الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 1) |
الف لام را. هي روشن ڪتاب جون آيتون آهن. |
إِنّا أَنزَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 2) |
بيشڪ اسان هن کي قرآن بنائي عربيءَ ۾ لاٿو آهي ته جيئن توهان سمجهو. |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ أَحسَنَ القَصَصِ بِما أَوحَينا إِلَيكَ هٰذَا القُرءانَ وَإِن كُنتَ مِن قَبلِهِ لَمِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 3) |
(اي نبي!) اسان تو کي هڪ تمام سهڻو قصو ٻڌايون ٿا هن قرآن جي ذريعي جيڪو اسان تو ڏي وحي ڪيو آهي ۽ توڙي جو هن کان اڳ تون (هن واقعي کان) بي خبرن مان هئين. |
إِذ قالَ يوسُفُ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ إِنّى رَأَيتُ أَحَدَ عَشَرَ كَوكَبًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ رَأَيتُهُم لى سٰجِدينَ (آيت : 4) |
(ان وقت جي ڳالهه آهي) جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو: ”اي بابا مون (سپني) ۾ يارهن ستارا ۽ سج ۽ چنڊ ڏٺا آهن انهن کي ڏسان ٿو ته مون کي سجدو ڪندڙ آهن“. |
قالَ يٰبُنَىَّ لا تَقصُص رُءياكَ عَلىٰ إِخوَتِكَ فَيَكيدوا لَكَ كَيدًا إِنَّ الشَّيطٰنَ لِلإِنسٰنِ عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 5) |
چيائين: ”اي منهنجا ٻچڙا! پنهنجو اِهو خواب ڀائرن سان بيان نه ڪجانءِ نه ته توسان فريب ڪاري ڪندا. بيشڪ شيطان انسان جو چِٽو دشمن آهي. |
وَكَذٰلِكَ يَجتَبيكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَيُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَعَلىٰ ءالِ يَعقوبَ كَما أَتَمَّها عَلىٰ أَبَوَيكَ مِن قَبلُ إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبَّكَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 6) |
۽ اهڙي طرح (ٿيندو جيئن تو خواب ڏٺو آهي) تنهنجو پالڻهار توکي چونڊيندو ۽ توکي ڳالهين جو مطلب (يعني خوابن جي تعبير جو علم) سيکاريندو ۽ تو تي ۽ يعقوب جي اولاد تي پنهنجي نعمت پوري ڪندو جيئن هن کان اڳ تنهنجي ٻنهين پيئرن (يعني ڏاڏي ۽ پڙ ڏاڏي) ابراهيم ۽ اسحاق تي ان کي پورو ڪيو هئائين. بيشڪ تنهنجو پالڻهار ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي“. |
لَقَد كانَ فى يوسُفَ وَإِخوَتِهِ ءايٰتٌ لِلسّائِلينَ (آيت : 7) |
بيشڪ يوسف ۽ ان جي ڀائرن (جي قصي) ۾ پڇڻ وارن لاءِ نشانيون آهن. |
إِذ قالوا لَيوسُفُ وَأَخوهُ أَحَبُّ إِلىٰ أَبينا مِنّا وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنَّ أَبانا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 8) |
(قصي جي شروعات هيئن آهي جو) جڏهن (ڀائرن پاڻ ۾) چيو ته: ”واقعي يوسف ۽ ان جو ڀاءُ اسان جي پيءُ کي اسان کان وڌيڪ پيارا آهن حالانڪه اسان (ڏهه ڄڻا) طاقتور جماعت آهيون. بيشڪ اسان جو پيءُ پڌري ڀُل ۾ (يعني گهڻي محبت ۾ گم) آهي. |
اقتُلوا يوسُفَ أَوِ اطرَحوهُ أَرضًا يَخلُ لَكُم وَجهُ أَبيكُم وَتَكونوا مِن بَعدِهِ قَومًا صٰلِحينَ (آيت : 9) |
يوسف کي قتل ڪيو يا ڪنهن (نامعلوم) زمين ۾ ڦٽي ڪري اچو ته توهان جي پيءُ جو توجهه توهان ڏانهن ئي ٿئي ۽ ان کان پوءِ اوهان صالحن جي جماعت ٿي وڃجو“. |
قالَ قائِلٌ مِنهُم لا تَقتُلوا يوسُفَ وَأَلقوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ يَلتَقِطهُ بَعضُ السَّيّارَةِ إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 10) |
انهن مان هڪ چوندڙ چيو ته: ”يوسف کي قتل نه ڪيو ۽ ان کي ڪنهن اونداهي کوهه جي تري ۾ اڇلايو ته کيس ڪو (ايندڙ ويندڙ) قافلو کڻي ويندو. اگر اوهان ڪجهه ڪرڻ وارا آهيو“. (ته ائين ڪيو). |
قالوا يٰأَبانا ما لَكَ لا تَأمَ۫نّا عَلىٰ يوسُفَ وَإِنّا لَهُ لَنٰصِحونَ (آيت : 11) |
چيائون: ”اي اسان جا پيءُ تو کي ڇا ٿيو آهي؟ جو تون يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نه ٿو ڪرين حالانڪه پڪ سان اسان سندس خير خواه آهيون. |
أَرسِلهُ مَعَنا غَدًا يَرتَع وَيَلعَب وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 12) |
سڀاڻي ان کي اسان سان گڏ موڪل ته خوب کائي ۽ کيڏي ۽ بيشڪ اسان سندس حفاظت ڪرڻ وارا آهيون“. |
قالَ إِنّى لَيَحزُنُنى أَن تَذهَبوا بِهِ وَأَخافُ أَن يَأكُلَهُ الذِّئبُ وَأَنتُم عَنهُ غٰفِلونَ (آيت : 13) |
چيائين: ”مون کي اِها ڳالهه غمناڪ بنائي ٿي ته اوهان ان کي وٺي وڃو ۽ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان ان کي بگهڙ کائي وڃي ۽ اوهان ان کان بي خبر هجو“. |
قالوا لَئِن أَكَلَهُ الذِّئبُ وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنّا إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 14) |
چيائون: ”جيڪڏهن ان کي بگهڙ کائي ۽ اسان مضبوط جماعت به (موجود) هجون ته بيشڪ اسان ان وقت نقصان وارا آهيون“. |
فَلَمّا ذَهَبوا بِهِ وَأَجمَعوا أَن يَجعَلوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ وَأَوحَينا إِلَيهِ لَتُنَبِّئَنَّهُم بِأَمرِهِم هٰذا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 15) |
پوءِ جڏهن کيس وٺي ويا ۽ متفق ٿيا ته ان کي اونداهي کوهه جي تري ۾ اڇلائن. ۽ اسان ان ڏانهن وحي ڪئي ته (هڪ وقت ايندو جو) تون انهن کي سندن هن ڪم جي خبر ڏيندين ۽ اُهي ان (ڪم جي نتيجن )کي نه ٿا ڄاڻن“. |
وَجاءو أَباهُم عِشاءً يَبكونَ (آيت : 16) |
۽ پنهنجي پيءُ وٽ رات جو (ڪوڙ جو) روئندا آيا. |
قالوا يٰأَبانا إِنّا ذَهَبنا نَستَبِقُ وَتَرَكنا يوسُفَ عِندَ مَتٰعِنا فَأَكَلَهُ الذِّئبُ وَما أَنتَ بِمُؤمِنٍ لَنا وَلَو كُنّا صٰدِقينَ (آيت : 17) |
چيائون: ”اي اسان جا پيءُ! اسان ڊوڙ ۾ مقابلو ڪرڻ وياسين ۽ اسان يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيو پوءِ کيس بگهڙ کائي ويو. ۽ تون اسان تي يقين ڪونه ڪندين توڙي جو اسان سچا هجون“. |
وَجاءو عَلىٰ قَميصِهِ بِدَمٍ كَذِبٍ قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ وَاللَّهُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 18) |
۽ ان جي قميص تي ڪوڙو رت لڳائي کڻي آيا. (يعقوب) چيو: ”بلڪه اوهان جي نفسن اوهان لاءِ (هن من گھڙت) ڳالهه کي آسان ۽ خوش نُما بنايو آهي. پوءِ صبر ڀلو آهي. ۽ الله کان مدد گهران ٿو ان تي جيڪي اوهان بيان ڪيو ٿا“. |
وَجاءَت سَيّارَةٌ فَأَرسَلوا وارِدَهُم فَأَدلىٰ دَلوَهُ قالَ يٰبُشرىٰ هٰذا غُلٰمٌ وَأَسَرّوهُ بِضٰعَةً وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 19) |
۽ هڪ قافلو آيو پوءِ انهن پنهنجي پاڻي ڀرڻ واري کي موڪليو سو ان پنهنجو ڏول لڙڪايو. (يوسف کي ڏسي)چيائين: ”واهه خوشخبري جي ڳالهه آهي! هي هڪ نينگرو آهي.“ ۽ ان کي تجارت جو قيمتي سامان سمجهي لڪايائون. ۽ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪم اُهي ڪري رهيا هئا. |
وَشَرَوهُ بِثَمَنٍ بَخسٍ دَرٰهِمَ مَعدودَةٍ وَكانوا فيهِ مِنَ الزّٰهِدينَ (آيت : 20) |
۽ (ڀائرن) کيس گهٽ قيمت تي چند درهمن جي عيوض وِڪيو ۽ اُهي ان (يوسف) جي باري ۾ بي رغبت هئا. |
وَقالَ الَّذِى اشتَرىٰهُ مِن مِصرَ لِامرَأَتِهِ أَكرِمى مَثوىٰهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ وَلِنُعَلِّمَهُ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَاللَّهُ غالِبٌ عَلىٰ أَمرِهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 21) |
۽ مصر مان جنهن ان کي خريد ڪيو هيو تنهن پنهنجي زال کي چيو: ”هن کي عزت ۽ احترام سان رهاءِ مَن اسان کي نفعو ڏئي يا اسان کيس پٽيلو بنايون“. ۽ اهڙي طرح اسان يوسف کي سر زمينِ (مصر) ۾ مضبوطي سان رهايو. هن لاءِ ته اسان کيس ڳالهين جي حقيقت (خوابن جي تعبير جو علم) سيکاريون. ۽ الله پنهنجي ڪم تي غالب آهي ۽ پر گھڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 22) |
۽ جڏهن اهو پنهنجي عمر جي پختگي (يعني جواني جي جوڀن) کي پهتو ته اسان کيس قوتِ فيصله ۽ علم ڏنو. ۽ اهڙي طرح اسان نيڪوڪارن کي بدلو ڏيندا آهيون. |
وَرٰوَدَتهُ الَّتى هُوَ فى بَيتِها عَن نَفسِهِ وَغَلَّقَتِ الأَبوٰبَ وَقالَت هَيتَ لَكَ قالَ مَعاذَ اللَّهِ إِنَّهُ رَبّى أَحسَنَ مَثواىَ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
۽ اهو (يوسف) جنهن عورت جي گهر ۾ هيو ان سندس ذات کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ چاهيو ۽ دروازا بند ڪيائين ۽ چيائين: ”(قريب) اچ“. (يوسف) چيو: ”الله جي پناهه! بيشڪ منهنجي رب ته مون کي سهڻي منزلت سان رکيو آهي. (۽ آءُ وري اهڙا ڪم ڪيان!) بيشڪ ظالم ماڻهو ڇوٽڪارو نه لهندا“. |
وَلَقَد هَمَّت بِهِ وَهَمَّ بِها لَولا أَن رَءا بُرهٰنَ رَبِّهِ كَذٰلِكَ لِنَصرِفَ عَنهُ السّوءَ وَالفَحشاءَ إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُخلَصينَ (آيت : 24) |
۽ بيشڪ عورت سندس (يعني يوسف ) جو ارادو ڪيو ۽ اهو به ان جو ارادو ڪري ها جي پنهنجي رب جو دليل نه ڏسي ها. اهڙي طرح (دليل ڏيکاريوسين ته) جيئن ان کان برائي ۽ بي حيائي کي پري ڪيون. بيشڪ اُهو اسان جي چونڊيل ٻانهن مان هيو. |
وَاستَبَقَا البابَ وَقَدَّت قَميصَهُ مِن دُبُرٍ وَأَلفَيا سَيِّدَها لَدَا البابِ قالَت ما جَزاءُ مَن أَرادَ بِأَهلِكَ سوءًا إِلّا أَن يُسجَنَ أَو عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 25) |
۽ ٻئي دروازي ڏانهن ڊوڙيا ۽ ان (عورت) سندس قميص کي پٺيءَ کان (ڇڪي) ڦاڙيو ۽ ٻنهين ان عورت جي مڙس (عزيزِ مصر) کي دروازي وٽ ڏٺو. چوڻ لڳي: ”ان ماڻهو جي سزا ڪهڙي آهي؟ جنهن تنهنجي گهر واريءَ سان برائي جو ارادو ڪيو. ٻي ڪهڙي (سزا) ٿي سگهي ٿي سواءِ هن جي جو قيد ڪيو وڃي يا دردناڪ عذاب ڏنو وڃي“. |
قالَ هِىَ رٰوَدَتنى عَن نَفسى وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن أَهلِها إِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن قُبُلٍ فَصَدَقَت وَهُوَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 26) |
(يوسف) چيو ته: ”هن پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ منهنجي ذات جي باري ۾ لالچايو“ (ايتري ۾ خود) عورت جي گهر ڀاتين مان هڪ شاهدي ڏني ته جيڪڏهن ان (يوسف)جي قميص اڳيان ڦاٽل آهي پوءِ اُها سچي آهي ۽ هو ڪوڙن مان آهي. |
وَإِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ فَكَذَبَت وَهُوَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 27) |
۽ جيڪڏهن سندس قميص پويان ڦاٽل آهي ته اُها (عورت) ڪوڙي آهي ۽ هو (يوسف) سچن مان آهي“. |
فَلَمّا رَءا قَميصَهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ قالَ إِنَّهُ مِن كَيدِكُنَّ إِنَّ كَيدَكُنَّ عَظيمٌ (آيت : 28) |
پوءِ جڏهن ان (عزيزِ مصر) سندس قميص پويان ڦاٽل ڏٺي ته چيائين: ”بيشڪ اِهو اوهان (زالن) جي مڪر مان آهي. بيشڪ اوهان جو مڪر تمام وڏو آهي. |
يوسُفُ أَعرِض عَن هٰذا وَاستَغفِرى لِذَنبِكِ إِنَّكِ كُنتِ مِنَ الخاطِـٔينَ (آيت : 29) |
اي يوسف تون ان ڳالهه کي درگذر ڪر. ۽ (اي عورت) تون پنهنجي گناهه جي معافي گُهر، بيشڪ تون ئي خطا ڪارن مان آهين“. |
وَقالَ نِسوَةٌ فِى المَدينَةِ امرَأَتُ العَزيزِ تُرٰوِدُ فَتىٰها عَن نَفسِهِ قَد شَغَفَها حُبًّا إِنّا لَنَرىٰها فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
۽ شهر ۾ ڪن عورتن چيو ته: ”عزيز (مصر) جي زال پنهنجي غلام کي پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ لالچائي ٿي. بيشڪ ان جي محبت سندس دل ۾ گَهرُ ڪري وئي آهي. بيشڪ اسان کيس کليل گمراهي (يعني گَهَرِي محبت) ۾ ڏسون ٿيون“. |
فَلَمّا سَمِعَت بِمَكرِهِنَّ أَرسَلَت إِلَيهِنَّ وَأَعتَدَت لَهُنَّ مُتَّكَـًٔا وَءاتَت كُلَّ وٰحِدَةٍ مِنهُنَّ سِكّينًا وَقالَتِ اخرُج عَلَيهِنَّ فَلَمّا رَأَينَهُ أَكبَرنَهُ وَقَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ وَقُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما هٰذا بَشَرًا إِن هٰذا إِلّا مَلَكٌ كَريمٌ (آيت : 31) |
پوءِ جڏهن ان عورتن جون مڪارانه گلائون ٻڌائين ته انهن کي گهرايائين ۽ انهن لاءِ مجلس تيار ڪيائين (هر هڪ اڳيان ميوا رکيائين) ۽ انهن مان هر هڪ کي ڇُري ڏنائين ۽ (يوسف کي) چيائين ته هنن جي اڳيان نڪري اچ. پوءِ جڏهن انهن کيس ڏٺو ته وڏو حسين ڏٺائون ۽ (نظارهِ حسنِ يوسفي ۾) پنهنجا هٿ وڍي ويٺيون ۽ چوڻ لڳيون: ”الله جي پناهه هي ته بشر نه آهي هي ته ڪو ملائڪ سڳورو ئي آهي“. |
قالَت فَذٰلِكُنَّ الَّذى لُمتُنَّنى فيهِ وَلَقَد رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ فَاستَعصَمَ وَلَئِن لَم يَفعَل ما ءامُرُهُ لَيُسجَنَنَّ وَلَيَكونًا مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 32) |
چوڻ لڳي: ”هي اهو ئي آهي جنهن جي باري ۾ اوهين مون کي ملامت ڪنديون هيئو. ۽ بيشڪ مون ان کي لالچايو هيو پر پاڻ کي بچايائين. ۽ (هاڻي به) جيڪڏهن ائين نه ڪندو جيئن کيس حڪم ڪيان ٿي ته کيس ضرور قيد ڪيو ويندو ۽ پڪ سان بي آبرو ڪيو ويندو“. |
قالَ رَبِّ السِّجنُ أَحَبُّ إِلَىَّ مِمّا يَدعونَنى إِلَيهِ وَإِلّا تَصرِف عَنّى كَيدَهُنَّ أَصبُ إِلَيهِنَّ وَأَكُن مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 33) |
(يوسف) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي قيد ان ڪم کان زياده محبوب آهي جنهن ڏانهن مون کي سڏن ٿيون ۽ جيڪڏهن تون انهن جي مڪر کي مون کان نه هٽائيندين ته آءٌ انهن جي (ڳالهين) طرف مائل ٿي ويندس ۽ آءٌ نادانن مان ٿي پوندس“. |
فَاستَجابَ لَهُ رَبُّهُ فَصَرَفَ عَنهُ كَيدَهُنَّ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 34) |
پوءِ سندس پالڻهار ان جي دعا قبول ڪئي پوءِ عورتن جي مڪر کي ان کان دور ڪيائين. بيشڪ اُهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
ثُمَّ بَدا لَهُم مِن بَعدِ ما رَأَوُا الءايٰتِ لَيَسجُنُنَّهُ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 35) |
پوءِ کين (سندس پاڪدامني جون) نشانيون ڏسڻ بعد اهو مناسب لڳو ته کيس هڪ مدت تائين قيد ۾ رکن. (جيستائين عوام کان اهو واقعو وسري وڃي). |
وَدَخَلَ مَعَهُ السِّجنَ فَتَيانِ قالَ أَحَدُهُما إِنّى أَرىٰنى أَعصِرُ خَمرًا وَقالَ الءاخَرُ إِنّى أَرىٰنى أَحمِلُ فَوقَ رَأسى خُبزًا تَأكُلُ الطَّيرُ مِنهُ نَبِّئنا بِتَأويلِهِ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 36) |
۽ ساڻس گڏ ٻه نوجوان به قيد ۾ داخل ٿيا. انهن مان هڪڙي چيو ته: ”مون پاڻ کي (خواب ۾) ڏٺو ته شراب نپوڙي رهيو آهيان“ ۽ ٻئي چيو ته: ”مون پنهنجو پاڻ کي (خواب ۾) ڏٺو آهي ته پنهنجي مٿي تي ماني کڻان پيو ان مان پکي کائن پيا“. (ٻنهين چيو ته: ”اي يوسف!) اسان کي ان (خوابن) جو تعبير ٻڌاءِ، بيشڪ اسان تو کي نيڪوڪارن مان ڏسون ٿا“. |
قالَ لا يَأتيكُما طَعامٌ تُرزَقانِهِ إِلّا نَبَّأتُكُما بِتَأويلِهِ قَبلَ أَن يَأتِيَكُما ذٰلِكُما مِمّا عَلَّمَنى رَبّى إِنّى تَرَكتُ مِلَّةَ قَومٍ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 37) |
چيائين: ”جيڪو کاڌو اوهان کي کائڻ لاءِ ڏنو وڃي ٿو ان جي توهان وٽ اچڻ کان اڳ ئي اوهان کي ان جو تعبير ٻڌائيندس. اهو (تعبير) ان علمن مان آهي جيڪي مون کي منهنجي رب سيکاريا آهن. بيشڪ مون ان قوم جو مذهب ڇڏيو آهي جيڪي الله تي ايمان نه ٿا رکن ۽ اُهي آخرت جا به منڪر آهن. |
وَاتَّبَعتُ مِلَّةَ ءاباءى إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ ما كانَ لَنا أَن نُشرِكَ بِاللَّهِ مِن شَيءٍ ذٰلِكَ مِن فَضلِ اللَّهِ عَلَينا وَعَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 38) |
۽ مون پنهنجي ابن ڏاڏن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي دين جي پيروي ڪئي آهي. اسان کي اهو حق ناهي جو الله سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ ڪيون. اُهو اسان تي ۽ ماڻهن تي الله جو فضل آهي (جو ان اسان کي پاڻ کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو بندو نه بنايو آهي) ۽ پر گهڻا ماڻهو شڪر نه ٿا ادا ڪن. |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ ءَأَربابٌ مُتَفَرِّقونَ خَيرٌ أَمِ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 39) |
اي منهنجي قيدخاني جا ٻئي ساٿيو! ڇا الڳ الڳ گهڻا رب ڀلا آهن يا هڪ الله جيڪو سڀني تي غالب آهي. |
ما تَعبُدونَ مِن دونِهِ إِلّا أَسماءً سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ أَمَرَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 40) |
ان (الله) کي ڇڏي اوهان جن جي بندگي ڪيو ٿا سي رڳو ڪجھه نالا آهن جيڪي خود اوهان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن. الله انهن جي باري ۾ ڪو دليل نه لاٿو آهي. حڪم جو اختيار صرف الله کي آهي. ان حڪم ڪيو آهي ته ڪنهن جي پوڄا نه ڪيو سواءِ ان جي. اهو درست دين آهي ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ أَمّا أَحَدُكُما فَيَسقى رَبَّهُ خَمرًا وَأَمَّا الءاخَرُ فَيُصلَبُ فَتَأكُلُ الطَّيرُ مِن رَأسِهِ قُضِىَ الأَمرُ الَّذى فيهِ تَستَفتِيانِ (آيت : 41) |
اي منهنجا قيدخاني جا ٻئي ساٿيو! اوهان مان هڪ (جي خواب جو تعبير هي آهي ته) اِهو پنهنجي رب (شاهِ مصر) کي شراب پياريندو. ۽ پر ٻيو (ان جي خواب جو تعبير هي آهي ته) اُهو ڦاهي چاڙهيو ويندو پوءِ پکي ان جي مٿي مان (گوشت) کائيندا. ان ڪم جو فيصلو ٿي چڪو آهي جنهن جي باري ۾ پڇو ٿا“. |
وَقالَ لِلَّذى ظَنَّ أَنَّهُ ناجٍ مِنهُمَا اذكُرنى عِندَ رَبِّكَ فَأَنسىٰهُ الشَّيطٰنُ ذِكرَ رَبِّهِ فَلَبِثَ فِى السِّجنِ بِضعَ سِنينَ (آيت : 42) |
۽ انهن ٻنهين مان جنهن جي باري ۾ سمجهيائين ته اُهو ڇٽڻ وارو آهي ان کي چيائين ته: ”پنهنجي مالڪ وٽ منهنجو ذڪر ڪجانءِ“. پوءِ شيطان ان کان پنهنجي مالڪ اڳيان ذڪر ڪرڻ وساري ڇڏيو. پوءِ ڪيئي سال (يوسف) قيد ۾ رهيو. |
وَقالَ المَلِكُ إِنّى أَرىٰ سَبعَ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعَ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ يٰأَيُّهَا المَلَأُ أَفتونى فى رُءيٰىَ إِن كُنتُم لِلرُّءيا تَعبُرونَ (آيت : 43) |
۽ بادشاهه چيو ته: ”آءٌ (خواب ۾) ڏسان ٿو ته ست متاريون ڍڳيون آهن جن کي ست ڏُٻريون ڍڳيون کائن ٿيون ۽ ست ساوا سنگ آهن ۽ ٻيا (ست) سُڪل سنگ آهن. اي سردارئو! مون کي منهنجي خواب جو جواب ٻڌايو؟ جيڪڏهن اوهان خوابن جو تعبير ڄاڻو ٿا“. |
قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ وَما نَحنُ بِتَأويلِ الأَحلٰمِ بِعٰلِمينَ (آيت : 44) |
چيائون: ”اهي خيالي خواب آهن ۽ اسان اهڙن خيالي خوابن جو تعبير ڄاڻڻ وارا نه آهيون“. |
وَقالَ الَّذى نَجا مِنهُما وَادَّكَرَ بَعدَ أُمَّةٍ أَنا۠ أُنَبِّئُكُم بِتَأويلِهِ فَأَرسِلونِ (آيت : 45) |
۽ اُهو شخص جيڪو انهن ٻنهين مان ڇٽو هيو ۽ مدت کان پوءِ (يوسف سان ڪيل وعدو) ياد آيس ان چيو ته: ”آءٌ ٿو اوهان کي ان جي تعبير جي خبر ٻڌايان سو (جيل ۾ يوسف سان ملڻ لاءِ) مون کي موڪليو. |
يوسُفُ أَيُّهَا الصِّدّيقُ أَفتِنا فى سَبعِ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعِ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ لَعَلّى أَرجِعُ إِلَى النّاسِ لَعَلَّهُم يَعلَمونَ (آيت : 46) |
(چيائين) ”يوسف اي سچار! تون اسان کي (هن خواب جو) تعبير ٻڌاءِ ست متاريون ڍڳيون آهن جن کي ست ڏٻريون ڍڳيون کائن ٿيون ۽ ست ساوا سنگ آهن ۽ ٻيا (ست) سڪل آهن. تان ته آءٌ (اهو تعبير کڻي) ماڻهن وٽ موٽي وڃان، مَنَ اُهي ڄاڻن“. |
قالَ تَزرَعونَ سَبعَ سِنينَ دَأَبًا فَما حَصَدتُم فَذَروهُ فى سُنبُلِهِ إِلّا قَليلًا مِمّا تَأكُلونَ (آيت : 47) |
(يوسف) چيو ته: ”اوهان ست سال محنت سان مسلسل پوک ڪندا. پوءِ جيڪو لُڻو ان کي ان جي سنگن ۾ ڇڏيو سواءِ ٿوري (اناج) جي جيڪو اوهان کائو. |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ سَبعٌ شِدادٌ يَأكُلنَ ما قَدَّمتُم لَهُنَّ إِلّا قَليلًا مِمّا تُحصِنونَ (آيت : 48) |
پوءِ ان کان بعد ست سال سخت ڏڪار جا ايندا. اُهي اَنُ (اناج) کي کائي ويندا جيڪو اوهان انهن (ستن سالن) لاءِ گڏ ڪري رکيو هوندو سواءِ ٿوري (اناج) جي جنهن کي حفاظت سان بچائي رکندؤ. |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ عامٌ فيهِ يُغاثُ النّاسُ وَفيهِ يَعصِرونَ (آيت : 49) |
پوءِ ان کان بعد هڪ سال ايندو جنهن ۾ ماڻهن تي (خوب) بارش برسائي ويندي ۽ ان ۾ ميوا نپوڙيندا“. |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ فَلَمّا جاءَهُ الرَّسولُ قالَ ارجِع إِلىٰ رَبِّكَ فَسـَٔلهُ ما بالُ النِّسوَةِ الّٰتى قَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ إِنَّ رَبّى بِكَيدِهِنَّ عَليمٌ (آيت : 50) |
۽ بادشاهه چيو: ”ان کي مون وٽ وٺي اچو“. پوءِ جڏهن ان (يوسف) وٽ قاصد آيو ته ان کي چيائين: ”پنهنجي مالڪ وٽ موٽي وڃ پوءِ ان کان پڇ ته انهن عورتن جو ڇا حال آهي؟ جن پنهنجا هٿ ڪٽيا هيا. بيشڪ منهنجو پالڻهار انهن جي مڪر کي ڄاڻڻ وارو آهي“. |
قالَ ما خَطبُكُنَّ إِذ رٰوَدتُنَّ يوسُفَ عَن نَفسِهِ قُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما عَلِمنا عَلَيهِ مِن سوءٍ قالَتِ امرَأَتُ العَزيزِ الـٰٔنَ حَصحَصَ الحَقُّ أَنا۠ رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ وَإِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 51) |
بادشاهه (عورتن کان) پڇيو ته: ”اوهان جو مطلب ڇا هيو؟ جڏهن اوهان يوسف کي پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ لالچايو ٿي“؟ چوڻ لڳيون: ”الله جي پناهه اسان ان ۾ ڪا برائي ڪا نه ڏٺي“. عزيزِ (مصر) جي زال چيو ته: ”هاڻي سچي ڳالهه ظاهر ٿي پئي مون کيس لالچايو هيو ۽ بيشڪ اُهو سچن مان آهي“. |
ذٰلِكَ لِيَعلَمَ أَنّى لَم أَخُنهُ بِالغَيبِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدى كَيدَ الخائِنينَ (آيت : 52) |
(يوسف چيو) اُهو هن لاءِ ته اُهو (بادشاهه) ڄاڻي ته مون پَرپُٺِ ان سان خيانت نه ڪئي آهي ۽ بيشڪ الله خيانت ڪرڻ وارن جي مڪر کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو آهي. |
وَما أُبَرِّئُ نَفسى إِنَّ النَّفسَ لَأَمّارَةٌ بِالسّوءِ إِلّا ما رَحِمَ رَبّى إِنَّ رَبّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 53) |
۽ آءٌ پنهنجي نفس جي پاڪيزگي بيان نه ٿو ڪيان، بيشڪ نفس ته برائيءَ تي گھڻو اڀارڻ وارو آهي سواءِ ان جي جو منهنجو پالڻهار رحم فرمائي. بيشڪ منهنجو پالڻهار بخشڻهار ٻاجهارو آهي“. |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ أَستَخلِصهُ لِنَفسى فَلَمّا كَلَّمَهُ قالَ إِنَّكَ اليَومَ لَدَينا مَكينٌ أَمينٌ (آيت : 54) |
۽ بادشاهه چيو ته: ”ان کي مون وٽ وٺي اچو ته آءٌ ان کي پنهنجي (خاص ڪمن) لاءِ مخصوص ڪيان“. پوءِ جڏهن ان سان (روبرو) ڳالهايائين ته چيائين: ”بيشڪ تون اڄ کان اسان وٽ مرتبي وارو امانتدار آهين“. |
قالَ اجعَلنى عَلىٰ خَزائِنِ الأَرضِ إِنّى حَفيظٌ عَليمٌ (آيت : 55) |
(يوسف) چيو ته: ”مون کي ملڪ جي خزانن تي مقرر ڪر. بيشڪ آءٌ نگهباني ڪندڙ ڄاڻندڙ آهيان“. |
وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ يَتَبَوَّأُ مِنها حَيثُ يَشاءُ نُصيبُ بِرَحمَتِنا مَن نَشاءُ وَلا نُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
۽ اهڙي طرح اسان يوسف کي ملڪ ۾ اقتدار ڏنو. (اهو مختار هيو) ان ۾ جتي چاهي (پنهنجي رهڻ جي) جاءِ بنائي. اسان جنهن کي چاهيون پنهنجي رحمت پهچايون ٿا ۽ نيڪي ڪرڻ وارن جو اجر نه ٿا وڃايون. |
وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 57) |
۽ آخرت جو اجر ڀلو آهي انهن لاءِ جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ڪندا رهيا. |
وَجاءَ إِخوَةُ يوسُفَ فَدَخَلوا عَلَيهِ فَعَرَفَهُم وَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 58) |
۽ (ڏڪر دوران) يوسف جا ڀائر (اَناج وٺڻ) آيا پوءِ وٽس داخل ٿيا (يعني سندس روبرو ٿيا) پوءِ پاڻ کين سڃاتائين ۽ اُهي کيس سڃاڻي نه سگهيا. |
وَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم قالَ ائتونى بِأَخٍ لَكُم مِن أَبيكُم أَلا تَرَونَ أَنّى أوفِى الكَيلَ وَأَنا۠ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 59) |
۽ جڏهن انهن لاءِ سندن سامان تيار ڪرايائين ته چيائين: ”اوهان پنهنجي پِيئيتي ڀاءُ (بن يامين) کي مون وٽ وٺي اچجو. ڇا اوهان نه ٿا ڏسو ته آءٌ پوري ماپ (يعني ان جي تور) ڏيان پيو ۽ آءٌ بهترين مهمان نواز آهيان. |
فَإِن لَم تَأتونى بِهِ فَلا كَيلَ لَكُم عِندى وَلا تَقرَبونِ (آيت : 60) |
پوءِ جيڪڏهن اوهان ان کي مون وٽ نه آندو ته مون وٽ اوهان لاءِ (اناج جي) ڪا ماپ نه هوندي ۽ اوهان منهنجي ويجهو به نه اچجو“. |
قالوا سَنُرٰوِدُ عَنهُ أَباهُ وَإِنّا لَفٰعِلونَ (آيت : 61) |
چيائون: ”اسان ان جي پيءُ کان ان جي گهُر ڪنداسين ۽ اسان ضرور (ائين) ڪنداسين“. |
وَقالَ لِفِتيٰنِهِ اجعَلوا بِضٰعَتَهُم فى رِحالِهِم لَعَلَّهُم يَعرِفونَها إِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِم لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 62) |
۽ (يوسف) پنهنجي خدمتگارن کي چيو ته: ”انهن جي (اناج لاءِ ڏنل) رقم سندن ٻورن ۾ رکي ڇڏيو تانجو جڏهن اُهي پنهنجي گهر وارن وٽ موٽن ته ان کي سُڃاڻن من اُهي موٽي اچن“. |
فَلَمّا رَجَعوا إِلىٰ أَبيهِم قالوا يٰأَبانا مُنِعَ مِنَّا الكَيلُ فَأَرسِل مَعَنا أَخانا نَكتَل وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 63) |
پوءِ جڏهن پنهنجي پيءُ وٽ موٽي آيا ته چيائون: ”اي اسان جا پيءُ اسان کان اناج روڪيو ويو آهي سو اسان سان گڏ اسان جي ڀاءُ کي موڪل ته اَنُ ماپي (توري) وٺي اچون ۽ بلاشڪ اسان سندس محافظ هونداسين“. |
قالَ هَل ءامَنُكُم عَلَيهِ إِلّا كَما أَمِنتُكُم عَلىٰ أَخيهِ مِن قَبلُ فَاللَّهُ خَيرٌ حٰفِظًا وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 64) |
(يعقوب) چيو: ”ڇا ان بابت آءٌ اوهان تي ائين اعتبار ڪيان؟ جيئن هن کان اڳ سندس ڀاءُ (يوسف) بابت اوهان تي اعتبار ڪيو هيم. پوءِ الله ئي بهتر حفاظت ڪندڙ آهي ۽ اُهو سڀني رحم ڪرڻ وارن کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهي“. |
وَلَمّا فَتَحوا مَتٰعَهُم وَجَدوا بِضٰعَتَهُم رُدَّت إِلَيهِم قالوا يٰأَبانا ما نَبغى هٰذِهِ بِضٰعَتُنا رُدَّت إِلَينا وَنَميرُ أَهلَنا وَنَحفَظُ أَخانا وَنَزدادُ كَيلَ بَعيرٍ ذٰلِكَ كَيلٌ يَسيرٌ (آيت : 65) |
۽ جڏهن پنهنجو سامان کوليائون ته (ان ۾) پنهنجي رقم لڌائون جيڪا کين موٽائي وئي هئي. چيائون: ”اي اسان جا پيءُ !اسان کي ٻيو ڇا کپي؟ هي اسان جي رقم آهي جا اسان کي موٽائي وئي آهي. ۽ اسان پنهنجي گهر وارن لاءِ (ضرور) اَنُ آڻينداسين ۽ اسان پنهنجي ڀاءُ جي حفاظت ڪنداسين ۽ هڪ اٺ جو بار وڌيڪ وٺنداسين. اهو (اناج جو اڳ آندو اٿئون) ٿوري مقدار ۾ آهي“. |
قالَ لَن أُرسِلَهُ مَعَكُم حَتّىٰ تُؤتونِ مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ لَتَأتُنَّنى بِهِ إِلّا أَن يُحاطَ بِكُم فَلَمّا ءاتَوهُ مَوثِقَهُم قالَ اللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 66) |
(يعقوب) چيو: ”ان کي اوهان سان گڏ هرگز نه موڪليندس جيستائين اوهان الله جو قسم کڻي پڪو عهد نه ڏيندؤ، ته کيس مون وٽ ضرور (موٽائي) وٺي ايندؤ. سواءِ هن جي جو اوهان ڪنهن مصيبت ۾ گھيرجي وڃو“. پوءِ جڏهن ان کي پڪو انجام ڏنائون ته چيائين: ”جيڪي اسان چئون ٿا الله ان تي نگهبان آهي“. |
وَقالَ يٰبَنِىَّ لا تَدخُلوا مِن بابٍ وٰحِدٍ وَادخُلوا مِن أَبوٰبٍ مُتَفَرِّقَةٍ وَما أُغنى عَنكُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَعَلَيهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 67) |
۽ چيائين: ”اي منهنجا پٽئو! (شهر ۾) هڪ دروازي مان داخل نه ٿجو ۽ (پر) جدا جدا دروازن مان داخل ٿجو. ۽ آءٌ اوهان تان الله جي ڪا ڳالهه ٽاري نه ٿو سگهان. الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو حڪم نه آهي. مون ان مٿان ڀروسو ڪيو ۽ ڀروسو ڪندڙن کي ان تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي“. |
وَلَمّا دَخَلوا مِن حَيثُ أَمَرَهُم أَبوهُم ما كانَ يُغنى عَنهُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِلّا حاجَةً فى نَفسِ يَعقوبَ قَضىٰها وَإِنَّهُ لَذو عِلمٍ لِما عَلَّمنٰهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 68) |
۽ جڏهن (شهر ۾ جدا جدا دروازن مان) داخل ٿيا جيئن کين سندن والد حڪم ڏنو هيو. اها (احتياطي تدبير) انهن تان الله جي ڪنهن ڳالهه کي ٽاري نه ٿي سگهي مگر يعقوب جي دل جي هڪ خواهش هئي جنهن کي ان پورو ڪيو. ۽ بيشڪ اهو (يعقوب) علم وارو هيو ان ڪري جو اسان کيس علم سيکاريو هيو ۽ پر گھڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. |
وَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَخاهُ قالَ إِنّى أَنا۠ أَخوكَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 69) |
۽ جڏهن يوسف وٽ داخل ٿيا ته پنهنجي ڀاءُ (بن يامين) کي پاڻ وٽ جڳهه ڏنائين چيائين: ”آءٌ تنهنجو ڀاءُ آهيان سو تون غمگين نه ٿي انهن ڪمن تي جيڪي اُهي ڪندا رهيا آهن“. |
فَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم جَعَلَ السِّقايَةَ فى رَحلِ أَخيهِ ثُمَّ أَذَّنَ مُؤَذِّنٌ أَيَّتُهَا العيرُ إِنَّكُم لَسٰرِقونَ (آيت : 70) |
پوءِ جڏهن انهن جو سامان کين مهيا ڪيائين ته (شاهي) پيالو پنهنجي ڀاءُ (بن يامين) جي ٻوري ۾ رکيائين. پوءِ هڪ سڏيندڙ سڏ ڪيو: ”اي قافلي وارؤ! بيشڪ اوهان چور آهيو“. |
قالوا وَأَقبَلوا عَلَيهِم ماذا تَفقِدونَ (آيت : 71) |
انهن ڏانهن متوجهه ٿي چيائون: ”توهان ڇا وڃايو آهي“؟ |
قالوا نَفقِدُ صُواعَ المَلِكِ وَلِمَن جاءَ بِهِ حِملُ بَعيرٍ وَأَنا۠ بِهِ زَعيمٌ (آيت : 72) |
(سرڪاري ملازم) چوڻ لڳا: ”اسان کي بادشاهه جو پيالو نه ٿو لڀي. جيڪو ان کي (ڳولي) آڻيندو ان لاءِ هڪ اُٺ جو بار (انعام) آهي ۽ آءٌ ان جو ضامن آهيان“. |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد عَلِمتُم ما جِئنا لِنُفسِدَ فِى الأَرضِ وَما كُنّا سٰرِقينَ (آيت : 73) |
(يوسف جي ڀائرن) چيو: ”الله جو قسم! اوهان ڄاڻو ٿا ته اسان زمين ۾ فساد ڦهلائڻ نه آيا آهيون ۽ نه ئي اسان چور آهيون“. |
قالوا فَما جَزٰؤُهُ إِن كُنتُم كٰذِبينَ (آيت : 74) |
چيائون ته: ”ان (چور) جي سزا ڇا هوندي؟ جي اوهان ڪوڙا هجو“. |
قالوا جَزٰؤُهُ مَن وُجِدَ فى رَحلِهِ فَهُوَ جَزٰؤُهُ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 75) |
چيائون: ”ان جي سزا اها آهي جو جنهن جي سامان مان نڪري ته اُهو خود ان جي سزا (۾ رکيو ويندو) آهي. اهڙي طرح اسان ظالمن کي سزا ڏيندا آهيون“. |
فَبَدَأَ بِأَوعِيَتِهِم قَبلَ وِعاءِ أَخيهِ ثُمَّ استَخرَجَها مِن وِعاءِ أَخيهِ كَذٰلِكَ كِدنا لِيوسُفَ ما كانَ لِيَأخُذَ أَخاهُ فى دينِ المَلِكِ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ وَفَوقَ كُلِّ ذى عِلمٍ عَليمٌ (آيت : 76) |
پوءِ (يوسف) پنهنجي ڀاءُ جي سامان کان اڳ انهن جي سامان جي تلاشي ورتي پوءِ پنهنجي ڀاءُ جي سامان مان (گم شده پيالو) ڪڍيائين. اهڙي طرح اسان يوسف لاءِ تدبير ڪئي. (ڇو ته) پنهنجي ڀاءُ کي بادشاهِ (مصر) جي قانون مطابق (قيد ۾) وٺي نه ٿي سگهيو مگر هي ته جيڪي الله چاهي. ۽ اسان جنهن جا چاهيون درجا بلند ڪيون ٿا. ۽ هر علم واري مٿان هڪ علم وارو آهي. |
قالوا إِن يَسرِق فَقَد سَرَقَ أَخٌ لَهُ مِن قَبلُ فَأَسَرَّها يوسُفُ فى نَفسِهِ وَلَم يُبدِها لَهُم قالَ أَنتُم شَرٌّ مَكانًا وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما تَصِفونَ (آيت : 77) |
چيائون: ”جي هن چوري ڪئي آهي ته بيشڪ هن جو ڀاءُ (يوسف) به ان کان اڳ چوري ڪري چڪو آهي“. پوءِ يوسف ان ڳالهه کي پنهنجي دل ۾ لڪايو ۽انهن تي ظاهر نه ڪيائين. چيائين: ”اوهان بدتر حال وارا آهيو ۽ جيڪي اوهان بيان ڪيو ٿا الله ان کي چڱي طرح ڄاڻڻ وارو آهي“. |
قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ إِنَّ لَهُ أَبًا شَيخًا كَبيرًا فَخُذ أَحَدَنا مَكانَهُ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 78) |
چيائون: ”اي عزيز! هن جو پيءُ وڏي عمر وارو بزرگ آهي سو تون ان جي عيوض اسان مان ڪنهن هڪ کي پڪڙ (يعني قيد ڪر). بيشڪ اسان تو کي احسان ڪرڻ وارن مان ڏسون ٿا“. |
قالَ مَعاذَ اللَّهِ أَن نَأخُذَ إِلّا مَن وَجَدنا مَتٰعَنا عِندَهُ إِنّا إِذًا لَظٰلِمونَ (آيت : 79) |
چيائين: ”الله جي پناهه جو اسان جنهن وٽ پنهنجو سامان لڌو ان کان سواءِ ٻئي کي پڪڙيون. پوءِ ته بلاشڪ ان وقت اسان ظالمن مان هونداسين“. |
فَلَمَّا استَيـَٔسوا مِنهُ خَلَصوا نَجِيًّا قالَ كَبيرُهُم أَلَم تَعلَموا أَنَّ أَباكُم قَد أَخَذَ عَلَيكُم مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ وَمِن قَبلُ ما فَرَّطتُم فى يوسُفَ فَلَن أَبرَحَ الأَرضَ حَتّىٰ يَأذَنَ لى أَبى أَو يَحكُمَ اللَّهُ لى وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 80) |
پوءِ جڏهن ان (يوسف )کان مايوس ٿي ويا ته اڪيلائي ۾ مشورو ڪرڻ لڳا. انهن مان وڏي چيو ته: ”ڇا اوهان نه ٿا ڄاڻو ته اوهان جي پيءُ اوهان کان الله جو قسم کڻائي پڪو عهد ورتو هيو ۽ هن کان اڳ يوسف جي باري ۾ اوهان اڳرايون ڪري چڪا آهيو. پوءِ آءٌ هن ڌرتي مان تيستائين نه نڪرندس جيستائين منهنجو پيءُ مون کي اجازت ڏئي يا مون لاءِ الله ڪو فيصلو فرمائي ۽ اُهو بهتر فيصلو ڪندڙ آهي. |
ارجِعوا إِلىٰ أَبيكُم فَقولوا يٰأَبانا إِنَّ ابنَكَ سَرَقَ وَما شَهِدنا إِلّا بِما عَلِمنا وَما كُنّا لِلغَيبِ حٰفِظينَ (آيت : 81) |
پنهنجي پيءُ وٽ موٽي وڃو پوءِ چئوس ته: ”اي اسان جا پيءُ بيشڪ تنهنجي پُٽ چوري ڪئي. (سو اهو گرفتار ٿي ويو) ۽ اسان فقط ان جي شاهدي ڏني هئي جيڪي اسان ڄاتو هيو ۽ اسان غيب جا نگهبان نه هئاسين. |
وَسـَٔلِ القَريَةَ الَّتى كُنّا فيها وَالعيرَ الَّتى أَقبَلنا فيها وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 82) |
۽ ان ڳوٺ (وارن) کان پڇا ڪر جنهن ۾ اسان هئاسين ۽ ان قافلي (وارن) کان (پڇي ڏس) جنهن ۾ اسان آيا آهيون ۽ بيشڪ اسان سچا آهيون“. |
قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ عَسَى اللَّهُ أَن يَأتِيَنى بِهِم جَميعًا إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 83) |
(يعقوب) چيو: ”بلڪه اوهان پنهنجي طرفان ڳالهه ٺاهي آهي. هاڻي صبر ئي سهڻو آهي. من الله انهن سڀني کي مون وٽ آڻي. بيشڪ اُهو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي“. (يعني الله جي هر ڪم ۾ حڪمت آهي) |
وَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰأَسَفىٰ عَلىٰ يوسُفَ وَابيَضَّت عَيناهُ مِنَ الحُزنِ فَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 84) |
۽ انهن کان مُنهن موڙيائين ۽ چيائين: ”هاءِ يوسف!“ ۽ غم کان سندس اکيون اڇيون ٿي ويون پوءِ اُهو غم کي اندر ۾ کائيندڙ هيو. |
قالوا تَاللَّهِ تَفتَؤُا۟ تَذكُرُ يوسُفَ حَتّىٰ تَكونَ حَرَضًا أَو تَكونَ مِنَ الهٰلِكينَ (آيت : 85) |
چيائون: ”الله جو قسم تون هميشه يوسف کي ياد ڪندو رهندين تانجو تون بيمار ٿي پئين يا فوت ٿي وڃين“. |
قالَ إِنَّما أَشكوا بَثّى وَحُزنى إِلَى اللَّهِ وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 86) |
(يعقوب) چيو: ”آءٌ پنهنجي بي قراري ۽ پنهنجي غم جي فرياد الله سان ڪيان ٿو ۽ الله جي طرفان جيڪي آءٌ ڄاڻان ٿو سو اوهان نه ٿا ڄاڻو. |
يٰبَنِىَّ اذهَبوا فَتَحَسَّسوا مِن يوسُفَ وَأَخيهِ وَلا تَا۟يـَٔسوا مِن رَوحِ اللَّهِ إِنَّهُ لا يَا۟يـَٔسُ مِن رَوحِ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الكٰفِرونَ (آيت : 87) |
اي منهنجا پٽ! وڃو يوسف ۽ ان جي ڀاءُ جي تلاش ڪيو ۽ الله جي رحمت مان مايوس نه ٿيو. بيشڪ الله جي رحمت مان صرف اُهي مايوس ٿين ٿا جيڪي ڪافر آهن“. |
فَلَمّا دَخَلوا عَلَيهِ قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ مَسَّنا وَأَهلَنَا الضُّرُّ وَجِئنا بِبِضٰعَةٍ مُزجىٰةٍ فَأَوفِ لَنَا الكَيلَ وَتَصَدَّق عَلَينا إِنَّ اللَّهَ يَجزِى المُتَصَدِّقينَ (آيت : 88) |
پوءِ جڏهن اهي (مصر ۾) يوسف وٽ داخل ٿيا چيائون: ”اي عزيز!”اسان کي ۽ اسان جي گهروارن کي (ڏڪر سبب) تڪليف پهتي آهي ۽ اسان هي ٿورڙي رقم آندي آهي پوءِ تون اسان کي (اناج) پوري تور ڏي ۽ اسان تي خيرات به ڪر. بيشڪ الله خيرات ڪندڙن کي بدلو ڏئي ٿو“. |
قالَ هَل عَلِمتُم ما فَعَلتُم بِيوسُفَ وَأَخيهِ إِذ أَنتُم جٰهِلونَ (آيت : 89) |
(يوسف) چيو: ”ڇا اوهان کي معلوم آهي ته اوهان يوسف ۽ ان جي ڀاءُ سان ڇا (سلوڪ) ڪيو هيو؟ جنهن وقت اوهان نادان هئا“. |
قالوا أَءِنَّكَ لَأَنتَ يوسُفُ قالَ أَنا۠ يوسُفُ وَهٰذا أَخى قَد مَنَّ اللَّهُ عَلَينا إِنَّهُ مَن يَتَّقِ وَيَصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 90) |
چيائون: ”ڇا واقعي تون يوسف آهين“؟ چيائين: (هائو) ”آءٌ يوسف آهيان ۽ هي منهنجو ڀاءُ (بن يامين) آهي. بيشڪ الله اسان تي احسان ڪيو. بيشڪ جيڪو الله کان ڊڄي ٿو ۽ صبر ڪري ٿو ته پوءِ بيشڪ الله نيڪوڪارن جو اجر ضايع ڪونه ٿو ڪري“. |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد ءاثَرَكَ اللَّهُ عَلَينا وَإِن كُنّا لَخٰطِـٔينَ (آيت : 91) |
چيائون: ”الله جو قسم بيشڪ الله تو کي اسان تي فضيلت ڏني آهي ۽ اسان ئي خطاڪار هئاسين“. |
قالَ لا تَثريبَ عَلَيكُمُ اليَومَ يَغفِرُ اللَّهُ لَكُم وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 92) |
چيائين: ”اڄ اوهان تي ڪا ميار (۽ ڪا پڪڙ) ناهي. الله اوهان کي بخشيندو ۽ اهو سڀ رحم ڪرڻ وارن کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهي. |
اذهَبوا بِقَميصى هٰذا فَأَلقوهُ عَلىٰ وَجهِ أَبى يَأتِ بَصيرًا وَأتونى بِأَهلِكُم أَجمَعينَ (آيت : 93) |
منهنجي هيءَ قميص کڻي وڃو پوءِ ان کي منهنجي پيءُ جي مُنهن تي وجهو ته ڏسڻ وارو ٿي پوندو ۽ اوهان پنهنجي سڀ گهر وارن کي مون وٽ وٺي اچو“. |
وَلَمّا فَصَلَتِ العيرُ قالَ أَبوهُم إِنّى لَأَجِدُ ريحَ يوسُفَ لَولا أَن تُفَنِّدونِ (آيت : 94) |
۽ جڏهن قافلو (مصر کان) روانو ٿيو ته سندن پيءُ (ڪنعان ۾ ويـٺي) چيو ته: ”بيشڪ آءٌ يوسف جي خوشبوءِ محسوس ڪيان ٿو. جي اوهان مون کي بي وقوف نه سمجهو“. |
قالوا تَاللَّهِ إِنَّكَ لَفى ضَلٰلِكَ القَديمِ (آيت : 95) |
چيائون: ”الله جو قسم بيشڪ تون پنهنجي پراڻي محبت ۾ گم آهين“. |
فَلَمّا أَن جاءَ البَشيرُ أَلقىٰهُ عَلىٰ وَجهِهِ فَارتَدَّ بَصيرًا قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 96) |
پوءِ جڏهن خوشخبري ڏيندڙ آيو ته اُها (قميص) سندس چهري تي وڌائين ته ڏسڻ وارو ٿي پيو. چيائين: ”ڇا مون اوهان کي نه چيو هيو ته آءٌ الله جي طرفان اُهو ڄاڻان ٿو جيڪي اوهان نه ٿا ڄاڻو“. |
قالوا يٰأَبانَا استَغفِر لَنا ذُنوبَنا إِنّا كُنّا خٰطِـٔينَ (آيت : 97) |
چيائون: ”اي اسان جا پيءُ! اسان لاءِ اسان جي گناهن جي معافي گُهر بيشڪ اسان ئي خطاڪار هئاسين“. |
قالَ سَوفَ أَستَغفِرُ لَكُم رَبّى إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 98) |
(يعقوب) چيو: ”جلد اوهان لاءِ پنهنجي پالڻهار کان بخشش گهرندس. بيشڪ اُهو بخشڻهار ٻاجهارو آهي“. |
فَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَبَوَيهِ وَقالَ ادخُلوا مِصرَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ (آيت : 99) |
پوءِ جڏهن (سڀ گهراڻي وارا) يوسف وٽ داخل ٿيا ته پنهنجي ماءُ پيءُ کي پاڻ وٽ (معزز ترين) جاءِ ڏنائين ۽ چيائين ته:”هلو شهر ۾ داخل ٿيو جيڪڏهن الله گهريو ته شهر ۾ امن سان رهندئو“. |
وَرَفَعَ أَبَوَيهِ عَلَى العَرشِ وَخَرّوا لَهُ سُجَّدًا وَقالَ يٰأَبَتِ هٰذا تَأويلُ رُءيٰىَ مِن قَبلُ قَد جَعَلَها رَبّى حَقًّا وَقَد أَحسَنَ بى إِذ أَخرَجَنى مِنَ السِّجنِ وَجاءَ بِكُم مِنَ البَدوِ مِن بَعدِ أَن نَزَغَ الشَّيطٰنُ بَينى وَبَينَ إِخوَتى إِنَّ رَبّى لَطيفٌ لِما يَشاءُ إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 100) |
۽ پنهنجي ماءُ پيءُ کي کڻي تخت تي ويهاريائين ۽ اهي سڀ (يوسف) لاءِ سجدي ۾ ڪري پيا ۽ چيائين: ”اي منهنجا پيءُ! هي منهنجي اڳئين خواب جو تعبير آهي، بيشڪ منهنجي پروردگار ان کي سچو ڪيو. ۽ بيشڪ مون سان احسان ڪيائين جڏهن مون کي جيل مان ڪڍيائين ۽ اوهان سڀني کي ٻهراڙي مان (شهر ۾) آندائين ان کان پوءِ جو شيطان منهنجي ۽ منهنجي ڀائرن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪيو هيو. بيشڪ منهنجو پالڻهار جيڪو چاهي ان لاءِ بهترين تدبير ڪرڻ وارو آهي. بيشڪ اُهو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
رَبِّ قَد ءاتَيتَنى مِنَ المُلكِ وَعَلَّمتَنى مِن تَأويلِ الأَحاديثِ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنتَ وَلِيّۦ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ تَوَفَّنى مُسلِمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 101) |
اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ تو مون کي بادشاهت ڏني ۽ تو مون کي ڳالهين جي حقيقت (خوابن جي تعبير) سيکاري. اي آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ وارا! تون دنيا ۽ آخرت ۾ منهنجو ڪارساز آهين. مون کي اسلام تي وفات ڏي ۽ مون کي صالحن سان ملاءِ“. |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ أَجمَعوا أَمرَهُم وَهُم يَمكُرونَ (آيت : 102) |
اهو (قصو) غيب جي خبرن مان آهي جنهن کي تو ڏانهن وحي ڪيون ٿا. ۽ تون انهن (يوسف جي ڀائرن) وٽ نه هئين جنهن وقت اُهي پنهنجي سازشي تدبير تي گڏ ٿيا ۽ اُهي فريب ڪري رهيا هئا. |
وَما أَكثَرُ النّاسِ وَلَو حَرَصتَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 103) |
۽ اڪثر ماڻهو ايمان آڻڻ وارا نه آهن توڙي جو تون (ڪيتري به ) خواهش ڪرين. |
وَما تَسـَٔلُهُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 104) |
حالانڪه تون ان (تبليغ) تي انهن کان ڪو معاوضو نه ٿو گهرين. اهو (قرآن) ٻيو ڪجهه ناهي مگر جهان وارن لاءِ نصيحت آهي. |
وَكَأَيِّن مِن ءايَةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَمُرّونَ عَلَيها وَهُم عَنها مُعرِضونَ (آيت : 105) |
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن جن تان اهي گذرندا رهن ٿا ۽ اهي انهن کان مُنهن موڙيندڙ آهن. |
وَما يُؤمِنُ أَكثَرُهُم بِاللَّهِ إِلّا وَهُم مُشرِكونَ (آيت : 106) |
۽ انهن مان گھڻا ماڻهو الله تي ايمان رکڻ جي باوجود به شرڪ ڪرڻ وارا آهن. |
أَفَأَمِنوا أَن تَأتِيَهُم غٰشِيَةٌ مِن عَذابِ اللَّهِ أَو تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 107) |
ڇا پوءِ اهي هن کان بي خوف ٿي ويا؟ جو انهن تي الله جي عذاب جي ڇانئجي وڃڻ واري آفت اچي وڃي يا انهن تي اوچتو (قيامت جي) گھڙي اچي وڃي ۽ کين خبر به نه هجي. |
قُل هٰذِهِ سَبيلى أَدعوا إِلَى اللَّهِ عَلىٰ بَصيرَةٍ أَنا۠ وَمَنِ اتَّبَعَنى وَسُبحٰنَ اللَّهِ وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 108) |
چؤ ته هيءَ منهنجي واٽ آهي آءٌ الله ڏانهن سڏيان ٿو پوري سوچ سمجهه تي آهيان آءٌ ۽ جنهن به منهنجي پيروي ڪئي. ۽ الله پاڪ آهي ۽ آءٌ شرڪ ڪرڻ وارن مان نه آهيان. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم مِن أَهلِ القُرىٰ أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ اتَّقَوا أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 109) |
۽ تو کان اڳ به ڳوٺن وارن ڏي اسان رڳو مردن کي ئي رسول بنائي موڪليو هيو جن ڏانهن اسان وحي ڪئي هئي. ڇا پوءِ اهي زمين ۾ نه ٿا گهمن؟ پوءِ ڏسن ته جيڪي انهن کان اڳ هئا انهن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ ۽ آخرت جو گهر پرهيزگارن لاءِ ڀلو آهي. ڇا پوءِ عقل کان ڪم نه ٿا وٺن؟ |
حَتّىٰ إِذَا استَيـَٔسَ الرُّسُلُ وَظَنّوا أَنَّهُم قَد كُذِبوا جاءَهُم نَصرُنا فَنُجِّىَ مَن نَشاءُ وَلا يُرَدُّ بَأسُنا عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 110) |
(رسول ايندا رهيا ۽ نافرمان ماڻهو انڪار ڪندا رهيا) ايستائين جو جڏهن رسول (قوم کان) مايوس ٿيا ۽ (قوم وارن) سمجهيو ته انهن سان ڪوڙ ڪيو ويو آهي ته ان وقت انهن (رسولن) وٽ اسان جي مدد پهتي پوءِ اسان جنهن کي گهريو نجات ڏني. ۽ اسان جو عذاب ڏوهاري قوم کان نه ٿو ٽاريو وڃي. |
لَقَد كانَ فى قَصَصِهِم عِبرَةٌ لِأُولِى الأَلبٰبِ ما كانَ حَديثًا يُفتَرىٰ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ كُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 111) |
بيشڪ انهن (رسولن) جي قصن ۾ سمجهدارن لاءِ عبرت آهي. (هي قرآن) هٿ جي ٺاهيل ڳالهه نه آهي ۽ پر انهن (ڪتابن) جي تصديق آهي جي ان کان اڳيان آهن ۽ هر شيءِ جو تفصيل آهي ۽ هدايت ۽ رحمت آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان رکن ٿا. |