الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 1) |
الف_ لام_ را_ هي پڌري ڪتاب جون آيتون آهن. |
إِنّا أَنزَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 2) |
اسان هن کي عربي قرآن ڪري لاٿو آهي، ته اوهين سمجهو. |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ أَحسَنَ القَصَصِ بِما أَوحَينا إِلَيكَ هٰذَا القُرءانَ وَإِن كُنتَ مِن قَبلِهِ لَمِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 3) |
هن قرآن جي وحيءَ ڪري اسين توکي تمام سٺي خبر ٻڌايون ٿا، انهيءَ کان اڳ تون به اڻ واقف هئين. |
إِذ قالَ يوسُفُ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ إِنّى رَأَيتُ أَحَدَ عَشَرَ كَوكَبًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ رَأَيتُهُم لى سٰجِدينَ (آيت : 4) |
(ياد ڪر) جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي چيو، ”بابا! مون يارهن ستارا سج ۽ چنڊ کي ڏٺو ۽ کين پاڻ لاءِ سجدو ڪندي ڏٺو.“ |
قالَ يٰبُنَىَّ لا تَقصُص رُءياكَ عَلىٰ إِخوَتِكَ فَيَكيدوا لَكَ كَيدًا إِنَّ الشَّيطٰنَ لِلإِنسٰنِ عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 5) |
چيائين ”پٽڙا! تون پنهنجو خواب پنهنجن ڀائرن کي نه ٻڌائج، نه ته هو تولاءِ خاص رٿون رٿيندا، بيشڪ شيطان انسان جو پڌرو دشمن آهي. |
وَكَذٰلِكَ يَجتَبيكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَيُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَعَلىٰ ءالِ يَعقوبَ كَما أَتَمَّها عَلىٰ أَبَوَيكَ مِن قَبلُ إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبَّكَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 6) |
اهڙي طرح تنهنجو ڌڻي توکي خاص ٻانهو بڻائيندو، توکي خوابن جي تعبير جو به علم ڏيندو ۽ هو پنهنجي نعمتن کي توتي ۽ يعقوب جي خاندان تي پورو ڪندو، جيئن هن کان اڳ تنهنجي ڏاڏي ابراهيم ۽ اسحاق تي پوريون ڪيائين- بيشڪ تنهنجو رب وڏي علم ۽ ڏاهپ وارو آهي. |
لَقَد كانَ فى يوسُفَ وَإِخوَتِهِ ءايٰتٌ لِلسّائِلينَ (آيت : 7) |
بيشڪ يوسف ۽ سندس ڀائرن ۾ پڇندڙن لاءِ نشانيون آهن. |
إِذ قالوا لَيوسُفُ وَأَخوهُ أَحَبُّ إِلىٰ أَبينا مِنّا وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنَّ أَبانا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 8) |
جڏهن (سندس ڀائرن) چيو ته ”يوسف ۽ ڀاڻس بابي کي وڌيڪ پيارا آهن، جيتوڻيڪ اسين زبردست ٽولو آهيون، بيشڪ بابو صفا غلطيءَ ۾ آهي. |
اقتُلوا يوسُفَ أَوِ اطرَحوهُ أَرضًا يَخلُ لَكُم وَجهُ أَبيكُم وَتَكونوا مِن بَعدِهِ قَومًا صٰلِحينَ (آيت : 9) |
يوسف کي ماريو، يا ڪٿي اڇلايوس، ته بابي جو ڌيان اوهان ڏانهن ٿيندو ۽ پوءِ اوهان جا سڀ ڪم بڻجي ويندا.“ |
قالَ قائِلٌ مِنهُم لا تَقتُلوا يوسُفَ وَأَلقوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ يَلتَقِطهُ بَعضُ السَّيّارَةِ إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 10) |
انهن مان هڪ چيو ته، ”جيڪڏهن اوهان کي اهو ڪم ڪرڻو آهي ته يوسف کي ماريو نه، بلڪه ڪنهن اونداهي کوهه ۾ وجهوس، ته ڪو واٽهڙو کڻي وڃيس.“ |
قالوا يٰأَبانا ما لَكَ لا تَأمَ۫نّا عَلىٰ يوسُفَ وَإِنّا لَهُ لَنٰصِحونَ (آيت : 11) |
تڏهن وڃي چيائون ”بابا! ڇو تون اسان تي يوسف بابت اعتبار نٿو ڪري؟ اسين ته ان جا خيرخواهه آهيون. |
أَرسِلهُ مَعَنا غَدًا يَرتَع وَيَلعَب وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 12) |
تون ان کي سڀاڻي اسان ساڻ موڪل ته هو کائي ۽ کيڏي_ اسين ان جي پوري سنڀال رکنداسون.“ |
قالَ إِنّى لَيَحزُنُنى أَن تَذهَبوا بِهِ وَأَخافُ أَن يَأكُلَهُ الذِّئبُ وَأَنتُم عَنهُ غٰفِلونَ (آيت : 13) |
چيائين ”هن جو وٺي وڃڻ مون کي غم ۾ وجهندو، جو مون کي ڊپ آهي، هن کي ڪو بگهڙ نه کائي وڃي ۽ اوهان ان کان بي خبر هجو!“ |
قالوا لَئِن أَكَلَهُ الذِّئبُ وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنّا إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 14) |
چيائون ”جي اسان جي زبردست ٽوليءَ هوندي بگهڙ کائي وڃيس ته، پوءِ اسين ڪجهه به نه آهيون!“ |
فَلَمّا ذَهَبوا بِهِ وَأَجمَعوا أَن يَجعَلوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ وَأَوحَينا إِلَيهِ لَتُنَبِّئَنَّهُم بِأَمرِهِم هٰذا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 15) |
پوءِ جڏهن ان کي وٺي ويا ۽ يڪراءِ ٿيا ته کيس ڪنهن اونداهي کوهه ۾ وجهن ته اسان کيس وحي موڪليو ته، ”تون انهن کي ان ڳالهه جي خبر ڏيندين ۽ هو توکي نه سڃاڻندا هوندا!“ |
وَجاءو أَباهُم عِشاءً يَبكونَ (آيت : 16) |
هو شام جو پنهنجي پيءُ وٽ روئندا آيا. |
قالوا يٰأَبانا إِنّا ذَهَبنا نَستَبِقُ وَتَرَكنا يوسُفَ عِندَ مَتٰعِنا فَأَكَلَهُ الذِّئبُ وَما أَنتَ بِمُؤمِنٍ لَنا وَلَو كُنّا صٰدِقينَ (آيت : 17) |
چوڻ لڳا، ”بابا! اسين پاڻ ۾ ڊوڙڻ لڳاسون ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسون، کيس بگهڙ کائي ويو. اسين کڻي سچا هجون، ته به اسان کي نه وسهندين! |
وَجاءو عَلىٰ قَميصِهِ بِدَمٍ كَذِبٍ قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ وَاللَّهُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 18) |
۽ يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت لڳائي آيا_ چيائين ته ”ها، اوهين پنهنجي دليئون هڪ ڳالهه گهڙي آيا آهيو! هاڻي صبر ئي چڱو آهي! ۽ جيڪي ڳالهيون ڪريو ٿا، انهن ۾ الله ئي مدد ڪري!“ |
وَجاءَت سَيّارَةٌ فَأَرسَلوا وارِدَهُم فَأَدلىٰ دَلوَهُ قالَ يٰبُشرىٰ هٰذا غُلٰمٌ وَأَسَرّوهُ بِضٰعَةً وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 19) |
هڪ قافلو اچي نڪتو، انهن سندن همراهه موڪليو، جنهن پنهنجو ڏول کوهه ۾ وڌو، چوڻ لڳو، ”وڏي خوشي، هن ڇوڪري نڪرڻ تي!“ ۽ ان کي وٿ سمجهي لڪائي ڇڏيائون_ پر الله کي سندن ڪمن جي خبر هئي. |
وَشَرَوهُ بِثَمَنٍ بَخسٍ دَرٰهِمَ مَعدودَةٍ وَكانوا فيهِ مِنَ الزّٰهِدينَ (آيت : 20) |
پوءِ ڀائرن ان کي گهٽ قيمت ۾ ٿورڙن درهمن ۾ وڪيو، جو اهي ان جا ڪجهه قدردان نه هئا. |
وَقالَ الَّذِى اشتَرىٰهُ مِن مِصرَ لِامرَأَتِهِ أَكرِمى مَثوىٰهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ وَلِنُعَلِّمَهُ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَاللَّهُ غالِبٌ عَلىٰ أَمرِهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 21) |
۽ سندس مصر واري خريدار پنهنجي زال کي چيو، ته ”ان کي چڱيءَ طرح رکج، شايد اسان جي ڪم اچي يا کيس پٽيلو بڻايون.“ ۽ اهڙيءَ طرح اسان يوسف کي ملڪ ۾ ڄمايو، ته کيس خوابن جو تعبير سيکاريون، الله پنهنجي ڪم تي غالب آهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا سمجهن. |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 22) |
جڏهن هو سندس جوانيءَ کي پهتو، ته اسان کيس ڏاهپ ۽ علم ڏنو ۽ اهڙي طرح نيڪن کي بدلو ڏيندا آهيون. |
وَرٰوَدَتهُ الَّتى هُوَ فى بَيتِها عَن نَفسِهِ وَغَلَّقَتِ الأَبوٰبَ وَقالَت هَيتَ لَكَ قالَ مَعاذَ اللَّهِ إِنَّهُ رَبّى أَحسَنَ مَثواىَ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
جنهن عورت جي گهر ۾ رهندو هو، ساکيس پنهنجي لاءِ ڦسلائڻ لڳي ۽ دروازا بند ڪري چيائين ته، ”اچ! آءُ توکي ئي گهران ٿي“. چيائين ”الله بچائي! بيشڪ منهنجي رب مون کي چڱي حال ۾ رکيو آهي! ۽ ظالم پڪ نه ڇٽندا.“ |
وَلَقَد هَمَّت بِهِ وَهَمَّ بِها لَولا أَن رَءا بُرهٰنَ رَبِّهِ كَذٰلِكَ لِنَصرِفَ عَنهُ السّوءَ وَالفَحشاءَ إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُخلَصينَ (آيت : 24) |
هن ته ڏانهس لاڙو ڪيو ۽ هو به لاڙو ڪريس ها، جي سندس رب جو دليل نه ڏسي ها! انهيءَ لاءِ ته اسين کانئس ننڍن وڏن گناهن کي دور رکون، بيشڪ اسان جي سچن بندن مان هو. |
وَاستَبَقَا البابَ وَقَدَّت قَميصَهُ مِن دُبُرٍ وَأَلفَيا سَيِّدَها لَدَا البابِ قالَت ما جَزاءُ مَن أَرادَ بِأَهلِكَ سوءًا إِلّا أَن يُسجَنَ أَو عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 25) |
ٻئي دروازي ڏي ڊوڙيا ۽ هن سندس قميص کي پٺيان ڦاڙي وڌو ۽ ٻنهي ان جي مڙس کي دروازي وٽ ڏٺو_ عورت چيو ”جيڪو تنهنجي زال سان بڇڙو ارادو رکي ان جي سزا اها ئي ٿيندي ته ان کي قيد ڪجي يا دردناڪ عذاب ڏجي! |
قالَ هِىَ رٰوَدَتنى عَن نَفسى وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن أَهلِها إِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن قُبُلٍ فَصَدَقَت وَهُوَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 26) |
يوسف چيو ”هن ئي مون کي پنهنجي لاءِ برغلايو“ ۽ مائي جي خاندان مان هڪ شاهد شاهدي ڏني ته“ جي ان جي قيمص اڳيان ڦاٽل آهي، ته زال سچي آهي ۽ هو ڪوڙو آهي. |
وَإِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ فَكَذَبَت وَهُوَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 27) |
۽ جي هن جي قميص پٺيان ڦاٽل آهي، ته هو ڪوڙي آهي، هو سچو آهي!“ |
فَلَمّا رَءا قَميصَهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ قالَ إِنَّهُ مِن كَيدِكُنَّ إِنَّ كَيدَكُنَّ عَظيمٌ (آيت : 28) |
جڏهن مڙس سندس قميص پٺيان ڦاٽل ڏٺي، ته چيائين ”اوهان (زالن) جي چالاڪي آهي، بيشڪ اوهان (زالن) جون چالاڪيون به وڏيون آهن!. |
يوسُفُ أَعرِض عَن هٰذا وَاستَغفِرى لِذَنبِكِ إِنَّكِ كُنتِ مِنَ الخاطِـٔينَ (آيت : 29) |
يوسف! هن ڳالهه کي ڇڏي ڏي ۽ (اي زال!) تون پنهنجي قصور جي معافي وٺ، بيشڪ تون ئي ڏوهاري آهين!“ |
وَقالَ نِسوَةٌ فِى المَدينَةِ امرَأَتُ العَزيزِ تُرٰوِدُ فَتىٰها عَن نَفسِهِ قَد شَغَفَها حُبًّا إِنّا لَنَرىٰها فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
شهر جي ڪن عورتن چيو ته ”عزيز جي زال پنهنجي غلام کي پنهنجي لاءِ ڦسلائي ٿي ۽ سندس دل ۾ هن جي محبت گهر ڪيو اٿس پڪ! اسين ته ان کي پڌري غلطي ۾ ڏسون ٿيون!“ |
فَلَمّا سَمِعَت بِمَكرِهِنَّ أَرسَلَت إِلَيهِنَّ وَأَعتَدَت لَهُنَّ مُتَّكَـًٔا وَءاتَت كُلَّ وٰحِدَةٍ مِنهُنَّ سِكّينًا وَقالَتِ اخرُج عَلَيهِنَّ فَلَمّا رَأَينَهُ أَكبَرنَهُ وَقَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ وَقُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما هٰذا بَشَرًا إِن هٰذا إِلّا مَلَكٌ كَريمٌ (آيت : 31) |
سو جڏهن هن انهن عورتن جي گلا جي خبر ٻڌائين، ته انهن کي دعوت موڪليائين، انهن لاءِ طول وهاڻا تيار رکيائين، انهن مان هر هڪ کي ڇري ڏنائين ۽ (يوسف کي) چيائين ته ”انهن جي اڳيان اچ!“ جڏهن انهن کيس ڏٺو ته حيران ٿيون ۽ پنهنجا هٿ ڪپي وڌائون، چوڻ لڳيون، ”پاڪ آهي الله! هي ماڻهو ته نه آهي! هي ته ڪو وڏو فرشتو آهي!“ |
قالَت فَذٰلِكُنَّ الَّذى لُمتُنَّنى فيهِ وَلَقَد رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ فَاستَعصَمَ وَلَئِن لَم يَفعَل ما ءامُرُهُ لَيُسجَنَنَّ وَلَيَكونًا مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 32) |
عورت چيو ته ”ڏسو، هي اهو آهي، جنهن لاءِ اوهين مون کي ڇيڀينديون هيون، سچ پچ ته مون ان کي پنهنجي لاءِ ڦسلايو، مگر هو پاڪ رهيو، هاڻ جيڪي چوانس ٿي سو جي نه ڪندو، ته هو ضرور قيد ڪبو ۽ بي عزت ٿيندو.“ |
قالَ رَبِّ السِّجنُ أَحَبُّ إِلَىَّ مِمّا يَدعونَنى إِلَيهِ وَإِلّا تَصرِف عَنّى كَيدَهُنَّ أَصبُ إِلَيهِنَّ وَأَكُن مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 33) |
(يوسف) چيو ته ”اي منهنجا ڌڻي! مون کي قيد ان کان وڌيڪ وڻي ٿو، جنهن ڏانهن هو مون کي سڏين ٿيون، ۽ جي تون مون کان هنن جي داءَ کي نه هٽائيندين، ته آءُ انهن ڏانهن مڙي پوندس ۽ نادان ٿي پوندس!“ |
فَاستَجابَ لَهُ رَبُّهُ فَصَرَفَ عَنهُ كَيدَهُنَّ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 34) |
تڏهن سندس رب ان جي دعا قبول ڪئي ۽ انهن جي داءَ کي کانئس دور رکيائين، بيشڪ هو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
ثُمَّ بَدا لَهُم مِن بَعدِ ما رَأَوُا الءايٰتِ لَيَسجُنُنَّهُ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 35) |
پوءِ ڪن نشانين ڏسڻ بعد هنن کي ائين ٺيڪ لڳو، ته هن کي ڪجهه وقت تائين قيد ڪجي. |
وَدَخَلَ مَعَهُ السِّجنَ فَتَيانِ قالَ أَحَدُهُما إِنّى أَرىٰنى أَعصِرُ خَمرًا وَقالَ الءاخَرُ إِنّى أَرىٰنى أَحمِلُ فَوقَ رَأسى خُبزًا تَأكُلُ الطَّيرُ مِنهُ نَبِّئنا بِتَأويلِهِ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 36) |
۽ ساڻس قيد ۾ ٻه جوان به پيا، انهن مان هڪ چيو ته ”آءُ خواب ڏسان ٿو: شراب ٿو نچوڙيان_ ”ٻئي چيو ته ”آءُ پيو ڏسان ته مٿي تي مانيون کنيون اٿم ۽ ان مان پکي پيا کائن، اسان کي انهن جو تعبير ٻڌاءِ، تون اسان کي نيڪ لڳين ٿو. |
قالَ لا يَأتيكُما طَعامٌ تُرزَقانِهِ إِلّا نَبَّأتُكُما بِتَأويلِهِ قَبلَ أَن يَأتِيَكُما ذٰلِكُما مِمّا عَلَّمَنى رَبّى إِنّى تَرَكتُ مِلَّةَ قَومٍ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 37) |
چيائين ”اوهان کي ملندڙ کاڌي جي اچڻ کان اڳ اوهان کي ان جي حقيقت ٻڌائيندس، اها انهيءَ ڪري آهي، جيڪو مون کي پنهنجي رب سيکاريو آهي_ مون ته انهن جو مذهب ڇڏي ڏنو آهي، جي الله تي ايمان نٿا رکن ۽ اهي آخرت جا به منڪر آهن. |
وَاتَّبَعتُ مِلَّةَ ءاباءى إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ ما كانَ لَنا أَن نُشرِكَ بِاللَّهِ مِن شَيءٍ ذٰلِكَ مِن فَضلِ اللَّهِ عَلَينا وَعَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 38) |
۽ آءُ پنهنجي وڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي مذهب تي هلان ٿو_ ۽ اسان کي نه جڳائي، جو اسين ڪنهن کي به الله سان عبادت ۾ ڀائيوار ڪريون_ اهو اسان تي ۽ ٻين ماڻهن تي الله جو فضل آهي مگر گهڻا ماڻهو شڪر نه ٿا ڪن. |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ ءَأَربابٌ مُتَفَرِّقونَ خَيرٌ أَمِ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 39) |
اي قيدي دوستو! جدا جدا سائين چڱا آهن، يا اهو هڪ الله، جو سڀني کان زبردست آهي؟ |
ما تَعبُدونَ مِن دونِهِ إِلّا أَسماءً سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ أَمَرَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 40) |
اوهين الله کي ڇڏي رڳو ڪن نالن جي عبادت ڪريو ٿا جن کي اوهان ۽ اوهان جي وڏن رکيو آهي، الله هن بابت ڪا سند نه لاٿي آهي ۽ حڪم جو اختيار ته رڳو الله کي آهي ان حڪم ڪيو آهي ته خاص ان کانسواءِ ٻي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو، اهو سڌو دين آهي، مگر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ أَمّا أَحَدُكُما فَيَسقى رَبَّهُ خَمرًا وَأَمَّا الءاخَرُ فَيُصلَبُ فَتَأكُلُ الطَّيرُ مِن رَأسِهِ قُضِىَ الأَمرُ الَّذى فيهِ تَستَفتِيانِ (آيت : 41) |
اي قيدي دوستو! اوهان مان هڪ ته پنهنجي مالڪ کي شراب پياريندو ۽ ٻيو سوريءَ چاڙهبو ۽ ان جي مٿي کي پکي کائيندا، جنهن ڪم بابت اوهين پڇو ٿا، سو ان طرح فيصل ٿي چڪو آهي.“ |
وَقالَ لِلَّذى ظَنَّ أَنَّهُ ناجٍ مِنهُمَا اذكُرنى عِندَ رَبِّكَ فَأَنسىٰهُ الشَّيطٰنُ ذِكرَ رَبِّهِ فَلَبِثَ فِى السِّجنِ بِضعَ سِنينَ (آيت : 42) |
انهن مان جنهن جي ڇٽڻ جو گمان هو، ان کي چيائين ته ”پنهنجي مالڪ وٽ منهنجو ذڪر ڪج!“ پوءِ شيطان ان کان سندس مالڪ وٽ ذڪر وسارائي ڇڏيو، ان ڪري قيد ۾ ڪجهه سال ٻيا به رهڻو پيس. |
وَقالَ المَلِكُ إِنّى أَرىٰ سَبعَ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعَ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ يٰأَيُّهَا المَلَأُ أَفتونى فى رُءيٰىَ إِن كُنتُم لِلرُّءيا تَعبُرونَ (آيت : 43) |
۽ بادشاهه چيو ته ”آءُ خواب ۾ ڏسان ٿو ته ست ڏٻريون ڳئون ستن ٿلهين کي کائي رهيون آهن ۽ ست سنگ ساوا آهن ۽ ان کانسواءِ ست ٻيا سڪا آهن. اي درٻاريو! جي خواب جو تعبير ڪري سگهو ٿا، ته مون کي هن خواب جو تعبير ٻڌايو.“ |
قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ وَما نَحنُ بِتَأويلِ الأَحلٰمِ بِعٰلِمينَ (آيت : 44) |
چيائون ته ”هي اجايا خواب آهن! ۽ اسين اجاين خوابن جو تعبير نه ڄاڻون.“ |
وَقالَ الَّذى نَجا مِنهُما وَادَّكَرَ بَعدَ أُمَّةٍ أَنا۠ أُنَبِّئُكُم بِتَأويلِهِ فَأَرسِلونِ (آيت : 45) |
۽ جيڪو ٻن قيدين مان ڇٽو هو، تنهن کي مدت کان پوءِ ڳالهه ياد آئي، چيائين ته ”مون کي موڪليو ته آءُ اوهان کي خواب جي تعبير آڻي ڏيان.“ |
يوسُفُ أَيُّهَا الصِّدّيقُ أَفتِنا فى سَبعِ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعِ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ لَعَلّى أَرجِعُ إِلَى النّاسِ لَعَلَّهُم يَعلَمونَ (آيت : 46) |
”اي سچا يوسف! ست ڏٻريون ستن ٿلهين ڳئن کي کائن ٿيون_ ۽ ست ساوا سنگ آهن ته، ست سڪا (به) آهن، اسان کي هن جو تعبير ٻڌاءِ! ته ماڻهن ڏي موٽي وڃان ته هو معلوم ڪن.“ |
قالَ تَزرَعونَ سَبعَ سِنينَ دَأَبًا فَما حَصَدتُم فَذَروهُ فى سُنبُلِهِ إِلّا قَليلًا مِمّا تَأكُلونَ (آيت : 47) |
چيائين ”اوهين ست سال جيڪا لڳو لڳ کيتي ڪريو، ته ان کي پنهنجي ٿوري کاڌي جي حصي کان سواءِ باقي کي سنگن ۾ رهڻ ڏيو. |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ سَبعٌ شِدادٌ يَأكُلنَ ما قَدَّمتُم لَهُنَّ إِلّا قَليلًا مِمّا تُحصِنونَ (آيت : 48) |
ان کان پوءِ ٻيا اهڙا سخت ست سال ايندا، جو اوهين ان سڀ اڳ ڪٺي ٿيل ان کي ان ٿوري کانسواءِ کائي ويندا، جو اوهان سنڀالي رکيو هوندو. |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ عامٌ فيهِ يُغاثُ النّاسُ وَفيهِ يَعصِرونَ (آيت : 49) |
انهن کان پوءِ هڪ سال ايندو، جنهن ۾ ماڻهن لاءِ مينهن وسندو ۽ ان ۾ شيرو به نچوڙيندا. |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ فَلَمّا جاءَهُ الرَّسولُ قالَ ارجِع إِلىٰ رَبِّكَ فَسـَٔلهُ ما بالُ النِّسوَةِ الّٰتى قَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ إِنَّ رَبّى بِكَيدِهِنَّ عَليمٌ (آيت : 50) |
بادشاهه چيو ”ان کي مون وٽ آڻيو.“ جڏهن وٽس قاصد پهتو ته چيائين“ پنهنجي سائين وٽ موٽي وڃ ۽ پڇ ته انهن زالن جو ڪهڙو حال آهي، جن پنهنجا هٿ ڪپايا! بيشڪ منهنجو رب انهن عورتن جي مڪر کي خوب ڄاڻي ٿو!“ |
قالَ ما خَطبُكُنَّ إِذ رٰوَدتُنَّ يوسُفَ عَن نَفسِهِ قُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما عَلِمنا عَلَيهِ مِن سوءٍ قالَتِ امرَأَتُ العَزيزِ الـٰٔنَ حَصحَصَ الحَقُّ أَنا۠ رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ وَإِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 51) |
چيائين ”اوهان جو ڪهڙو واقعو آهي، جڏهن اوهان يوسف کي پنهنجي لاءِ ڦسلايو ٿي؟“ چيائون ته ”الله بچائي! اسان ان ۾ ڪا خرابي ڪا نه ڄاتي. ”عزيز جي زال چوڻ لڳي،“ هاڻي حق ظاهر ٿي ويو ۽ مون ئي ان کي پنهنجي لاءِ ٿي ڦسلايو، ۽ بيشڪ اهو ئي سچو آهي.“ |
ذٰلِكَ لِيَعلَمَ أَنّى لَم أَخُنهُ بِالغَيبِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدى كَيدَ الخائِنينَ (آيت : 52) |
(يوسف چيو) ”اهو هن لاءِ ڪيم ته عزيز کي خبر پوي، ته مون غير حاضريءَ ۾ سندس خيانت نه ڪئي آهي ۽ الله ڪپتين جي فريب کي هلڻ نه ڏيندو.“ |
وَما أُبَرِّئُ نَفسى إِنَّ النَّفسَ لَأَمّارَةٌ بِالسّوءِ إِلّا ما رَحِمَ رَبّى إِنَّ رَبّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 53) |
آءُ پنهنجي نفس کي پاڪ نٿو سمجهان ڇو ته نفس ته برائيءَ جو ئي حڪم ٿو ڪري سواءِ انهيءَ جي، جو ڌڻي رحم ڪري، بيشڪ منهنجو ڌڻي بخشڻهار مهربان آهي. |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ أَستَخلِصهُ لِنَفسى فَلَمّا كَلَّمَهُ قالَ إِنَّكَ اليَومَ لَدَينا مَكينٌ أَمينٌ (آيت : 54) |
بادشاهه چيو ”يوسف کي مون وٽ وٺي اچو، ته آءُ کيس پنهنجي خاص ڪم تي مقرر ڪريان، ”پوءِ جڏهن ساڻس ڳالهايائين ته چيائين ”تون اڄ کان اسان وٽ باعزت ۽ اعتبار وارو آهي.“ |
قالَ اجعَلنى عَلىٰ خَزائِنِ الأَرضِ إِنّى حَفيظٌ عَليمٌ (آيت : 55) |
چيائين ”تڏهن مون کي ملڪ جي خزانن تي مقرر ڪر، آءُ چڱو سنڀاليندڙ ۽ ڄاڻو آهيان.“ |
وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ يَتَبَوَّأُ مِنها حَيثُ يَشاءُ نُصيبُ بِرَحمَتِنا مَن نَشاءُ وَلا نُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
ائين اسان يوسف کي ملڪ ۾ مرتبي وارو ڪيو، جوجتي وڻندو هوس اتي ٽڪندو هو، اسان کي جنهن لاءِ وڻندو آهي ان تي ٻاجهه ڪندا آهيون ۽ نيڪن جو اجر نه وڃائيندا آهيون. |
وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 57) |
۽ پڻ جن ايمان آندو ۽ نيڪ ٿيا تن لاءِ آخرت جو اجر ڀلو آهي. |
وَجاءَ إِخوَةُ يوسُفَ فَدَخَلوا عَلَيهِ فَعَرَفَهُم وَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 58) |
(جڏهن) يوسف جا ڀائر آيا، ۽ وٽس ويا، ته هن کين سڃاتو پر هنن کيس نه سڃاتو. |
وَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم قالَ ائتونى بِأَخٍ لَكُم مِن أَبيكُم أَلا تَرَونَ أَنّى أوفِى الكَيلَ وَأَنا۠ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 59) |
پوءِ جنهن وقت انهن لاءِ سندن سامان تيار ڪرايائين، تڏهن چيائين ”پنهنجي ڀاءُ کي مون وٽ آڻيو، ڇا اوهين نٿا ڏسو، ته آءُ پوري ماپ ٿو ڏيان، ۽ سٺي مهماني ڪندڙ به آهيان؟. |
فَإِن لَم تَأتونى بِهِ فَلا كَيلَ لَكُم عِندى وَلا تَقرَبونِ (آيت : 60) |
تڏهن به جي اوهين هن کي مون وٽ نه آڻيندا_ ته اوهان لاءِ مون وٽ ڪو به ماڻ ناهي، نڪي مون وٽ اچجو. |
قالوا سَنُرٰوِدُ عَنهُ أَباهُ وَإِنّا لَفٰعِلونَ (آيت : 61) |
چيائون اسين ان بابت جلدي بابي کي سمجهائينداسون ۽ ائين ضرور ڪنداسون. |
وَقالَ لِفِتيٰنِهِ اجعَلوا بِضٰعَتَهُم فى رِحالِهِم لَعَلَّهُم يَعرِفونَها إِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِم لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 62) |
يوسف نوڪرن کي چيو ته سندن رقم سندن ٻورن ۾ وجهي ڇڏيو، ته هي سندن گهرن ڏانهن موٽن ته من ان رقم کي سڃاڻن ۽ ٻيهر موٽن. |
فَلَمّا رَجَعوا إِلىٰ أَبيهِم قالوا يٰأَبانا مُنِعَ مِنَّا الكَيلُ فَأَرسِل مَعَنا أَخانا نَكتَل وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 63) |
پوءِ جڏهن سندن پيءُ وٽ پهتا، چيائون ته ”بابا! اسان کي اڳتي ان نه ملندو، ان ڪري اسان سان ادي کي ڇڏ، ته اسان کي ان ملي ۽ اسين ضرور کيس سنڀالينداسون.“ |
قالَ هَل ءامَنُكُم عَلَيهِ إِلّا كَما أَمِنتُكُم عَلىٰ أَخيهِ مِن قَبلُ فَاللَّهُ خَيرٌ حٰفِظًا وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 64) |
چيائين ”آءُ ته اوهان ته اهڙو ئي اعتبار ٿو ڪريان، جهڙو اڳ يوسف بابت ڪيو هئيم، پر الله سڀ کان ڀلو نگهبان آهي ۽ هو سڀ کان زياده مهربان آهي.“ |
وَلَمّا فَتَحوا مَتٰعَهُم وَجَدوا بِضٰعَتَهُم رُدَّت إِلَيهِم قالوا يٰأَبانا ما نَبغى هٰذِهِ بِضٰعَتُنا رُدَّت إِلَينا وَنَميرُ أَهلَنا وَنَحفَظُ أَخانا وَنَزدادُ كَيلَ بَعيرٍ ذٰلِكَ كَيلٌ يَسيرٌ (آيت : 65) |
پوءِ جڏهن سامان کوليائون ۽ رقم کي کين واپس مليل ڏٺائون ته وري اچي چيائون ”بابا! اسان کي ٻيو ڇا کپي؟ جو هيءَ اسان کي موڙي به موٽي ملي آهي! اسين عيال لاءِ ان آڻينداسون ۽ اسان جي ڀاءُ جي سنڀال ڪنداسون ۽ اٺ جو ان وڌيڪ آڻينداسون، جو اهو ان آڻڻ سولو آهي.“ |
قالَ لَن أُرسِلَهُ مَعَكُم حَتّىٰ تُؤتونِ مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ لَتَأتُنَّنى بِهِ إِلّا أَن يُحاطَ بِكُم فَلَمّا ءاتَوهُ مَوثِقَهُم قالَ اللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 66) |
چيائين ”آءُ تيسين هن کي اوهان سان نه ڇڏيندس، جيسين اوهين پڪو قسم کڻو ته هن کي ضرور مون وٽ آڻيندا، سواءِ انهيءَ جي جو گرفتار ٿي پئو.“ پوءِ جڏهن ساڻس قسم کنيائون، تڏهن چيائين ”اسان جي قول تي الله شاهد آهي.“ |
وَقالَ يٰبَنِىَّ لا تَدخُلوا مِن بابٍ وٰحِدٍ وَادخُلوا مِن أَبوٰبٍ مُتَفَرِّقَةٍ وَما أُغنى عَنكُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَعَلَيهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 67) |
۽ چيائين ”پٽڙا! اوهين سڀ هڪ دروازي مان نه گهڙ جو، پر ڌار ڌار دروازن مان گهڙجو، آءُ اوهان تان الله جي طرفان ڪجهه به ٽاري نٿو سگهان_ حڪم ته فقط الله جي ئي اختيار آهي، مون ان تي ڀروسو ڪيو آهي ۽ هر ڪنهن کي ان تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.“ |
وَلَمّا دَخَلوا مِن حَيثُ أَمَرَهُم أَبوهُم ما كانَ يُغنى عَنهُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِلّا حاجَةً فى نَفسِ يَعقوبَ قَضىٰها وَإِنَّهُ لَذو عِلمٍ لِما عَلَّمنٰهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 68) |
پوءِ سندن پيءُ جي ڏسڻ موجب ئي شهر ۾ گهڙيا_ هو الله جي طرفان مٿانئن ڪجهه به ٽاري نٿي سگهيو، پر رڳو يعقوب جي دل جو هڪ خيال هو، جو پورو ڪيائين ۽ هو اسان جي طرفان ڏنل علم وارو هو پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. |
وَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَخاهُ قالَ إِنّى أَنا۠ أَخوكَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 69) |
پوءِ جڏهن يوسف وٽ پهتا ته هن ڀاڻس کي پاڻ وٽ ترسايو ۽ چيائين ”آءُ تنهنجو سڳو ڀاءُ آهيان، پوءِ هنن جي ڪمن بابت افسوس نه ڪر.“ |
فَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم جَعَلَ السِّقايَةَ فى رَحلِ أَخيهِ ثُمَّ أَذَّنَ مُؤَذِّنٌ أَيَّتُهَا العيرُ إِنَّكُم لَسٰرِقونَ (آيت : 70) |
پوءِ جڏهن هنن جو سامان تيار ڪرايائين، تڏهن ڀاڻس جي ٻوري ۾ پيالو وجهي ڇڏيائين، پوءِ ڍنڍورچي پڪاريو ته ”اي قافلي وارؤ! اوهين پڪ چور آهيو.“ |
قالوا وَأَقبَلوا عَلَيهِم ماذا تَفقِدونَ (آيت : 71) |
هنن ڏانهن مهاڙ ڪري چيو ”ڇا وڃايو اٿو؟“ |
قالوا نَفقِدُ صُواعَ المَلِكِ وَلِمَن جاءَ بِهِ حِملُ بَعيرٍ وَأَنا۠ بِهِ زَعيمٌ (آيت : 72) |
چيائون ”بادشاهه (جي ماپ) وارو پيالو وڃايو اٿئون ۽ جيڪو اهو آڻيندو ان کي ان جو اُٺ ڏبو، آءُ انهيءَ لاءِ ٻڌل آهيان.“ |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد عَلِمتُم ما جِئنا لِنُفسِدَ فِى الأَرضِ وَما كُنّا سٰرِقينَ (آيت : 73) |
چيائون ”خدا جو قسم، اوهان کي خبر آهي ته اسين نڪي ملڪ ۾ نکيڙ وجهڻ آيا آهيون نڪي اسين چور آهيون.“ |
قالوا فَما جَزٰؤُهُ إِن كُنتُم كٰذِبينَ (آيت : 74) |
چيائون ”ڀلا جي اوهين ڪوڙا هوندا ته پوءِ ان جي ڪهڙي سزا آهي!“ |
قالوا جَزٰؤُهُ مَن وُجِدَ فى رَحلِهِ فَهُوَ جَزٰؤُهُ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 75) |
چيائون ”ان جي سزا اها آهي ته جنهن جي ٻوري مان اهو نڪتو، اهو ئي ان جو بدلو آهي، اسين ظالمن کي اها ئي سزا ڏيندا آهيون.“ |
فَبَدَأَ بِأَوعِيَتِهِم قَبلَ وِعاءِ أَخيهِ ثُمَّ استَخرَجَها مِن وِعاءِ أَخيهِ كَذٰلِكَ كِدنا لِيوسُفَ ما كانَ لِيَأخُذَ أَخاهُ فى دينِ المَلِكِ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ وَفَوقَ كُلِّ ذى عِلمٍ عَليمٌ (آيت : 76) |
هن ڀاڻس جي ٻوري کان اڳ ٻين جا ٻورا ڏٺا، پوءِ ڀاڻس جي ٻوري مان پيالو ڪڍيائين، ائين اسان يوسف لاءِ رٿ رٿي، جو الله جي گُهر کان سواءِ بادشاهه جي قانون موجب هو ڀاڻس کي هٿ ڪري نٿي سگهيو، اسين جنهن جا چاهيون درجا بلند ڪريون ٿا، ۽ هر علم واري مٿان هڪ وڏي علم وارو آهي. |
قالوا إِن يَسرِق فَقَد سَرَقَ أَخٌ لَهُ مِن قَبلُ فَأَسَرَّها يوسُفُ فى نَفسِهِ وَلَم يُبدِها لَهُم قالَ أَنتُم شَرٌّ مَكانًا وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما تَصِفونَ (آيت : 77) |
چيائون ”جي هن چوري ڪئي آهي ته ڀاڻس به اڳ چوري ڪئي هئي،“ اها ڳالهه يوسف پنهنجي اندر ۾ لڪائي ۽ هنن سان ظاهر نه ڪيائين پر (دل ۾) چيائين ”اوهين بُري درجي وارا آهيو ۽ جيڪي ٿا بيان ڪريو سو الله چڱي طرح ڄاڻي ٿو.“ |
قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ إِنَّ لَهُ أَبًا شَيخًا كَبيرًا فَخُذ أَحَدَنا مَكانَهُ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 78) |
چوڻ لڳا ”حاڪم! هن جو پيءُ پوڙهو آهي، تنهنڪري هن بدران اسان مان ڪو جهل، اسان توکي ڏاڍو نيڪ ٿا ڏسون!“ |
قالَ مَعاذَ اللَّهِ أَن نَأخُذَ إِلّا مَن وَجَدنا مَتٰعَنا عِندَهُ إِنّا إِذًا لَظٰلِمونَ (آيت : 79) |
چيائين ”الله جي پناهه! جو جنهن وٽان سڳ لهون، ان بدران ڪو ٻيو پڪڙيون، تڏهن ته اسين ظالم چئباسين! |
فَلَمَّا استَيـَٔسوا مِنهُ خَلَصوا نَجِيًّا قالَ كَبيرُهُم أَلَم تَعلَموا أَنَّ أَباكُم قَد أَخَذَ عَلَيكُم مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ وَمِن قَبلُ ما فَرَّطتُم فى يوسُفَ فَلَن أَبرَحَ الأَرضَ حَتّىٰ يَأذَنَ لى أَبى أَو يَحكُمَ اللَّهُ لى وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 80) |
پوءِ جڏهن انهيءَ کان نا اميد ٿيا ته، پاسي تي ويهي صلاح ڪرڻ لڳا، وڏي چين ته ”اوهان کي خبر ناهي ته بابو اوهان کان الله جو قسم کڻائي چڪو آهي؟ ۽ هن کان اڳ اوهان يوسف لاءِ حد اُڪريا آهيو، انهي ڪري آءُ تيسين هي شهر نه ڇڏيندس، جيسين مون کي بابو موڪل ڏئي يا الله مون لاءِ ڪو فيصلو ڪر ي۽ الله ئي بهتر حاڪم آهي! |
ارجِعوا إِلىٰ أَبيكُم فَقولوا يٰأَبانا إِنَّ ابنَكَ سَرَقَ وَما شَهِدنا إِلّا بِما عَلِمنا وَما كُنّا لِلغَيبِ حٰفِظينَ (آيت : 81) |
اوهين بابي ڏي وڃو ۽ چئوس ته بابا! تنهنجي پٽ چوري ڪئي ۽ اسين اهو ئي ٿا چئون، جيڪا خبر اٿئون، باقي غيب ته اسين نٿا ڄاڻون! |
وَسـَٔلِ القَريَةَ الَّتى كُنّا فيها وَالعيرَ الَّتى أَقبَلنا فيها وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 82) |
تون کڻي انهن کي پڇي ڏس، جنهن ڳوٺ ۾ هئاسين، ۽ جنهن قافلي سان ويا هئاسون ۽ اسان بلڪل سچ ٿا چئون_“ |
قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ عَسَى اللَّهُ أَن يَأتِيَنى بِهِم جَميعًا إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 83) |
چيائين ته ”اهو اوهان دليؤن ٺاهه ٺاهيو آهي، بس مون لاءِ صبر چڱو آهي ۽ الله لاءِ ته آسان آهي، جو هو سڀني کي مون سان ملائي، بيشڪ اهو ڄاڻندڙ، ڏاهپ وارو آهي.“ |
وَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰأَسَفىٰ عَلىٰ يوسُفَ وَابيَضَّت عَيناهُ مِنَ الحُزنِ فَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 84) |
پوءِ کانئن منهن ڦيرائي چيائين ”هاءِ يوسف!“ ۽ روئندي اکيون اڇيون ٿي ويس! ۽ هو غم کي پي رهيو هو. |
قالوا تَاللَّهِ تَفتَؤُا۟ تَذكُرُ يوسُفَ حَتّىٰ تَكونَ حَرَضًا أَو تَكونَ مِنَ الهٰلِكينَ (آيت : 85) |
چيائون ”بابا! الله جو قسم! تون ته يوسف کي ساريندي شايد پاڻ کي ڳاري يا ماري ڇڏيندين!“ |
قالَ إِنَّما أَشكوا بَثّى وَحُزنى إِلَى اللَّهِ وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 86) |
چيائين ”آءُ ته پنهنجو ڏک الله جي اڳيان ئي ظاهر ٿو ڪريان ۽ آءُ الله جي طرفان اهو ٿو ڄاڻان، جو اوهين نه ٿا ڄاڻو. |
يٰبَنِىَّ اذهَبوا فَتَحَسَّسوا مِن يوسُفَ وَأَخيهِ وَلا تَا۟يـَٔسوا مِن رَوحِ اللَّهِ إِنَّهُ لا يَا۟يـَٔسُ مِن رَوحِ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الكٰفِرونَ (آيت : 87) |
پٽڙؤ! وڃو ۽ يوسف ۽ ڀاڻس کي ڳولي آڻيو، الله جي رحمت کان مايوس نه ٿيو، بيشڪ الله جي رحمت کان ڪافر ئي نااميد رهن ٿا.“ |
فَلَمّا دَخَلوا عَلَيهِ قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ مَسَّنا وَأَهلَنَا الضُّرُّ وَجِئنا بِبِضٰعَةٍ مُزجىٰةٍ فَأَوفِ لَنَا الكَيلَ وَتَصَدَّق عَلَينا إِنَّ اللَّهَ يَجزِى المُتَصَدِّقينَ (آيت : 88) |
پوءِ جڏهن يوسف وٽ وري آيا، چيائون ”حاڪم! اسان ۽ اسان جي مائٽن کي سخت تڪليف ٿي آهي، اسان موڙي به ردي آندي آهي، پر تون اسان کي پورو ان ڏي ۽ ڪجهه خيرات به ڏي، بيشڪ الله خيرات ڪندڙن کي چڱو بدلو ٿو ڏئي.“ |
قالَ هَل عَلِمتُم ما فَعَلتُم بِيوسُفَ وَأَخيهِ إِذ أَنتُم جٰهِلونَ (آيت : 89) |
چيائين ”جڏهن اوهان کي سمجهه ڪانه هئي، تڏهن جيڪي يوسف ۽ ڀاڻس سان ڪيؤ تنهن جي ڪا خبر اٿوَ؟“ |
قالوا أَءِنَّكَ لَأَنتَ يوسُفُ قالَ أَنا۠ يوسُفُ وَهٰذا أَخى قَد مَنَّ اللَّهُ عَلَينا إِنَّهُ مَن يَتَّقِ وَيَصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 90) |
چيائون ”ڇا، سچ پچ تون ئي يوسف آهين؟“ چيائين ”هائو ۽ هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي، الله اسان تي وڏو احسان ڪيو آهي، ياد رکو! جيڪو به نيڪ ٿي صبر ڪندو، ته پوءِ الله (اهڙن) ڀلن ماڻهن جو اجر نه ٿو وڃائي!“ |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد ءاثَرَكَ اللَّهُ عَلَينا وَإِن كُنّا لَخٰطِـٔينَ (آيت : 91) |
چيائون ”الله جو قسم! بيشڪ الله توکي اسان کان ڀلو ڪيو آهي اسين ئي ڏوهاري آهيون. |
قالَ لا تَثريبَ عَلَيكُمُ اليَومَ يَغفِرُ اللَّهُ لَكُم وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 92) |
چيائين ”ٺهيو اڄ اوهان تي ڪا به ميار ڪانه آهي، شل بخشيوَ، بيشڪ اهو وڏو رحيم ۽ مهربان آهي_ |
اذهَبوا بِقَميصى هٰذا فَأَلقوهُ عَلىٰ وَجهِ أَبى يَأتِ بَصيرًا وَأتونى بِأَهلِكُم أَجمَعينَ (آيت : 93) |
هيءَ منهنجي قميص کڻي وڃي بابي جي اکين تي گهمايو، ته سندس نظر ٿي پوندي ۽ پنهنجي سڀني ڀاتين کي مون وٽ آڻيو“ |
وَلَمّا فَصَلَتِ العيرُ قالَ أَبوهُم إِنّى لَأَجِدُ ريحَ يوسُفَ لَولا أَن تُفَنِّدونِ (آيت : 94) |
جڏهن قافلو موٽيو ته سندن پيءُ چوڻ لڳو ”جي مون کي چريو نه سمجهو، مون کي يوسف جي بوءِ اچي رهي آهي.“ |
قالوا تَاللَّهِ إِنَّكَ لَفى ضَلٰلِكَ القَديمِ (آيت : 95) |
چيائون ”الله جو قسم! تون اڃا پراڻيءَ غلطيءَ ۾ آهين!“ |
فَلَمّا أَن جاءَ البَشيرُ أَلقىٰهُ عَلىٰ وَجهِهِ فَارتَدَّ بَصيرًا قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 96) |
پوءِ جڏهن مبارڪ ڏيندڙ آيو ۽ يوسف جي قميص سندس اکين تي گهمايائين ته چٽيون ٿي پيون، چيائين، ”ڇا، مون اوهان کي نه چيو هو، ته آءُ الله جي طرف کان اهو ٿو ڄاڻان، جو اوهين نٿا ڄاڻو!“ |
قالوا يٰأَبانَا استَغفِر لَنا ذُنوبَنا إِنّا كُنّا خٰطِـٔينَ (آيت : 97) |
چيائون ”بابا! اسان جي گناهن جي بخشش گهر! اسين بيشڪ گنهگار هئاسون.“ |
قالَ سَوفَ أَستَغفِرُ لَكُم رَبّى إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 98) |
چيائين ته ”آءُ جلد ئي پنهنجي رب کان دعا گهرندس، بيشڪ هو بخشيندڙ مهربان آهي. |
فَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَبَوَيهِ وَقالَ ادخُلوا مِصرَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ (آيت : 99) |
پوءِ جڏهن يوسف وٽ پهتا، تڏهن هن ماءُ پيءُ کي پاڻ سان گڏ ويهاري چيو ته ”جي الله گهريو ته هاڻي مصر ۾ امن سان رهو!“ |
وَرَفَعَ أَبَوَيهِ عَلَى العَرشِ وَخَرّوا لَهُ سُجَّدًا وَقالَ يٰأَبَتِ هٰذا تَأويلُ رُءيٰىَ مِن قَبلُ قَد جَعَلَها رَبّى حَقًّا وَقَد أَحسَنَ بى إِذ أَخرَجَنى مِنَ السِّجنِ وَجاءَ بِكُم مِنَ البَدوِ مِن بَعدِ أَن نَزَغَ الشَّيطٰنُ بَينى وَبَينَ إِخوَتى إِنَّ رَبّى لَطيفٌ لِما يَشاءُ إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 100) |
هن کين تخت تي ويهاريو ۽ انهن کي تعظيم ڪندي ڪنڌ جهڪايو! يوسف چيو ”بابا! هي منهنجي اڳوڻي خواب جو تعبير آهي! جنهن کي منهنجي رب سچو ڪري ڏيکاريو آهي ۽ مون کي قيد مان ڪڍي مون تي بيشڪ احسان ڪيو اٿس، منهنجي ڀائرن جي وچ ۾ شيطان اختلاف وڌو، پوءِ اوهان کي ٻهراڙي مان آندائين، بيشڪ منهنجو ڌڻي جنهن لاءِ گهري چڱي رٿ ڪندڙ آهي_ ۽ اهو وڏي ڏاهپ وارو ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
رَبِّ قَد ءاتَيتَنى مِنَ المُلكِ وَعَلَّمتَنى مِن تَأويلِ الأَحاديثِ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنتَ وَلِيّۦ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ تَوَفَّنى مُسلِمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 101) |
اي رب! بيشڪ تو مون کي بادشاهي عطا ڪئي آهي ۽ مون کي خوابن جو تعبير به سيکاريئي، آسمانن، زمين جا مالڪ! تون ئي دنيا ۽ آخرت ۾ منهنجو مددگار آهي، مون کي مسلمان ڪري مارج ۽ نيڪن سان گڏج!.“ |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ أَجمَعوا أَمرَهُم وَهُم يَمكُرونَ (آيت : 102) |
اي نبي! اهي غيب جون خبرون آهن، جي تو ڏي وحي ڪري موڪليل آهن، انهن جڏهن دل ۾ فريب رکي ڪجهه ڪرڻ ٿي گهريو، تڏهن تون انهن وٽ ڪونه هئين! |
وَما أَكثَرُ النّاسِ وَلَو حَرَصتَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 103) |
اوهان ڪيترو به حرص رکو ته به گهڻا ماڻهو ايمان نه آڻيندا. |
وَما تَسـَٔلُهُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 104) |
تون هن قرآن جي عيوض کانئن ڪو اجورو ڪو نه ٿو گهرين، هو ته جهانن جي لاءِ نصيحت ئي آهي. |
وَكَأَيِّن مِن ءايَةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَمُرّونَ عَلَيها وَهُم عَنها مُعرِضونَ (آيت : 105) |
آسمانن ۽ زمين ۾ قدرت جون ڪيتريون ئي نشانيون آهن، جن وٽان هو هميشه منهن ڦيرائي ٿا لنگهن. |
وَما يُؤمِنُ أَكثَرُهُم بِاللَّهِ إِلّا وَهُم مُشرِكونَ (آيت : 106) |
۽ انهن مان ڪيترائي الله تي ايمان نٿا آڻين ۽ ان ساڻ ٻين کي ڀائيوار ٿا بنائين. |
أَفَأَمِنوا أَن تَأتِيَهُم غٰشِيَةٌ مِن عَذابِ اللَّهِ أَو تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 107) |
ڇا، هو الله جي عذاب جي ڇپ ڪرڻ يا سندن بيخبريءَ ۾ قيامت جي اوچتو اچڻ کان بي ڊپا ٿيا آهن؟ |
قُل هٰذِهِ سَبيلى أَدعوا إِلَى اللَّهِ عَلىٰ بَصيرَةٍ أَنا۠ وَمَنِ اتَّبَعَنى وَسُبحٰنَ اللَّهِ وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 108) |
چئو ته هيءَ منهنجي واٽ آهي، جنهن ڏي الله کان آيل چٽي دليل سان آءُ ۽ منهنجا تابعدار سڏيون ٿا ۽ الله، پاڪ آهي، آءُ ان سان ٻئي کي ڀائيوار بنائيندڙ نه آهيان. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم مِن أَهلِ القُرىٰ أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ اتَّقَوا أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 109) |
اسان توکان اڳ شهر وارن ماڻهن مان ئي ڪنهن مرد کي وحي ڪري پئي موڪليو آهي، پوءِ ڇو نٿا زمين ۾ گهمي ڏسو، ته انهن کان گذريل قومن جي پڇاڙي ڪهڙي بري ٿي هئي؟ ۽ نيڪن لاءِ آخرت جو گهر ئي ڀلو آهي، پوءِ ڇو نٿا سمجهو؟ |
حَتّىٰ إِذَا استَيـَٔسَ الرُّسُلُ وَظَنّوا أَنَّهُم قَد كُذِبوا جاءَهُم نَصرُنا فَنُجِّىَ مَن نَشاءُ وَلا يُرَدُّ بَأسُنا عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 110) |
تان جو جڏهن اهي نبي نا اميد ٿيا، قوم به سمجهيو ته ساڻن ڪوڙو انجام ڪيل آهي، تڏهن اسان جي مدد وٽن آئي، پوءِ جنهن کي گهريوسون سو ڇڏيوسون، پر گنهگارن تان ته ڪو به اسان جو عذاب ٽاري نٿو سگهي. |
لَقَد كانَ فى قَصَصِهِم عِبرَةٌ لِأُولِى الأَلبٰبِ ما كانَ حَديثًا يُفتَرىٰ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ كُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 111) |
بيشڪ سمجهه وارن لاءِ انهن جي قصن ۾ سمجهاڻي آهي_ هيءُ قرآن ڪا هٿ جي ٺاهيل ڳالهه نه آهي، هي ته اڳ آيل (پاڪ ڪتابن) جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ هر ڳالهه کي چٽائي ۽ تفصيل سان بيان ڪندڙ آهي ۽ ايمان واري قوم لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. |