الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 1) |
الر. اهي ظاهر ڪتاب جون آيتون آهن. |
إِنّا أَنزَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 2) |
بيشڪ اسان عربي (زبان) ۾ قرآن لاٿو آهي مَنَ اوهين سمجهو. |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ أَحسَنَ القَصَصِ بِما أَوحَينا إِلَيكَ هٰذَا القُرءانَ وَإِن كُنتَ مِن قَبلِهِ لَمِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 3) |
(اي پيغمبر!) اسين توڏي هن قرآن جي موڪلڻ سان توکي تمام چڱو بيان ٻڌايون ٿا.۽ بيشڪ هن کان اڳ تون بي خبرن مان هئين. |
إِذ قالَ يوسُفُ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ إِنّى رَأَيتُ أَحَدَ عَشَرَ كَوكَبًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ رَأَيتُهُم لى سٰجِدينَ (آيت : 4) |
(اهو وقت ياد ڪر) جڏهن يوسف پنهنجي پيءَ کي چيو ته اي بابا! مون خواب ۾ يارهن تارن ۽ سج ۽ چنڊ کي ڏٺو آهي مون انهن کي پنهنجي سامهون سجدو ڪندي ڏٺو. |
قالَ يٰبُنَىَّ لا تَقصُص رُءياكَ عَلىٰ إِخوَتِكَ فَيَكيدوا لَكَ كَيدًا إِنَّ الشَّيطٰنَ لِلإِنسٰنِ عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 5) |
(يعقوب) چيو ته اي منهنجا پٽڙا! پنهنجو خواب پنهنجن ڀائرن وٽ بيان نه ڪج نه ته توسان برائي ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪندا. بيشڪ شيطان انسان جو پڌرو دشمن آهي. |
وَكَذٰلِكَ يَجتَبيكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَيُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَعَلىٰ ءالِ يَعقوبَ كَما أَتَمَّها عَلىٰ أَبَوَيكَ مِن قَبلُ إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبَّكَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 6) |
۽ اهڙيءَ طرح تنهنجو پاليندڙ توکي پسند ڪندو ۽ توکي ڳالهين جو مطلب بيان ڪرڻ سيکاريندو ۽ توتي ۽ يعقوب جي اولاد تي پنهنجي نعمت پوري ڪندو جيئن هن کان اڳ تنهنجن ابن ڏاڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي ان کي پورو ڪيائين. بيشڪ تنهنجو پاليندڙ (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
لَقَد كانَ فى يوسُفَ وَإِخوَتِهِ ءايٰتٌ لِلسّائِلينَ (آيت : 7) |
بيشڪ يوسف ۽ سندس ڀائرن (جي بيان) ۾ پڇڻ وارن لاءِ نشانيون آهن. |
إِذ قالوا لَيوسُفُ وَأَخوهُ أَحَبُّ إِلىٰ أَبينا مِنّا وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنَّ أَبانا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 8) |
جڏهن انهن چيو ته يوسف ۽ سندس ڀاءُ اسان جي پيءُ وٽ اسان کان زياده پيارا آهن هوڏانهن اسين زبردست جماعت آهيون. بيشڪ اسان جو پيءُ پڌري گمراهيءَ ۾ آهي. |
اقتُلوا يوسُفَ أَوِ اطرَحوهُ أَرضًا يَخلُ لَكُم وَجهُ أَبيكُم وَتَكونوا مِن بَعدِهِ قَومًا صٰلِحينَ (آيت : 9) |
يوسف کي قتل ڪريو يا کيس ڪنهن زمين ۾ اڇلايو ته اوهان جي پيءُ جو منهن رڳو اوهان ڏي ئي ٿئي ۽ اوهين ان کان پوءِ سڌريل ماڻهو ٿيو. |
قالَ قائِلٌ مِنهُم لا تَقتُلوا يوسُفَ وَأَلقوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ يَلتَقِطهُ بَعضُ السَّيّارَةِ إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 10) |
انهن مان هڪ ڳالهائيندڙ چيو ته يوسف کي قتل نه ڪريو ۽ کيس کوهه جي تري ۾ اڇليو ته ان کي ڪي مسافر کڻي وڃن جيڪڏهن اوهين (ڪجهه) ڪرڻ وارا آهيو (ته ائين ڪريو). |
قالوا يٰأَبانا ما لَكَ لا تَأمَ۫نّا عَلىٰ يوسُفَ وَإِنّا لَهُ لَنٰصِحونَ (آيت : 11) |
انهن چيو ته اي اسان جا پيءُ! توکي ڇا ٿيو آهي جو تون يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نه ٿو ڪرين ۽ اسين سندس خيرخواهه آهيون. |
أَرسِلهُ مَعَنا غَدًا يَرتَع وَيَلعَب وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 12) |
سڀاڻ کيس اسان سان گڏ موڪل ته خوب کائي ۽ کيڏي ۽ اسين ان جا نگهبان آهيون. |
قالَ إِنّى لَيَحزُنُنى أَن تَذهَبوا بِهِ وَأَخافُ أَن يَأكُلَهُ الذِّئبُ وَأَنتُم عَنهُ غٰفِلونَ (آيت : 13) |
يعقوب چيو ته اوهان جو ان کي وٺي وڃڻ مون کي ڏکيو ٿو لڳي ۽ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان کيس بگهڙ کائي ۽ اوهين ان کان بي خبر هجو. |
قالوا لَئِن أَكَلَهُ الذِّئبُ وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنّا إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 14) |
انهن چيو ته جيڪڏهن ان کي بگهڙ کاڌو هوڏانهن اسين (زبردست) جماعت آهيون ته اسين ان وقت نقصان وارا آهيون. |
فَلَمّا ذَهَبوا بِهِ وَأَجمَعوا أَن يَجعَلوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ وَأَوحَينا إِلَيهِ لَتُنَبِّئَنَّهُم بِأَمرِهِم هٰذا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 15) |
پوءِ جڏهن ان کي وٺي ويا ۽ ان کي کوهه جي تري ۾ (ڦٽو) ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيائون ۽ اسان ان ڏي وحي ڪئي ته تون انهن کي سندن هن ڪم جي خبر ڏيندين ۽ اهي (توکي ان وقت) نه سڃاڻي سگهندا. |
وَجاءو أَباهُم عِشاءً يَبكونَ (آيت : 16) |
۽ اهي پنهنجي پيءُ وٽ رات جو روئندا آيا. |
قالوا يٰأَبانا إِنّا ذَهَبنا نَستَبِقُ وَتَرَكنا يوسُفَ عِندَ مَتٰعِنا فَأَكَلَهُ الذِّئبُ وَما أَنتَ بِمُؤمِنٍ لَنا وَلَو كُنّا صٰدِقينَ (آيت : 17) |
چيائون ته اي اسان جا پيءُ! اسين گڏجي ڊوڙ پورائڻ لڳاسون ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسون پوءِ ان کي بگهڙ کاڌو. ۽ تون اسان تي يقين ڪونه ڪندين توڙي اسين سچا هجون. |
وَجاءو عَلىٰ قَميصِهِ بِدَمٍ كَذِبٍ قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ وَاللَّهُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 18) |
۽ اهي ان جي قميص تي ڪوڙو رت لڳائي کڻي آيا. يعقوب چيو ته (ائين نه آهي) پر اوهان جي نفسن اوهان کي هڪ ڳالهه چڱي ڪري ڏيکاري آهي پوءِ صبر ڪرڻ ئي چڱو آهي. ۽ جيڪي اوهين بيان ٿا ڪريو تنهن تي الله کان مدد گهران ٿو. |
وَجاءَت سَيّارَةٌ فَأَرسَلوا وارِدَهُم فَأَدلىٰ دَلوَهُ قالَ يٰبُشرىٰ هٰذا غُلٰمٌ وَأَسَرّوهُ بِضٰعَةً وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 19) |
۽ هڪ قافلو آيو پوءِ انهن پنهنجي پاڻي ڀرڻ واري کي موڪليو پوءِ ان پنهنجو ڏول وڌو، چيائين ڪهڙي خوشيءَ جي ڳالهه آهي هي ڇوڪرو آهي! ۽ ان کي واپار جو مال ٺهرائي لڪايائون. هوڏانهن جيڪي پئي ڪيائون تنهن کي الله ڄاڻندڙ آهي. |
وَشَرَوهُ بِثَمَنٍ بَخسٍ دَرٰهِمَ مَعدودَةٍ وَكانوا فيهِ مِنَ الزّٰهِدينَ (آيت : 20) |
۽ ان کي انهن وڪيو گهٽ قيمت تي جي ڳڻيل پائليون هيون. ۽ اهي ان کان بيزار ٿي رهيا هئا. |
وَقالَ الَّذِى اشتَرىٰهُ مِن مِصرَ لِامرَأَتِهِ أَكرِمى مَثوىٰهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ وَلِنُعَلِّمَهُ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَاللَّهُ غالِبٌ عَلىٰ أَمرِهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 21) |
۽ مصر مان جنهن ان کي خريد ڪيو تنهن پنهنجي زال کي چيو ته هن کي عزت سان رک! مَنَ اسان کي فائدو ڏئي يا اسين ان کي پٽيلو ڪري رکون. ۽ اهڙي طرح اسان يوسف کي ان ملڪ ۾ طاقت ڏني ۽ هن لاءِ ته اسين ان کي ڳالهين جو مطلب بيان ڪرڻ سيکاريون. ۽ الله پنهنجي ڪم تي غالب آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 22) |
۽جڏهن (يوسف) پنهنجي طاقت کي پهتو ته اسان کيس حڪم ۽ علم ڏنو. ۽ اهڙي طرح اسين نيڪي ڪندڙن کي بدلو ڏيون ٿا |
وَرٰوَدَتهُ الَّتى هُوَ فى بَيتِها عَن نَفسِهِ وَغَلَّقَتِ الأَبوٰبَ وَقالَت هَيتَ لَكَ قالَ مَعاذَ اللَّهِ إِنَّهُ رَبّى أَحسَنَ مَثواىَ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
۽ اهو جنهن (زال) جي گهر ۾ هو تنهن ان کي پنهنجي هوس پوري ڪرڻ لاءِ لالچايو ۽ دروازا بند ڪيائين ۽ چوڻ لڳي ته (ويجهو) اچ. يوسف چيو ته الله جي پناهه (ٿو گهران) بيشڪ اهو (تنهنجو مرد) منهنجو مُربّي آهي مون کي چڱي طرح رکيو اٿس. بيشڪ ڳالهه هيءَ آهي ته ظالم ڪامياب نه آهن. |
وَلَقَد هَمَّت بِهِ وَهَمَّ بِها لَولا أَن رَءا بُرهٰنَ رَبِّهِ كَذٰلِكَ لِنَصرِفَ عَنهُ السّوءَ وَالفَحشاءَ إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُخلَصينَ (آيت : 24) |
۽ بيشڪ زال ان جو ارادو ڪيو. ۽ ان زال جو ارادو ڪيو، جيڪڏهن پنهنجي پاليندڙ جو دليل نه ڏسي ها(ته اهو ڪم ڪري ها) اهڙيءَ طرح (دليل ڏيکاريوسون) ته جيئن ان کان برائي ۽ بي حيائي کي ڦيريون. بيشڪ اهو اسان جي پسند ڪيل ٻانهن مان هو. |
وَاستَبَقَا البابَ وَقَدَّت قَميصَهُ مِن دُبُرٍ وَأَلفَيا سَيِّدَها لَدَا البابِ قالَت ما جَزاءُ مَن أَرادَ بِأَهلِكَ سوءًا إِلّا أَن يُسجَنَ أَو عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 25) |
۽ ٻئي دروازي ڏي ڊوڙيا ۽ زال ان جي قميص کي پٺيءَ کان ڦاڙيو ۽ انهن ٻنهين دروازي وٽ (ان) زال جي مڙس کي ڏٺو. چوڻ لڳي ته جنهن تنهنجي گهر وارن سان برائيءَ جو ارادو ڪيو تنهنجي سزا ان کي قيد ڪرڻ يا درد ناڪ عذاب کان سواءِ ٻي ڪابه نه آهي. |
قالَ هِىَ رٰوَدَتنى عَن نَفسى وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن أَهلِها إِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن قُبُلٍ فَصَدَقَت وَهُوَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 26) |
يوسف چيو ته هن ئي مونکي پنهنجي هوس پوري ڪرڻ لاءِ لالچايو ۽ زال جي گهر جي ڀاتين مان هڪ شاهد شاهدي ڏني ته جيڪڏهن ان جي قميص اڳ کان ڦاٽي آهي ته اها سچي آهي ۽ اهو ڪوڙن مان آهي. |
وَإِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ فَكَذَبَت وَهُوَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 27) |
۽ جيڪڏهن ان جي قميص پٺ کان ڦاٽي آهي ته زال ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ اهو سچن مان آهي. |
فَلَمّا رَءا قَميصَهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ قالَ إِنَّهُ مِن كَيدِكُنَّ إِنَّ كَيدَكُنَّ عَظيمٌ (آيت : 28) |
پوءِ جڏهن ان جي قميص کي پٺيءَ کان ڦاٽل ڏٺائين ته چيائين ته اهو اوهان (زالن) جي مڪرن مان (هڪ مڪر) آهي. بيشڪ اوهان (زالن) جو مڪر وڏو آهي. |
يوسُفُ أَعرِض عَن هٰذا وَاستَغفِرى لِذَنبِكِ إِنَّكِ كُنتِ مِنَ الخاطِـٔينَ (آيت : 29) |
اي يوسف! ان (ڳالهه) کان منهن موڙ (نه پکيڙ). ۽ اي زال تون پنهنجي گناهه جي معافي گهر! بيشڪ تون خطا وارن مان آهين. |
وَقالَ نِسوَةٌ فِى المَدينَةِ امرَأَتُ العَزيزِ تُرٰوِدُ فَتىٰها عَن نَفسِهِ قَد شَغَفَها حُبًّا إِنّا لَنَرىٰها فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
۽ شهر ۾ ڪن زالن چيو ته عزيز جي زال پنهنجي غلام کي پنهنجي هوس پوري ڪرڻ لاءِ لالچائي ٿي.بيشڪ (غلام لاءِ ) محبت سندس دل ۾ ڄمي وئي آهي. بيشڪ اسين ان کي ظاهر گمراهيءَ ۾ ڏسون ٿيون. |
فَلَمّا سَمِعَت بِمَكرِهِنَّ أَرسَلَت إِلَيهِنَّ وَأَعتَدَت لَهُنَّ مُتَّكَـًٔا وَءاتَت كُلَّ وٰحِدَةٍ مِنهُنَّ سِكّينًا وَقالَتِ اخرُج عَلَيهِنَّ فَلَمّا رَأَينَهُ أَكبَرنَهُ وَقَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ وَقُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما هٰذا بَشَرًا إِن هٰذا إِلّا مَلَكٌ كَريمٌ (آيت : 31) |
پوءِ جڏهن (عزيز جي زال) انهن (زالن) جي گِلا ٻڌي تڏهن انهن ڏي (ماڻهو) موڪليائين ۽ انهن لاءِ هڪ مجلس تيار ڪيائين ۽ انهن مان هر هڪ کي چاقو ڏنائين ۽ (يوسف کي) چيائين ته انهن جي اڳيان نڪري آءُ. پوءِ جڏهن انهن (عورتن) ان کي ڏٺو ته ان کي وڌيڪ (حُسن وارو) سمجهڻ لڳيون ۽ (بيخبري ۾ ) پنهنجن هٿن کي وڍيائون ۽ چوڻ لڳيون ته الله پاڪ آهي هيءَ آدمي نه آهي هيءَ ته ڪو سڳورو مَلَڪُ آهي. |
قالَت فَذٰلِكُنَّ الَّذى لُمتُنَّنى فيهِ وَلَقَد رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ فَاستَعصَمَ وَلَئِن لَم يَفعَل ما ءامُرُهُ لَيُسجَنَنَّ وَلَيَكونًا مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 32) |
چوڻ لڳي ته اِهو اُهو آهي جنهن جي ڪري اوهان مونکي بُرو ڀلو چيو.۽ بيشڪ مون ان کي لالچايو پر هن پاڻ کي بچايو. ۽ جيڪو حڪم ان کي ڪريان ٿي سو جيڪڏهن نه ڪندوته ضرور کيس قيد ڪيو ويندو ۽ خوار ماڻهن مان ٿيندو. |
قالَ رَبِّ السِّجنُ أَحَبُّ إِلَىَّ مِمّا يَدعونَنى إِلَيهِ وَإِلّا تَصرِف عَنّى كَيدَهُنَّ أَصبُ إِلَيهِنَّ وَأَكُن مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 33) |
يوسف چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! جنهن ڪم ڏي مونکي سڏين ٿيون تنهن کان قيدخانو مون وٽ زياده پسند آهي ۽ جيڪڏهن تون مون کان انهن جي مڪر کي دفع نه ڪندين ته (شايد) آءٌ انهن ڏي مائل ٿيندس آءٌ جاهلن مان ٿيندس. |
فَاستَجابَ لَهُ رَبُّهُ فَصَرَفَ عَنهُ كَيدَهُنَّ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 34) |
پوءِ سندس پاليندڙ سندس دعا قبول ڪئي پوءِ ان کان عورتن جي مڪر کي دفع ڪيائين. بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
ثُمَّ بَدا لَهُم مِن بَعدِ ما رَأَوُا الءايٰتِ لَيَسجُنُنَّهُ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 35) |
(ان کان) پوءِ (يوسف جي سچائي جي) نشانين ڏسڻ تي انهن کي هيءَ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته ان کي هڪ مدت تائين قيد ۾ رکن ۽ |
وَدَخَلَ مَعَهُ السِّجنَ فَتَيانِ قالَ أَحَدُهُما إِنّى أَرىٰنى أَعصِرُ خَمرًا وَقالَ الءاخَرُ إِنّى أَرىٰنى أَحمِلُ فَوقَ رَأسى خُبزًا تَأكُلُ الطَّيرُ مِنهُ نَبِّئنا بِتَأويلِهِ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 36) |
ان سان گڏ قيدخاني ۾ ٻه جوان داخل ٿيا. انهن مان هڪ چيو ته آءٌ (خواب ۾ ) پاڻ کي شراب نپوڙيندي ڏسان ٿو. ۽ ٻئي چيو ته آءٌ (خواب ۾ ) پاڻ کي پنهنجي مٿي تي ماني کڻندي ڏسان ٿو، جنهن مان پکي کائين ٿا. اسان کي ان جو تعبير ٻڌاءِ . بيشڪ اسين توکي نيڪ ڪم ڪندڙن مان ڏسون ٿا. |
قالَ لا يَأتيكُما طَعامٌ تُرزَقانِهِ إِلّا نَبَّأتُكُما بِتَأويلِهِ قَبلَ أَن يَأتِيَكُما ذٰلِكُما مِمّا عَلَّمَنى رَبّى إِنّى تَرَكتُ مِلَّةَ قَومٍ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 37) |
يوسف چيو ته جو کاڌو اوهان کي کائڻ لاءِ ڏنو وڃي ٿو سو اوهان وٽ اڃان ايندو ئي نه ته اوهان وٽ ان جي اچڻ کان اڳي ئي ان جو تعبير اوهان کي ٻڌائيندس. اهو (تعبير ڪرڻ) ان (علم) مان آهي جو مونکي منهنجي پاليندڙ سيکاريو آهي. بيشڪ مون ان قوم جو دين ڇڏيو جي الله تي ايمان نه ٿا آڻين۽ اهي آخرت جو انڪار ڪندڙ آهن. |
وَاتَّبَعتُ مِلَّةَ ءاباءى إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ ما كانَ لَنا أَن نُشرِكَ بِاللَّهِ مِن شَيءٍ ذٰلِكَ مِن فَضلِ اللَّهِ عَلَينا وَعَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 38) |
۽ مون پنهنجن ابن ڏاڏن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي دين جي پيروي ڪئي. اسان کي لائق نه آهي ته ڪنهن به شيءَ اهو اسان تي ۽ (سڀني) ماڻهن تي الله جو فضل آهي پر گهڻا ماڻهو احسان نه ٿا مڃين. |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ ءَأَربابٌ مُتَفَرِّقونَ خَيرٌ أَمِ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 39) |
اي ٻئي قيدخاني جا رهڻ وارو! ڇا جدا جدا گهڻا مالڪ چڱا آهن يا اڪيلو زبردست الله؟ |
ما تَعبُدونَ مِن دونِهِ إِلّا أَسماءً سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ أَمَرَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 40) |
اوهين الله کان سواءِ رڳو ڪن نالن جي بندگي ٿا ڪريو جيڪي اوهان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کڻي رکيا آهن الله انهن جي ڪابه ثابتي نه لاٿي آهي. الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي حڪومت نه آهي. حڪم ڪيو اٿس ته ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي بندگي نه ڪريو. اهو ئي سڌو دين آهي. پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ أَمّا أَحَدُكُما فَيَسقى رَبَّهُ خَمرًا وَأَمَّا الءاخَرُ فَيُصلَبُ فَتَأكُلُ الطَّيرُ مِن رَأسِهِ قُضِىَ الأَمرُ الَّذى فيهِ تَستَفتِيانِ (آيت : 41) |
اي ٻئي قيدخاني جا رهڻ وارو! اوهان ٻنهين مان هڪڙو ته پنهنجي مالڪ کي شراب پياريندو ۽ ٻئي کي ته سوريءَ تي چاڙهيو ويندو، پوءِ پکي ان جي مٿي مان کائيندا. جنهن ڪم جو اوهين ٻئي پڇو ٿا تنهن جو فيصلو ٿي چڪو آهي. |
وَقالَ لِلَّذى ظَنَّ أَنَّهُ ناجٍ مِنهُمَا اذكُرنى عِندَ رَبِّكَ فَأَنسىٰهُ الشَّيطٰنُ ذِكرَ رَبِّهِ فَلَبِثَ فِى السِّجنِ بِضعَ سِنينَ (آيت : 42) |
۽ جنهن کي خيال ڪيائين ته اهو ٻنهين مان بچڻ وارو آهي تنهن کي چيائين ته پنهنجي مالڪ وٽ منهنجي ڳالهه ڪج. پوءِ شيطان ان کان سندس مُربّي وٽ ڳالهه ڪرڻ ڀلائي ڇڏي پوءِ يوسف قيدخاني ۾ ڪجهه سال رهيو. |
وَقالَ المَلِكُ إِنّى أَرىٰ سَبعَ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعَ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ يٰأَيُّهَا المَلَأُ أَفتونى فى رُءيٰىَ إِن كُنتُم لِلرُّءيا تَعبُرونَ (آيت : 43) |
۽ بادشاهه چيو ته آءٌ (خواب ۾ ) ست ٿلهيون ڍڳيون ڏسان ٿو جن کي ست ڏٻريون (ڍڳيون) کائين ٿيون، ۽ ستن ساون سنگن کي ۽ ٻين (ستن) سڪلن (سنگن) کي به (ڏسان ٿو). اي سردارو! جيڪڏهن اوهين خواب جو تعبير ڪندڙ آهيو ته مون کي منهنجي خواب جو تعبير ٻڌايو. |
قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ وَما نَحنُ بِتَأويلِ الأَحلٰمِ بِعٰلِمينَ (آيت : 44) |
انهن چيو ته هي خيالي خواب آهن. ۽ اسين (اهڙن) خوابن جو تعبير ڄاڻندڙ نه آهيون. |
وَقالَ الَّذى نَجا مِنهُما وَادَّكَرَ بَعدَ أُمَّةٍ أَنا۠ أُنَبِّئُكُم بِتَأويلِهِ فَأَرسِلونِ (آيت : 45) |
۽ جيڪو انهن ٻنهين مان بچيو هو ۽ مدّت کان پوءِ ياد آيس ان چيو ته آءٌ اوهان کي ان جو تعبير ٻڌايان ٿو پوءِ مون کي موڪليو. |
يوسُفُ أَيُّهَا الصِّدّيقُ أَفتِنا فى سَبعِ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعِ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ لَعَلّى أَرجِعُ إِلَى النّاسِ لَعَلَّهُم يَعلَمونَ (آيت : 46) |
اي يوسف! اي سچا! ستن ٿلهين ڍڳين جو جن کي ڏٻريون ست (ڍڳيون) کائين ٿيون ۽ ستن ساون سنگن ۽ ٻين (ستن) سُڪلن (سنگن) جو اسان کي تعبير ٻڌاءِ ته آءٌ ماڻهن ڏي موٽي وڃان (پوءِ ) مَنَ اهي ڄاڻن. |
قالَ تَزرَعونَ سَبعَ سِنينَ دَأَبًا فَما حَصَدتُم فَذَروهُ فى سُنبُلِهِ إِلّا قَليلًا مِمّا تَأكُلونَ (آيت : 47) |
يوسف چيو ته اوهين ست سال محنت سان پوکيو. پوءِ جيڪي لُڻو تنهن کي ان جي سنگن ۾ ڇڏيو سواءِ ٿوري (اَنَ) جي جو اوهين کائو. |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ سَبعٌ شِدادٌ يَأكُلنَ ما قَدَّمتُم لَهُنَّ إِلّا قَليلًا مِمّا تُحصِنونَ (آيت : 48) |
وري ان کان پوءِ ست سختيءَ جا (سال) ايندا جيڪي اوهان انهن (ستن سالن) لاءِ (منهنجي چوڻ جي موافق) گڏ ڪري رکيو هوندو تنهن کي کائي ڇڏيندا سواءِ ٿوري (اَنَ) جي جنهن کي (ٻج لاءِ ) حفاظت سان رکندا آهيو. |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ عامٌ فيهِ يُغاثُ النّاسُ وَفيهِ يَعصِرونَ (آيت : 49) |
وري ان کان پوءِ هڪ سال ايندو جنهن ۾ ماڻهن تي مينهن وسندو ۽ ان ۾ (رس) نپوڙيندا. |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ فَلَمّا جاءَهُ الرَّسولُ قالَ ارجِع إِلىٰ رَبِّكَ فَسـَٔلهُ ما بالُ النِّسوَةِ الّٰتى قَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ إِنَّ رَبّى بِكَيدِهِنَّ عَليمٌ (آيت : 50) |
۽ بادشاهه چيو ته ان کي مون وٽ وٺي اچو. پوءِ جڏهن ان وٽ قاصد آيو ته ان چيو ته تون پنهنجي مالڪ ڏي موٽي وڃ پوءِ ان کان پڇ ته انهن عورتن جي حقيقت حال ڇا آهي جن پنهنجا هٿ وڍيا. بيشڪ منهنجو پاليندڙ انهن جي مڪر کي ڄاڻندڙ آهي. |
قالَ ما خَطبُكُنَّ إِذ رٰوَدتُنَّ يوسُفَ عَن نَفسِهِ قُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما عَلِمنا عَلَيهِ مِن سوءٍ قالَتِ امرَأَتُ العَزيزِ الـٰٔنَ حَصحَصَ الحَقُّ أَنا۠ رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ وَإِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 51) |
بادشاهه (عورتن کي) چيو ته اوهان جو مطلب ڇا هو جڏهن اوهان يوسف کي پنهنجي هوس پوري ڪرڻ لاءِ لالچايو ٿي. چوڻ لڳيون ته الله پاڪ آهي اسان کي ان جي ڪا برائي معلوم نه ٿي. عزيز جي زال چيو ته هاڻي سچي ڳالهه ظاهر ٿي پئي. مون ئي ان کي لالچايو ٿي، ۽ بيشڪ اهو سچن مان آهي. |
ذٰلِكَ لِيَعلَمَ أَنّى لَم أَخُنهُ بِالغَيبِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدى كَيدَ الخائِنينَ (آيت : 52) |
(يوسف چيو ته) اهو (سڀ) هن لاءِ آهي ته عزيز ڄاڻي ته مون پرپٺ سندس خيانت نه ڪئي ۽ هن ڳالهه کي به ته الله دغابازن جي مڪر کي هلڻ نه ٿو ڏي. |
وَما أُبَرِّئُ نَفسى إِنَّ النَّفسَ لَأَمّارَةٌ بِالسّوءِ إِلّا ما رَحِمَ رَبّى إِنَّ رَبّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 53) |
۽ آءٌ پنهنجي نفس کي پاڪ نه ٿو چوان. بيشڪ نفس ته برائي جو گهڻو حڪم ٿو ڪري مگر جنهن وقت منهنجو پاليندڙ رحم ڪري. بيشڪ منهنجو پاليندڙ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ أَستَخلِصهُ لِنَفسى فَلَمّا كَلَّمَهُ قالَ إِنَّكَ اليَومَ لَدَينا مَكينٌ أَمينٌ (آيت : 54) |
۽ بادشاهه چيو ته کيس مون وٽ وٺي اچو ته ان کي خاص پنهنجي ڪم لاءِ مقرر ڪريان. پوءِ جڏهن ان سان ڳالهايائين، ته چيائين ته بيشڪ تون اڄ اسان وٽ مرتبي وارو امانت دار آهين. |
قالَ اجعَلنى عَلىٰ خَزائِنِ الأَرضِ إِنّى حَفيظٌ عَليمٌ (آيت : 55) |
يوسف چيو ته تون مون کي ملڪ جي خزانن تي مقرر ڪر. بيشڪ آءُ نگهباني ڪندڙ وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيان. |
وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ يَتَبَوَّأُ مِنها حَيثُ يَشاءُ نُصيبُ بِرَحمَتِنا مَن نَشاءُ وَلا نُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان يوسف کي (ان) ملڪ ۾ طاقت ڏني. ان (ملڪ) ۾ جتي گهرندو هو اتي رهندو هو. جنهن کي اسين گهرون ٿا تنهن کي پنهنجي رحمت پهچايون ٿا. ۽ اسين نيڪي ڪندڙن جو اجر نه ٿا وڃايون. |
وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 57) |
۽ بيشڪ آخرت جو اجر انهن لاءِ گهڻو چڱو آهي جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري پيا ڪن. |
وَجاءَ إِخوَةُ يوسُفَ فَدَخَلوا عَلَيهِ فَعَرَفَهُم وَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 58) |
۽ يوسف جا ڀائر آيا پوءِ ان جي روبرو ٿيا، پوءِ ان کين سڃاتو ۽ اهي کيس سڃاڻي نه سگهيا. |
وَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم قالَ ائتونى بِأَخٍ لَكُم مِن أَبيكُم أَلا تَرَونَ أَنّى أوفِى الكَيلَ وَأَنا۠ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 59) |
۽ جڏهن انهن لاءِ سندن سامان تيار ڪيائين تڏهن چيائين ته اوهين پنهنجي پيئتي ڀاءُ کي مون وٽ وٺي اچو. ڇا اوهين نه ٿا ڏسو ته آءُ پوري ماپ ڏيان ٿو ۽ آءُ سڀني کان چڱو مهمان نواز آهيان. |
فَإِن لَم تَأتونى بِهِ فَلا كَيلَ لَكُم عِندى وَلا تَقرَبونِ (آيت : 60) |
پوءِ جيڪڏهن اوهان ان کي مون وٽ نه آندو ته اوهان لاءِ مون وٽ ڪو ماپ (اناج) نه آهي ۽ اوهين منهنجي ويجهو نه اچجو. |
قالوا سَنُرٰوِدُ عَنهُ أَباهُ وَإِنّا لَفٰعِلونَ (آيت : 61) |
انهن چيو ته اسين سندس پيءُ کان اُن جي گُهر ڪنداسون ۽ ضرور اسين (اهو ڪم) ڪنداسون. |
وَقالَ لِفِتيٰنِهِ اجعَلوا بِضٰعَتَهُم فى رِحالِهِم لَعَلَّهُم يَعرِفونَها إِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِم لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 62) |
۽ يوسف پنهنجن خدمتگارن کي چيو ته اوهين سندن موڙي (ڏنل پئسا) سندن سامان ۾ رکي ڇڏيو ته جنهن وقت موٽي پنهنجي گهر وارن وٽ پهچن(ته) مَنَ ان کي سڃاڻن. (۽) من وري اچن. |
فَلَمّا رَجَعوا إِلىٰ أَبيهِم قالوا يٰأَبانا مُنِعَ مِنَّا الكَيلُ فَأَرسِل مَعَنا أَخانا نَكتَل وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 63) |
پوءِ جڏهن موٽي پنهنجي پيءُ وٽ آيا تڏهن چيائون ته اي اسان جا پيءٌ! اسان کان ماپ (يعني اناج) روڪيو ويو آهي پوءِ اسان سان گڏ اسان جي ڀاءُ کي موڪل ته اَنُ ماپي وٺي اچون ۽ اسين ضرور ان جي نگهباني ڪنداسون. |
قالَ هَل ءامَنُكُم عَلَيهِ إِلّا كَما أَمِنتُكُم عَلىٰ أَخيهِ مِن قَبلُ فَاللَّهُ خَيرٌ حٰفِظًا وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 64) |
يعقوب چيو ته آءُ ان جي باري ۾ اوهان تي اعتبار نه ٿو ڪريان مگر جيئن هن جي ڀاءُ جي باري ۾ هن کان اڳ اوهان تي اعتبار ڪيم. |
وَلَمّا فَتَحوا مَتٰعَهُم وَجَدوا بِضٰعَتَهُم رُدَّت إِلَيهِم قالوا يٰأَبانا ما نَبغى هٰذِهِ بِضٰعَتُنا رُدَّت إِلَينا وَنَميرُ أَهلَنا وَنَحفَظُ أَخانا وَنَزدادُ كَيلَ بَعيرٍ ذٰلِكَ كَيلٌ يَسيرٌ (آيت : 65) |
پوءِ الله گهڻو چڱو نگهبان آهي ۽ اهو سڀني رحم ڪندڙن کان گهڻو رحم ڪرڻ وارو آهي. ۽ جڏهن انهن پنهنجو سامان کوليو تڏهن ڏٺائون ته سندن موڙي (ڏنل قيمت) انهن ڏي واپس ڪئي وئي آهي. چيائون ته اي اسان جا پيءٌ! اسان کي (ٻيو) ڇا گهرجي. هيءُ اسان جي موڙي اسان ڏي واپس ڪئي وئي آهي (سو موٽي وينداسون) ۽ پنهنجن گهر وارن لاءِ (ٻيهر) اَنُ آڻينداسون |
قالَ لَن أُرسِلَهُ مَعَكُم حَتّىٰ تُؤتونِ مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ لَتَأتُنَّنى بِهِ إِلّا أَن يُحاطَ بِكُم فَلَمّا ءاتَوهُ مَوثِقَهُم قالَ اللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 66) |
۽ پنهنجي ڀاءُ جي نگهباني ڪنداسون ۽ هڪ اُٺ جو بار وڌيڪ وٺنداسون. اهو ماڻ ڏيڻ (بادشاهه کي) آسان آهي. يعقوب چيو (تيستائين) ان کي اوهان سان گڏ نه موڪليندس جيستائين اوهين مون کي الله جو عهد نه ڏيندو (يعني قسم نه کڻندو) ته اوهين ان کي مون وٽ ضرور وٺي ايندو پر جيڪڏهن اوهين سڀئي پڪڙجي پئو (ته پوءِ لاچاري آهي) پوءِ جڏهن کيس پنهنجو پڪو انجام ڏنائون ته يعقوب چيو ته جيڪا اسين ڳالهه ڪريون ٿا تنهن تي الله نگهبان آهي. |
وَقالَ يٰبَنِىَّ لا تَدخُلوا مِن بابٍ وٰحِدٍ وَادخُلوا مِن أَبوٰبٍ مُتَفَرِّقَةٍ وَما أُغنى عَنكُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَعَلَيهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 67) |
۽ چيائين ته اي منهنجا پٽئو! اوهين هڪ دروازي کان داخل نه ٿيجو پر جدا جدا دروازن کان داخل ٿيجو. ۽ آءُ اوهان تان الله جي ڪنهن به ڳالهه کي ٽاري نه ٿو سگهان. الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو حڪم نه آهي.ان تي ئي ڀروسو ڪريان ٿو. |
وَلَمّا دَخَلوا مِن حَيثُ أَمَرَهُم أَبوهُم ما كانَ يُغنى عَنهُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِلّا حاجَةً فى نَفسِ يَعقوبَ قَضىٰها وَإِنَّهُ لَذو عِلمٍ لِما عَلَّمنٰهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 68) |
۽ ڀروسي ڪرڻ وارن کي پوءِ ان تي ئي ڀروسو ڪرڻ کپي. ۽ جتان انهن کي سندن پيءُ حڪم ڪيو هو تتان جڏهن داخل ٿيا ته اها (تدبير) انهن تان الله جي ڪنهن به ڳالهه کي ٽاري نه ٿي سگهي پر يعقوب جي دل ۾ هڪ خطرو هو جنهن کي پورو ڪيائين. ۽ جو ڪجهه اسان کيس سيکاريو هو تنهن جو ان کي علم هو پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. |
وَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَخاهُ قالَ إِنّى أَنا۠ أَخوكَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 69) |
۽ جڏهن يوسف وٽ لنگهي آيا تڏهن ان پنهنجي (سڳي) ڀاءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏني (کيس) چيائين ته آءُ تنهنجو ڀاءُ آهيان پوءِ ڪجهه پئي ڪيو اٿن تنهن جي ڪري تون غمگين نه ٿيءُ. |
فَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم جَعَلَ السِّقايَةَ فى رَحلِ أَخيهِ ثُمَّ أَذَّنَ مُؤَذِّنٌ أَيَّتُهَا العيرُ إِنَّكُم لَسٰرِقونَ (آيت : 70) |
پوءِ جڏهن انهن لاءِ سندن سامان تيار ڪيائين تڏهن پيئڻ جي پيالي کي پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ رکيائين پوءِ هڪ سڏڪندڙ سڏ ڪيو ته اي قافلي وارو! بيشڪ اوهين چور آهيو. |
قالوا وَأَقبَلوا عَلَيهِم ماذا تَفقِدونَ (آيت : 71) |
انهن (قافلي وارن) انهن (نوڪرن) ڏي منهن ڪري چيو ته اوهان ڪهڙي شيءَ وڃائي آهي؟ |
قالوا نَفقِدُ صُواعَ المَلِكِ وَلِمَن جاءَ بِهِ حِملُ بَعيرٍ وَأَنا۠ بِهِ زَعيمٌ (آيت : 72) |
چيائون ته اسان بادشاهه جو ماپ (پيالو) وڃايو آهي ۽ جيڪو ان کي آڻيندو تنهن لاءِ اٺ جو بار آهي ۽ آءُ ان جو ضامن آهيان. |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد عَلِمتُم ما جِئنا لِنُفسِدَ فِى الأَرضِ وَما كُنّا سٰرِقينَ (آيت : 73) |
انهن چيو ته الله جو قسم! اوهان کي معلوم ٿي چڪو آهي ته اسين ملڪ ۾ فساد ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون ۽ نه اسين چور هواسون. |
قالوا فَما جَزٰؤُهُ إِن كُنتُم كٰذِبينَ (آيت : 74) |
انهن چيو ته پوءِ ان (ڪم) جي سزا ڇا آهي جيڪڏهن اوهين ڪوڙا هجو. |
قالوا جَزٰؤُهُ مَن وُجِدَ فى رَحلِهِ فَهُوَ جَزٰؤُهُ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 75) |
(يوسف جا ڀائر) چوڻ لڳا ته ان (ڪم) جي سزا هيءَ آهي ته جنهن جي سامان ۾ ملي سو پاڻ ان جي سزا آهي. اهڙيءَ طرح اسين ظالمن کي سزا ڏيون ٿا. |
فَبَدَأَ بِأَوعِيَتِهِم قَبلَ وِعاءِ أَخيهِ ثُمَّ استَخرَجَها مِن وِعاءِ أَخيهِ كَذٰلِكَ كِدنا لِيوسُفَ ما كانَ لِيَأخُذَ أَخاهُ فى دينِ المَلِكِ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ وَفَوقَ كُلِّ ذى عِلمٍ عَليمٌ (آيت : 76) |
پوءِ (يوسف) پنهنجي ڀاءُ جي ٻوري کان اڳ ۾ انهن جي ٻورن جي تلاشي وٺڻ شروع ڪئي. پوءِ ان (پيالي) کي پنهنجي ڀاءُ جي ٻوري مان ڪڍيائين. اهڙيءَ طرح اسان يوسف لاءِ تدبير ڪئي. (ڇو ته) الله جي گُهر کان سواءِ بادشاهه جي قانون موجب پنهنجي ڀاءُ کي (قيد ڪري) وٺي نه ٿي سگهيو. اسين جنهن کي گهرون تنهن جا درجا بلند ڪريون ٿا. ۽ سڀ ڪنهن ڄاڻڻ واري کان مٿي هڪ ڄاڻندڙ آهي. |
قالوا إِن يَسرِق فَقَد سَرَقَ أَخٌ لَهُ مِن قَبلُ فَأَسَرَّها يوسُفُ فى نَفسِهِ وَلَم يُبدِها لَهُم قالَ أَنتُم شَرٌّ مَكانًا وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما تَصِفونَ (آيت : 77) |
(يوسف جا ڀائر) چوڻ لڳا ته جيڪڏهن ان چوري ڪئي آهي ته ان جي ڀاءُ به هن کان اڳ چوري ڪئي هئي. پوءِ يوسف ان ڳالهه کي پنهنجي دل ۾ لڪايو ۽ ان کي انهن جي اڳيان ظاهر نه ڪيائين (پنهنجي دل ۾ ) چيائين ته اوهين خوار آهيو. ۽ جيڪي اوهين بيان ڪريو ٿا تنهن کي الله گهڻو ڄاڻندڙ آهي. |
قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ إِنَّ لَهُ أَبًا شَيخًا كَبيرًا فَخُذ أَحَدَنا مَكانَهُ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 78) |
چوڻ لڳا ته اي عزيز! هن جو پيءُ بلڪل ٻڍو آهي پوءِ اسان مان هڪ کي ان جي بدران (کڻي) وٺ (يعني قيد ڪر). اسين توکي نيڪي ڪندڙن مان ڏسون ٿا. |
قالَ مَعاذَ اللَّهِ أَن نَأخُذَ إِلّا مَن وَجَدنا مَتٰعَنا عِندَهُ إِنّا إِذًا لَظٰلِمونَ (آيت : 79) |
چيائين ته الله پناهه ڏئي! هن ڳالهه کان ته جنهن وٽ پنهنجو سامان لڌوسون تنهن کان سواءِ ٻئي کي وٺون. بيشڪ اسين تڏهن ظالم آهيون. |
فَلَمَّا استَيـَٔسوا مِنهُ خَلَصوا نَجِيًّا قالَ كَبيرُهُم أَلَم تَعلَموا أَنَّ أَباكُم قَد أَخَذَ عَلَيكُم مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ وَمِن قَبلُ ما فَرَّطتُم فى يوسُفَ فَلَن أَبرَحَ الأَرضَ حَتّىٰ يَأذَنَ لى أَبى أَو يَحكُمَ اللَّهُ لى وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 80) |
پوءِ جڏهن ان کان نااميد ٿيا ته اڪيلا ٿي مشورو ڪرڻ لڳا. انهن جي وڏي (ڀاءُ) چيو ته ڇا اوهان کي معلوم نه آهي ته اوهان جي پيءٌ اوهان کان الله جو عهد (قسم) ورتو آهي ۽ هن کان اڳ يوسف جي باري ۾ اوهان قصور ڪيو آهي. پوءِ تيستائين آءُ هن ملڪ کان جدا نه ٿيندس(يعني نه نڪرندس) جيستائين منهنجو پيءُ مون کي موڪل (نه) ڏئي يا مون لاءِ الله فيصلو (نه) ڪري. ۽ اهو سڀني کان چڱو فيصلو ڪندڙ آهي. |
ارجِعوا إِلىٰ أَبيكُم فَقولوا يٰأَبانا إِنَّ ابنَكَ سَرَقَ وَما شَهِدنا إِلّا بِما عَلِمنا وَما كُنّا لِلغَيبِ حٰفِظينَ (آيت : 81) |
اوهين پنهنجي پيءُ وٽ موٽي وڃو پوءِ چئو ته اي اسان جا پيءٌ! بيشڪ تنهنجي پٽ چوري ڪئي. ۽ جيڪي اسان ڄاتو تنهن جي ئي اسان شاهدي ڏني.۽ اسين ڳجهه جي علم جا ياد رکندڙ نه هئاسون. |
وَسـَٔلِ القَريَةَ الَّتى كُنّا فيها وَالعيرَ الَّتى أَقبَلنا فيها وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 82) |
۽ جنهن ڳوٺ ۾ هئاسون ان کان ۽ جنهن قافلي ۾ آيا آهيون تنهن کان پڇا ڪر ۽ اسين سچا آهيون. |
قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ عَسَى اللَّهُ أَن يَأتِيَنى بِهِم جَميعًا إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 83) |
يعقوب چيو ته (نه) پر اوهان جي نفسن اوهان کي هڪ ڳالهه چڱي ڪري ڏيکاري آهي. پوءِ صبر ڪرڻ چڱو آهي. مَنَ الله انهن سڀني کي مون وٽ آڻي. بيشڪ اهو ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰأَسَفىٰ عَلىٰ يوسُفَ وَابيَضَّت عَيناهُ مِنَ الحُزنِ فَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 84) |
۽ انهن کان منهن موڙيائين ۽ چيائين ته افسوس! مون کي يوسف جو غم آهي. ۽ ان جون ٻئي اکيون غم کان اڇيون ٿيون. پوءِ اهو ڏک ڀريل هو. |
قالوا تَاللَّهِ تَفتَؤُا۟ تَذكُرُ يوسُفَ حَتّىٰ تَكونَ حَرَضًا أَو تَكونَ مِنَ الهٰلِكينَ (آيت : 85) |
انهن چيو ته الله جو قسم! تون هميشة يوسف کي ياد ڪندين تانجو بيمار پئجي رهندين يا مري ويندين. |
قالَ إِنَّما أَشكوا بَثّى وَحُزنى إِلَى اللَّهِ وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 86) |
يعقوب چيو ته آءُ پنهنجو رنج ۽ پنهنجو غم الله جي اڳيان بيان ڪريان ٿو ۽ جا ڳالهه اوهين نه ٿا ڄاڻو سا آءُ الله جي طرفان ڄاڻان ٿو. |
يٰبَنِىَّ اذهَبوا فَتَحَسَّسوا مِن يوسُفَ وَأَخيهِ وَلا تَا۟يـَٔسوا مِن رَوحِ اللَّهِ إِنَّهُ لا يَا۟يـَٔسُ مِن رَوحِ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الكٰفِرونَ (آيت : 87) |
اي منهنجا پٽؤ! وڃو! پوءِ يوسف ۽ سندس ڀاءُ جي ڳولا ڪريو ۽ الله جي رحمت کان نااميد نه ٿيو |
فَلَمّا دَخَلوا عَلَيهِ قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ مَسَّنا وَأَهلَنَا الضُّرُّ وَجِئنا بِبِضٰعَةٍ مُزجىٰةٍ فَأَوفِ لَنَا الكَيلَ وَتَصَدَّق عَلَينا إِنَّ اللَّهَ يَجزِى المُتَصَدِّقينَ (آيت : 88) |
ڇو ته الله جي رحمت کان ڪافر قوم کان سواءِ ٻيا نااميد نه ٿا ٿين. پوءِ جڏهن يوسف وٽ لنگهي آيا تڏهن چيائون ته اي عزيز! اسان کي ۽ اسان جي گهرو وارن کي تڪليف پهتي آهي ۽ اسين تو وٽ نڪمي موڙي کڻي آيا آهيون پوءِ تون اسان کي پورو ماپ ڏي ۽ اسان کي خيرات (به) ڏي! بيشڪ الله خيرات ڪندڙن کي چڱو بدلو ڏئي ٿو. |
قالَ هَل عَلِمتُم ما فَعَلتُم بِيوسُفَ وَأَخيهِ إِذ أَنتُم جٰهِلونَ (آيت : 89) |
يوسف چيو ته ڇا اوهان کي معلوم آهي جيڪي اوهان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڪيو |
قالوا أَءِنَّكَ لَأَنتَ يوسُفُ قالَ أَنا۠ يوسُفُ وَهٰذا أَخى قَد مَنَّ اللَّهُ عَلَينا إِنَّهُ مَن يَتَّقِ وَيَصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 90) |
جنهن وقت اوهين بي سمجهه هئا. انهن چيو ته ڇا پڪ تون ئي يوسف آهين. ان چيو ته آءٌ يوسف آهيان ۽ هي منهنجو ڀاءُ آهي. الله اسان تي احسان ڪيو آهي. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪو (الله کان) ڊڄي ٿو ۽ صبر ڪري ٿو ته الله اهڙن نيڪي ڪرڻ وارن جو اجرضايع نه ٿو ڪري. |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد ءاثَرَكَ اللَّهُ عَلَينا وَإِن كُنّا لَخٰطِـٔينَ (آيت : 91) |
انهن چيو ته الله جو قسم آهي ته بيشڪ الله توکي اسان تي فضيلت ڏني آهي ۽ اسين خطا ڪندڙ هئا سون. |
قالَ لا تَثريبَ عَلَيكُمُ اليَومَ يَغفِرُ اللَّهُ لَكُم وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 92) |
يوسف چيو ته اڄ اوهان تي ڪا ميار نه آهي. الله اوهان کي معاف ڪندو. ۽ اهو سڀني رحم ڪندڙن کان وڏو رحم ڪرڻ وارو آهي. |
اذهَبوا بِقَميصى هٰذا فَأَلقوهُ عَلىٰ وَجهِ أَبى يَأتِ بَصيرًا وَأتونى بِأَهلِكُم أَجمَعينَ (آيت : 93) |
هيءُ منهنجي قميص کڻي وڃو پوءِ ان کي منهنجي پيءُ جي منهن تي وجهو ته اکين وارو ٿي پوي. ۽ اوهين پنهنجي سڀني گهر وارن کي مون وٽ وٺي اچو. |
وَلَمّا فَصَلَتِ العيرُ قالَ أَبوهُم إِنّى لَأَجِدُ ريحَ يوسُفَ لَولا أَن تُفَنِّدونِ (آيت : 94) |
پوءِ جڏهن قافلو (مصر کان) هليو تڏهن سندن پيءُ (ڪنعان ۾ ) چيو ته سچ پچ مون کي يوسف جي بوءِ اچي ٿي |
قالوا تَاللَّهِ إِنَّكَ لَفى ضَلٰلِكَ القَديمِ (آيت : 95) |
جيڪڏهن مون کي ڀورڙو نه سمجهو. انهن چيو ته الله جو قسم آهي ته بيشڪ تون پنهنجي پراڻي غلطيءَ ۾ آهين. |
فَلَمّا أَن جاءَ البَشيرُ أَلقىٰهُ عَلىٰ وَجهِهِ فَارتَدَّ بَصيرًا قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 96) |
پوءِ جڏهن خوشخبري ڏيندڙ آيو تڏهن ان اها (قميص) ان جي منهن تي وڌي پوءِ هو وري ڏسڻ واسڻ لڳو. چوڻ لڳو ته ڇا مون اوهان کي نه چيو هو ته جيڪا ڳالهه اوهين نه ٿا ڄاڻو |
قالوا يٰأَبانَا استَغفِر لَنا ذُنوبَنا إِنّا كُنّا خٰطِـٔينَ (آيت : 97) |
سا آءُ الله جي طرفان ڄاڻان ٿو. انهن چيو ته اي اسان جا پيءُ! اسان لاءِ اسان جي گناهن جي معافي گهر! بيشڪ اسين غلطي ڪندڙ هئاسون. |
قالَ سَوفَ أَستَغفِرُ لَكُم رَبّى إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 98) |
ان چيو ته آءُ اوهان لاءِ پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهرندس. بيشڪ اهو ئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
فَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَبَوَيهِ وَقالَ ادخُلوا مِصرَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ (آيت : 99) |
پوءِ جڏهن يوسف وٽ لنگهي آيا تڏهن پنهنجي ماءُ پيءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏنائين ۽ چيائين ته جيڪڏهن الله گهريو آهي ته مصر ۾ امن سان داخل ٿيو. |
وَرَفَعَ أَبَوَيهِ عَلَى العَرشِ وَخَرّوا لَهُ سُجَّدًا وَقالَ يٰأَبَتِ هٰذا تَأويلُ رُءيٰىَ مِن قَبلُ قَد جَعَلَها رَبّى حَقًّا وَقَد أَحسَنَ بى إِذ أَخرَجَنى مِنَ السِّجنِ وَجاءَ بِكُم مِنَ البَدوِ مِن بَعدِ أَن نَزَغَ الشَّيطٰنُ بَينى وَبَينَ إِخوَتى إِنَّ رَبّى لَطيفٌ لِما يَشاءُ إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 100) |
۽ پنهنجي ماءُ پيءُ کي تخت تي وهاريائين ۽ سڀئي يوسف جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پيا. ۽ ان چيو ته اي منهنجا پيءٌ! هيءَ منهنجي اڳئين خواب جو تعبير آهي، بيشڪ منهنجي پاليندڙ ان کي سچو ڪيو. ۽ مون تي احسان ڪيائين جڏهن مون کي قيدخاني مان ڪڍيائين. ۽ منهنجي وچ ۾ ۽ منهنجن ڀائرن جي وچ ۾ شيطان جهڳڙو وجهي چڪو هو، ان کان پوءِ اوهان کي ٻهراڙيءَ کان (هت شهر ۾ ) آندائين.بيشڪ منهنجو پاليندڙ جيڪي گهري ٿو سو تدبير سان ڪري ٿو. بيشڪ اهو ئي (سڀ ڪجهه)ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
رَبِّ قَد ءاتَيتَنى مِنَ المُلكِ وَعَلَّمتَنى مِن تَأويلِ الأَحاديثِ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنتَ وَلِيّۦ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ تَوَفَّنى مُسلِمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 101) |
اي منهنجا پاليندڙ بيشڪ تو مون کي حڪومت ڏني ۽ تو مون کي ڳالهين جو تعبير (مطلب بيان ڪرڻ) سيکاريو. اي آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪندڙ! تون دُنيا ۽ آخرت ۾ منهنجو ڪارساز آهين. مون کي اسلام تي مار ۽ مون کي نيڪن سان ملاءِ! |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ أَجمَعوا أَمرَهُم وَهُم يَمكُرونَ (آيت : 102) |
اهو (قصو) غيب جي خبرن مان آهي جنهنجو اسين توڏي وحي ڪريون ٿا. ۽ تون انهن وٽ نه هئين جنهن وقت انهن پنهنجي ڪم جو پڪو ارادو ڪيو هو ۽ انهن فريب ٿي ڪيو. |
وَما أَكثَرُ النّاسِ وَلَو حَرَصتَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 103) |
۽ توڙي تون ڪيترو ئي گهرين (ته به) گهڻا ماڻهو يقين ڪرڻ وارا نه آهن. |
وَما تَسـَٔلُهُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 104) |
هوڏانهن تون انهن کان ان تي ڪو عيوضو نه ٿو گهرين. اهو جهان وارن لاءِ نصيحت کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. |
وَكَأَيِّن مِن ءايَةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَمُرّونَ عَلَيها وَهُم عَنها مُعرِضونَ (آيت : 105) |
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن جن تان انهن جو گذرڻ ٿئي ٿو ۽ اهي انهن کان منهن موڙيندڙ آهن. |
وَما يُؤمِنُ أَكثَرُهُم بِاللَّهِ إِلّا وَهُم مُشرِكونَ (آيت : 106) |
۽ انهن مان گهڻا الله تي رڳو هن حال ۾ ايمان آڻين ٿا جو اُهي (ان سان ٻين کي) شريڪ ڪندڙ (به) آهن. |
أَفَأَمِنوا أَن تَأتِيَهُم غٰشِيَةٌ مِن عَذابِ اللَّهِ أَو تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 107) |
ڇا پوءِ کين هن ڳالهه کان ڊپ ڪونهي ته ڪا الله جي عذاب مان ڍڪڻ واري (آفت) مٿن اچي پوي يا (حساب جي) گهڙي مٿن اوچتي اچي ۽ انهن کي خبر به نه پوي. |
قُل هٰذِهِ سَبيلى أَدعوا إِلَى اللَّهِ عَلىٰ بَصيرَةٍ أَنا۠ وَمَنِ اتَّبَعَنى وَسُبحٰنَ اللَّهِ وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 108) |
(اي رسول کين) چو ته هيءُ منهنجو رستو آهي. آءُ سمجهه سان الله ڏي سڏيان ٿو ۽ منهنجا تابعدار به. ۽ الله پاڪ آهي ۽ آءٌ شريڪ ڪندڙن مان نه آهيان. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم مِن أَهلِ القُرىٰ أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ اتَّقَوا أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 109) |
۽ اسان توکان اڳ رڳو ڳوٺن جي رهڻ وارن مان مردن کي (رسول ڪري) موڪليو جن ڏي اسان وحي ڪيو ٿي. ڇا پوءِ زمين ۾ نه گهميا آهن ته ڏسن ته جيڪي انهن کان اڳي هئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ ۽ بيشڪ آخرت جو گهر پرهيزگارن لاءِ گهڻو چڱو آهي. ڇا پوءِ عقل کان ڪم نه ٿا وٺو. |
حَتّىٰ إِذَا استَيـَٔسَ الرُّسُلُ وَظَنّوا أَنَّهُم قَد كُذِبوا جاءَهُم نَصرُنا فَنُجِّىَ مَن نَشاءُ وَلا يُرَدُّ بَأسُنا عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 110) |
(کين ڊگهي مهلت ڏني سون) ايتري تائين جو جڏهن رسول نااميد ٿيا ۽ (ماڻهو) خيال ڪرڻ لڳا ته انهن سان ڪوڙ ڪيو ويو هو ته انهن کي اسان جي مدد پهتي، پوءِ جنهن کي گهريوسون تنهن کي بچايو ويو ۽ اسان جو عذاب ڏوهاري قوم تان نه ٿو ٽاريو وڃي. |
لَقَد كانَ فى قَصَصِهِم عِبرَةٌ لِأُولِى الأَلبٰبِ ما كانَ حَديثًا يُفتَرىٰ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ كُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 111) |
بيشڪ انهن (پيغمبرن) جي قصي ۾ عقل وارن لاءِ هڪ نصيحت آهي. هي (قرآن) بنايل ڳالهه نه آهي پر ان ڪلام جي موافق آهي جيڪو ان جي اڳيان آهي. ۽ سڀ ڪنهن شيءَ کي کولي بيان ڪندڙ آهي ۽ ايمان واريءَ قوم لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. |