الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 1) |
الف- لام- را هي آيتون آهن روشن ۽ واضح ڪتاب جون. |
إِنّا أَنزَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 2) |
اسان هن قرآن کي عربي زبان ۾ نازل ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان چڱيءَ طرح سمجهو. |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ أَحسَنَ القَصَصِ بِما أَوحَينا إِلَيكَ هٰذَا القُرءانَ وَإِن كُنتَ مِن قَبلِهِ لَمِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 3) |
(اي پيغمبر!) هن قرآن کي وحي طور موڪلڻ سان توکي اسان بهترين طريقي سان (گذريل) واقعا ۽ حالتون ٻڌايون ٿا ۽ يقيناً قرآن جي نازل ٿيڻ کان اڳي تون انهن ماڻهن منجهان هئين جيڪي (انهن احوالن کان) بي خبر هئا. |
إِذ قالَ يوسُفُ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ إِنّى رَأَيتُ أَحَدَ عَشَرَ كَوكَبًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ رَأَيتُهُم لى سٰجِدينَ (آيت : 4) |
۽ (ٻڌو ته) ڇا ٿيو جو حضرت يوسف پنهنجي پيءُ کي اچي چيو ته، اي منهنجا بابا! مون (خواب ۾) ڏٺو (ته) يارهن تارا آهن ۽ سج ۽ چنڊ به آهن ۽ ڏٺم ته اهي سڀ مون کي سجدو ڪري رهيا آهن. |
قالَ يٰبُنَىَّ لا تَقصُص رُءياكَ عَلىٰ إِخوَتِكَ فَيَكيدوا لَكَ كَيدًا إِنَّ الشَّيطٰنَ لِلإِنسٰنِ عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 5) |
(پيءُ) چيو ته اي منهنجا پٽ! پنهنجي هن خواب جو حال ڀائرن کي نه ٻڌائجانءِ. متان هو تنهنجي خلاف ڪنهن منصوبي جون تجويزون ٺاهڻ لڳن. ياد رک ته شيطان انسان جو کليو ۽ چٽو دشمن آهي. |
وَكَذٰلِكَ يَجتَبيكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَيُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَعَلىٰ ءالِ يَعقوبَ كَما أَتَمَّها عَلىٰ أَبَوَيكَ مِن قَبلُ إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبَّكَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 6) |
۽ (اي منهنجا پٽ! جهڙيءَ طرح تو ڏٺو آهي ته يارهن تارا ۽ سج ۽ چنڊ تنهنجي اڳيان جهڪيا آهن) تهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار توکي بزرگيءَ (۽ پيغمبريءَ) لاءِ چونڊيو آهي ۽ هيءَ ڳالهه سيکارڻ وارو آهي ته ڳالهين (۽ واقعن) جو نتيجو ۽ مطلب ڪهڙيءَ طرح ٺهرائجي ۽ معلوم ڪجي (يعني الله تعاليٰ توکي عقل ۽ حڪمت ڏيڻ وارو آهي) پڻ جهڙيءَ طرح هو (يعني الله تعاليٰ) هن کان اڳي تنهنجي وڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي پنهنجي نعمت پوري ڪري چڪو آهي. تهڙيءَ طرح توتي ۽ يعقوب جي گهراڻي تي به نعمت پوري ڪندو. بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. |
لَقَد كانَ فى يوسُفَ وَإِخوَتِهِ ءايٰتٌ لِلسّائِلينَ (آيت : 7) |
جيڪي ماڻهو (سچيون حقيقتون) پڇندڙ هجن (۽ سمجهه رکندڙ هجن) تن جي لاءِ حضرت يوسف ۽ سندس ڀائرن جي معاملي ۾ (نصيحت ۽ عبرت جون) وڏيون نشانيون آهن. |
إِذ قالوا لَيوسُفُ وَأَخوهُ أَحَبُّ إِلىٰ أَبينا مِنّا وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنَّ أَبانا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 8) |
هيئن ٿيو جو (يوسف جا ويڳا ڀائر پاڻ ۾) چوڻ لڳا ته اسان جي پيءُ کي يوسف ۽ سندس ڀاءٌ (بن يامين) اسان سڀني کان گهڻو وڌيڪ پيارا آهن. حالانڪ اسان هڪ پوري جماعت آهيون. (يعني اسان جو تعداد وڏو آهي.) يقيناً اسان جو پيءُ صريح غلطيءَ تي آهي. |
اقتُلوا يوسُفَ أَوِ اطرَحوهُ أَرضًا يَخلُ لَكُم وَجهُ أَبيكُم وَتَكونوا مِن بَعدِهِ قَومًا صٰلِحينَ (آيت : 9) |
پوءِ (چڱي ڳالهه هيءَ آهي ته) يوسف کي ماري ڇڏيون يا ڪنهن جاءِ ۾ (ڪاڏي به) اڇلائي ڇڏيون. ته پوءِ اسان جي پيءُ جو توجهه (ڌيان ۽ پيار) رڳو اسان جي طرف رهي ۽ هن (يوسف) جي نڪري وڃڻ بعد اسان جا سڀ ڪم سنوارجي وڃن (يا اسان ان گناهه بعد صالح ٿيون ۽ اڳتي اهڙا ڪم نه ڪيون). |
قالَ قائِلٌ مِنهُم لا تَقتُلوا يوسُفَ وَأَلقوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ يَلتَقِطهُ بَعضُ السَّيّارَةِ إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 10) |
هنن مان هڪڙي چوندڙ چيو ته، يوسف کي قتل نه ڪيو. جيڪڏهن اوهان کي ڪجهه ڪرڻو آهي ته ڪنهن اونهي کوهه جي تري ۾ کيس ڦٽو ڪيو. (واٽ ويندڙ قافلن مان) ڪوئي قافلو (ان وٽان لنگهندو ۽) کيس ڪڍي وٺندو. |
قالوا يٰأَبانا ما لَكَ لا تَأمَ۫نّا عَلىٰ يوسُفَ وَإِنّا لَهُ لَنٰصِحونَ (آيت : 11) |
(اها صلاح ڪري سڀ گڏجي پيءُ وٽ ويا ۽) چيائون ته اي اسان جا بابا! ڇو توهان يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نٿا ڪيو؟ (۽ ڪاڏي به اسان سان گڏجي هلڻ نٿا ڏيو) حالانڪه اسان ته دل و جان سان سندس خير خواهه آهيون. |
أَرسِلهُ مَعَنا غَدًا يَرتَع وَيَلعَب وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 12) |
سڀاڻي کيس اسان سان گڏ (ٻيلي ۾) وڃڻ ڏيو ته کائي پيئي مزا ماڻي ۽ راند روند ڪري. اسان سندس حفاظت جو ذمو ٿا کڻون. |
قالَ إِنّى لَيَحزُنُنى أَن تَذهَبوا بِهِ وَأَخافُ أَن يَأكُلَهُ الذِّئبُ وَأَنتُم عَنهُ غٰفِلونَ (آيت : 13) |
(پيءُ) چيو ته هيءَ ڳالهه مون کي غم ۾ ٿي وجهي ته توهان کيس پاڻ سان وٺي وڃو ۽ مان ڊڄان ٿو ته متان هيئن ٿئي جو کيس بگهڙ ماري کائي ۽ اوهان هن کان غافل رهو. |
قالوا لَئِن أَكَلَهُ الذِّئبُ وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنّا إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 14) |
هنن چيو ته، ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو بگهڙ کيس کائي وڃي، ۽ اسان جي هڪ وڏي ٽولي موجود هجي. جيڪڏهن ائين ٿئي ته پوءِ اسان ته نڪما ۽ بيڪار ثابت ٿينداسين. (يا نقصان هيٺ اينداسين). |
فَلَمّا ذَهَبوا بِهِ وَأَجمَعوا أَن يَجعَلوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ وَأَوحَينا إِلَيهِ لَتُنَبِّئَنَّهُم بِأَمرِهِم هٰذا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 15) |
پوءِ جڏهن اهي ماڻهو (پيءُ کان موڪل وٺي) يوسف کي پاڻ سان وٺي ويا ۽ سڀني هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته کيس کوهه جي تري ۾ وڌو وڃي (۽ ائين ڪري گذريا) تڏهن اسان (يعني الله تعاليٰ) يوسف کي وحي موڪليو ته (نااميد نه ٿيءُ) هڪڙو ڏينهن ضرور اچڻو آهي جڏهن تون سندن هي معاملو کين ٻڌائيندين، ۽ هو نٿا ڄاڻن (ته آخر ڇا ٿيڻو آهي). |
وَجاءو أَباهُم عِشاءً يَبكونَ (آيت : 16) |
۽ هو پنهنجي پيءُ وٽ شام جو رئندا پٽيندا آيا. |
قالوا يٰأَبانا إِنّا ذَهَبنا نَستَبِقُ وَتَرَكنا يوسُفَ عِندَ مَتٰعِنا فَأَكَلَهُ الذِّئبُ وَما أَنتَ بِمُؤمِنٍ لَنا وَلَو كُنّا صٰدِقينَ (آيت : 17) |
چيائون ته، اي اسان جا بابا! اسان هڪ ٻئي سان ڊوڙون پڄائڻ ۾ لڳي وياسين، ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسين، پوءِ هيئن ٿيو جو هڪڙو بگهڙ اچي نڪتو ۽ يوسف کي (ماري) کائي ويو. (اسان ڄاڻون ٿا ته) توهان اسان جي ڳالهه تي يقين نه ڪندؤ اگرچه اسان ڪيترو به سچا هجون. |
وَجاءو عَلىٰ قَميصِهِ بِدَمٍ كَذِبٍ قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ وَاللَّهُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 18) |
۽ يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت (ڪنهن ٻڪريءَ جو) لڳائي کڻي آيا. پيءُ (اهو ڏسي) چيو ته، نه (مان اها ڳالهه مڃي نٿو سگهان) هيءَ ته هڪڙي (هٿراڌو ٺاهيل) ڳالهه آهي، جا اوهان جي نفس اوهان کي سهڻي ڪري سيکاري آهي. (۽ توهان سمجهو ٿا ته ڪارگر چالاڪي ڪري چڪا آهيو) خير مونکي ته هاڻي صبر ئي ڪرڻو آهي. اهڙو صبر جو وڻندڙ هجي ۽ توهان جيڪو ڪجهه بيان ڪيو ٿا تنهن بابت الله کان ئي مدد گهرڻي آهي. |
وَجاءَت سَيّارَةٌ فَأَرسَلوا وارِدَهُم فَأَدلىٰ دَلوَهُ قالَ يٰبُشرىٰ هٰذا غُلٰمٌ وَأَسَرّوهُ بِضٰعَةً وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 19) |
پوءِ ڇا ٿيو جو هڪڙو قافلو (ان کوهه وٽان) لنگهيو ۽ قافلي وارن پاڻيءَ جي لاءِ پنهنجو پخالي موڪليو. پوءِ جيئن ئي هن پنهنجو ڏول لٽڪايو (۽ پاڻيءَ سان ڀريل سمجهي مٿي ڇڪيائين) تئين ئي (ڇا ڏسي ته هڪڙو جوان ڇوڪر ان ڏول ۾ ويٺو آهي ۽ هن) پڪاري چيو ته، ڪهڙي نه خوشيءَ جي ڳالهه آهي! هي ته هڪ جوان ڇوڪر آهي! ۽ قافلي وارن هن کي واپار جو سرمايو سمجهي لڪائي ڇڏيو (ته متان ڪو ان جي دعويٰ ڪري کسي نه وٺي) ۽ هو جيڪي ڪري رهيا هئا سو الله جي علم کان لڪل ڪونه هو. |
وَشَرَوهُ بِثَمَنٍ بَخسٍ دَرٰهِمَ مَعدودَةٍ وَكانوا فيهِ مِنَ الزّٰهِدينَ (آيت : 20) |
۽ (پوءِ) هنن يوسف کي تمام ٿورڙن پئسن تي، جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا درهم هئا. (مصر جي بازار ۾) وڪڻي ڇڏيو، ۽ هو هن معاملي ۾ (وڏي قيمت وٺڻ لاءِ ايترو) خواهشمند به نه هئا. (ڇو ته کين مفت ۾ ملي ويو هو). |
وَقالَ الَّذِى اشتَرىٰهُ مِن مِصرَ لِامرَأَتِهِ أَكرِمى مَثوىٰهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ وَلِنُعَلِّمَهُ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَاللَّهُ غالِبٌ عَلىٰ أَمرِهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 21) |
۽ مصر جي ماڻهن مان جنهن شخص يوسف کي (فلي وارن کان) خريد ڪيو هو سو (هن کي پنهنجي گهر وٺي آيو ۽) پنهنجي زال کي چيائي ته هن کي عزت سان رهائجانءِ. عجب ناهي ته هو اسان کي فائدو پهچائي، يا اسان کيس پنهنجي (گود جو يا دين جو) پٽ ڪري رکون ۽ (ڏسو) اهڙيءَ طرح اسان مصر جي سر زمين ۾ يوسف جو قدر ڄمايو. ۽ مقصد هو ته کيس ڳالهين ۽ واقعن جا نتيجا ۽ مطلب ڪڍي سمجهائي ۽ سيکاري ڇڏيون ۽ الله کي جيڪو ڪم ڪرڻو هوندو آهي سو ڪري ئي رهندو آهي. (ڇو ته هو قدر ۽ غالب آهي) پر گهڻا ماڻهو (اهي حقيقتون) نٿا ڄاڻن. |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 22) |
۽ پوءِ جڏهن يوسف ڦوهه جوانيءَ کي پهتو تڏهن اسان کيس ڪمن ڪرڻ جي قابليت ۽ قوت ۾ گهڻو علم عطا ڪيو، اسان نيڪ عمل ڪندڙن کي (سندن نيڪ عمليءَ جو) اهڙوئي بدلو عطا ڪندا آهيو. |
وَرٰوَدَتهُ الَّتى هُوَ فى بَيتِها عَن نَفسِهِ وَغَلَّقَتِ الأَبوٰبَ وَقالَت هَيتَ لَكَ قالَ مَعاذَ اللَّهِ إِنَّهُ رَبّى أَحسَنَ مَثواىَ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) جنهن عورت جي گهر ۾ يوسف رهندو هو (يعني عزيز جي زال) سا مٿس (عاشق ٿي پيئي ۽) حيلا هلائڻ لڳي ته هو به (موهجي) بي اختيار ٿي ڳالهه مڃي وجهي، هن عورت (هڪڙي ڏينهن) دروازا کڻي بند ڪيا، ۽ چئي ڏنائين ته مون ڏي هليو آءُ. يوسف چيو ته، معاذالله (خدا پناهه ڏئي، مون کان اهڙو ڪم ڪڏهن به نه پڄندو) تنهنجو مڙس منهنجو سائين آهي. هن مون کي عزت سان (گهر ۾) جاءِ ڏني آهي (مان سندس امانت ۾ خيانت ڪونه ڪندس). ۽ حدن کان ٻاهر لنگهڻ وارا ظالم ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه ٿا سگهن. |
وَلَقَد هَمَّت بِهِ وَهَمَّ بِها لَولا أَن رَءا بُرهٰنَ رَبِّهِ كَذٰلِكَ لِنَصرِفَ عَنهُ السّوءَ وَالفَحشاءَ إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُخلَصينَ (آيت : 24) |
۽ حقيقت هيءَ آهي ته اها عورت يوسف جي پٺيان پئجي چڪي هئي، ۽ (حالت اهڙي بڻجي چڪي هئي جو بي اختيار ٿي) يوسف به هن ڏانهن لاڙو ڪري ها، جيڪڏهن سندس پروردگار جو دليل سندس سامهون نه اچي وڃي ها. (سو ڏسو) اهڙيءَ طرح (اسان انساني نفس جي هن سخت آزمائش ۾ به هن کي حق جي دليل جي وسيلي هوشيار رکيو) انهيءَ لاءِ ته برائي ۽ بي شرميءَ جون ڳالهيون کانئس دور رکون. بيشڪ هو اسان جي انهن ٻانهن مان هو، جيڪي بزرگيءَ لاءِ چونڊيا ويا. |
وَاستَبَقَا البابَ وَقَدَّت قَميصَهُ مِن دُبُرٍ وَأَلفَيا سَيِّدَها لَدَا البابِ قالَت ما جَزاءُ مَن أَرادَ بِأَهلِكَ سوءًا إِلّا أَن يُسجَنَ أَو عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 25) |
۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) ٻئي دروازي جي طرف ڊوڙيا. (اهڙيءَ طرح ڊوڙيا جو انهن مان هرهڪ ٻئي کان اڳتي ٿيڻ ٿي چاهيو. يوسف هن لاءِ ته ان عورت کان ڀڄي جند ڇڏائي، ۽ عورت وري هن لاءِ ته کيس ڀڄي نڪرڻ کا روڪي وجهي) ۽ ان عورت يوسف جي قميص کي پٺئين پاسي کان ڇڪيو ۽ ڦاڙي وڌائين ۽ (پوءِ اوچتو) ٻنهي ڏٺو ته ان عورت جو مڙس دروازي وٽ بيٺو آهي. تڏهن عورت (پنهنجي گناهه لڪائڻ لاءِ هڪدم ٺاهه ٺاهي ورتو ۽) چيائين ته جيڪو ماڻهو تنهنجو گهر واريءَ سان بڇڙي ڪم جو ارادو ڪري تنهن جي سزا ڪهڙي هئڻ گهرجي؟ ڇا هيءَ سزا نه هئڻ گهرجي ته کيس قيد ۾ وڌو وڃي يا (ڪا ٻي) دردناڪ سزا ڏني وڃي؟ |
قالَ هِىَ رٰوَدَتنى عَن نَفسى وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن أَهلِها إِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن قُبُلٍ فَصَدَقَت وَهُوَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 26) |
(تنهن تي) يوسف چيو ته، خود هن مون تي حيلا هلايا (۽ مونکي مجبور ڪري ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مان اهڙو ڪم نه ڪيو) ۽ پوءِ (ڇا ٿيو جو) انهيءَ عورت جي ڪٽنب وارن مان هڪڙي شاهد شاهدي ڏني، (هن چيو) ته يوسف جي قميص (ڏسڻ گهرجي) جيڪڏهن اڳيان ڦاٽل آهي ته عورت سچي ۽ يوسف ڪوڙو آهي. |
وَإِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ فَكَذَبَت وَهُوَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 27) |
جيڪڏهن قميص پٺئين پاسي کان ڦاٽل آهي ته عورت ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ يوسف سچو آهي. |
فَلَمّا رَءا قَميصَهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ قالَ إِنَّهُ مِن كَيدِكُنَّ إِنَّ كَيدَكُنَّ عَظيمٌ (آيت : 28) |
پوءِ جڏهن ان عورت جي مڙس ڏٺو ته يوسف جي قميص پٺئين پاسي کان ڦاٽل آهي، تڏهن (حقيقت سمجهيائين ۽) عورت کي چيائين ته ڪجهه به شڪ ناهي ته هيءُ توهان عورتن جي مڪرن مان هڪ مڪر آهي، ۽ توهان عورتن جا مڪر وڏا مڪر آهن. |
يوسُفُ أَعرِض عَن هٰذا وَاستَغفِرى لِذَنبِكِ إِنَّكِ كُنتِ مِنَ الخاطِـٔينَ (آيت : 29) |
(وري عزيز چيو ته) اي يوسف هن (معاملي) کي درگذر ڪري ڇڏ (يعني جيڪي ٿيو تنهن کي وساري ڇڏ) ۽ (زال کي چيائين ته) پنهنجي گناهه جي معافي گهر، بيشڪ تون ئي خطا وار آهي. |
وَقالَ نِسوَةٌ فِى المَدينَةِ امرَأَتُ العَزيزِ تُرٰوِدُ فَتىٰها عَن نَفسِهِ قَد شَغَفَها حُبًّا إِنّا لَنَرىٰها فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
۽ (پوءِ جڏهن هي قصو مشهور ٿيو تڏهن) شهر جون ڪي عورتون (چور پچور ڪري) چوڻ لڳيون ته ڏسو ته سهي عزيز جي زال پنهنجي غلام تي (عاشق ٿي) حيلا هلائڻ لڳي ته من هن کي ريجهائي ٺاهي وجهي. هوءَ سندس محبت ۾ موهجي ويئي آهي. اسان جي خيال ۾ ته هوءَ ظاهرظهور بدچاليءَ ۾ پئجي ويئي آهي. |
فَلَمّا سَمِعَت بِمَكرِهِنَّ أَرسَلَت إِلَيهِنَّ وَأَعتَدَت لَهُنَّ مُتَّكَـًٔا وَءاتَت كُلَّ وٰحِدَةٍ مِنهُنَّ سِكّينًا وَقالَتِ اخرُج عَلَيهِنَّ فَلَمّا رَأَينَهُ أَكبَرنَهُ وَقَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ وَقُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما هٰذا بَشَرًا إِن هٰذا إِلّا مَلَكٌ كَريمٌ (آيت : 31) |
جڏهن عزيز جي زال (سندن) مڪاريءَ جون هي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هنن کي گهرايائين ۽ هنن جي لاءِ مسندون (يعني، طول وهاڻا) ترتيب سان تيار رکايائين (۽ طعام اڳيان رکايائين) ۽ (دستور موجب) هرهڪ کي هڪ هڪ ڇري ڏنائين (ته کائڻ ۾ ڪم آڻين)، پوءِ (جڏهن هي سڀ ڪجهه ٿي چڪو تڏهن) يوسف کي چيائين ته هنن زالن جي سامهون نڪري اچ. جڏهن (يوسف آيو ۽) انهن عورتن کيس ڏٺو تڏهن (کيس اهڙو ڏٺائون جو) سندس بهتريءَ جو اعتراف ڪيائون، (يعني قبول ڪيائون ته بيشڪ هو اعليٰ شان وارو آهي) هنن (حيرانيءَ ۾ ڇرين سان) پنهنجا هٿ ڪپي وڌا ۽ (بي اختيار) چئي ڏنائون ته سبحان الله! هيءِ انسان ته نه آهي. ضرور ڪو فرشتو آهي ۽ وڏي مرتبي وارو فرشتو آهي. |
قالَت فَذٰلِكُنَّ الَّذى لُمتُنَّنى فيهِ وَلَقَد رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ فَاستَعصَمَ وَلَئِن لَم يَفعَل ما ءامُرُهُ لَيُسجَنَنَّ وَلَيَكونًا مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 32) |
تڏهن (عزيز جي زال) چيو ته، هاڻي ته ڏٺوَ؟ اهو اٿو اهو ماڻهو جنهن جي باري ۾ توهان مون کي طعنا ڏنا هئا. هائو! بيشڪ مون سندس دل کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ چاهيو هو، پر هو بي قابو نه ٿيو (يعني پنهنجي دل تي ضابطو نه وڃايائين) ۽ (هاڻي کيس ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته) جيڪڏهن منهنجو چوڻ نه مڃيندو (۽ پنهنجي ضد تي اڙيو رهندو) ته ضرور قيد خاني ۾ وڌو ويندو ۽ بي عزتيءَ ۾ پوندو. |
قالَ رَبِّ السِّجنُ أَحَبُّ إِلَىَّ مِمّا يَدعونَنى إِلَيهِ وَإِلّا تَصرِف عَنّى كَيدَهُنَّ أَصبُ إِلَيهِنَّ وَأَكُن مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 33) |
(يوسف اها ڌمڪي ٻڌي الله کان دعا گهري) چيائين ته اي منهنجا رب! مون کي قيد ۾ رهڻ هن ڳالهه کان گهڻو وڌيڪ پسند آهي جنهن ڳالهه ڏانهن هي عورتون مون کي سڏي رهيون آهن. جيڪڏهن تون (منهنجي مدد نه ڪندين ۽) هنن جي مڪارين جي ڄار کان نه بچائيندين ته عجب ناهي ته مان هنن ڏانهن جهڪي پوان ۽ انهن ماڻهن منجهان ٿي پوان جيڪي جاهل ۽ ناشناس آهن. |
فَاستَجابَ لَهُ رَبُّهُ فَصَرَفَ عَنهُ كَيدَهُنَّ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 34) |
سو (ڏسو) سندس پروردگار سندس دعا قبول ڪئي ۽ کانئس انهن عورتن جون مڪاريون دفع ڪري ڇڏيائين، بيشڪ اهوئي آهي (دعائن جو) ٻڌندڙ ۽ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ. |
ثُمَّ بَدا لَهُم مِن بَعدِ ما رَأَوُا الءايٰتِ لَيَسجُنُنَّهُ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 35) |
پوءِ (ڇا ٿيو جو) اگرچه اهي ماڻهو (يعني عزيز ۽ سندس خاندان جا ماڻهو) نشانيون ڏسي چڪا هئا (ته بيشڪ يوسف پاڪ دامن ۽ بلند اخلاق انسان آهي) تڏهن به کين هيءَ ڳالهه مناسب نظر آئي ته هڪ خاص مدت لاءِ يوسف کي قيد خاني ۾ وڌو وڃي. |
وَدَخَلَ مَعَهُ السِّجنَ فَتَيانِ قالَ أَحَدُهُما إِنّى أَرىٰنى أَعصِرُ خَمرًا وَقالَ الءاخَرُ إِنّى أَرىٰنى أَحمِلُ فَوقَ رَأسى خُبزًا تَأكُلُ الطَّيرُ مِنهُ نَبِّئنا بِتَأويلِهِ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 36) |
۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) يوسف سان گڏ ٻه جوان مرد ٻيا به قيد خاني ۾ داخل ٿيا. انهن مان هڪ (يوسف کي) چيو ته، مون کي (خواب ۾) ڏسڻ ۾ آيو آهي ته مان شراب (ٺاهڻ) جي لاءِ (انگورن جو) عرق ڪڍي رهيو آهيان. ٻئي چيو ته، مون کي ڏسڻ ۾ آيو آهي ته مٿي تي ماني کنئي اٿم ۽ پکي ان کي کائي رهيا آهن (۽ ٻنهي عرض ڪيو ته) اسان کي ٻڌاءِ ته، هن ڳالهه جو نتيجو ڪهڙو نڪرڻو آهي. اسان ڏسون ٿا ته تون بيشڪ وڏو نيڪ ماڻهو آهي. |
قالَ لا يَأتيكُما طَعامٌ تُرزَقانِهِ إِلّا نَبَّأتُكُما بِتَأويلِهِ قَبلَ أَن يَأتِيَكُما ذٰلِكُما مِمّا عَلَّمَنى رَبّى إِنّى تَرَكتُ مِلَّةَ قَومٍ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 37) |
حضرت يوسف جواب ۾ چيو ته، (گهٻرايو نه) توهان جو مقرر طعام توهان وٽ اچي تنهن کان اڳ ئي مان توهان جي خوابن جو تعبير توهان کي ٻڌائي ڏيندس. هن ڳالهه جو علم (يعني خوابن جو تعبير ڪرڻ) به انهن ڳالهين منجهان آهي جي مون کي منهنجي پروردگار سيکاريون آهن. مان انهن ماڻهن جي ملت (يا مذهب) ڦٽي ڪيو آهي جيڪي الله تي ايمان نه ٿا رکن ۽ آخرت جا به منڪر آهن. |
وَاتَّبَعتُ مِلَّةَ ءاباءى إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ ما كانَ لَنا أَن نُشرِكَ بِاللَّهِ مِن شَيءٍ ذٰلِكَ مِن فَضلِ اللَّهِ عَلَينا وَعَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 38) |
مون پنهنجي ابن ڏاڏن يعني ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي ملت جي پيروي ڪئي آهي. اسان (ابراهيم جو اولاد) ائين نٿا ڪري سگهون جو الله سان ڪنهن به شيء کي شريڪ ٺهرايون. اها (ملت يا مذهب) الله جو هڪ فضل آهي جو هن اسان تي ۽ ماڻهن تي ڪيو آهي. پر گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (هن نعمت جو) شڪر بجا نٿا آڻين. |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ ءَأَربابٌ مُتَفَرِّقونَ خَيرٌ أَمِ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 39) |
اي منهنجا جيل جا ساٿيو! (توهان ڪڏهن هن ڳالهه تي غور به ڪيو آهي ته) جدا جدا معبودن جي هئڻ بهتر آهي يا هڪ الله جو، جيڪو يگانو ۽ سڀني تي غالب آهي. |
ما تَعبُدونَ مِن دونِهِ إِلّا أَسماءً سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ أَمَرَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 40) |
توهان ان (خدا) کان سواءِ جن هستين جي بندگي ٿا ڪيو تن جي حقيقت هن کان وڌيڪ ڇا آهي ته فقط ڪي نالا آهن جي توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن کڻي رکيا آهن. الله تعاليٰ انهن جي لاءِ ڪابه سند نازل نه ڪئي آهي. حڪومت ته الله ئي جي لاءِ آهي. سندس فرمان هي آهي ته، سندس ئي بندگي ڪيو، ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪيو. اهوئي سنئون سڌو دين آهي، پر گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (اها ڳالهه به) نٿا ڄاڻن. |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ أَمّا أَحَدُكُما فَيَسقى رَبَّهُ خَمرًا وَأَمَّا الءاخَرُ فَيُصلَبُ فَتَأكُلُ الطَّيرُ مِن رَأسِهِ قُضِىَ الأَمرُ الَّذى فيهِ تَستَفتِيانِ (آيت : 41) |
اي منهنجا جيل جا ساٿيو! (هاڻي پنهنجي پنهنجي خواب جو مطلب ٻڌي ڇڏيو) توهان مان هڪڙو (اهو آهي جنهن خواب ۾ ڏٺو ته، انگور نچوڙي رهيو آهي) اهو (قيد مان ڇٽندو ۽ اڳوڻي دستور موجب) پنهنجي ساٿين کي شراب پياريندو ۽ ٻيو ماڻهو (اُهو آهي جنهن ڏٺو ته سندس مٿي تي کنيل ماني پکي کائي رهيا آهن) اهو سوريءَ تي چاڙهيو ويندو ۽ پکي هن جومٿو (پٽي پٽي) کائيندا. سو جنهن ڳالهه بابت اوهان پڇو ٿا سا فيصل ٿي ويئي ۽ فيصلو اهوئي آهي. |
وَقالَ لِلَّذى ظَنَّ أَنَّهُ ناجٍ مِنهُمَا اذكُرنى عِندَ رَبِّكَ فَأَنسىٰهُ الشَّيطٰنُ ذِكرَ رَبِّهِ فَلَبِثَ فِى السِّجنِ بِضعَ سِنينَ (آيت : 42) |
۽ حضرت يوسف جنهن ماڻهوءَ جي باري ۾ سمجهيو ته ڇٽي ويندو، تنهن کي چيو ته جڏهن پنهنجي سائينءَ وٽ وڃين تڏهن مون کي ياد ڪجانءِ. (يعني منهنجو حال کيس ضرور ٻڌائجانءِ، پوءِ ٻڌايل تعبير مطابق جڏهن اهو ڇٽي ويو تڏهن) شيطان هن کان اها ڳالهه وسارائي ڇڏي ته پنهنجي سائينءَ جي حضور ۾ پهچي يوسف کي ياد ڪري. پوءِ يوسف ڪي سال (وڌيڪ) قيد خاني ۾ رهيو. |
وَقالَ المَلِكُ إِنّى أَرىٰ سَبعَ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعَ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ يٰأَيُّهَا المَلَأُ أَفتونى فى رُءيٰىَ إِن كُنتُم لِلرُّءيا تَعبُرونَ (آيت : 43) |
۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو هڪڙي ڏينهن) بادشاهه (پنهنجي سڀني درٻارين کي سڏائي) چيو ته، مان (خواب ۾) ڇا ٿو ڏسان ته ست ٿلهيون متاريون ڳئون آهن جن کي ست ڏٻريون هيڻيون ڳئون ڳهي ڳڙڪائي ويون آهن ۽ ست تازا ساوا سنگ آهن ۽ ست سڪل آهن. اي درٻار جا اميرؤ! جيڪڏهن توهان خوابن جو تعبير ڪندا آهيو ته ٻڌايو ته، منهنجي خواب جو مطلب ڇا آهي؟ |
قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ وَما نَحنُ بِتَأويلِ الأَحلٰمِ بِعٰلِمينَ (آيت : 44) |
درٻارين (غور و فڪر ڪرڻ بعد) چيو ته، اهي ته پريشان (منجهيل) خواب ۽ خيال آهن. (اهڙي ڳالهه آهي ئي ڪانه جنهن جو ڪو خاص مطلب هجي. اسان سچن خوابن جو مطلب ته ڪڍي سگهندا آهيون پر) پريشان خوابن جو مطلب اسان کي معلوم ڪونهي. |
وَقالَ الَّذى نَجا مِنهُما وَادَّكَرَ بَعدَ أُمَّةٍ أَنا۠ أُنَبِّئُكُم بِتَأويلِهِ فَأَرسِلونِ (آيت : 45) |
۽ جيڪوماڻهو انهن ٻن قيدين مان ڇٽي ويو هو ۽ جنهن کي هڪ مدت بعد (هاڻي يوسف جي) ڳالهه ياد آئي تنهن (بادشاه جو خواب ٻڌي) چئي ڏنو ته مان اوهان کي هن خواب جو مطلب ٻڌائيندس. توهان مون کي (هڪڙيءَ جاءِ ڏي) وڃڻ ڏيو. |
يوسُفُ أَيُّهَا الصِّدّيقُ أَفتِنا فى سَبعِ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعِ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ لَعَلّى أَرجِعُ إِلَى النّاسِ لَعَلَّهُم يَعلَمونَ (آيت : 46) |
(اُهو ساقي قيد خاني ۾ ويو ۽ چيائين ته) اي يوسف! اي سچا صديق! اسان کي هن (خواب) جو تعبير ٻڌاءِ. ستن ٿلهين متارين ڳئن کي ست ڏٻريون ڳئون ڳڙڪائي رهيون آهن ۽ ست سنگ ساوا آهن ۽ ست سڪل آهن. هن لاءِ (ته انهن) ماڻهن ڏي موٽي وڃي سگهان (جن مون کي موڪليو آهي ۽ کين تعبير به ٻڌايان) عجب ناهي ته هو (تنهنجو علم بزرگي ۽ مرتبو) معلوم ڪري وٺن. |
قالَ تَزرَعونَ سَبعَ سِنينَ دَأَبًا فَما حَصَدتُم فَذَروهُ فى سُنبُلِهِ إِلّا قَليلًا مِمّا تَأكُلونَ (آيت : 47) |
يوسف چيو ته، (هن خواب جي تعبير ۽ جيڪي ان بابت ڪرڻ گهرجي سو هي آهي ته) ست سال لاڳيتا (پاڻي گهڻو هوندو ۽) توهان کيتي ڪندا رهندؤ. (انهن سالن ۾ پيداوار گهڻي ٿيندي) پوءِ جڏهن فصل لهڻ جو وقت اچي تڏهن جيڪي اٿؤ تنهن کي سنگن ۾ ئي رهڻ ڏيو (انهيءَ لاءِ ته اَنُ سڙي خراب نه ٿئي) ۽ فقط ايترو ٿورو مقدار ( ان جو) سنگن کان جدا ڪري وٺو جيترو کائڻ لاءِ (ضروري) هجي. |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ سَبعٌ شِدادٌ يَأكُلنَ ما قَدَّمتُم لَهُنَّ إِلّا قَليلًا مِمّا تُحصِنونَ (آيت : 48) |
پوءِ انهن (ستن سالن) بعد ٻيا ست (سال) تمام سخت مصيبت جا سال ايندا، جن ۾ (اڳين ستن سالن جو اناج وغيره) کاڄي ويندو جو توهان اڳ ئي گڏ ڪري رکيو هوندو. پر ٿورڙو جو توهان روڪي رکيو هوندو سو وڃي بچندو. |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ عامٌ فيهِ يُغاثُ النّاسُ وَفيهِ يَعصِرونَ (آيت : 49) |
ان کان پوءِ وري اهڙو سال ايندو جنهن ۾ ماڻهن لاءِ خوب مينهن وسندو ۽ ماڻهو ان سال ۾ (ميون ۽ اناج مان) عرق ۽ تيل جام ڪڍندا. |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ فَلَمّا جاءَهُ الرَّسولُ قالَ ارجِع إِلىٰ رَبِّكَ فَسـَٔلهُ ما بالُ النِّسوَةِ الّٰتى قَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ إِنَّ رَبّى بِكَيدِهِنَّ عَليمٌ (آيت : 50) |
(جڏهن انهيءَ ساقيءَ اها ڳالهه بادشاهه کي ٻڌائي تڏهن) بادشاهه چيو ته، يوسف کي (بنا دير) مون وٽ وٺي اچو. پر جڏهن (بادشاهه جو) پيغام پهچائيندڙ يوسف وٽ پهتو تڏهن هن چيو ته، (مان ائين نه هلندس) توهان پنهنجي بادشاهه ڏي موٽي وڃو ۽ (منهنجي طرفان) دريافت ڪيو ته انهن عورتن جو معاملو ڪهڙو هو، جن پنهنجا هٿ ڪپي وڌا هئا. (مان چاهيان ٿو ته پهريائين ان ڳالهه جو فيصلو ٿئي) جيڪي مڪاريون انهن ڪيون هيون، منهنجو پروردگار انهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
قالَ ما خَطبُكُنَّ إِذ رٰوَدتُنَّ يوسُفَ عَن نَفسِهِ قُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما عَلِمنا عَلَيهِ مِن سوءٍ قالَتِ امرَأَتُ العَزيزِ الـٰٔنَ حَصحَصَ الحَقُّ أَنا۠ رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ وَإِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 51) |
(تنهن تي) بادشاهه (انهن عورتن کي گهرايو ۽) چيو ته صاف صاف ٻڌايو ته توهان کي ڪهڙو معاملو پيش آيو هو، جڏهن اوهان يوسف تي حيلا هلايا ته کيس پنهنجي طرف مائل ڪري وجهو. انهن ورندي ڏني ته ماشا الله! اسان هن ۾ برائيءَ جي ڪابه ڳالهه ڪانه ڏٺي. (اهو ٻڌي) عيزيز جي زال به (بي اختيار) چئي ڏنو ته جيڪا سچي حقيقت هئي سا هاڻي ظاهر ٿي پيئي. بيشڪ مان ئي هيس جنهن يوسف تي حيلا هلايا ته من سندس دل (مون ڏي) مائل ٿئي. بيشڪ هو (پنهنجي بيان ۾) بلڪل سچو آهي. |
ذٰلِكَ لِيَعلَمَ أَنّى لَم أَخُنهُ بِالغَيبِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدى كَيدَ الخائِنينَ (آيت : 52) |
(يوسف چيو ته) مون اها ڳالهه هن ڪري چئي ته کيس معلوم ٿي وڃي (يعني عزيز کي معلوم ٿي وڃي) ته مان هن جي پرپٺ سندس معاملي ۾ خيانت ڪانه ڪئي، ۽ پڻ هن ڪري چئي ته (ظاهر ٿي پوي ته) الله تعاليٰ خيانت ڪندڙن جي تدبيرن لاءِ ڪڏهن به (ڪاميابيءَ جي) راهه نه ٿو کولي. |
وَما أُبَرِّئُ نَفسى إِنَّ النَّفسَ لَأَمّارَةٌ بِالسّوءِ إِلّا ما رَحِمَ رَبّى إِنَّ رَبّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 53) |
مان پنهنجي نفس جي پاڪائيءَ جي دعويٰ نٿي ڪريان. انسان جو نفس ته برائي جي لاءِ ڏاڍو اڀاريندڙ آهي. (ان جي غلبي کان بچڻ سولو ناهي) سواءِ ان حالت جي جو منهنجو پروردگار پنهنجو رحم ڪري. بيشڪ منهنجو پروردگار وڏو بخشيندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ أَستَخلِصهُ لِنَفسى فَلَمّا كَلَّمَهُ قالَ إِنَّكَ اليَومَ لَدَينا مَكينٌ أَمينٌ (آيت : 54) |
۽ (وري) بادشاهه حڪم ڏنو ته، يوسف کي مون وٽ وٺي اچو ته کيس خاص پنهنجي (ڪمن) لاءِ مقرر ڪيان. پوءِ جڏهن (هو آيو ۽) ڳالهه ٻولهه ڪيائين (تڏهن بادشاهه) چيو ته، اڄ تون اسان جي نظر ۾ وڏي اقتدار (عزت ۽ پوزيشن) وارو ۽ امانتدار (سچو ۽ ايماندار) انسان آهين. |
قالَ اجعَلنى عَلىٰ خَزائِنِ الأَرضِ إِنّى حَفيظٌ عَليمٌ (آيت : 55) |
يوسف چيس ته، مون کي ملڪ جي خزاني جي باري ۾ مختيار ڪري ڇڏ، جو مان حفاظت ڪري ٿو سگهان (۽ مان ايمانداريءَ سا خزانو سنڀاليندس ۽ ملڪ جي ڀلي لاءِ ڪم آڻيندس) ۽ مان هن ڪم جو ڄاڻندڙ آهيان (بادشاهه هن کي ملڪ جو مختيار ڪري ڇڏيو). |
وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ يَتَبَوَّأُ مِنها حَيثُ يَشاءُ نُصيبُ بِرَحمَتِنا مَن نَشاءُ وَلا نُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
۽ (ڏسو) اهڙيءَ طرح اسان مصر جي سرزمين ۾ يوسف جا قدم ڄمايا جو جيڪا ئي جاءِ وڻيس تنهن کي پنهنجي مرضيءَ موجب رهڻ لاءِ ڪم آڻي. (اهڙيءَ طرح) اسان جنهن کي چاهيون ٿا تنهن کي پنهنجي رحمت سان نوازيون ٿا، ۽ نيڪ عمل ڪندڙن جو اجر ڪڏهن به ضايع نٿا ڪيون. |
وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 57) |
۽ جيڪي ماڻهو (الله تي) ايمان آڻين ۽ (بدعملين کان) بچندا رهن تن جي لاءِ ته آخرت جو اجر ان کان (يعني دنيائي دولت ۽ حڪمت کان) گهڻو بهتر آهي. |
وَجاءَ إِخوَةُ يوسُفَ فَدَخَلوا عَلَيهِ فَعَرَفَهُم وَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 58) |
۽ (سڪار جي ستن سالن بعد ڏڪار وارن سالن ۾ ڇا ٿيو جو) يوسف جا (وڏا) ڀائر (ڪنعان مان مصر ڏي انُ خريد ڪرڻ لاءِ) آيا. پوءِ ان جي روبرو ٿيا (ته) يوسف انهن کي (ڏسندي ئي) سڃاڻي ورتو، پر هنن ڪونه سڃاتو، (نڪي کين ٻڌايائين). |
وَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم قالَ ائتونى بِأَخٍ لَكُم مِن أَبيكُم أَلا تَرَونَ أَنّى أوفِى الكَيلَ وَأَنا۠ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 59) |
۽ جڏهن يوسف انهن کي سامان (اناج وغيره) مهيا ڪيو تڏهن (سندن رواني ٿيڻ وقت) کين چيائين ته، وري اچو ته پنهنجي ويڳي ڀاءِ (بن يامين) کي به پاڻ سان وٺيو اچجو. توهان چڱيءَ طرح ڏٺو آهي ته مان پوري ماپ سان (ان توري) ٿو ڏيان ۽ (ٻاهرين مسافرن جي لاءِ) بهترين مهمان نواز آهيان. |
فَإِن لَم تَأتونى بِهِ فَلا كَيلَ لَكُم عِندى وَلا تَقرَبونِ (آيت : 60) |
پر جيڪڏهن توهان کيس مون وٽ نه آڻيندؤ ته، پوءِ ياد رکو ته نڪي مون وٽان اوهان کي (اناج جي) ڪجهه لپ ملندي، نڪي منهنجي ويجهو ايندؤ (يعني اوهان کي رڳو پاڻ وٽ اچڻ به نه ڏيندس). |
قالوا سَنُرٰوِدُ عَنهُ أَباهُ وَإِنّا لَفٰعِلونَ (آيت : 61) |
هنن چيو ته، اسان سندس پيءُ کي انهيءَ لاءِ گهڻوئي ترغيب ڏينداسين (۽ ان جا فائدا ڏيکارينداسين). اسان ضرور ائين ڪنداسين. |
وَقالَ لِفِتيٰنِهِ اجعَلوا بِضٰعَتَهُم فى رِحالِهِم لَعَلَّهُم يَعرِفونَها إِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِم لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 62) |
۽ يوسف پنهنجي خدمتگارن کي حڪم ڏنو ته، انهن ماڻهن جي پونجي (يعني موڙي جنهن سان ان خريد ڪيو هئائون) سندن ٻورن ۾ رکي ڇڏيو. جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي گهر ڏي موٽندا تڏهن گهڻو امڪان آهي ته پنهنجي پونجي ڏسي سڃاڻي وٺندا (ته موٽائي ڏني ويئي آهي) ۽ پوءِ عجب ناهي ته ٻيهر موٽي اچن. |
فَلَمّا رَجَعوا إِلىٰ أَبيهِم قالوا يٰأَبانا مُنِعَ مِنَّا الكَيلُ فَأَرسِل مَعَنا أَخانا نَكتَل وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 63) |
پوءِ جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي پيءُ وٽ موٽي ويا تڏهن کيس چيائون ته، اسان جا بابا! آئينده لاءِ ان جو وڪرو اسان جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري اسان جي ڀاءُ (بن يامين) کي اسان سان گڏ موڪل ڏي ته ان خريد ڪري اچون ۽ اسان سندس حفاظت ڪندڙ آهيون. |
قالَ هَل ءامَنُكُم عَلَيهِ إِلّا كَما أَمِنتُكُم عَلىٰ أَخيهِ مِن قَبلُ فَاللَّهُ خَيرٌ حٰفِظًا وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 64) |
پيءُ (اهو ٻڌي) چيو ته، ڇا هن جي باري ۾ اهڙيءَ طرح اوهان تي اعتبار ڪريان جهڙيءَ طرح اڳي سندس ڀاءُ (يوسف) جي باري ۾ ڪري چڪو آهيان؟ سو الله ئي سڀني کان بهتر حفاظت ڪندڙ آهي ۽ ڪو به ڪونهي جو کانئس وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو هجي. |
وَلَمّا فَتَحوا مَتٰعَهُم وَجَدوا بِضٰعَتَهُم رُدَّت إِلَيهِم قالوا يٰأَبانا ما نَبغى هٰذِهِ بِضٰعَتُنا رُدَّت إِلَينا وَنَميرُ أَهلَنا وَنَحفَظُ أَخانا وَنَزدادُ كَيلَ بَعيرٍ ذٰلِكَ كَيلٌ يَسيرٌ (آيت : 65) |
۽ جڏهن انهن ماڻهن پنهنجو سامان کوليو تڏهن ڇا ڏسن ته سندن موڙي کين موٽائي ڏني ويئي آهي. سو (پيءُ کي) چيائون ته، اي اسان جا بابا! هن کان وڌيڪ اسان کي ٻيو ڇا گهرجي؟ ڏس، هيءَ اسان جي پونجي آهي، جا اسان کي موٽائي ڏني ويئي آهي. (اسان کي هن ان به ڏنو ته قيمت به موٽائي ڏني. پوءِ اسان کي موڪل ڏي ته بن يامين کي پاڻ سان وٺي وري وڃون) ۽ پنهنجي ڪٽنب جي لاءِ سيڌو وٺي اچون اسان پنهنجي ڀاءِ جي حفاظت ڪنداسين ۽ هڪ اُٺ جو بار به وڌيڪ وٺنداسين. هي ان (جو هاڻي آندو اٿئون) بلڪل ٿورو آهي. |
قالَ لَن أُرسِلَهُ مَعَكُم حَتّىٰ تُؤتونِ مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ لَتَأتُنَّنى بِهِ إِلّا أَن يُحاطَ بِكُم فَلَمّا ءاتَوهُ مَوثِقَهُم قالَ اللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 66) |
(حضرت يعقوب) چيو ته، مان ڪڏهن به کيس توهان سان گڏ نه موڪليندس جيستائين توهان مون سان الله جي نالي ته عهد اقرار نه ڪندؤ. (توهان پهريائين عهد اقرار ڏيو ته) سواءِ هن صورت جي جو اسان پاڻ گهيري هيٺ اچي وڃون (۽ بيوس ٿي پئون) اسان ضرور هن کي تو وٽ موٽائي آڻينداسين. پوءِ جڏهن هنن پيءُ کي (سندس چوڻ مطابق) پنهنجو پڪو قول ڏنو تڏهن هن فرمايو ته اسان جيڪو قول ۽ اقرار ڪيو تنهن تي الله نگهبان هجي. |
وَقالَ يٰبَنِىَّ لا تَدخُلوا مِن بابٍ وٰحِدٍ وَادخُلوا مِن أَبوٰبٍ مُتَفَرِّقَةٍ وَما أُغنى عَنكُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَعَلَيهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 67) |
۽ پيءُ هنن کي (رواني ٿيڻ وقت) چيو ته، اي منهنجا پٽؤ! (ڏسو جڏهن مصر ۾ پهچو تڏهن شهر جي) هڪ ئي دوازي مان داخل نه ٿجو. جدا جدا دوروازن مان داخل ٿجو. مان توهان کي ڪنهن به اهڙيءَ ڳالهه کان بچائي نٿو سگهان جا الله جي حڪم سان ٿيڻي هجي. (پر پاڻ کي پنهنجي وس آهر سڀ تدبيرون ڪرڻ گهرجن) حڪومت فقط الله جي آهي. مان فقط مٿس ڀروسو رکيو آهي. ۽ اهوئي آهي جنهن تي سڀني ڀروسو رکندڙن کي ڀروسو رکڻ گهرجي. |
وَلَمّا دَخَلوا مِن حَيثُ أَمَرَهُم أَبوهُم ما كانَ يُغنى عَنهُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِلّا حاجَةً فى نَفسِ يَعقوبَ قَضىٰها وَإِنَّهُ لَذو عِلمٍ لِما عَلَّمنٰهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 68) |
(پوءِ) جڏهن هي ماڻهو (مصر ۾) داخل ٿيا اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح پيءُ حڪم ڏنو هو تڏهن اها ڳالهه (يا نصيحت) الله جي (مشيت جي) مقابلي ۾ ڪجهه به ڪم اچڻ واري نه هئي. پر يعقوب جي دل ۾ هڪ خيال پيدا ٿيو هو جنهن مطابق هن اهو عمل ڪيو. (انسان جو فرض آهي پنهنجي ڪوشش ڪرڻ، پر نتيجو الله جي هٿ ۾ آهي) بيشڪ هو (حضرت يعقوب) علم وارو هو، جو اسان ئي (يعني الله تعاليٰ) هن کي علم ڏنو هو. پر اڪثر ماڻهو (هن ڳالهه جي حقيقت) نٿا ڄاڻن. |
وَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَخاهُ قالَ إِنّى أَنا۠ أَخوكَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 69) |
۽ جڏهن اهي ماڻهو (يوسف جا ڀائر) يوسف وٽ پهتا تڏهن هن پنهنجي ڀاءُ (بن يامين) کي پاڻ وٽ ويهاريو (۽ رهايو) ۽ کيس (مخفي طرح) ٻڌايو ته مان تنهنجو ڀاءُ (يوسف) آهيان. سو جيڪا (بدهلت اهي ڀائر توسان) ڪندا رهيا آهن، تنهن تي غم نه ڪر (۽ خوش ٿي جو هاڻي زماني پلٽو کاڌو آهي.) |
فَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم جَعَلَ السِّقايَةَ فى رَحلِ أَخيهِ ثُمَّ أَذَّنَ مُؤَذِّنٌ أَيَّتُهَا العيرُ إِنَّكُم لَسٰرِقونَ (آيت : 70) |
پوءِ جڏهن يوسف انهن ماڻهن جو سامان (سندن رواني ٿيڻ لاءِ) مهيا ڪيو تڏهن پنهنجو (چانديءَ جو) پيالو (مخفي طرح) پنهنجي ڀاءُ بن يامين جي ٻوريءَ ۾ وجهي ڇڏيو، (انهيءَ لاءِ ته نشانيءَ طور وٽس رهي). پوءِ (ڇا ٿيو جو جڏهن اهي ماڻهو روانا ٿيا ۽ شاهي عملدارن ڏٺو ته فلاڻو پيالو آهي ئي ڪونه، تڏهن کين شڪ پيو ۽ سندن پٺيان ويا، ۽) هڪ پڪاريندڙ (انهن جي پٺيان) پڪاري چيو ته، اي قافلي وارؤ! (اتي بيهو). بيشڪ توهان چور آهيو. (ٻيو ڪو ماڻهو اتي ڪونه هو، جنهن ۾ شڪ پوين). |
قالوا وَأَقبَلوا عَلَيهِم ماذا تَفقِدونَ (آيت : 71) |
اهي (ڀائر) پڪاريندڙ جي طرف متوجهه ٿيا، ۽ پڇيائون ته ڇا وڃايو اٿوَ؟ |
قالوا نَفقِدُ صُواعَ المَلِكِ وَلِمَن جاءَ بِهِ حِملُ بَعيرٍ وَأَنا۠ بِهِ زَعيمٌ (آيت : 72) |
(شاهي نوڪرن) چيو ته اسان کي شاهي پيالو نٿو لڀي. جيڪو ئي اهو آڻي ڏئي تنهن کي اٺ جي بار جيترو (ان) انعام ملندو ۽ (انهن جي سردار چيو ته) مان ان ڳالهه جو ضامن آهيان (يعني انعام ڏيڻ جو). |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد عَلِمتُم ما جِئنا لِنُفسِدَ فِى الأَرضِ وَما كُنّا سٰرِقينَ (آيت : 73) |
هنن (ڀائرن) چيو ته، الله ٿو ڄاڻي ته اسان هتي انهيءَ لاءِ ڪونه آيا هئاسين ته اچي ڪو فساد يا شرارت ڪريون ۽ هيءَ ڳالهه توهان چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا (ڇو ته اڳي به هڪ ڀيرو اسان هتي رهي ويا آهيون ۽ اسان جو اهو وڙ نه هو جو چوري ڪريون. |
قالوا فَما جَزٰؤُهُ إِن كُنتُم كٰذِبينَ (آيت : 74) |
(نوڪرن) چيو ته چڱو، جيڪڏهن توهان ڪوڙا ثابت ٿيؤ ته، پوءِ ٻڌايو ته، چور جي سزا ڪهڙي هئڻ گهرجي؟ |
قالوا جَزٰؤُهُ مَن وُجِدَ فى رَحلِهِ فَهُوَ جَزٰؤُهُ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 75) |
هنن (ڀائرن) چيو ته، چور جي سزا هيءَ ٿئي جو جنهن جي ٻوريءَ مان چوريءَ جو مال نڪري سوئي پاڻ پنهنجي سزا ٿئي، (يعني پنهنجي ڏوهه جي بدلي ۾ کيس روڪي رکيو وڃي) اسان زيادتي ڪندڙن کي اهڙيءَ ئي طرح سزا ڏيندا آهيون. |
فَبَدَأَ بِأَوعِيَتِهِم قَبلَ وِعاءِ أَخيهِ ثُمَّ استَخرَجَها مِن وِعاءِ أَخيهِ كَذٰلِكَ كِدنا لِيوسُفَ ما كانَ لِيَأخُذَ أَخاهُ فى دينِ المَلِكِ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ وَفَوقَ كُلِّ ذى عِلمٍ عَليمٌ (آيت : 76) |
پوءِ (نوڪرن جي سردار) هنن جي ٻورن جي تلاشي شروع ڪئي. پهريائين يوسف جي وڏن ڀائرن جي ٻورن جي تلاشي ورتائون، (۽ ڪجهه به نه لڌائون) پوءِ يوسف جي ڀاءُ (بن يامين) جي ٻوري (ڏٺائون ۽ ان مان) اهو پيالو ڪڍي ورتائون (سو ڏسو ته) اهڙيءَ طرح اسان (يعني الله تعاليٰ) يوسف جي لاءِ (بن يامين کي پاڻ وٽ رهائڻ جي) مخفي تدبير ڪري ڇڏي. هو (يوسف) بادشاهه جي قانون سبب ائين ڪري نٿي سگهيو (ته پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ وٽ روڪي رهائي، اگرچه ائين ڪرڻ لاءِ هن جي دل بيقرار هئي) سواءِ هن صورت جي جو الله کي (ان جي راهه ڪڍڻ) منظور هجي (سو الله تعاليٰ غيبي تجويز ڪري راهه ڪڍي ڏني) اسان (يعني الله تعاليٰ) جنهن کي چاهيون ٿا تنهن کي مرتبن ۾ بلند ڪري ڇڏيون ٿا ۽ هر علم واري جي مٿان هڪ (اعليٰ) علم واري هستي آهي (جنهن جو علم سڀني کي گهيرو ڪيو بيٺو آهي، يعني الله جي هستي). |
قالوا إِن يَسرِق فَقَد سَرَقَ أَخٌ لَهُ مِن قَبلُ فَأَسَرَّها يوسُفُ فى نَفسِهِ وَلَم يُبدِها لَهُم قالَ أَنتُم شَرٌّ مَكانًا وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما تَصِفونَ (آيت : 77) |
(جڏهن بن يامين جي ٻوريءَ مان پيالو نڪري آيو تڏهن) ڀائرن چيو ته، (هن چوري ڪئي آهي ته اها ڪا عجب جهڙي ڳالهه ڪانهي). هن کان اڳي سندس سڳي ڀاءِ (يوسف) به چوري ڪئي هئي. تڏهن يوسف (جنهن جي اڳيان هاڻي اهو معاملو پيش ڪيو ويو هو) اها ڳالهه پنهنجي دل ۾ رکي، ۽ هنن لاءِ ظاهر نه ڪيائين (ته منهنجي منهن تي مون کي چور بنائي رهيا آهيو ۽ فقط ايترو) چيائين ته سڀني کان بري جڳهه (يعني حالت) توهان جي چئبي (جو پنهنجي ڀاءُ تي ڪوڙو الزام لڳائي رهيا آهيو) ۽ جيڪي توهان بيان ڪري رهيا آهيو تنهن کي الله تعاليٰ بهتر ڄاڻيندڙ آهي. |
قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ إِنَّ لَهُ أَبًا شَيخًا كَبيرًا فَخُذ أَحَدَنا مَكانَهُ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 78) |
هنن (ڀائرن يوسف کي) چيو ته، اي عزيز! هن (بن يامين) جو پيءُ تمام پوڙو ماڻهو آهي (۽ هن سان گهڻو پيار اٿس) سو سندس بدران اسان مان ڪنهن کي به روڪي رک (پر هن کي نه روڪ). اسان ڏسون ٿا ته، توهان انهن ماڻهن منجهان آهيو جيڪي نيڪي ۽ احسان ڪندڙ آهن. |
قالَ مَعاذَ اللَّهِ أَن نَأخُذَ إِلّا مَن وَجَدنا مَتٰعَنا عِندَهُ إِنّا إِذًا لَظٰلِمونَ (آيت : 79) |
يوسف چيو ته، انهيءَ ڳالهه کان الله جي پناهه! جو اسان انهيءَ ماڻهو کي ڇڏيون، جنهن وٽان اسان جو سامان نڪتو، ۽ ٻئي ماڻهو کي پڪڙي رکون! جيڪڏهن ائين ڪيون ته پوءِ ته اسان ظالم چئباسين. |
فَلَمَّا استَيـَٔسوا مِنهُ خَلَصوا نَجِيًّا قالَ كَبيرُهُم أَلَم تَعلَموا أَنَّ أَباكُم قَد أَخَذَ عَلَيكُم مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ وَمِن قَبلُ ما فَرَّطتُم فى يوسُفَ فَلَن أَبرَحَ الأَرضَ حَتّىٰ يَأذَنَ لى أَبى أَو يَحكُمَ اللَّهُ لى وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 80) |
پوءِ جڏهن اهي، (ڀائر) يوسف کان نااميد ٿيا (ته هو اسان جي اها ڳالهه نه مڃيندو) تڏهن مشوري (صلاح و مصلحت) ڪرڻ لاءِ (ڪنهن جاءِ تي) نويڪلا ويهي رهيا. انهن ۾ جيڪو وڏو (روبن نالي) هو تنهن چيو ته، توهان کي معلوم آهي ته بابي (بن يامين جي باري ۾) الله کي شاهد ٺهرائي اوهان کان عهد ورتو هو ۽ ان کان اڳي يوسف جي معاملي ۾ اوهان وڏو قصور ڪري چڪا آهيو. تنهن ڪري مان ته هاڻي هن ملڪ مان ڪونه نڪرندس، جيستائين ڪه بابا پاڻ حڪم نه ڏئي، يا وري الله تعاليٰ منهنجي لاءِ ڪو ٻيو فيصلو ڪري ۽ هو سڀني کان بهتر فيصلو ڪندڙ آهي. |
ارجِعوا إِلىٰ أَبيكُم فَقولوا يٰأَبانا إِنَّ ابنَكَ سَرَقَ وَما شَهِدنا إِلّا بِما عَلِمنا وَما كُنّا لِلغَيبِ حٰفِظينَ (آيت : 81) |
توهان بابا ڏي موٽي وڃو ۽ کيس وڃي چئو ته، اي اسان جا بابا! (اسان ڇا ڪيون) تنهنجي پٽ (بن يامين پرائي ملڪ ۾) چوري ڪئي، جيڪا ڳالهه اسان کي چڱيءَ طرح معلوم ٿي، اها ئي توکي اسان ٺيڪ ٺيڪ ٻڌائي آهي. اسان ڪو غيب جي ڳالهين جي خبر رکندڙ ڪونه هئاسين (جو اڳ ئي ڄاڻي ڇڏيون ها ته بن يامين اهڙو ڪم ڪندو). |
وَسـَٔلِ القَريَةَ الَّتى كُنّا فيها وَالعيرَ الَّتى أَقبَلنا فيها وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 82) |
۽ (هي به کيس چئي ڏجو ته) توهان انهي شهر جي ماڻهن کان پڇا ڪيو جتي اسان رهيا هئاسين، پڻ انهيءَ قافلي جي ماڻهن کان پڇا ڪيو جنهن ۾ اسان آيا آهيون. اسان (پنهنجي بيان ۾) بلڪل سچا آهيون. |
قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ عَسَى اللَّهُ أَن يَأتِيَنى بِهِم جَميعًا إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 83) |
(ڀائرن ائين ڪيو ۽ ڪنعان ۾ اچڻ سان اهي سڀ ڳالهيون پيءُ کي ٻڌايائون) هن (ٻڌي) چيو ته نه، هيءَ اهڙي ڳالهه آهي جا اوهان جي نفس اوهان کي سمجهائي آهي (۽ سچي ڪري ڏيکاري آهي، پر بن يامين هرگز چوري ڪانه ڪئي آهي.) خير! منهنجي لاءِ ته صبر کان سواءِ ٻيو چاروئي ڪونهي، صبر ته اهڙو جو سهڻو صبر هجي. الله (جي فضل) کان پري ناهي ته هو (ڪنهن ڏينهن) انهن سڀني کي گڏ مون وٽ آڻي ڪڍي. اهو آهي جو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. |
وَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰأَسَفىٰ عَلىٰ يوسُفَ وَابيَضَّت عَيناهُ مِنَ الحُزنِ فَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 84) |
۽ هن (يعني حضرت يعقوب) انهن ماڻهن کان منهن ڦيرائي ڇڏيو ۽ (جيئن ته هن نئين زخم اڳيئن زخم کي تازو ڪري وڌو تنهن ڪري) پڪار ڪيائين ته هاءِ يوسف جي فراق جو درد! ۽ غم جي شدت سبب (روئندي روئندي) سندس اکيون سفيد ٿي ويون ۽ سندس سينو غم سان ٽمٽار ٿي ويو. |
قالوا تَاللَّهِ تَفتَؤُا۟ تَذكُرُ يوسُفَ حَتّىٰ تَكونَ حَرَضًا أَو تَكونَ مِنَ الهٰلِكينَ (آيت : 85) |
(پيءُ جو هي حال ڏسي پٽ) چوڻ لڳا ته، والله! تون هميشه يوسف جي يادگيريءَ ۾ لڳو رهندين تان جو (انهيءَ غم ۾) ڳري ڪنڊا ٿي وڃين يا مري وڃين. |
قالَ إِنَّما أَشكوا بَثّى وَحُزنى إِلَى اللَّهِ وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 86) |
پيءِ چيو ته، مان پنهنجي حاجت ۽ پنهنجو غم الله جي درگاهه ۾ پيش ٿو ڪيان (مان ڪو توهان جي شڪايت يا گلا ڪونه ٿو ڪيان) مون کي الله وٽان اها ڳالهه معلوم ٿي آهي جيڪا توهان کي معلوم ناهي. |
يٰبَنِىَّ اذهَبوا فَتَحَسَّسوا مِن يوسُفَ وَأَخيهِ وَلا تَا۟يـَٔسوا مِن رَوحِ اللَّهِ إِنَّهُ لا يَا۟يـَٔسُ مِن رَوحِ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الكٰفِرونَ (آيت : 87) |
(وري چيائين ته) اي منهنجا فرزندؤ! (هڪ ڀيرو وري به مصر) وڃو ۽ يوسف ۽ سندس ڀاءُ جو پتو لهو. الله جي رحمت کان نااميد نه ٿيو، الله جي رحمت کان نااميد فقط اهي ماڻهو ٿين ٿا جيڪي منڪر آهن. |
فَلَمّا دَخَلوا عَلَيهِ قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ مَسَّنا وَأَهلَنَا الضُّرُّ وَجِئنا بِبِضٰعَةٍ مُزجىٰةٍ فَأَوفِ لَنَا الكَيلَ وَتَصَدَّق عَلَينا إِنَّ اللَّهَ يَجزِى المُتَصَدِّقينَ (آيت : 88) |
پوءِ جڏهن (پيءُ حڪم جي تعميل ڪري اهي ماڻهو مصر پهتا ۽) يوسف وٽ ويا تڏهن (پنهنجي وري اچڻ جو سبب بيان ڪري) چيائون ته، اي عزيز! اسان ۽ اسان جي ڪٽنب جا ماڻهو تنگي ۽ سختيءَ جا ڏينهن گذاري رهيا آهيون، تنهن ڪري (مجبور ٿي اناج جي طلب ۾ وري نڪتا آهيون) اسان تمام ٿوري پونجي کڻي آيا آهيون، (اها قبول ڪر ۽ ان جي) پوري تور عنايت ڪر (يعني پئسا ٿورا وٺ، پر ان اوترو ئي ڏي) ۽ (اهو سودو واپار نه سمجهه پر) اسان کي (محتاج سمجهي) خيرات ڏي. الله تعاليٰ خيرات ڪندڙن کي ان جو وڏو اجر ٿو ڏئي. |
قالَ هَل عَلِمتُم ما فَعَلتُم بِيوسُفَ وَأَخيهِ إِذ أَنتُم جٰهِلونَ (آيت : 89) |
(اهو حال ٻڌي يوسف جي دل ڀرجي آئي ۽) چيائين ته توهان کي ياد آهي ته توهان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڪهڙي هلت ڪئي هئي، جڏهن توهان کي ڄاڻ سڃاڻ ڪانه هئي؟ |
قالوا أَءِنَّكَ لَأَنتَ يوسُفُ قالَ أَنا۠ يوسُفُ وَهٰذا أَخى قَد مَنَّ اللَّهُ عَلَينا إِنَّهُ مَن يَتَّقِ وَيَصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 90) |
(هي ٻڌي ڀائر حيران ٿي ويا ۽ هاڻي عزيز جي شڪل ۽ آواز تي غور ڪري سمجهي ورتائون ۽) چيائون ته، ڇا في الحقيقت تون ئي يوسف آهين؟ يوسف چيو ته، هائو مان يوسف آهيان ۽ هي (بن يامين) منهنجو ڀاءُ آهي. تحقيق الله تعاليٰ اسان تي احسان ڪيو ۽ حقيقت هيءَ آهي ته جيڪو به برائين کان پاڻ بچائي ٿو ۽ (مصيبتن ۾) ثابت قدم رهي ٿو تنهن جي لاءِ الله تعاليٰ (پنهنجي قانون مطابق) نيڪ عملن جو اجر ڪڏهن به ضايع نٿو ڪري. |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد ءاثَرَكَ اللَّهُ عَلَينا وَإِن كُنّا لَخٰطِـٔينَ (آيت : 91) |
(هي ٻڌي ڀائرن جو ڪنڌ شرم ۽ پشيمانيءَ کان هيٺ ٿي ويو ۽) چيائون ته قسم آهي خدا جو ته، بيشڪ الله تعاليٰ توکي اسان تي فضيلت ۽ بزرگي ڏني آهي ۽ بيشڪ اسان سراسر قصوروار هئاسين. |
قالَ لا تَثريبَ عَلَيكُمُ اليَومَ يَغفِرُ اللَّهُ لَكُم وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 92) |
يوسف چيو ته، اڄ جي ڏينهن (منهنجي طرفان) توهان تي ڪابه سرزنش ڪانهي (يعني مان توهان کي ڪابه ميار ڪونه ٿو ڏيان، جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي چڪو) الله تعاليٰ شال اوهان جو قصور بخشي ۽ هو سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهي. |
اذهَبوا بِقَميصى هٰذا فَأَلقوهُ عَلىٰ وَجهِ أَبى يَأتِ بَصيرًا وَأتونى بِأَهلِكُم أَجمَعينَ (آيت : 93) |
(هاڻي توهان هيئن ڪيو جو) منهنجي هيءَ قميص (نشانيءَ طور) پاڻ سان کڻي وڃو ۽ منهنجي پيءِ جي منهن تي وجهو ته سندس اکيون روشن ٿي پون ۽ (پوءِ) پنهنجي گهراڻي جي سڀني ماڻهن کي وٺي مون وٽ اچو. |
وَلَمّا فَصَلَتِ العيرُ قالَ أَبوهُم إِنّى لَأَجِدُ ريحَ يوسُفَ لَولا أَن تُفَنِّدونِ (آيت : 94) |
۽ وري جڏهن (اهي ڀائر يوسف جي حڪم موجب قميص کڻي روانا ٿيا ۽) قافلي مصر جو ملڪ ڇڏيو تڏهن (هوڏي ڪنعان ۾) سندن پيءُ چوڻ لڳو ته، جيڪڏهن توهان ماڻهو هيئن نه چئو ته، پوڙهائي سبب منهنجو عقل کسجي ويوي آهي، ته مان چئي ڏيندس ته مون کي يوسف جي خوشبوءِ اچي رهي آهي (۽ مون کي ان ڳالهه جو يقين آهي). |
قالوا تَاللَّهِ إِنَّكَ لَفى ضَلٰلِكَ القَديمِ (آيت : 95) |
(ٻڌندڙن) چيو ته، والله تون ته اڃا تائين پنهنجي پراڻي غلطيءَ ۾ غلطان آهي. (يعني يوسف جو ته نالو نشان به ڪونه رهيو ۽ تون وري سندس موٽي ملڻ جا خواب لهي رهيو آهين). |
فَلَمّا أَن جاءَ البَشيرُ أَلقىٰهُ عَلىٰ وَجهِهِ فَارتَدَّ بَصيرًا قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 96) |
پر پوءِ جڏهن (قافلي ڪنعان ۾ پهچي ويو ۽) خوشخبري ٻڌائيندڙ (ڊوڙندو ڊوڙندو) آيو، هن (اچڻ شرط) يوسف جي قميص يعقوب جي چهري تي وڌي ته سندس اکيون وري روشن ٿي پيون، تڏهن حضرت يعقوب فرمايو ته، مون اوهان کي چيو ڪين هو ته مون کي الله تعاليٰ کان اها ڳالهه معلوم ٿي آهي جا توهان نٿا ڄاڻو. |
قالوا يٰأَبانَا استَغفِر لَنا ذُنوبَنا إِنّا كُنّا خٰطِـٔينَ (آيت : 97) |
اهي (ڀائر شرم ۽ پشيمانيءَ ۾ ٻڏي) چوڻ لڳا ته، اي اسان جا بابا! اسان جي گناهن جي مغفرت لاءِ (الله جي حضور ۾) دعا ڪر، بيشڪ اسان سراسر خطاوار هئاسين. |
قالَ سَوفَ أَستَغفِرُ لَكُم رَبّى إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 98) |
پيءِ چيو ته، اهو وقت پري ناهي جڏهن مان پنهنجي پروردگار کان اوهان جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندس، هو وڏو بخشيندڙ ۽ وڏي رحمت وارو آهي. |
فَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَبَوَيهِ وَقالَ ادخُلوا مِصرَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ (آيت : 99) |
پوءِ جڏهن (حضرت يعقوب سندس بي بي ۽ سندس پٽ ٻين ماڻهن سميت حضرت يوسف جي خواهش مطابق ڪنعان کان روانا ٿيا ۽ مصر واري شهر جي ٻاهران) يوسف سان مليا تڏهن هن پنهنجي پيءُ ۽ (ويڳي) ماءُ کي (عزت سان) پنهنجي پاسي ۾ جاءِ ڏني ۽ چيو ته، هاڻي شهر ۾ هلو. خدا گهريو آهي ته توهان جي لاءِ هر طرح جي سلامتي آهي. |
وَرَفَعَ أَبَوَيهِ عَلَى العَرشِ وَخَرّوا لَهُ سُجَّدًا وَقالَ يٰأَبَتِ هٰذا تَأويلُ رُءيٰىَ مِن قَبلُ قَد جَعَلَها رَبّى حَقًّا وَقَد أَحسَنَ بى إِذ أَخرَجَنى مِنَ السِّجنِ وَجاءَ بِكُم مِنَ البَدوِ مِن بَعدِ أَن نَزَغَ الشَّيطٰنُ بَينى وَبَينَ إِخوَتى إِنَّ رَبّى لَطيفٌ لِما يَشاءُ إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 100) |
۽ (جڏهن شهر ۾ داخل ٿيا تڏهن) هن پنهنجي ماءُ پيءُ کي تخت تي مٿي وهاريو ۽ (ڏسو ان وقت ڇا ٿيو جو) سڀ سندس اڳيان سجدي ۾ ڪري پيا (۽ مصر جي دستور مطابق هن جي عهدي جي تعظيم بجا آندائون) ان وقت (کيس پنهنجي ننڍپڻ وارو خواب ياد آيو ۽ بي اختيار) پڪاري چيائين ته، اي بابا! هي آهي تعبير انهيءَ خواب جو، جيڪو گهڻي مدت اڳي مون ڏٺو هو. منهنجي پروردگار ان کي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو. هي سندس ئي احسان آهي جو مون کي قيد مان ٻاهر ڪڍيائين، توهان سڀني کي بيابان مان ڪڍي مون وٽ پهچايائين، ۽ هي سڀ ڪجهه هن واقعي کان پوءِ ٿيو، جو شيطان منهنجي ۽ منهنجي ڀائرن جي وچ ۾ اختلاف وجهي ڇڏيو هو. بيشڪ منهنجو پروردگار انهن ڳالهين جي لاءِ جي ڪرڻ چاهي ته بهترين تدبير ڪندڙ آهي. بيشڪ اهوئي آهي جو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ (۽ پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. |
رَبِّ قَد ءاتَيتَنى مِنَ المُلكِ وَعَلَّمتَنى مِن تَأويلِ الأَحاديثِ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنتَ وَلِيّۦ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ تَوَفَّنى مُسلِمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 101) |
(پوءِ يوسف دعا گهري ته) اها منهنجا پرورگار! تو مون کي حڪومت عطا فرمائي ۽ ڳالهين جو مطلب ۽ نتيجو ڪڍڻ سيکاريو. اي آسمانن ۽ زمين جي بنائڻ وارا! تون ئي منهنجو ڪارساز آهين. دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به. تون (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) ائين ڪجانءِ جو دنيا مان لاڏاڻو ڪيان ته تنهنجي فرمابرداريءَ جي حالت ۾ ڪيان ۽ انهن ماڻهن ۾ داخل ٿيان جيڪي تنهنجا نيڪ ٻانها آهن. |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ أَجمَعوا أَمرَهُم وَهُم يَمكُرونَ (آيت : 102) |
(اي پيغمبر!) هيءَ غيب جي خبرن مان هڪ خبر آهي، جيڪا توکي وحي جي رستي ٻڌائي اٿئون، نه ته (ظاهر آهي ته) جنهن وقت يوسف جا ڀائر گڏجي سازش ۽ منصوبو ٺاهي رهيا هئا ۽ مخفي رٿون رٿي رهيا هئا تنهن وقت تون انهن وٽ ڪونه بيٺو هئين (جو سڀ ڪجهه ڏسي ٻڌي وٺين ها). |
وَما أَكثَرُ النّاسِ وَلَو حَرَصتَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 103) |
۽ (اي پيغمبر! هيءَ ڳالهه به ياد رک ته) اڪثر ماڻهن جو حال هي آهي جو تون ڪيترو به چاهين (۽ ڪيترا به دليل پيش ڪرين ته به) هو ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا. |
وَما تَسـَٔلُهُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 104) |
حالانڪ هنن کان هن ڳالهه جي لاءِ ڪابه مزوري نٿو گهرين. هي (جيڪي تون ماڻهن کي ٻڌائين ٿو سو ته) سڄي جهان لاءِ عمدو پيغام ۽ نصيحت آهي. |
وَكَأَيِّن مِن ءايَةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَمُرّونَ عَلَيها وَهُم عَنها مُعرِضونَ (آيت : 105) |
۽ (ڏسو) آسمانن ۽ زمين ۾ (الله جي قدرت ۽ حڪمت جون) ڪيتريون ئي نشانيون آهن جن وٽان ماڻهو لنهگن ٿا ۽ اکيون کڻي ڏسن به نٿا. |
وَما يُؤمِنُ أَكثَرُهُم بِاللَّهِ إِلّا وَهُم مُشرِكونَ (آيت : 106) |
۽ انهن مان گهڻن ماڻهن جو حال هي آهي جو الله تي ايمان آڻين ٿا ته هن حال ۾ آڻين ٿا جو ان سان گڏ شريڪ به ٺهرايا وڃن. |
أَفَأَمِنوا أَن تَأتِيَهُم غٰشِيَةٌ مِن عَذابِ اللَّهِ أَو تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 107) |
پوءِ ڇا اهي ماڻهو هن ڳالهه کان پاڻ کي سلامت ٿا سمجهن ته الله جي عذاب مان ڪا آفت مٿن اچي وڃي ۽ ڇانئجي وڃي؟ يا اوچتو ئي اوچتو قيامت اچي وڃي ۽ هو بي خبريءَ ۾ پيا هجن. |
قُل هٰذِهِ سَبيلى أَدعوا إِلَى اللَّهِ عَلىٰ بَصيرَةٍ أَنا۠ وَمَنِ اتَّبَعَنى وَسُبحٰنَ اللَّهِ وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 108) |
(اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته منهنجي واٽ ته هيءَ آهي جو مان انهيءَ روشنيءَ جي مدار تي جا منهنجي سامهون آهي الله جي طرف (ماڻهن کي) سڏيان ٿو ۽ (انهيءَ راهه ۾) جن ماڻهن منهنجي پٺيان قدم کنيو آهي، سي به (ساڳيءَ طرح خدا جي طرف ماڻهن کي) سڏين ٿا ۽ پاڪائي هجي الله جي لاءِ. مان شرڪ ڪرڻ وارن مان ڪونه آهيان. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم مِن أَهلِ القُرىٰ أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ اتَّقَوا أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 109) |
۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳي اسان ڪنهن به رسول کي نه موڪليو آهي، پر هن طرح جو هو شهر جي رهاڪن مان هڪڙو ماڻهو هو ۽ اسان مٿس وحي نازل ڪيو هو (ائين ڪڏهن ڪونه ٿيو جو آسمان مان فرشتا لٿا هجن). پوءِ ڇا هي ماڻهو (جيڪي تنهنجي رسول هئڻ تي عجب کائي رهيا آهن) سي زمين تي گهميا ڦريا ڪونه آهن؟ جو ڏسن ها ته انهن ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي (نه خراب) ٿي جيڪي اڳي گذري ويا آهن ۽ جيڪي ماڻهو (برائين کان پاڻ کي) بچائين ٿا تن جي لاءِ يقيناً آخرت جو گهر گهڻو بهتر آهي. پوءِ (اي انسانو!) توهان (اها ڳالهه) نه سمجهندؤ ڇا؟ |
حَتّىٰ إِذَا استَيـَٔسَ الرُّسُلُ وَظَنّوا أَنَّهُم قَد كُذِبوا جاءَهُم نَصرُنا فَنُجِّىَ مَن نَشاءُ وَلا يُرَدُّ بَأسُنا عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 110) |
(۽ انهن اڳوڻين قومن تي هڪدم عذاب ڪونه آيو هو، هنن کي مهلت ملندي رهي) تان جو جڏهن الله جا رسول (هنن جي ايمان آڻڻ کان) نااميد ٿي پيا ۽ ماڻهن خيال ڪيو ته کين ڪوڙا واعدا يا دڙڪا ڏنا ويا هئا، تڏهن (پوءِ اوچتو) اسان جي مدد انهن (رسولن) کي اچي پهتي. پوءِ اسان جن کي چاهيو تن کي بچائي ورتو ۽ (جيڪي منڪر ڏوهاري هئا تن جي لاءِ) ائين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي ته ڏوهارين کان اسان جو عذاب ٽري وڃي. |
لَقَد كانَ فى قَصَصِهِم عِبرَةٌ لِأُولِى الأَلبٰبِ ما كانَ حَديثًا يُفتَرىٰ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ كُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 111) |
يقيناً انهن ماڻهن جي قصن ۾ سمجهه وارن ماڻهن لاءِ وڏي عبرت (۽ نصيحت جو سبق) رکيل آهي، هي (يعني قرآن مجيد) ڪا دل مان گهڙي ٺاهي ڪڍيل ڳالهه ناهي، پر انهيءَ ڪتاب جي تصديق آهي جو هن کان اڳي اچي چڪو آهي. پڻ انهن ماڻهن لاءِ جي يقين رکن ٿا (هدايت جي) سڀني ڳالهين جو تفصيل آهي (يعني جدا جدا ڪري چٽيون هدايتون ڏنل آهن) ۽ (اهو قرآن) سچي راهه ڏيکاريندڙ ۽ سراسر رحمت آهي. |