الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 1) |
الٓرٰ ۔ هيءُ قرآن ڪريم جون صاف آيتون آهن |
إِنّا أَنزَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 2) |
بيشڪ اسان قرآن ڪريم کي عربيءَ ۾ نازل فرمايو ان لاءِ ته توهان سمجھي سگھو |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ أَحسَنَ القَصَصِ بِما أَوحَينا إِلَيكَ هٰذَا القُرءانَ وَإِن كُنتَ مِن قَبلِهِ لَمِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 3) |
اسين توهان جي مٿان تمام سهڻو قصو بيان ڪريون ٿا، انهي سببان جو اسان توهان ڏانهن هن قرآن ڪريم کي وحي ڪيو آهي، ۽ هن کان اڳ توهان انهي کان بي خبر هئا |
إِذ قالَ يوسُفُ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ إِنّى رَأَيتُ أَحَدَ عَشَرَ كَوكَبًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ رَأَيتُهُم لى سٰجِدينَ (آيت : 4) |
(يعنى) جنهن وقت يوسف پنهنجي پيءُ (يعقوب) کي چيو ته اي منهنجا بابا بيشڪ آئون خواب ڏسان ٿو ته يارهن تارا ۽ سج ۽ چنڊ، ڏسان پيو ته اهي سمورا مون کي سجدو ڪري رهيا آهن. |
قالَ يٰبُنَىَّ لا تَقصُص رُءياكَ عَلىٰ إِخوَتِكَ فَيَكيدوا لَكَ كَيدًا إِنَّ الشَّيطٰنَ لِلإِنسٰنِ عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 5) |
يعقوب چيو اي منهنجا پٽ (يوسف) تون اهو خواب پنهنجن ڀائرن کي نه ٻڌاءِ پوءِ اهي تنهنجي لاءِ ڪا رِٿ رِٿيندا، بيشڪ شيطان انسان لاءِ صاف دشمن آهي |
وَكَذٰلِكَ يَجتَبيكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَيُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَعَلىٰ ءالِ يَعقوبَ كَما أَتَمَّها عَلىٰ أَبَوَيكَ مِن قَبلُ إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبَّكَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 6) |
۽ اهڙي طرح توهان کي توهان جي رب انتخاب فرمايو ۽ توهان کي خواب جي تعبير جو علم عطا ڪيو ۽ توهان تي پنهنجيون نعمتون پوريون ڪيون ۽ يعقوب جي اولاد تي، جيئنڪ هن کان اڳ توهان جي ڏاڏي، پڙ ڏاڏي ابراهيم ۽ اسحاق تي نعمتون ڪيون، بيشڪ توهان جو رب ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
لَقَد كانَ فى يوسُفَ وَإِخوَتِهِ ءايٰتٌ لِلسّائِلينَ (آيت : 7) |
بيشڪ (حضرت) يوسف ۽ سندس ڀائرن جي قصي ۾ سوال ڪندڙن لاءِ نشانيون آهن |
إِذ قالوا لَيوسُفُ وَأَخوهُ أَحَبُّ إِلىٰ أَبينا مِنّا وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنَّ أَبانا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 8) |
جڏهن انهن چيو ته يوسف ۽ سندس ڀاءُ اسان جي پيءُ کي اسان کان وڌيڪ پيارا آهن، حلانڪ اسين گھڻا آهيون، بيشڪ اسان جو والد گھڻي محبت ۾ گرفتار آهي |
اقتُلوا يوسُفَ أَوِ اطرَحوهُ أَرضًا يَخلُ لَكُم وَجهُ أَبيكُم وَتَكونوا مِن بَعدِهِ قَومًا صٰلِحينَ (آيت : 9) |
توهان (سڀئي گڏجي) يوسف کي قتل ڪريو يا اهڙي زمين ۾ يوسف کي اُڇلايو جو توهان جي والد جو توجه توهان ڏانهن ٿي پوي ۽ توهان انهي کان پوءِ الله کان پنهنجي گناه جي معافي وٺي ڇڏجو |
قالَ قائِلٌ مِنهُم لا تَقتُلوا يوسُفَ وَأَلقوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ يَلتَقِطهُ بَعضُ السَّيّارَةِ إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 10) |
انهن مان هڪڙي چيو ته توهان يوسف کي قتل نه ڪريو بلڪ ان کي ڪنهن اونداهي کوه ۾ اڇلايو ته ڪو مسافر ان کي کڻي وڃي جيڪڏهن توهان ايئن ڪرڻ چاهيو ٿا |
قالوا يٰأَبانا ما لَكَ لا تَأمَ۫نّا عَلىٰ يوسُفَ وَإِنّا لَهُ لَنٰصِحونَ (آيت : 11) |
ڀائرن چيو اي اسان جا والد تون يوسف جي باري ۾ اسان تي ڇو نٿو ڀروسو ڪرين، ۽ بيشڪ اسين سندس خيرخواه آهيون |
أَرسِلهُ مَعَنا غَدًا يَرتَع وَيَلعَب وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 12) |
سڀاڻي ان کي اسان سان ڇڏ ته ميوا کائي ۽ راند ڪري ۽ بيشڪ اسين سندس محافظ آهيون |
قالَ إِنّى لَيَحزُنُنى أَن تَذهَبوا بِهِ وَأَخافُ أَن يَأكُلَهُ الذِّئبُ وَأَنتُم عَنهُ غٰفِلونَ (آيت : 13) |
يعقوب چيو توهان ان کي وٺي ويندا ته مون کي (سندس جدائيءَ جي ڪري) دلي ڏک پهچندو ۽ مون کي انديشو آهي ته متان ان کي بگھڙ کائي وڃي ۽ توهان ان کان بي خبر هجو |
قالوا لَئِن أَكَلَهُ الذِّئبُ وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنّا إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 14) |
انهن چيو ته اسان گھڻا آهيون اُن هوندي به جيڪڏهن يوسف کي بگھڙ کاڌو ته اسين بيشڪ ان وقت نقصان وارا آهيون |
فَلَمّا ذَهَبوا بِهِ وَأَجمَعوا أَن يَجعَلوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ وَأَوحَينا إِلَيهِ لَتُنَبِّئَنَّهُم بِأَمرِهِم هٰذا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 15) |
پوءِ جڏهن ڀائر يوسف کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا ۽ يوسف کي اونداهي واري کوهه ۾ وجھڻ جو پڪو ارادو ڪيائون، ۽ اسان (فوراً) يوسف ڏانهن وحي موڪلي ته (اهو وقت ايندو جو) تون انهن کي سندن انهي ڪم کان واقف ڪندين ۽ اهي نه ڄاڻندا هوندا |
وَجاءو أَباهُم عِشاءً يَبكونَ (آيت : 16) |
۽ رات جي وقت اِهي پنهنجي پيءُ وٽ روئيندي آيا |
قالوا يٰأَبانا إِنّا ذَهَبنا نَستَبِقُ وَتَرَكنا يوسُفَ عِندَ مَتٰعِنا فَأَكَلَهُ الذِّئبُ وَما أَنتَ بِمُؤمِنٍ لَنا وَلَو كُنّا صٰدِقينَ (آيت : 17) |
انهن چيو اي بابا اسان جا، بيشڪ اسين ڊوڙي اڳتي نڪري وياسين ۽ يوسف کي اسان پنهنجي سامان وٽ ڇڏي وياسين پوءِ اُن کي بگھڙ کائي ويو، ۽ توهان ڪڏهن به اسان تي يقين نه ڪندا جيتوڻيڪ اسين سچا هجون |
وَجاءو عَلىٰ قَميصِهِ بِدَمٍ كَذِبٍ قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ وَاللَّهُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 18) |
۽ يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت هڻي آيا، يعقوب فرمايو توهان اهو ڪم پنهنجي طرفان ڪيو آهي، پوءِ (مون لاءِ) صبر بهتر آهي ۽ الله (منهنجو) مددگار آهي انهي بابت جيڪو توهان چئو ٿا |
وَجاءَت سَيّارَةٌ فَأَرسَلوا وارِدَهُم فَأَدلىٰ دَلوَهُ قالَ يٰبُشرىٰ هٰذا غُلٰمٌ وَأَسَرّوهُ بِضٰعَةً وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 19) |
۽ هڪ قافلو آيو پوءِ انهن پاڻي ڀرڻ وارو موڪليو پوءِ ان پنهنجو دِلو (کوهه ۾) وڌو، ان (خوشي مان) چيو واه واه هيءُ ته (خوبصورت) ڇوڪرو آهي، ۽ انهن (حضرت) يوسف کي تجارتي مال طور لڪائي رکيو، ۽ الله تعالى انهن جي عملن کي ڄاڻندڙ آهي |
وَشَرَوهُ بِثَمَنٍ بَخسٍ دَرٰهِمَ مَعدودَةٍ وَكانوا فيهِ مِنَ الزّٰهِدينَ (آيت : 20) |
۽ انهن يوسف کي چند کوٽن درهمن جي عيوض وڪڻي ڇڏيو، انهن کي انهيءَ ۾ ڪا دلچسپي نه هئي |
وَقالَ الَّذِى اشتَرىٰهُ مِن مِصرَ لِامرَأَتِهِ أَكرِمى مَثوىٰهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ وَلِنُعَلِّمَهُ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَاللَّهُ غالِبٌ عَلىٰ أَمرِهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 21) |
مصر جي جنهن ماڻهو يوسف کي خريد ڪيو اُن پنهنجي گھر واري کي چيو ته يوسف کي عزت سان رکو اُميد ته اسين ان مان نفعو وٺنداسين يا اسين ان کي نپايل پٽ بنائينداسين، ۽ اهڙي طرح اسان يوسف کي انهيءَ زمين (مصر) ۾ مضبوطي سان ٽڪايو، ۽ اسان يوسف کي خوابن جو تعبير سيڪاريو، ۽ الله تعالى پنهنجي ڪم تي غالب آهي ۽ پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 22) |
۽ جڏهن يوسف پنهنجي پوري جواني تي پهتو ته اسان ان کي نبوت عطا ڪئي، ۽ نيڪوڪارن کي اسين اهڙي جزا ڏيون ٿا |
وَرٰوَدَتهُ الَّتى هُوَ فى بَيتِها عَن نَفسِهِ وَغَلَّقَتِ الأَبوٰبَ وَقالَت هَيتَ لَكَ قالَ مَعاذَ اللَّهِ إِنَّهُ رَبّى أَحسَنَ مَثواىَ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
۽ جنهن بيبيءَ جي گھر ۾ پاڻ رهيل هئا انهيءَ کين تدبير سان پاڻ ڏانهن راغب ڪيو ۽ دروازا بند ڪيائين ۽ چيائين ته تون مون ڏانهن اچ، يوسف چيو آئون الله کان پناه گھران ٿو، بيشڪ منهنجي رب مون کي سٺي جاءِ تي رکيو آهي، بيشڪ ظالمن کي نجات نٿي ملي |
وَلَقَد هَمَّت بِهِ وَهَمَّ بِها لَولا أَن رَءا بُرهٰنَ رَبِّهِ كَذٰلِكَ لِنَصرِفَ عَنهُ السّوءَ وَالفَحشاءَ إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُخلَصينَ (آيت : 24) |
۽ بيبي ان جو ارادو ڪيو ۽ يوسف به عنقريب ان جو ارادو ڪري ها جيڪڏهن الله جو دليل نه ڏسي ها، اهڙي طرح اسان اُن تان بُرائي ۽ بدڪاري کي پري ڪري ڇڏيو، بيشڪ يوسف اسان جي مخلص ٻانهن مان هو |
وَاستَبَقَا البابَ وَقَدَّت قَميصَهُ مِن دُبُرٍ وَأَلفَيا سَيِّدَها لَدَا البابِ قالَت ما جَزاءُ مَن أَرادَ بِأَهلِكَ سوءًا إِلّا أَن يُسجَنَ أَو عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 25) |
۽ ٻَئِي دروازي ڏانهن ڊوڙيا ۽ بيبي سندن قميص پوئين پاسي کان ڦاڙي ڇڏي ۽ بيبيءَ جي گھر واري کي دروازي تي ڏٺائون، بيبي چيو جيڪو شخص توهان جي گھر واريءَ سان خراب ڪم جو ارادو رکي ان جي سزا جيل يا ڪوڙا ٿي سگھن ٿا |
قالَ هِىَ رٰوَدَتنى عَن نَفسى وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن أَهلِها إِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن قُبُلٍ فَصَدَقَت وَهُوَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 26) |
يوسف چيو انهيءَ مون کي تدبير سان پاڻ ڏانهن راغب ڪيو ۽ بيبيءَ جي گھر وارن مان هڪ (معصوم) شاهد گواهي ڏني ته جيڪڏهن يوسف جي قميص اڳيان ڦاٽل آهي ته پوءِ بيبي سچي آهي ۽ اُهو ڪوڙن مان آهي |
وَإِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ فَكَذَبَت وَهُوَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 27) |
جيڪڏهن اُن جي قميص پويان ڦاٽل آهي ته پوءِ بيبي ڪوڙي آهي ۽ اُهو سچن مان آهي |
فَلَمّا رَءا قَميصَهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ قالَ إِنَّهُ مِن كَيدِكُنَّ إِنَّ كَيدَكُنَّ عَظيمٌ (آيت : 28) |
پوءِ جڏهن بيبيءَ جي گھر واري ڏٺو ته قميص پويان ڦاٽل آهي ته چيائين ته بيشڪ اهو ڪم توهان جي اٽڪلن مان آهي، بيشڪ عورتن جو مڪر تمام وڏو آهي |
يوسُفُ أَعرِض عَن هٰذا وَاستَغفِرى لِذَنبِكِ إِنَّكِ كُنتِ مِنَ الخاطِـٔينَ (آيت : 29) |
اي يوسف انهيءَ ڳالهه کي لڪائي ڇڏ ۽ اي بيبي تون پنهنجي گناه جي بخشش طلب ڪر، بيشڪ تون تون قصور واري آهين |
وَقالَ نِسوَةٌ فِى المَدينَةِ امرَأَتُ العَزيزِ تُرٰوِدُ فَتىٰها عَن نَفسِهِ قَد شَغَفَها حُبًّا إِنّا لَنَرىٰها فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
۽ شهر جي عورتن عزيز جي گھر واري چيو ته تو هڪ نوجوان (غلام) کي پاڻ ڏانهن راغب ڪيو آهي، بيشڪ اُن جي محبت تنهنجي دل ۾ سمائجي وئي آهي، بيشڪ اسين انهيءَ کي صاف گمراهي ۾ ڏسئون ٿيون |
فَلَمّا سَمِعَت بِمَكرِهِنَّ أَرسَلَت إِلَيهِنَّ وَأَعتَدَت لَهُنَّ مُتَّكَـًٔا وَءاتَت كُلَّ وٰحِدَةٍ مِنهُنَّ سِكّينًا وَقالَتِ اخرُج عَلَيهِنَّ فَلَمّا رَأَينَهُ أَكبَرنَهُ وَقَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ وَقُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما هٰذا بَشَرًا إِن هٰذا إِلّا مَلَكٌ كَريمٌ (آيت : 31) |
پوءِ جڏهن بيبيءَ انهن عورتن جون گلائون ٻُڌيون ته انهن کي دعوت ڏياري ۽ انهن لاءِ بهترين بيٺڪ تيار ڪرائي ۽ بيبي انهن مان هر هڪ عورت کي ڇُري ڏني ۽ چيو ته (اي يوسف) تون انهن جي سامهون اچ، پوءِ جڏهن عورتن يوسف کي ڏٺو ته اهو نهايت خوبصورت هو ۽ پنهنجي هٿن کي ڪٽي وڌائون ۽ چيائون الله کان پناه گهرئون ٿيون هي ته انسان ناهي، هي ته ڪو خوبصورت فرشتو آهي |
قالَت فَذٰلِكُنَّ الَّذى لُمتُنَّنى فيهِ وَلَقَد رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ فَاستَعصَمَ وَلَئِن لَم يَفعَل ما ءامُرُهُ لَيُسجَنَنَّ وَلَيَكونًا مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 32) |
بيبي چيو هي اُهو آهي جنهن لاءِ توهان مون تي ملامت ڪئي ٿي، ۽ بيشڪ مون انهي کي تدبير سان پاڻ ڏانهن راغب ڪيو ٿي، پر پاڻ معصوم رهيو، ۽ جيڪڏهن يوسف ايئن نه ڪيو جيڪو مون کيس حڪم ڪيو آهي ته ان کي قيد ڪيو ويندو ۽ اهو ضرور خوار ماڻهن مان ٿيندو |
قالَ رَبِّ السِّجنُ أَحَبُّ إِلَىَّ مِمّا يَدعونَنى إِلَيهِ وَإِلّا تَصرِف عَنّى كَيدَهُنَّ أَصبُ إِلَيهِنَّ وَأَكُن مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 33) |
يوسف دعا گھري اي منهنجا رب جنهن ڪم لاءِ مون کي اهي سڏين ٿيون ان کان مون لاءِ قيد بهتر آهي، ۽ جيڪڏهن تو مون تان انهن جو فريب نه لاٿو ته آئون انهن ڏانهن جھڪي پوندس ۽ آئون جاهلن مان ٿي پوندس |
فَاستَجابَ لَهُ رَبُّهُ فَصَرَفَ عَنهُ كَيدَهُنَّ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 34) |
پوءِ الله تعالى يوسف جي دعا قبول ڪئي ۽ ان تان عورتن جو فريب پري ڪيو، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي |
ثُمَّ بَدا لَهُم مِن بَعدِ ما رَأَوُا الءايٰتِ لَيَسجُنُنَّهُ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 35) |
يوسف جي پاڪ دامني جي ثبوت ملڻ کان پوءِ انهن جي راءِ بيٺي ته يوسف کي ڪجھه وقت لاءِ قيد ڪيو وڃي |
وَدَخَلَ مَعَهُ السِّجنَ فَتَيانِ قالَ أَحَدُهُما إِنّى أَرىٰنى أَعصِرُ خَمرًا وَقالَ الءاخَرُ إِنّى أَرىٰنى أَحمِلُ فَوقَ رَأسى خُبزًا تَأكُلُ الطَّيرُ مِنهُ نَبِّئنا بِتَأويلِهِ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 36) |
۽ قيد ۾ (حضرت) يوسف سان گڏ ٻه (بادشاه جا) غلام به داخل ٿيا. انهن ٻنهي مان هڪڙي چيو ته تحقيق آئون خواب ۾ ڏسان ٿو ته آئون شراب نپوڙيان پيو ۽ ٻئي چيو تحقيق آئون خواب ۾ ڏسان ٿو ته آئون مٿي تي مانيون کڻان پيو ان مان پکي کائن پيا، اسان کي انهن (خوابن) جو تعبير ٻڌاءِ، بيشڪ اسين توکي نيڪوڪار ڏسون ٿا |
قالَ لا يَأتيكُما طَعامٌ تُرزَقانِهِ إِلّا نَبَّأتُكُما بِتَأويلِهِ قَبلَ أَن يَأتِيَكُما ذٰلِكُما مِمّا عَلَّمَنى رَبّى إِنّى تَرَكتُ مِلَّةَ قَومٍ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 37) |
(حضرت) يوسف چيو اڃان توهان جو طعام ئي توهان وٽ نه ايندو ته آئون توهان ٻنهي کي توهان جي خوابن جو تعبير ٻڌائيندس، اهي (تعبير) انهن عملن مان آهن جيڪي مون کي منهنجي رب سيکاريا آهن، بيشڪ مون انهي قوم جي دين کي ڇڏيو آهي جيڪي الله تي ايمان نٿا آڻن ۽ اهي آخرت کي به نٿا مڃن |
وَاتَّبَعتُ مِلَّةَ ءاباءى إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ ما كانَ لَنا أَن نُشرِكَ بِاللَّهِ مِن شَيءٍ ذٰلِكَ مِن فَضلِ اللَّهِ عَلَينا وَعَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 38) |
۽ مون پنهنجي پيءُ ڏاڏي (يعنى) (حضرت) ابراهيم ۽ اسحاق ۽ (حضرت) يعقوب جي دين جي پيروي ڪئي آهي اسان کي ايئن صحيح ناهي جو اسين الله سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ ڪريون، اسان تي ۽ (گھڻن) ماڻهن تي اهو الله تعالى جو فضل آهي ۽ پر اڪثر ماڻهو شڪرگذار ناهن |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ ءَأَربابٌ مُتَفَرِّقونَ خَيرٌ أَمِ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 39) |
اي قيد جا ساٿي ڇا ! جُدا جُدا رب بهتر آهن يا هڪ الله ؟ جيڪو واحد القهار آهي |
ما تَعبُدونَ مِن دونِهِ إِلّا أَسماءً سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ أَمَرَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 40) |
توهان ته انهن (بتن) جي عبادت ڪريو ٿا جن جا نالا توهان ۽ توهان جي وڏن رکيا آهن الله تعالى انهيءَ لاءِ ڪو دليل نه موڪليو آهي، عبادت جو حڪم ته فقط الله لاءِ آهي، الله حڪم فرمايو ته توهان ان کان سواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو، اهو دين ثابت آهي، ۽ پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ أَمّا أَحَدُكُما فَيَسقى رَبَّهُ خَمرًا وَأَمَّا الءاخَرُ فَيُصلَبُ فَتَأكُلُ الطَّيرُ مِن رَأسِهِ قُضِىَ الأَمرُ الَّذى فيهِ تَستَفتِيانِ (آيت : 41) |
اي منهنجا قيد جا ساٿي، توهان ٻنهي مان هڪڙو پنهنجي بادشاه کي شراب پياريندو، ۽ پر ٻِئي کي ڦاسي ڏني ويندي پوءِ ان جي مٿي کي پکي کائيندا، جنهن ڳالهه جو توهان پڇيو ٿي انهي بابت الله جو اهوئي فيصلو آهي |
وَقالَ لِلَّذى ظَنَّ أَنَّهُ ناجٍ مِنهُمَا اذكُرنى عِندَ رَبِّكَ فَأَنسىٰهُ الشَّيطٰنُ ذِكرَ رَبِّهِ فَلَبِثَ فِى السِّجنِ بِضعَ سِنينَ (آيت : 42) |
انهن ٻنهي مان جنهنجي رهائيءَ جو يقين ٿيو ان کي يوسف چيو ته تون منهنجو ذڪر پنهنجي بادشاه وٽ ڪجئين پوءِ شيطان کانئس اها ڳالهه وسارائي ڇڏي پوءِ ڪيترا سال يوسف قيد ۾ رهيو |
وَقالَ المَلِكُ إِنّى أَرىٰ سَبعَ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعَ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ يٰأَيُّهَا المَلَأُ أَفتونى فى رُءيٰىَ إِن كُنتُم لِلرُّءيا تَعبُرونَ (آيت : 43) |
۽ (ريان بن وليد) بادشاه چيو مون خواب ۾ سَتَ متاريون ڳئون ڏٺيون آهن انهن کي سَتَ اَڀريون ڳئون کائي رهيون آهن ۽ سَتَ سنگ ساوا ۽ سَتَ سنگ سڪل ڏٺا اٿم، اي منهنجي دربار وارا جيڪڏهن خواب جو تعبير ڪڍو ٿا ته منهنجي (مذڪوره) خواب جو تعبير ٻڌايو |
قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ وَما نَحنُ بِتَأويلِ الأَحلٰمِ بِعٰلِمينَ (آيت : 44) |
دربار وارن عرض ڪيو ته اهي پريشان خواب آهن، ۽ اسين پريشان خوابن جو تعبير نٿا ڄاڻون |
وَقالَ الَّذى نَجا مِنهُما وَادَّكَرَ بَعدَ أُمَّةٍ أَنا۠ أُنَبِّئُكُم بِتَأويلِهِ فَأَرسِلونِ (آيت : 45) |
۽ انهي غلام عرض ڪيو جيڪو قيد مان آزاد ٿيو هو (اها ڳالهه ان کي گھڻي دير سان ياد آئي) ته آئون توهان کي ان خواب تو تعبير ٻڌائيندس پوءِ توهان مون کي قيد ۾ وڃڻ ڏيو |
يوسُفُ أَيُّهَا الصِّدّيقُ أَفتِنا فى سَبعِ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعِ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ لَعَلّى أَرجِعُ إِلَى النّاسِ لَعَلَّهُم يَعلَمونَ (آيت : 46) |
اي يوسف اي نهايت سچا تون اسان کي تعبير ٻڌاءِ ته ست ڳئون متاريون آهن جن کي ست اڀريون ڳئون کائي رهيون آهن ۽ ست سنگ ساوا آهن ۽ ست سنگ سڪل آهن (تون تعبير ٻڌاءِ) ته آئون دربار ۾ وڃان من ماڻهن کي به معلومات ٿِئي |
قالَ تَزرَعونَ سَبعَ سِنينَ دَأَبًا فَما حَصَدتُم فَذَروهُ فى سُنبُلِهِ إِلّا قَليلًا مِمّا تَأكُلونَ (آيت : 47) |
يوسف فرمايو توهان مسلسل ست سال اناج پوکيو، پوءِ لابارو ڪري انهي اناج کي سنگن ۾ ڇڏي ڏيو مگر ٿوررو اناج (اُن مان صاف ڪريو) جيترو کائي سگھو ٿا |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ سَبعٌ شِدادٌ يَأكُلنَ ما قَدَّمتُم لَهُنَّ إِلّا قَليلًا مِمّا تُحصِنونَ (آيت : 48) |
اُن کان پوءِ ست سال ڏڪار جا ايندا جو توهان جي گڏ ڪيل اناج کي کائي ويندا، مگر ٿورو جيڪو توهان (ٻج لاءِ) بچائي سگهو ٿا |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ عامٌ فيهِ يُغاثُ النّاسُ وَفيهِ يَعصِرونَ (آيت : 49) |
انهيءَ کانپوءِ اهڙو سال ايندو جنهن ۾ بارشون پونديون ۽ ان سال ۾ (ماڻهو ميوَن جو) رس ڪڍندا |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ فَلَمّا جاءَهُ الرَّسولُ قالَ ارجِع إِلىٰ رَبِّكَ فَسـَٔلهُ ما بالُ النِّسوَةِ الّٰتى قَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ إِنَّ رَبّى بِكَيدِهِنَّ عَليمٌ (آيت : 50) |
۽ بادشاه چيو يوسف کي مون وٽ وٺي اچو، پوءِ جڏهن يوسف وٽ قاصد پهتو، يوسف چيو تون پنهنجي بادشاه ڏانهن موٽي وڃ، پوءِ اُن کان انهن عورتن جو احوال معلوم ڪر جن پنهنجا هٿ ڪٽيا هئا، بيشڪ منهنجو رب انهن جي فريب کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي |
قالَ ما خَطبُكُنَّ إِذ رٰوَدتُنَّ يوسُفَ عَن نَفسِهِ قُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما عَلِمنا عَلَيهِ مِن سوءٍ قالَتِ امرَأَتُ العَزيزِ الـٰٔنَ حَصحَصَ الحَقُّ أَنا۠ رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ وَإِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 51) |
بادشاه عورتن کي چيو توهان جو واقعو ڪيئن ٿي گذريو جڏهن توهان يوسف کي پاڻ ڏانهن راغب ڪيو ٿي، سڀني چيو پناه بَخُدَا اسان يوسف ۾ ڪابه بُرائي نه ڏٺي، عزيز جي گھر واري چيو هينئر حق ظاهر ٿي پيو مون يوسف کي پاڻ ڏانهن راغب ڪيو هو ۽ بيشڪ يوسف يقيناً سچو آهي |
ذٰلِكَ لِيَعلَمَ أَنّى لَم أَخُنهُ بِالغَيبِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدى كَيدَ الخائِنينَ (آيت : 52) |
(يوسف چيو) ته هي مون ان لاءِ ڪيو ته عزيز کي معلوم ٿئي ته مون سندس پرپُٺِ ڪابه خيانت نه ڪئي هُئي ۽ (هي به معلوم ٿئي ته) بيشڪ الله تعالى خيانت ڪندڙ جي رٿ کي ڪامياب نٿو ڪري |
وَما أُبَرِّئُ نَفسى إِنَّ النَّفسَ لَأَمّارَةٌ بِالسّوءِ إِلّا ما رَحِمَ رَبّى إِنَّ رَبّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 53) |
۽ آئون پنهنجي پاڪيزگيءَ جو اظهار نٿو ڪريان، بيشڪ نفس ته بُرن ڪمن ڏانهن چوي ٿو، مگر جنهن تي منهنجو رب رحم ڪري ٿو، بيشڪ منهنجو رب بخشيندڙ رحم ڪندڙ آهي |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ أَستَخلِصهُ لِنَفسى فَلَمّا كَلَّمَهُ قالَ إِنَّكَ اليَومَ لَدَينا مَكينٌ أَمينٌ (آيت : 54) |
۽ بادشاه چيو، يوسف کي مون وٽ وٺي اچو ته آئون ان کي خاص پنهنجي (ڪمن) لاءِ مقرر ڪريان، پوءِ يوسف سان جڏهن بادشاه ڳالهايو ته ان کي چيائين ته تون اڄ کان وٺي اسان وٽ معزز (۽) امين آهين |
قالَ اجعَلنى عَلىٰ خَزائِنِ الأَرضِ إِنّى حَفيظٌ عَليمٌ (آيت : 55) |
يوسف چيو مون کي زمين (مصر) جي خزانن تي مقرر ڪر، بيشڪ آئون حفاظت ڪندڙ ڄاڻندڙ آهيان |
وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ يَتَبَوَّأُ مِنها حَيثُ يَشاءُ نُصيبُ بِرَحمَتِنا مَن نَشاءُ وَلا نُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
۽ اسان انهي طريقي سان يوسف کي زمين (مصر) ۾ مضبوط بنايو جو (مصر ۾) جنهن جاءِ تي چاهي رهي سگھيو ٿي، اسين جنهنکي چاهيون پنهنجي رحمت سان نوازيون ٿا، ۽ اسين نيڪوڪارن جي اجر کي ضايع نٿا ڪريون |
وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 57) |
۽ بيشڪ آخرت جو اجر انهن ماڻهن لاءِ بهتر آهي جيڪي ايمان آڻن ٿا ۽ پرهيزگاري ڪن ٿا |
وَجاءَ إِخوَةُ يوسُفَ فَدَخَلوا عَلَيهِ فَعَرَفَهُم وَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 58) |
۽ يوسف جا ڀائر (ڪنعان شهر مان) يوسف جي دربار ۾ پهتا، پوءِ يوسف انهن کي سڃاتو ۽ انهن يوسف کي نه سڃاتو |
وَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم قالَ ائتونى بِأَخٍ لَكُم مِن أَبيكُم أَلا تَرَونَ أَنّى أوفِى الكَيلَ وَأَنا۠ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 59) |
۽ جڏهن يوسف انهن کي سفر جو سامان مُهيا ڪيو ته يوسف چيو ته توهان مون وٽ پنهنجو پيئتو ڀاءُ آڻجو، ڇا توهان نٿا ڏسو ته بيشڪ آئون (اَنَ جي) پوري ماپ ڏيان ٿو ۽ آئون بهترين ميزبان آهيان |
فَإِن لَم تَأتونى بِهِ فَلا كَيلَ لَكُم عِندى وَلا تَقرَبونِ (آيت : 60) |
پوءِ جيڪڏهن توهان ان کي مون وٽ نه آندو ته آئون توهان کي اَنُ ڪونه ڏيندس ۽ نه توهان مون کي ويجھا ٿجو |
قالوا سَنُرٰوِدُ عَنهُ أَباهُ وَإِنّا لَفٰعِلونَ (آيت : 61) |
ڀائرن چيو اسين اها گُھر سندس والد کان ڪنداسين ۽ بيشڪ اسين ايئن ڪنداسين |
وَقالَ لِفِتيٰنِهِ اجعَلوا بِضٰعَتَهُم فى رِحالِهِم لَعَلَّهُم يَعرِفونَها إِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِم لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 62) |
۽ يوسف پنهنجي غلامن کي حڪم ڪيو ته انهن جي رقم انهن جي خُرجينن ۾ وجھي ڏيو شايد اهي ان کي سڃاڻين، جڏهن اهي پنهنجي گھر ڏانهن موٽن ته من اهي موٽي اچن |
فَلَمّا رَجَعوا إِلىٰ أَبيهِم قالوا يٰأَبانا مُنِعَ مِنَّا الكَيلُ فَأَرسِل مَعَنا أَخانا نَكتَل وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 63) |
پوءِ اهي جڏهن پنهنجي پيءُ ڏانهن موٽيا، انهن چيو ته اي اسان جا والد، اسان جو اَنُ روڪيو ويو آهي پوءِ تون اسان سان گڏ اسان جي ڀاءُ کي اجازت ڏي ته اَنُ آڻيون ۽ بيشڪ اسين سندس محافظ آهيون |
قالَ هَل ءامَنُكُم عَلَيهِ إِلّا كَما أَمِنتُكُم عَلىٰ أَخيهِ مِن قَبلُ فَاللَّهُ خَيرٌ حٰفِظًا وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 64) |
(حضرت) يعقوب چيو ان لاءِ آئون توهان تي ڪهڙو اعتبار ڪريان ٿو جهڙو اُن جي ڀاءُ (يوسف) لاءِ مون هن کان اڳ اعتبار ڪيو هو، پوءِ الله بهترين محافظ آهي، ۽ اهوئي ارحم الراحمين آهي |
وَلَمّا فَتَحوا مَتٰعَهُم وَجَدوا بِضٰعَتَهُم رُدَّت إِلَيهِم قالوا يٰأَبانا ما نَبغى هٰذِهِ بِضٰعَتُنا رُدَّت إِلَينا وَنَميرُ أَهلَنا وَنَحفَظُ أَخانا وَنَزدادُ كَيلَ بَعيرٍ ذٰلِكَ كَيلٌ يَسيرٌ (آيت : 65) |
۽ انهن جڏهن پنهنجو سامان کوليو ته اُن ۾ پنهنجي رقم ڏٺي جيڪا کين واپس ڪئي وئي، انهن چيو بابا اسان کي وڌيڪ ڇا گُھرجي، هيءُ اسان جي رقم آهي جيڪا اسان کي واپس ڏني وئي آهي، ۽ اسين پنهنجي گھر لاءِ اَنُ آڻيون ۽ پنهنجي ڀاءُ جي حفاظت ڪريون ۽ اَنَ جو به هڪ اُٺُ وڌيڪ آڻيون، هي اَنُ اسان جي گھر وارن لاءِ ڪافي ناهي |
قالَ لَن أُرسِلَهُ مَعَكُم حَتّىٰ تُؤتونِ مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ لَتَأتُنَّنى بِهِ إِلّا أَن يُحاطَ بِكُم فَلَمّا ءاتَوهُ مَوثِقَهُم قالَ اللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 66) |
(حضرت) يعقوب چيو آئون ان کي توهان سان گڏ ڪونه ڇڏيندس ايستائين جو توهان مون کي الله جو قسم کڻي پڪو وعدو نه ڏيو ته ان کي ضرور واپس آڻيندا، مگر جيڪڏهن مجبور ٿي پئو، پوءِ انهن جڏهن يعقوب کي پڪو وعدو ڏنو، يعقوب چيو جيڪو اسان ڳالهايو، الله اُن تي گواه آهي |
وَقالَ يٰبَنِىَّ لا تَدخُلوا مِن بابٍ وٰحِدٍ وَادخُلوا مِن أَبوٰبٍ مُتَفَرِّقَةٍ وَما أُغنى عَنكُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَعَلَيهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 67) |
۽ (حضرت) يعقوب چيو ته اي منهنجا پٽ توهان هڪ دروازي مان (شهر ۾) داخل نه ٿجو پر مختلف دروازن مان داخل ٿجو، ۽ آئون توهان کي تقدير الاهي کان بچائي نٿو سگھان، حڪم ته فقط الله جو هلي ٿو، ۽ الله تي مون توڪل ڪئي آهي، ۽ توڪل ڪندڙن کي گھرجي ته الله تي توڪل ڪن |
وَلَمّا دَخَلوا مِن حَيثُ أَمَرَهُم أَبوهُم ما كانَ يُغنى عَنهُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِلّا حاجَةً فى نَفسِ يَعقوبَ قَضىٰها وَإِنَّهُ لَذو عِلمٍ لِما عَلَّمنٰهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 68) |
۽ پيءُ جي حڪم موجب جڏهن اهي (شهر ۾) داخل ٿيا، يعقوب انهن تان تقدير الاهي ڦيرائي نٿي سگھيو مگر اها يعقوب جي دلي خواهش هئي جنهن جو پاڻ اظهار ڪيو، ۽ بيشڪ (حضرت) يعقوب اسان جي عطا ڪيل علم جو وڏو ماهر هو ۽ پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن |
وَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَخاهُ قالَ إِنّى أَنا۠ أَخوكَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 69) |
۽ جڏهن (اهي ڀائر) (حضرت) يوسف وٽ حاضر ٿيا ته (حضرت) يوسف پنهنجي سڳي ڀاءُ (بن يامين) کي پاڻ سان ويهاريو، يوسف چيو بيشڪ آئون تنهنجو (سڳو) ڀاءُ آهيان پوءِ تون ان جو ڏک نه ڪر جيڪو انهن ڪيو آهي |
فَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم جَعَلَ السِّقايَةَ فى رَحلِ أَخيهِ ثُمَّ أَذَّنَ مُؤَذِّنٌ أَيَّتُهَا العيرُ إِنَّكُم لَسٰرِقونَ (آيت : 70) |
پوءِ جڏهن يوسف انهن کي سفر جو سامان مُهيا ڪيو ته پيالو پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ رکيو ان کان پوءِ يوسف اعلان ڪرايو ته اي قافلي وارا بيشڪ توهان چور آهيو |
قالوا وَأَقبَلوا عَلَيهِم ماذا تَفقِدونَ (آيت : 71) |
انهن قافلي وارن سامهون ٿي پڇيو ته ڪهڙي شيءِ (توهان کان) گُم ٿي آهي |
قالوا نَفقِدُ صُواعَ المَلِكِ وَلِمَن جاءَ بِهِ حِملُ بَعيرٍ وَأَنا۠ بِهِ زَعيمٌ (آيت : 72) |
اعلان ڪندڙن چيو ته بادشاه جو پيالو گم ٿي ويو آهي ۽ جيڪو پيالو حاضر ڪندو اُن کي اُٺَ جي کڻڻ جيترو اَنُ ڏنو ويندو (انعام طور) ۽ آئون ڏيڻ لاءِ ضامن آهيان |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد عَلِمتُم ما جِئنا لِنُفسِدَ فِى الأَرضِ وَما كُنّا سٰرِقينَ (آيت : 73) |
قافلي وارن الله جو قسم کڻي چيو ته يقيناَ توهان ڄاڻو ٿا ته اسين هن زمين ۾ فساد ڪرڻ نه آيا آهيون ۽ نه ئي اسين چور آهيون |
قالوا فَما جَزٰؤُهُ إِن كُنتُم كٰذِبينَ (آيت : 74) |
اعلان ڪندڙن چيو ته توهان وٽ چور جي سزا ڪهڙي آهي جيڪڏهن توهان (پنهنجي ڳالهه ۾) ڪوڙا ٿي پيا |
قالوا جَزٰؤُهُ مَن وُجِدَ فى رَحلِهِ فَهُوَ جَزٰؤُهُ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 75) |
انهن (ڀائرن) چيو سزا هي آهي ته جنهن جي سامان مان چوري ملي ته اهو ئي ان جي عيوض ٻانهون ٿيندو، اسين (پنهنجي والد حضرت يعقوب جي شريعت موجب) چورن کي اهڙي سزا ڏيون ٿا |
فَبَدَأَ بِأَوعِيَتِهِم قَبلَ وِعاءِ أَخيهِ ثُمَّ استَخرَجَها مِن وِعاءِ أَخيهِ كَذٰلِكَ كِدنا لِيوسُفَ ما كانَ لِيَأخُذَ أَخاهُ فى دينِ المَلِكِ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ وَفَوقَ كُلِّ ذى عِلمٍ عَليمٌ (آيت : 76) |
پوءِ (حضرت يوسف جي سڳي ڀاءُ) بن يامين جي خرجين کان پهرين ٻِيَنِ ڀائرن جا خرجين تلاش ٿيا، ان کان پوءِ پيالو (حضرت يوسف جي سڳي ڀاءُ) بن يامين جي خرجين مان نڪتو، اهو حيلو يوسف کي اسان سيکاريو، يوسف مصر جي قانون موجب پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ وٽ روڪي نٿي سگھيو، مگر جيڪو الله چاهي، اسين جنهن لاءِ گُھرون ان جا درجا بلند ڪريون ٿا، ۽ هر ڄاڻون جي مٿان ٻيو وڌيڪ ڄاڻون آهي |
قالوا إِن يَسرِق فَقَد سَرَقَ أَخٌ لَهُ مِن قَبلُ فَأَسَرَّها يوسُفُ فى نَفسِهِ وَلَم يُبدِها لَهُم قالَ أَنتُم شَرٌّ مَكانًا وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما تَصِفونَ (آيت : 77) |
قافلي وارن چيو اگر بن يامين چوري ڪئي آهي (ته عجب ناهي) پوءِ بيشڪ ان کان اڳ سندس ڀاءُ به چوري ڪئي هئي، پوءِ اها ڳالهه يوسف پنهنجي دل ۾ رکي ۽ ان کي ڀائرن لاءِ ظاهر نه ڪيو، يوسف چيو ته توهان خراب مڪان جا آهيو، ۽ جيڪو توهان چئو ٿا ان کي الله خوب ڄاڻي ٿو |
قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ إِنَّ لَهُ أَبًا شَيخًا كَبيرًا فَخُذ أَحَدَنا مَكانَهُ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 78) |
انهن چيو اي عزيز (بادشاهِ مصر) بيشڪ بن يامين جو هڪ پيرسن والد آهي پوءِ ان جي عيوض اسان مان ڪوبه پاڻ وٽ غلام بناءِ، بيشڪ اسين توکي احسان ڪندڙ سمجھون ٿا |
قالَ مَعاذَ اللَّهِ أَن نَأخُذَ إِلّا مَن وَجَدنا مَتٰعَنا عِندَهُ إِنّا إِذًا لَظٰلِمونَ (آيت : 79) |
يوسف چيو نعوذ بالله اسين ڪنهن (بي گناهه) کي گرفتار ڪريون. اسين ان کي گرفتار ڪنداسين جنهن وٽان اسان کي سامان مليو آهي، (اسان ايئن ڪيو ته) ان وقت اسين ظالم هونداسين |
فَلَمَّا استَيـَٔسوا مِنهُ خَلَصوا نَجِيًّا قالَ كَبيرُهُم أَلَم تَعلَموا أَنَّ أَباكُم قَد أَخَذَ عَلَيكُم مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ وَمِن قَبلُ ما فَرَّطتُم فى يوسُفَ فَلَن أَبرَحَ الأَرضَ حَتّىٰ يَأذَنَ لى أَبى أَو يَحكُمَ اللَّهُ لى وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 80) |
پوءِ جڏهن اهي يوسف کان نااميد ٿيا ته اڪيلا ٿي صلاحون ڪرڻ لڳا، ڀائرن مان وڏي ڀاءُ چيو ته ڇا توهان کي معلوم ناهي ته بيشڪ توهان جي والد توهان کان الله جو پڪو وعدو ورتو هو ۽ ان کان اڳ به توهان يوسف جي باري ۾ ڪوتاهي ڪئي هئي، پوءِ آئون ته قطعاً هتان ڪونه هلندس ايستائين جو منهنجو والد مون کي اجازت ڏي يا مون لاءِ الله حڪم فرمائي، ۽ اهوئي سڀني کان بهتر حڪم ڪندڙ آهي |
ارجِعوا إِلىٰ أَبيكُم فَقولوا يٰأَبانا إِنَّ ابنَكَ سَرَقَ وَما شَهِدنا إِلّا بِما عَلِمنا وَما كُنّا لِلغَيبِ حٰفِظينَ (آيت : 81) |
توهان پنهنجي والد ڏانهن موٽي پوءِ ان کي عرض ڪريو ته اي اسان جا والد بيشڪ تنهنجي پٽ (بن يامين) چوري ڪئي، ۽ اسان شاهدي نه ڏني مگر جنهن ڳالهه جي اسان کي معلومات هئي ۽ اسين غيب جا محافظ نه هئاسين |
وَسـَٔلِ القَريَةَ الَّتى كُنّا فيها وَالعيرَ الَّتى أَقبَلنا فيها وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 82) |
۽ توهان ان ڳوٺاڻن کان پڇو جنهن ڳوٺ ۾ اسين هئاسين ۽ ان قافلي وارن کان پڇو جيڪي مصر مان اناج کڻي آيا آهن ۽ بيشڪ اسين (ان ڳالهه ۾) سچا آهيون |
قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ عَسَى اللَّهُ أَن يَأتِيَنى بِهِم جَميعًا إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 83) |
(حضرت) يعقوب فرمايو ڳالهه در اصل هِي آهي ته توهان اهو منصوبو دليان تيار ڪيو آهي، پوءِ (منهنجو) صبر بهتر آهي، مون کي الله ۾ اميد آهي ته مون کي منهنجا ٽَئِي پٽ ملائيندو، بيشڪ اهو الله خوب ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
وَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰأَسَفىٰ عَلىٰ يوسُفَ وَابيَضَّت عَيناهُ مِنَ الحُزنِ فَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 84) |
۽ (حضرت) يعقوب سڀني کان منهن ڦيرايو ۽ چوڻ لڳو هاءِ ! مون کي يوسف جي جدائي تي نهايت افسوس آهي ۽ انهي صدمي جي ڪري (حضرت) يعقوب جون ٻئي اکيون سفيد ٿي ويون پوءِ پاڻ ڏُکويل هئا |
قالوا تَاللَّهِ تَفتَؤُا۟ تَذكُرُ يوسُفَ حَتّىٰ تَكونَ حَرَضًا أَو تَكونَ مِنَ الهٰلِكينَ (آيت : 85) |
پٽن چيو توهان ته هميشه يوسف کي ياد پيا ڪريو ايستائين جو توهان قريب الموت ٿيندا يا توهان فوت ٿي ويندا |
قالَ إِنَّما أَشكوا بَثّى وَحُزنى إِلَى اللَّهِ وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 86) |
(حضرت) يعقوب چيو آئون پنهنجي سخت پريشاني ۽ ڏک جو فرياد الله جي دربار ۾ عرض ڪريان ٿو ۽ الله جا اهي علم ڄاڻان ٿو جيڪي توهان نٿا ڄاڻو |
يٰبَنِىَّ اذهَبوا فَتَحَسَّسوا مِن يوسُفَ وَأَخيهِ وَلا تَا۟يـَٔسوا مِن رَوحِ اللَّهِ إِنَّهُ لا يَا۟يـَٔسُ مِن رَوحِ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الكٰفِرونَ (آيت : 87) |
اي منهنجا پٽ توهان وڃي يوسف ۽ سندس ڀاءُ کي تلاش ڪريو ۽ الله تعالى جي رحمت کان نااميد نه ٿيو، بيشڪ ڪافر قوم کان سواءِ الله تعالى جي رحمت مان ڪير به نااميد نٿو ٿئي |
فَلَمّا دَخَلوا عَلَيهِ قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ مَسَّنا وَأَهلَنَا الضُّرُّ وَجِئنا بِبِضٰعَةٍ مُزجىٰةٍ فَأَوفِ لَنَا الكَيلَ وَتَصَدَّق عَلَينا إِنَّ اللَّهَ يَجزِى المُتَصَدِّقينَ (آيت : 88) |
پوءِ ڀائر جڏهن يوسف جي دربار ۾ حاضر ٿيا، انهن چيو اي مصر جا بادشاه اسان کي ۽ اسان جي گھر وارن کي سخت تڪليف پهتي آهي ۽ اسين ٿورڙي رقم کڻي آيا آهيون، پوءِ تون اسان کي گھڻو اَنُ ڏي ۽ تون اسان تي خيرات ڪر، بيشڪ الله خيرات ڪندڙن کي ثواب عطا ڪري ٿو |
قالَ هَل عَلِمتُم ما فَعَلتُم بِيوسُفَ وَأَخيهِ إِذ أَنتُم جٰهِلونَ (آيت : 89) |
مصر جي بادشاه (يوسف) چيو توهان کي معلوم آهي ته توهان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڇا ڪيو هو، جڏهن توهان نه ٿي سمجھا |
قالوا أَءِنَّكَ لَأَنتَ يوسُفُ قالَ أَنا۠ يوسُفُ وَهٰذا أَخى قَد مَنَّ اللَّهُ عَلَينا إِنَّهُ مَن يَتَّقِ وَيَصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 90) |
ڀائرن چيو ڇا تون، واقعي تون يوسف آهين ؟ بادشاه چيو آئون يوسف آهيان ۽ هي منهنجو سڳو ڀاءُ (بن يامين) آهي، تحقيق الله تعالى اسان تي احسان فرمايو آهي، بيشڪ جيڪو ماڻهو الله کان ڊنو ۽ ان صبر ڪيو پوءِ بيشڪ الله نيڪوڪارن جو ثواب ضايع نٿو ڪري |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد ءاثَرَكَ اللَّهُ عَلَينا وَإِن كُنّا لَخٰطِـٔينَ (آيت : 91) |
ڀائرن چيو قسم آهي الله جو بيشڪ الله توکي اسان کان ڀَلو ڪيو آهي ۽ بيشڪ اسين خطادار هئاسين |
قالَ لا تَثريبَ عَلَيكُمُ اليَومَ يَغفِرُ اللَّهُ لَكُم وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 92) |
(حضرت) يوسف فرمايو اڄ توهان تي ڪابه ميار ناهي، الله توهان جي خطا معاف فرمائي، ۽ اهوئي ارحم الراحمين آهي |
اذهَبوا بِقَميصى هٰذا فَأَلقوهُ عَلىٰ وَجهِ أَبى يَأتِ بَصيرًا وَأتونى بِأَهلِكُم أَجمَعينَ (آيت : 93) |
توهان وڃو ۽ هي منهنجي قميص کڻي منهنجي والد محترم جي منهن تي گھمايو (ته فوراً) سندس اکيون روشن ٿينديون، ۽ توهان پنهنجو سمورو خاندان مون ڏانهن وٺي اچو |
وَلَمّا فَصَلَتِ العيرُ قالَ أَبوهُم إِنّى لَأَجِدُ ريحَ يوسُفَ لَولا أَن تُفَنِّدونِ (آيت : 94) |
۽ جڏهن اهو قافلو (مصر مان ڪنعان ڏانهن) روانو ٿيو ته (حضرت) يعقوب چيو ته بيشڪ آئون يوسف جي خوشبوءِ محسوس ڪريان ٿو، جيڪڏهن توهان مون کي ڪم عقل نٿا سمجھو |
قالوا تَاللَّهِ إِنَّكَ لَفى ضَلٰلِكَ القَديمِ (آيت : 95) |
(پوٽن) چيو قسم آهي الله جو بيشڪ توهان (پراڻي) محبت ۾ مبتلا آهيو |
فَلَمّا أَن جاءَ البَشيرُ أَلقىٰهُ عَلىٰ وَجهِهِ فَارتَدَّ بَصيرًا قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 96) |
پوءِ جڏهن خوشخبري ڏيندڙ آيو ته ان (حضرت) يوسف جي قميص (حضرت) يعقوب جي منهن تي گھمائي ته (حضرت) يعقوب جي نظر موٽي آئي، يعقوب چيو ڇا مون توهان کي نه چيو هو ته بيشڪ آئون الله کان اهي علم ڄاڻان ٿو جيڪي توهان نٿا ڄاڻو |
قالوا يٰأَبانَا استَغفِر لَنا ذُنوبَنا إِنّا كُنّا خٰطِـٔينَ (آيت : 97) |
انهن چيو اي اسان جا والد تون اسان جي گناهن جي بخشش (الله کان) طلب ڪر، بيشڪ اسين خطادار آهيون |
قالَ سَوفَ أَستَغفِرُ لَكُم رَبّى إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 98) |
(حضرت) يعقوب چيو عنقريب آئون توهان لاءِ پنهنجي رب کان بخشش طلب ڪندس، بيشڪ اهوئي غفور رحيم آهي |
فَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَبَوَيهِ وَقالَ ادخُلوا مِصرَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ (آيت : 99) |
پوءِ جڏهن اهي (سڀئي) يوسف وٽ پهتا ته يوسف پنهنجي پيءُ ماءُ کي پاڻ سان ويهاريو ۽ چيو ته جيڪڏهن الله چاهيو ته توهان مصر ۾ امن وارا ٿي داخل ٿيندا |
وَرَفَعَ أَبَوَيهِ عَلَى العَرشِ وَخَرّوا لَهُ سُجَّدًا وَقالَ يٰأَبَتِ هٰذا تَأويلُ رُءيٰىَ مِن قَبلُ قَد جَعَلَها رَبّى حَقًّا وَقَد أَحسَنَ بى إِذ أَخرَجَنى مِنَ السِّجنِ وَجاءَ بِكُم مِنَ البَدوِ مِن بَعدِ أَن نَزَغَ الشَّيطٰنُ بَينى وَبَينَ إِخوَتى إِنَّ رَبّى لَطيفٌ لِما يَشاءُ إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 100) |
۽ (حضرت) يوسف پنهنجي پيءُ ماءُ کي پنهنجي تخت تي ويهاريو ۽ انهن سڀني (حضرت) يوسف کي (تعظيمي) سجدو ڪيو، ۽ (حضرت) يوسف چيو اي منهنجا بابا هيءُ منهنجي پهرين خواب جو تعبير آهي جنهنکي منهنجي رب سچو ڪري ڏيکاريو، ۽ بيشڪ مون تي الله احسان فرمايو جو مون کي قيد مان ٻاهر ڪڍيو، ۽ توهان کي ٻهراڙيءَ مان (شهر ۾) آندو، ان کان پوءِ جو منهنجي ۽ منهنجي ڀائرن جي وچ ۾ شيطان نااتفاقي پيدا ڪئي، بيشڪ منهنجو رب جنهن ڳالهه کي چاهي آسان ڪري ڇڏي ٿو، بيشڪ اهو ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
رَبِّ قَد ءاتَيتَنى مِنَ المُلكِ وَعَلَّمتَنى مِن تَأويلِ الأَحاديثِ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنتَ وَلِيّۦ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ تَوَفَّنى مُسلِمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 101) |
اي منهنجا رب تحقيق تو مون کي مصر جي بادشاهي عطا ڪئي ۽ تو مون کي خوابن جو تعبير سيکاريو، تون آسمانن ۽ زمينن جو پيدا ڪندڙ آهين، تون منهنجو دنيا ۽ آخرت ۾ مددگار آهين، تون مون کي مسلمان ڪري مار ۽ تون مون کي پنهنجي صالح بندن سان ملاءِ |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ أَجمَعوا أَمرَهُم وَهُم يَمكُرونَ (آيت : 102) |
اهي غيب جون خبرون آهن جيڪي اسان رسولِ عربيءَ ڏانهن وحي ڪيون آهن ۽ توهان (بظاهر) انهن وٽ موجود نه هئا جڏهن انهن (يوسف لاءِ) منصوبه بندي ڪئي ۽ اهي فريب ڪري رهيا هئا |
وَما أَكثَرُ النّاسِ وَلَو حَرَصتَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 103) |
۽ توهان ڪيترو به چاهيو تڏهن به گھڻا ماڻهو ايمان نه آڻيندا |
وَما تَسـَٔلُهُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 104) |
۽ توهان انهن کان ڪو اجورو طلب نٿا ڪريو، هيءُ قرآن ته سڀني جهانن وارن لاءِ نصيحت آهي |
وَكَأَيِّن مِن ءايَةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَمُرّونَ عَلَيها وَهُم عَنها مُعرِضونَ (آيت : 105) |
۽ آسمانن ۽ زمينن ۾ ڪيتريون ئي الله جون نشانيون آهن جن جي مٿان اهي (ڪافر) گذرن ٿا پر اهي انهن جا انڪاري آهن |
وَما يُؤمِنُ أَكثَرُهُم بِاللَّهِ إِلّا وَهُم مُشرِكونَ (آيت : 106) |
۽ انهن مان گھڻا اهڙا آهن جيڪي الله تي ايمان نٿا آڻن ۽ اهي مشرڪ آهن، |
أَفَأَمِنوا أَن تَأتِيَهُم غٰشِيَةٌ مِن عَذابِ اللَّهِ أَو تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 107) |
ڇا اهي الله جي اوچتي عذاب کان امن وارا آهن، يا اهي امن وارا آهن قيامت جي اوچتي اچڻ کان، ۽ اهي نٿا سمجھن |
قُل هٰذِهِ سَبيلى أَدعوا إِلَى اللَّهِ عَلىٰ بَصيرَةٍ أَنا۠ وَمَنِ اتَّبَعَنى وَسُبحٰنَ اللَّهِ وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 108) |
رسولِ عربي توهان فرمايو منهنجو هي رستو آهي آئون (توهان کي) الله ڏانهن سڏيان ٿو،آئون ۽ منهنجا تابعدار صاف دليل تي آهيون، ۽ آئون الله جي پاڪائي بيان ڪريان ٿو ۽ آئون مشرڪن مان ناهيان |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم مِن أَهلِ القُرىٰ أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ اتَّقَوا أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 109) |
۽ نه موڪليا اسان توهان کان اڳ (پيغمبر ڪري) مگر اهي مرد هئا جن ڏانهن اسان وحي موڪلي اهي شهرن جا رهندڙ هئا، ڇا پوءِ انهن زمين ۾ سير نه ڪيو آهي ! پوءِ اهي ڏسن ها ته انهن کان اڳين ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي، ۽ پرهيزگارن لاءِ آخرت جو گھر (بهشت) تمام بهتر آهي، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو |
حَتّىٰ إِذَا استَيـَٔسَ الرُّسُلُ وَظَنّوا أَنَّهُم قَد كُذِبوا جاءَهُم نَصرُنا فَنُجِّىَ مَن نَشاءُ وَلا يُرَدُّ بَأسُنا عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 110) |
ايستائين جو پيغمبر (پنهنجي تبليغ کان) نااميد ٿيا ۽ ماڻهن سمجھو ته رسولن انهن کي غلط چيو آهي انهن وٽ اسان جي مدد پهتي، پوءِ اسان جنهنکي چاهيو ان کي نجات ڏني، ۽ اسان جو عذاب گنهگار قوم تان ڦيرايو نٿو وڃي |
لَقَد كانَ فى قَصَصِهِم عِبرَةٌ لِأُولِى الأَلبٰبِ ما كانَ حَديثًا يُفتَرىٰ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ كُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 111) |
بيشڪ انهن قصن ۾ عقلمندن لاءِ عبرت آهي، هي (قرآن) هٿرادو ٺاهيل ڳالهه ناهي پر (قرآن ڪريم) اڳين (آسماني ڪتابن) جي به تصديق ڪري ٿو ۽ (ان ۾) هر شيءِ جو تفصيل ۽ هدايت ۽ رحمت ان قوم لاءِ آهي جيڪي ايمان آڻن ٿا |