرگز هُئاسون ڪِين ڪِي. |
وَسـَٔلِ القَريَةَ الَّتى كُنّا فيها وَالعيرَ الَّتى أَقبَلنا فيها وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 82) |
۽ ڳالھ پُڇ، تِنهن ڳوٺ کان، جِنهن ۾ هُئاسِين، يا قافلي قَطار کان، جِنهن ۾ آياسِين، ۽ آهيون سَچا اَسين، بلڪل اِن بَيان ۾. |
قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ عَسَى اللَّهُ أَن يَأتِيَنى بِهِم جَميعًا إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 83) |
پاٻوهِيائـِين پاڻ، ته جائـِي جِيَنِ اوهان جي، صُورت ۾ سينگاريو، ڪو ڪم اوهان جي ڪاڻ، پوءِ صبر آهي سُهڻو، هر حالت ۾ هاڻ، آسرو اَلله ۾، ته مون وٽ، سڀ آڻيندو ساڻ، سوئـِي سُرت سُڄاڻ، پڻ حِڪمتِي هُشيار گھڻو. |
وَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰأَسَفىٰ عَلىٰ يوسُفَ وَابيَضَّت عَيناهُ مِنَ الحُزنِ فَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 84) |
مُنهن موڙيئـِين اُنهن ڪنان، چي، يُوسف جو ارمان!، اَڇاٿِيا اَرمان کان، اُن جا، عينَ عيان، هُئو سو حيران، ڳِڙڪائـِيندڙ ڳَـڻـتِيون. |
قالوا تَاللَّهِ تَفتَؤُا۟ تَذكُرُ يوسُفَ حَتّىٰ تَكونَ حَرَضًا أَو تَكونَ مِنَ الهٰلِكينَ (آيت : 85) |
چي، قَسم رَبَّ، ڪرِيم جو، پيو يوسف ڪرِين ياد، تان بِنہ ٿِئـِين برباد، يامُئلنِ مان مُورهِين. |
قالَ إِنَّما أَشكوا بَثّى وَحُزنى إِلَى اللَّهِ وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 86) |
چي، وِره، وِڇوڙو پَنهنجو، سَلان سائـِين ساڻ، ۽ اُهو نه اوهان کي ڄاڻ، جيڪِي ڄاڻان ڄاڻڻهار کان. |
يٰبَنِىَّ اذهَبوا فَتَحَسَّسوا مِن يوسُفَ وَأَخيهِ وَلا تَا۟يـَٔسوا مِن رَوحِ اللَّهِ إِنَّهُ لا يَا۟يـَٔسُ مِن رَوحِ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الكٰفِرونَ (آيت : 87) |
چي، پُٽڙا!، وَڃو ڳوليو، يُوسف ۽ سندسِ ڀاءُ، رَکو، نه ربَّ جِي رَحم ۾، نا اُميدِي ڪا، ربَّ پاڪ جي رَحم جِي، آهي ڳالھ اِها، ته ڪافِر قوم سوا، اَصل نه لاهِن آسرو، |
فَلَمّا دَخَلوا عَلَيهِ قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ مَسَّنا وَأَهلَنَا الضُّرُّ وَجِئنا بِبِضٰعَةٍ مُزجىٰةٍ فَأَوفِ لَنَا الكَيلَ وَتَصَدَّق عَلَينا إِنَّ اللَّهَ يَجزِى المُتَصَدِّقينَ (آيت : 88) |
پوءِ جَڏهن وَٽسِ وَرِي آيا، ته چيائون اِهڙي چال، ته راجا! رَسيو سُون رَنج وڏو، پڻ اسان جي عيال، ۽ آندو اَٿئون ٿورڙو، نُول ناڻُو نال، پوءِ ڀَر برابر اسان لئي، پڻ ڪر ڀَلايون ڀال، ڀَلو ڪري بحال، ڏاتار ڏِيندڙن جو. |
قالَ هَل عَلِمتُم ما فَعَلتُم بِيوسُفَ وَأَخيهِ إِذ أَنتُم جٰهِلونَ (آيت : 89) |
چي، هَيئان ڪِي هِينئـِين سان، اِها ڳُجھڙِي ڳالھ؟ يُوسُف ۽ ڀاڻِس سِين، جيڪي ڪَيئان ڪالھ، هُئا مَنجھ جِنهن حال، اَوهين مُورک مُورهين. |
قالوا أَءِنَّكَ لَأَنتَ يوسُفُ قالَ أَنا۠ يوسُفُ وَهٰذا أَخى قَد مَنَّ اللَّهُ عَلَينا إِنَّهُ مَن يَتَّقِ وَيَصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 90) |
چي، تون ڪِ يُوسف پاڻ؟ چي، آءٌ يُوسف، هِيءُ ڀاءُ مون، اَلله پاڪ اَسان مَٿي، ڪيا وَڙ وَڏاڻ، جو ڊڄِي ۽ ڊاءِ ڌڻي جي، سَهي صَبر ساڻ، پوءِ ڏاتار، نيڪن ڏاڻ، ذَرو ضايع ڪِين ڪري. |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد ءاثَرَكَ اللَّهُ عَلَينا وَإِن كُنّا لَخٰطِـٔينَ (آيت : 91) |
چي، سائينءَ جو سوڳنڌ، توکي، اَسان کان، توڙ کان، ڪيو خاصو خُداوند، ۽ اَسِين خاطِي، هُئاسون خاطرِي. |
قالَ لا تَثريبَ عَلَيكُمُ اليَومَ يَغفِرُ اللَّهُ لَكُم وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 92) |
چي، اَوهان مَٿي، ناهي ڪا، مُورهِين اَڄ مَيار، بَخشِيندان بَخشڻهار ۽ اُهو مِڙنِئان مِهربان گھڻو. |
اذهَبوا بِقَميصى هٰذا فَأَلقوهُ عَلىٰ وَجهِ أَبى يَأتِ بَصيرًا وَأتونى بِأَهلِكُم أَجمَعينَ (آيت : 93) |
هِيء ______ مُنهنجو، موٽِي نِيو مُور، پوءِاُڇليوسِ اَبي جي مُنهن تان، ته ٿِـئيسِ نظر نُور، ۽ آڻِيو وَٽمِ اَهڳور!، پَنهنجي ساري ساٿ کي. 301 |
وَلَمّا فَصَلَتِ العيرُ قالَ أَبوهُم إِنّى لَأَجِدُ ريحَ يوسُفَ لَولا أَن تُفَنِّدونِ (آيت : 94) |
۽ جڏهن نِڪتو قَافلُو، ته بابنِ ڪيو بَيان، بيئسڪ بوءِ يوسف جِي، اچيم ٿي عيان، جيڪر اي جوان!، مون کي، چَريو ائـِين نه چَئو. |
قالوا تَاللَّهِ إِنَّكَ لَفى ضَلٰلِكَ القَديمِ (آيت : 95) |
چيائون قسم ڪلتار، تون بلڪل پُراڻِيءَ ڀل ۾، |
فَلَمّا أَن جاءَ البَشيرُ أَلقىٰهُ عَلىٰ وَجهِهِ فَارتَدَّ بَصيرًا قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 96) |
پوءِجَڏهن کِيانتو آئيو، کَڻِي خبر چار، پوءِ اَڇلئـِينس اُن جي، مُنهن تان، ته ٿيو نِهارو نروار، چي، آنکي ڇا اڳم، ٻوليمِ ڪِين ٻِيهار؟ ته پاران پالڻهار، جيڪي ڄاڻان، ڄاڻو ڪِين سو. |
قالوا يٰأَبانَا استَغفِر لَنا ذُنوبَنا إِنّا كُنّا خٰطِـٔينَ (آيت : 97) |
چي، بابا!بَخشاءِ اَسان جا، تون بَديون ۽ بار، هُئاسون هَموار، خاطِي اَسِين خاطرِي. |
قالَ سَوفَ أَستَغفِرُ لَكُم رَبّى إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 98) |
چي، سِگھو گُھرندسِ سائـِين کان، مَعافِي آن لئي مُور، هرگز پاڪ حُضور، اُومَرهِيندڙ ۽ مِهرڀريو. |
فَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَبَوَيهِ وَقالَ ادخُلوا مِصرَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ (آيت : 99) |
پوءِ يُوسُف وَٽ جِنهن وار،ساٿ سلامت آئـِيو، گوهر گَلي لايا، پِيَسِ، ساڻ پيار، چي، گِھڙو مِصر ۾ اَمن سان، اِنشاءَ الله هارِ، |
وَرَفَعَ أَبَوَيهِ عَلَى العَرشِ وَخَرّوا لَهُ سُجَّدًا وَقالَ يٰأَبَتِ هٰذا تَأويلُ رُءيٰىَ مِن قَبلُ قَد جَعَلَها رَبّى حَقًّا وَقَد أَحسَنَ بى إِذ أَخرَجَنى مِنَ السِّجنِ وَجاءَ بِكُم مِنَ البَدوِ مِن بَعدِ أَن نَزَغَ الشَّيطٰنُ بَينى وَبَينَ إِخوَتى إِنَّ رَبّى لَطيفٌ لِما يَشاءُ إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 100) |
۽ گڏ وهاريئـِين گادِيء تي، مائـِٽ سَندسِ موچار، ۽ ڪِريا برقرار، سَڀ ٿِي سَلامِي اُن جا. چي، اَبا! سوڻمِ، اڳـئين جو، آهي اِي تعبير، سچو ڪيو تِنهن کي، سانيمِ، ربَّ سُڌير، ۽ قيدان ڪَڍيمِ قَدِير، جڏهن ڀلي مون تي ڀال ڪيا. آن کي آندو ٻَهر کان، مَنجھ مِصر مِهربان، جِنهن بعد، مون ۽ ڀائن ۾، شور وِڌو شيطان، وَڻيسِ تِنهن سان، وَڙ ڪري، سانيمِ رَبُّ سُبحان، داناءُ، سودَيَّان، پڻ حِڪمتي هوشيار گھڻو. |
رَبِّ قَد ءاتَيتَنى مِنَ المُلكِ وَعَلَّمتَنى مِن تَأويلِ الأَحاديثِ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنتَ وَلِيّۦ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ تَوَفَّنى مُسلِمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 101) |
مُنهنجا مولىٰ!، مُلڪ مان، تو دانا ڏِنمِ دان، پڻ سيکارينَمِ سُوڻن جا، مَطلب مِهربان، تون اُپائيندڙ اُڀن جو، پڻ ڀُؤنء جو بي گمان، تون مددگار مُنهنجو، مَنجھ هِن ۽ هُن جھان، مارجينمِ مُسلمان، پڻ موچارن سان مٖيڙ مُون. |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ أَجمَعوا أَمرَهُم وَهُم يَمكُرونَ (آيت : 102) |
اِهي ڳالهيون ڳُجھ جون، توڏي موڪليون ٿا مير! ۽ جڏهن ڪَٺي ٿيا، سَندنِ ڪم تي، نه هُئين وَٽنِ تون وير!، ۽ جڏهن سِٽينَ منجھ سرِير، سِٽائون سِٽائـِڻيون. |
وَما أَكثَرُ النّاسِ وَلَو حَرَصتَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 103) |
۽ ماڻهون گھڻامورهِين، نه آڻيندا ايمان، ۽ توڻِي خواهش خان!، ڪرِين تون ڪيترِي. |
وَما تَسـَٔلُهُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 104) |
۽ اُنهن کان عِوض اُن جو، نه مير! مڱِين تون مُور، هِيء ناهي، مگر مَذڪُور، جُملي جَھانن لئي. |
وَكَأَيِّن مِن ءايَةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَمُرّونَ عَلَيها وَهُم عَنها مُعرِضونَ (آيت : 105) |
۽ آهن اَڀن، ۽ ڀُون ۾، ڪئين قُدرتون ڪَلتار، آڏي ڪَنڌ اُن کان، لنگِھينِ لڳا تار، |
وَما يُؤمِنُ أَكثَرُهُم بِاللَّهِ إِلّا وَهُم مُشرِكونَ (آيت : 106) |
۽ اُنهن مان، گھڻااَلله ۾، نه آڻِين اِعتبار، مَگر مَنجھ ڪم ڪار، گھڻا گڏينِ، اُن سان. |
أَفَأَمِنوا أَن تَأتِيَهُم غٰشِيَةٌ مِن عَذابِ اللَّهِ أَو تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 107) |
ڇا؟ اَمن مِليئان ان کان، ته اچي اوهان سر، اَلله جي عذاب ما، ڪا ڇايا ڇِپَ چَپر، يا پَروڙيو نه ڪِنهن پر، ته اچي قِيامَت اوچتِي. |
قُل هٰذِهِ سَبيلى أَدعوا إِلَى اللَّهِ عَلىٰ بَصيرَةٍ أَنا۠ وَمَنِ اتَّبَعَنى وَسُبحٰنَ اللَّهِ وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 108) |
چئو هِي ڌُران مُنهنجو ڌيڙ، ڏيٺ مَٿي، ڏاتار ڏي، آءٌ سَڏيان ۽ مُنهنجي پُٺيان، هليو جيڪو ميڙ، ۽ قادِر پاڪ، ڪنان ڪٖيڙ، ۽ آئون نَه مُشرڪن مان مُورهين. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم مِن أَهلِ القُرىٰ أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ اتَّقَوا أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 109) |
۽ نه موڪلياسون مَهند توئان ، مگر مَرد مُنِير، وَهڻائـِي وارن مان، تن ڏي، وَحي ڪريو ٿا ويرَ! ڇاڀُون نه گُھميا ڀورڙا؟ پوءِ سوچِينِ مَنجھ سَرِير، ته اڳينِ ساڻ اَخِير، ڪِهڙِي قَهرِي ڪار ٿِيئـِي بيشڪ ڀلو انهن لئي، آهي آخِر گھر، جي ڪَنبيا قادِر ڀَر، پوءِ ڇو پُرجھو ڪِين ٿا؟ |
حَتّىٰ إِذَا استَيـَٔسَ الرُّسُلُ وَظَنّوا أَنَّهُم قَد كُذِبوا جاءَهُم نَصرُنا فَنُجِّىَ مَن نَشاءُ وَلا يُرَدُّ بَأسُنا عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 110) |
تان جڏهن ويٺا وانجھجِي، مُرسل مِهربان، ۽ ڪَيائون گُمان، ته ڪوڙو کِينِ ڪوٺيو وِيو. تڏهن آئـِي اُنهن کي، اَسان جي آڌار، پوءِ وَڻي ڪريون اُن کي، آجو ڪَنان آزار، ۽ ٽاري نَه ٽولي، بَد مٿان، طاقت ڪا تڪرار، حِيلن سان هزار، اَسان جي عذاب کي. |
لَقَد كانَ فى قَصَصِهِم عِبرَةٌ لِأُولِى الأَلبٰبِ ما كانَ حَديثًا يُفتَرىٰ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ كُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 111) |
عِبرت اُنهن جي، قِصن ۾، مَت ڌَڻِيَن لئي مُور، جُڙتو جوڙيو، جو وَڃي، سو مُور نَه هِي مَذڪور، پَرَ اُن کان پِهريَن جِي، پُورِي پَرک پَروڙ، ۽ صَفائـِي سَڀ ڳالھ جِي، ۽ هدايت حضور، بَخشش پڻ ڀَرپُور، جي سَمجھنِ سَچ، تَنهن ساڀ لئي. |