الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 1) |
الف، لام، را هي آيتون ڪتاب روشن جون آهن . |
إِنّا أَنزَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 2) |
بيشڪ اسان نازل ڪيو ان کي قرآن عربي تانته اوهان سمجهو . |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ أَحسَنَ القَصَصِ بِما أَوحَينا إِلَيكَ هٰذَا القُرءانَ وَإِن كُنتَ مِن قَبلِهِ لَمِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 3) |
اسين بيان ڪيون ٿا توتي قصن مان تمام سهڻي کي سببان ان جي جو وحي ڪيوسون توڏانهن هي قرآن جيتوڻيڪ هئين تون اڳي ان کان البته خبر نه رکندڙن مان . |
إِذ قالَ يوسُفُ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ إِنّى رَأَيتُ أَحَدَ عَشَرَ كَوكَبًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ رَأَيتُهُم لى سٰجِدينَ (آيت : 4) |
(ياد ڪر) جڏهن چيو يوسف واسطي پيءُ پنهنجي اي پيءُ منهنجا! بيشڪ مون ڏٺا يارهن تارا ۽ سج ۽ چنڊ ڏٺو مون انهن کي پنهنجي لاءِ سجدا ڪندڙ . |
قالَ يٰبُنَىَّ لا تَقصُص رُءياكَ عَلىٰ إِخوَتِكَ فَيَكيدوا لَكَ كَيدًا إِنَّ الشَّيطٰنَ لِلإِنسٰنِ عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 5) |
فرمايائين ته اي پٽ منهنجا! نه بيان ڪر خواب پنهنجو ڀائرن پنهنجن تي پوءِ رٿيندا تنهنجي لاءِ رٿ بيشڪ شيطان واسطي انسان جي کليل دشمن آهي. |
وَكَذٰلِكَ يَجتَبيكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَيُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَعَلىٰ ءالِ يَعقوبَ كَما أَتَمَّها عَلىٰ أَبَوَيكَ مِن قَبلُ إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبَّكَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 6) |
۽ اهڙي طرح برگزيدو بنائيندو توکي رب تنهنجو ۽ سيکاريندو توکي تعبير خوابن جو ۽ پوري ڪندو نعمت پنهنجي توتي ۽ يعقوب جي اولاد تي جيئن پورو ڪيائين ان کي پيءُ ڏاڏي تنهنجي تي اڳ ۾ ابراهيم ۽ اسحاق تي بيشڪ تنهنجو رب ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي. ع |
لَقَد كانَ فى يوسُفَ وَإِخوَتِهِ ءايٰتٌ لِلسّائِلينَ (آيت : 7) |
البته تحقيق يوسف ۽ ان جي ڀائرن ۾ نشانيون هيون پڇندڙن لاءِ . |
إِذ قالوا لَيوسُفُ وَأَخوهُ أَحَبُّ إِلىٰ أَبينا مِنّا وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنَّ أَبانا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 8) |
جڏهن چيائون ته البته يوسف ۽ انجو ڀاءُ وڌيڪ پيارا آهن پيءُ اسان جي وٽ اسان کان حالانڪ اسين مضبوط جماعت آهيون بيشڪ پيءُ اسانجو البته کليل گهڻي محبت ۾ آهي. |
اقتُلوا يوسُفَ أَوِ اطرَحوهُ أَرضًا يَخلُ لَكُم وَجهُ أَبيكُم وَتَكونوا مِن بَعدِهِ قَومًا صٰلِحينَ (آيت : 9) |
قتل ڪيو يوسف کي يا اڇلايو ان کي (پرانهين) زمين ۾ ته خالي ٿئي اوهان لاءِ منهن (مبارڪ) اوهان جي پيءُ جو ۽ ٿجو ان کان پوءِ (توبہ ڪري) قوم صالح. |
قالَ قائِلٌ مِنهُم لا تَقتُلوا يوسُفَ وَأَلقوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ يَلتَقِطهُ بَعضُ السَّيّارَةِ إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 10) |
چيو هڪ چوندڙ انهن مان ته نه قتل ڪيو يوسف کي ۽ اڇلايو ان کي اونداهين کوھ ۾ ته وٺي ويندو ان کي ڪو واٽ ويندڙن مان جيڪڏهن آهيو ڪندڙ. |
قالوا يٰأَبانا ما لَكَ لا تَأمَ۫نّا عَلىٰ يوسُفَ وَإِنّا لَهُ لَنٰصِحونَ (آيت : 11) |
چيائون ته اي اسان جا پيءُ ڇا (ٿيو) آهي توکي جو نه ٿو ڀروسو ڪرين اسان تي يوسف جي باري ۾ ۽ بيشڪ اسين انجي لاءِ البته خير خواهه آهيون. |
أَرسِلهُ مَعَنا غَدًا يَرتَع وَيَلعَب وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 12) |
موڪل تون انکي اسان سان گڏ صبحاڻي ته (ميوا) کائي ۽ راند ڪري ۽ بيشڪ اسين ان جي لاءِ البته حفاظت ڪندڙ آهيون. |
قالَ إِنّى لَيَحزُنُنى أَن تَذهَبوا بِهِ وَأَخافُ أَن يَأكُلَهُ الذِّئبُ وَأَنتُم عَنهُ غٰفِلونَ (آيت : 13) |
فرمايائين ته بيشڪ مان البته ڏکوئي ٿي مون کي هيءَ ڳالهه ته وٺي وڃو اوهان ان کي ۽ ڊڄان ٿو هن کان ته کائي ان کي بگهڙ ۽ اوهان ان کان غافل هجو. |
قالوا لَئِن أَكَلَهُ الذِّئبُ وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنّا إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 14) |
سڀ چوڻ لڳا ته البته جيڪڏهن کاڌو ان کي بگهڙ حالانڪ اسين (مضبوط) جماعت آهيون بيشڪ اسين ان وقت البته نقصان وارا آهيون. |
فَلَمّا ذَهَبوا بِهِ وَأَجمَعوا أَن يَجعَلوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ وَأَوحَينا إِلَيهِ لَتُنَبِّئَنَّهُم بِأَمرِهِم هٰذا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 15) |
پوءِ جڏهن وٺي ويا انکي ۽ متفق ٿي فيصلو ڪيائون ته وجهن ان کي اونداهين کوھ جي ۾ ۽ وحي موڪليون سون ان ڏانهن ته البته ضرور خبر ڏيندين تون انهن کي هن معاملي جي ۽ اهي نه سمجهندا هوندا. |
وَجاءو أَباهُم عِشاءً يَبكونَ (آيت : 16) |
۽ آيا پيءُ پنهنجي وٽ رات جو سومهاڻيءَ وقت روئن پيا . |
قالوا يٰأَبانا إِنّا ذَهَبنا نَستَبِقُ وَتَرَكنا يوسُفَ عِندَ مَتٰعِنا فَأَكَلَهُ الذِّئبُ وَما أَنتَ بِمُؤمِنٍ لَنا وَلَو كُنّا صٰدِقينَ (آيت : 17) |
چيائون ته اي اسان جا پيءُ! بيشڪ اسين وياسين ڊوڙ پيا پڄايون ۽ ڇڏيو سون يوسف کي سامان پنهنجي وٽ پوءِ کائي ويو ان کي بگهڙ ۽ ناهين تون مڃيندڙ اسان کي جيتوڻيڪ هجون اسين سچا . |
وَجاءو عَلىٰ قَميصِهِ بِدَمٍ كَذِبٍ قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ وَاللَّهُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 18) |
۽ آندائون قميص ان جي تي رت ڪوڙو لڳائي فرمايائين بلڪ ٺاهيو اوهان لاءِ نفسن اوهان جي امر کي پوءِ صبر ڪرڻ ڀلو آهي ۽ الله مدد ورتل آهي ان تي جو ٿا ٺاهي بيان ڪيو . |
وَجاءَت سَيّارَةٌ فَأَرسَلوا وارِدَهُم فَأَدلىٰ دَلوَهُ قالَ يٰبُشرىٰ هٰذا غُلٰمٌ وَأَسَرّوهُ بِضٰعَةً وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 19) |
۽ آيو هڪ قافلو پوءِ موڪليائون پاڻي ڀريندڙ پنهنجي کي پوءِ لاٿائين ٻوڪو پنهنجو چيائين ته واھ واھ خوشخبري - هيءُ ڇوڪرو آهي ۽ لڪايائون ان کي قيمتي شيءِ سمجهي ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪن پيا. |
وَشَرَوهُ بِثَمَنٍ بَخسٍ دَرٰهِمَ مَعدودَةٍ وَكانوا فيهِ مِنَ الزّٰهِدينَ (آيت : 20) |
۽ وڪڻيائون ان کي ملھ هلڪي درهمن ڳڻيلن (ٿورن) سان ۽ هئا ان (جي حق) ۾ رغبت نه رکندڙن مان . |
وَقالَ الَّذِى اشتَرىٰهُ مِن مِصرَ لِامرَأَتِهِ أَكرِمى مَثوىٰهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ وَلِنُعَلِّمَهُ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَاللَّهُ غالِبٌ عَلىٰ أَمرِهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 21) |
۽ چيو ان شخص جو خريد ڪيائين ان کي مصر مان زال پنهنجيءَ کي ته عزت سان بناءِ جاءِ رهڻ ان جي کي ويجهو آهي جو نفعو ڏئي اسان کي يا رکون اسين ان کي پٽيلو ڪري ۽ اهڙي طرح قوت ڏني اسان يوسف کي زمين ۾ ۽ تانته سيکاريون ان کي تعبير خوابن جو ۽ الله غالب آهي ڪم پنهنجي تي ۽ پر اڪثر ماڻهو نه ٿا ڄاڻن . |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 22) |
۽ جڏهن پهتو جوانيءَ پنهنجي کي ته ڏنو سون ان کي حڪم ۽ علم ۽ اهڙي طرح بدلو ڏيندا سون محسنن کي . |
وَرٰوَدَتهُ الَّتى هُوَ فى بَيتِها عَن نَفسِهِ وَغَلَّقَتِ الأَبوٰبَ وَقالَت هَيتَ لَكَ قالَ مَعاذَ اللَّهِ إِنَّهُ رَبّى أَحسَنَ مَثواىَ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
۽ نرميءَ سان طلب ڪيائين ان کان انهيءَ عورت جو اهو ان جي گهر ۾ هو نفساني خواهش ان جي ۽ بند ڪيائين دروازا ۽ چيائين ته اچ تنهنجي لاءِ (تيار آهيان) فرمايائين ته الله جي پناھ، بيشڪ اهو مربي منهنجو آهي جنهن سهڻو رکيو جاءِ رهڻ منهنجيءَ کي بيشڪ شان هي آهي ته نه ڪامياب ٿيندا ظالم . |
وَلَقَد هَمَّت بِهِ وَهَمَّ بِها لَولا أَن رَءا بُرهٰنَ رَبِّهِ كَذٰلِكَ لِنَصرِفَ عَنهُ السّوءَ وَالفَحشاءَ إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُخلَصينَ (آيت : 24) |
۽ البته تحقيق پڪو ارادو ڪيو (انهيءَ عورت) ان جو ۽ پڪو ارادو ڪري ها (يوسف به) جيڪڏهن نه ڏسي ها دليل رب پنهنجي جو.هڙيءَ طرح تانته ڦيرايو اسين ان کان بڇڙائي ۽ بيحيائي بيشڪ اهو اسان جي مخلص ٻانهن مان آهي . |
وَاستَبَقَا البابَ وَقَدَّت قَميصَهُ مِن دُبُرٍ وَأَلفَيا سَيِّدَها لَدَا البابِ قالَت ما جَزاءُ مَن أَرادَ بِأَهلِكَ سوءًا إِلّا أَن يُسجَنَ أَو عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 25) |
۽ ڊوڙيا ٻئي دروازي ڏانهن ۽ ڦاڙيائين قميص ان جي پٺيءَ کان ۽ مليا ان جي مڙس کي دروازي وٽ چيو (زليخا) ناهي سزا ان جي جو ارادو ڪيائين اهل تنهنجي سان برائيءَ جو مگر هيءَ ته قيد ڪيو وڃي يا عذاب دردناڪ . |
قالَ هِىَ رٰوَدَتنى عَن نَفسى وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن أَهلِها إِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن قُبُلٍ فَصَدَقَت وَهُوَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 26) |
چيو (حضرت يوسف) ته انهيءَ طلب ڪيائن مون کان نفساني (خواهش) منهنجي ۽ شاهدي ڏني شاهدي ڏيندڙ اهل ان جي مان ته جيڪڏهن آهي قميص ان جي ڦاڙي وئي اڳ کان پوءِ سچ چيو (زليخا) ۽ اهو ڪوڙن مان آهي . |
وَإِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ فَكَذَبَت وَهُوَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 27) |
۽ جيڪڏهن آهي قميص ان جي ڦاڙي وئي پٺيءَ کان پوءِ ڪوڙ هنيو (زليخا) ۽ اهو (يوسف) سچن مان آهي. |
فَلَمّا رَءا قَميصَهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ قالَ إِنَّهُ مِن كَيدِكُنَّ إِنَّ كَيدَكُنَّ عَظيمٌ (آيت : 28) |
پوءِ جڏهن مصر جي عزيز ان جي قميص ڏٺي ته ڦاڙي وئي (هئي) پٺيءَ واري پاسي کان ته چيائين (ته اي زليخا!) بيشڪ اهو (مڪر) اوهان جي مڪرن مان آهي بيشڪ مڪر اوهان جو وڏو آهي . |
يوسُفُ أَعرِض عَن هٰذا وَاستَغفِرى لِذَنبِكِ إِنَّكِ كُنتِ مِنَ الخاطِـٔينَ (آيت : 29) |
اي يوسف! درگذر ڪر هن کان ۽ معافي گهر گناھ پنهنجي جي بيشڪ تون هئينءَ خطا ڪرن مان . |
وَقالَ نِسوَةٌ فِى المَدينَةِ امرَأَتُ العَزيزِ تُرٰوِدُ فَتىٰها عَن نَفسِهِ قَد شَغَفَها حُبًّا إِنّا لَنَرىٰها فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
۽ چيو عورتن شهر ۾ ته زال (مصر جي) عزيز جي ٿي طلب ڪري نوجوان پنهنجي کان نفساني (خواهش) ان جي تحقيق بي اختيار بنايائين ان کي محبت ۾ بيشڪ اسين البته ڏسون ٿيون ان کي گمراهيءَ کليل ۾ . |
فَلَمّا سَمِعَت بِمَكرِهِنَّ أَرسَلَت إِلَيهِنَّ وَأَعتَدَت لَهُنَّ مُتَّكَـًٔا وَءاتَت كُلَّ وٰحِدَةٍ مِنهُنَّ سِكّينًا وَقالَتِ اخرُج عَلَيهِنَّ فَلَمّا رَأَينَهُ أَكبَرنَهُ وَقَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ وَقُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما هٰذا بَشَرًا إِن هٰذا إِلّا مَلَكٌ كَريمٌ (آيت : 31) |
جڏهن ٻڌو (زليخا) مڪر انهن جو ته قاصد موڪليائين انهن ڏانهن ۽ تيار ڪيائين انهن لاءِ ٽيڪ ڏيئي ويهڻ واري جاءِ ۽ ڏنائين هر هڪ کي انهن مان ڇري ۽ چيائين ته (اي يوسف!) ٻاهر نڪر انهن جي اڳيان پوءِ جڏهن ڏٺائون ان کي ته وڏو حسين سمجهيائون ان کي ۽ ڪٽيائون هٿ پنهنجا ۽ چيائون ته پاڪائي آهي الله جي لاءِ ناهي هي بشر، ناهي هي مگر ملائڪ عزت وارو . |
قالَت فَذٰلِكُنَّ الَّذى لُمتُنَّنى فيهِ وَلَقَد رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ فَاستَعصَمَ وَلَئِن لَم يَفعَل ما ءامُرُهُ لَيُسجَنَنَّ وَلَيَكونًا مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 32) |
چيو (زليخا) پوءِ اهوئي آهي اهو جو طعنا هنيا اوهان مون کي ان (باري) ۾۽ البته تحقيق طلب ڪئي مون ان کان سندس نفساني (خواهش) پوءِ پاڻ بچايائين ۽ البته جيڪڏهن نه ڪندو جيڪو امر ٿي ڪيان ان کي ته البته ضرور قيد ڪيو ويندو ۽ البته ضرور ٿيندو (ظاهر ۾) بي عزت . |
قالَ رَبِّ السِّجنُ أَحَبُّ إِلَىَّ مِمّا يَدعونَنى إِلَيهِ وَإِلّا تَصرِف عَنّى كَيدَهُنَّ أَصبُ إِلَيهِنَّ وَأَكُن مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 33) |
عرض ڪيائين ته: اي منهنجا پالڻهار! قيد (۾ پوڻ) وڌيڪ پيارو آ مون لاءِ ان کان جو سڏين ٿيون مون کي انهيءَ ڏانهن ۽ جيڪڏهن نه ڦيرائيندين تون مون کان مڪر انهن جو ته لاڙو ڪندس مان انهن ڏانهن ۽ ٿي پوندس جاهلن مان . |
فَاستَجابَ لَهُ رَبُّهُ فَصَرَفَ عَنهُ كَيدَهُنَّ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 34) |
پوءِ دعا قبول ڪئي ان جي رب ان جي پوءِ ڦيرايائين ان کان مڪر انهن جو بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي . |
ثُمَّ بَدا لَهُم مِن بَعدِ ما رَأَوُا الءايٰتِ لَيَسجُنُنَّهُ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 35) |
ان کان پوءِ ظاهر ٿيو انهن لاءِ پڄاڻان ان جي جو ڏٺائون نشانيون ته البته ضرور قيد ڪندا ان کي ڪجھ وقت تائين . |
وَدَخَلَ مَعَهُ السِّجنَ فَتَيانِ قالَ أَحَدُهُما إِنّى أَرىٰنى أَعصِرُ خَمرًا وَقالَ الءاخَرُ إِنّى أَرىٰنى أَحمِلُ فَوقَ رَأسى خُبزًا تَأكُلُ الطَّيرُ مِنهُ نَبِّئنا بِتَأويلِهِ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 36) |
۽ داخل ٿيا گڏ ان سان قيد ۾ ٻه جوان، چيو هڪڙي انهن ٻنهي مان ته تحقيق مان ڏسان ٿو پاڻ کي ته نپوڙيان پيو شراب ۽ چيو ٻئي ته بيشڪ مان ڏسان پيو پاڻ کي ته کڻان پيو مٿان مٿي پنهنجي ماني جو کائن پيا پکي ان مان خبر ڏي مون کي ان جي تعبير جي بيشڪ اسين ڏسون ٿا توکي نيڪو ڪارن مان. |
قالَ لا يَأتيكُما طَعامٌ تُرزَقانِهِ إِلّا نَبَّأتُكُما بِتَأويلِهِ قَبلَ أَن يَأتِيَكُما ذٰلِكُما مِمّا عَلَّمَنى رَبّى إِنّى تَرَكتُ مِلَّةَ قَومٍ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 37) |
(حضرت يوسف) فرمايو ته نه ايندو اوهان وٽ اهو طعام جو ڏنا ٿا وڃو اهو پر خبر ڏيندس اوهان کي ان جي تعبير جي ان کان اڳي جو اچي اوهان وٽ اهو ان مان آهي جيڪو پڙهايو آهي مون کي رب منهنجي بيشڪ مون ڇڏيو مذهب ان قوم جو جيڪي نه ٿا ايمان آڻين الله تي ۽ اهي ئي آخرت جا انڪاري آهن . |
وَاتَّبَعتُ مِلَّةَ ءاباءى إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ ما كانَ لَنا أَن نُشرِكَ بِاللَّهِ مِن شَيءٍ ذٰلِكَ مِن فَضلِ اللَّهِ عَلَينا وَعَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 38) |
۽ تابعداري ڪئي مون پنهنجي پيءُ، ڏاڏي جي دين جي، ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي نه ٿو مناسب رهي اسان لاءِ ته شريڪ بنايون الله سان ڪا شيءِ اهو الله جو فضل آهي اسان تي ۽ ماڻهن تي ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا شڪر ڪن . |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ ءَأَربابٌ مُتَفَرِّقونَ خَيرٌ أَمِ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 39) |
اي منهنجا جيل وارا ٻه ساٿيو! (اهو ته ٻڌايو) ڇا جدا جدا رب سٺا آهن يا هڪ الله (سڀني تي) غالب . |
ما تَعبُدونَ مِن دونِهِ إِلّا أَسماءً سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ أَمَرَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 40) |
نه ٿا عبادت ڪيو ان کان سواءِ پر نالن جي جو رکيا اوهان ۽ پيءُ ڏاڏن اوهان جي نه نازل ڪيو الله ان لاءِ ڪو دليل ناهي حڪم (جو اختيار) پر الله لاءِ امر ڪيائين اهو ته نه عبادت ڪيو مگر ان جي اهوئي دين قيم آهي ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن . |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ أَمّا أَحَدُكُما فَيَسقى رَبَّهُ خَمرًا وَأَمَّا الءاخَرُ فَيُصلَبُ فَتَأكُلُ الطَّيرُ مِن رَأسِهِ قُضِىَ الأَمرُ الَّذى فيهِ تَستَفتِيانِ (آيت : 41) |
اي منهنجا قيد وارا ساٿيو! پر هڪڙو اوهان مان پوءِ پياريندو بادشاھ کي شراب ۽ پر ٻيو پوءِ ڦاسي ڏنو ويندو، پوءِ کائيندا پکي ان جي مٿي مان، فيصلو ڪيو ويو اهو امر جو ان (جي باري) ۾ اوهان پڇو ٿا . |
وَقالَ لِلَّذى ظَنَّ أَنَّهُ ناجٍ مِنهُمَا اذكُرنى عِندَ رَبِّكَ فَأَنسىٰهُ الشَّيطٰنُ ذِكرَ رَبِّهِ فَلَبِثَ فِى السِّجنِ بِضعَ سِنينَ (آيت : 42) |
۽ چيائين ان کي جو سمجهيائين ته يقينًا اهو ڇٽندڙ آهي انهن ٻنهي مان ته ياد ڪجان مون کي مربيءَ پنهنجي وٽ پوءِ وسارايو ان کان شيطان ياد ڏيارڻ مربيءَ پنهنجي کي پوءِ رهيو پيو هو جيل ۾ ڪجھ سال . |
وَقالَ المَلِكُ إِنّى أَرىٰ سَبعَ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعَ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ يٰأَيُّهَا المَلَأُ أَفتونى فى رُءيٰىَ إِن كُنتُم لِلرُّءيا تَعبُرونَ (آيت : 43) |
۽ چيو بادشاھ ته بيشڪ مان ڏسان پيو ست ڳئون ٿلهيون کائين پيون انهن کي ست ڏٻريون ۽ ست سنگ ساوا ۽ ٻيا سڪل، (اي درٻاري) سردارؤ! فتوى ڏيو مون کي منهنجي خواب (جي باري) ۾ جيڪڏهن آهيو جو خواب جي تعبير ڪيو ٿا. |
قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ وَما نَحنُ بِتَأويلِ الأَحلٰمِ بِعٰلِمينَ (آيت : 44) |
چيائون ته پريشان ڪندڙ خواب آهن ۽ نه آهيون اسين خوابن جا تعبير ڄاڻندڙ . |
وَقالَ الَّذى نَجا مِنهُما وَادَّكَرَ بَعدَ أُمَّةٍ أَنا۠ أُنَبِّئُكُم بِتَأويلِهِ فَأَرسِلونِ (آيت : 45) |
۽ چيو ان جو ڇٽي آيو انهن ٻنهي مان ۽ ياد ڪيائين گهڻي مدت کان پوءِ ته مان خبر ڏيندس اوهان کي ان جي تعبير جي پوءِ مون کي موڪليو . |
يوسُفُ أَيُّهَا الصِّدّيقُ أَفتِنا فى سَبعِ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعِ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ لَعَلّى أَرجِعُ إِلَى النّاسِ لَعَلَّهُم يَعلَمونَ (آيت : 46) |
اي يوسف! اي سچا! فتوى ڏي اسان کي ستن ڳئن ٿلهين (جي باري) ۾ جو کائين پيون انهن کي ست ڏٻريون ڳئون ۽ ستن سنگن ساون ۽ ٻين سڪلن (جي باري) ۾ تانته مان موٽي وڃان ماڻهن ڏانهن تانته اهي ڄاڻن . |
قالَ تَزرَعونَ سَبعَ سِنينَ دَأَبًا فَما حَصَدتُم فَذَروهُ فى سُنبُلِهِ إِلّا قَليلًا مِمّا تَأكُلونَ (آيت : 47) |
چيائين ته پوک پوکيندؤ ست سال لاڳيتا پوءِ جيڪو لابارو ڪيو پوءِ ڇڏيو ان کي ان جي سنگن ۾ پر ٿورو ان مان جيڪو کائو . |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ سَبعٌ شِدادٌ يَأكُلنَ ما قَدَّمتُم لَهُنَّ إِلّا قَليلًا مِمّا تُحصِنونَ (آيت : 48) |
ان کان پوءِ ايندا پڄاڻان ان جي ست سخت (سال) جيڪي کائيندا اهو جو اڳي رکيو اوهان انهن لاءِ پر ٿورو ان مان جو بچائي رکندؤ. |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ عامٌ فيهِ يُغاثُ النّاسُ وَفيهِ يَعصِرونَ (آيت : 49) |
ان کان پوءِ ايندو پڄاڻان ان جي هڪ اهڙو سال جو ان ۾ مينهن وسايا ويندا ماڻهو ۽ ان ۾ رس ڪڍندا . |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ فَلَمّا جاءَهُ الرَّسولُ قالَ ارجِع إِلىٰ رَبِّكَ فَسـَٔلهُ ما بالُ النِّسوَةِ الّٰتى قَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ إِنَّ رَبّى بِكَيدِهِنَّ عَليمٌ (آيت : 50) |
۽ چيو بادشاھ ته آڻيو مون وٽ ان کي پوءِ جڏهن آيو ان وٽ قاصد ته چيائين موٽ بادشاھ پنهنجي ڏانهن پوءِ پڇ ان کان ته ڪهڙو حال آهي انهن عورتن جو جن وڍيا پنهنجا هٿ؟ بيشڪ رب منهنجو انهن جي مڪر کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي . |
قالَ ما خَطبُكُنَّ إِذ رٰوَدتُنَّ يوسُفَ عَن نَفسِهِ قُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما عَلِمنا عَلَيهِ مِن سوءٍ قالَتِ امرَأَتُ العَزيزِ الـٰٔنَ حَصحَصَ الحَقُّ أَنا۠ رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ وَإِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 51) |
چيائين ته ڪيئن آهي معاملو اوهان جو جڏهن طلب ڪئي اوهان يوسف کان ان جي نفس (جي خواهش)، چيو عورتن ته پاڪائي آهي الله جي لاءِ نه ڄاتي سون ان تي ڪابه برائي چيو زال عزيز جي ته هاڻي ظاهر ٿيو حق مون طلب ڪئي هئي ان کان نفساني خواهش ان جي ۽ بيشڪ اهو البته سچن مان آهي . |
ذٰلِكَ لِيَعلَمَ أَنّى لَم أَخُنهُ بِالغَيبِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدى كَيدَ الخائِنينَ (آيت : 52) |
اهو ان جي ڪري (ڪيم) تانته يقين ڪري ته بيشڪ مون نه خيانت ڪئي ان سان غائبانه حالت ۾ ۽ بيشڪ الله نه ٿو هلڻ ڏئي مڪر خيانت ڪندڙ جي کي. |
وَما أُبَرِّئُ نَفسى إِنَّ النَّفسَ لَأَمّارَةٌ بِالسّوءِ إِلّا ما رَحِمَ رَبّى إِنَّ رَبّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 53) |
۽ نه ٿو پاڪ ڀانيان مان نفس پنهنجي کي بيشڪ نفس البته وڏو امر ڪندڙ آهي برائيءَ جو پر جنهن تي رحم ڪري رب منهنجو بيشڪ رب منهنجو بخشڻهار مهربان آهي . |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ أَستَخلِصهُ لِنَفسى فَلَمّا كَلَّمَهُ قالَ إِنَّكَ اليَومَ لَدَينا مَكينٌ أَمينٌ (آيت : 54) |
۽ چيو بادشاھ آڻيو مون وٽ ان کي ته چونڊي رکان مان ان کي سر پنهنجي لاءِ پوءِ جڏهن ڳالهايائين ان سان ته چيائين بيشڪ تون اڄ (کان ئي) اسان وٽ مرتبي وارو امانت وارو آهين . |
قالَ اجعَلنى عَلىٰ خَزائِنِ الأَرضِ إِنّى حَفيظٌ عَليمٌ (آيت : 55) |
فرمايائين ته مقرر ڪر تون مون کي زمين جي خزانن تي بيشڪ مان حفاظت ڪندڙ ڄاڻندڙ آهيان . |
وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ يَتَبَوَّأُ مِنها حَيثُ يَشاءُ نُصيبُ بِرَحمَتِنا مَن نَشاءُ وَلا نُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
۽ اهڙيءَ طرح قوت ڏني سون يوسف کي زمين ۾ رهي پيو ان مان جتي گهري پهچايون ٿا رحمت پنهنجي جنهن کي گهرون ۽ نه ٿا ضايع ڪيون بدلو ڀلائي ڪندڙن جو . |
وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 57) |
۽ البته ثواب آخرت جو ڀلو آهي انهن لاءِ جن ايمان آندو ۽ پرهيزگار بڻيا . |
وَجاءَ إِخوَةُ يوسُفَ فَدَخَلوا عَلَيهِ فَعَرَفَهُم وَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 58) |
۽ آيا ڀائر يوسف جا پوءِ داخل ٿيا ان (محل) ۾ پوءِ سڃاتائين انهن کي ۽ اهي ان کي نه سڃاڻندڙ آهن . |
وَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم قالَ ائتونى بِأَخٍ لَكُم مِن أَبيكُم أَلا تَرَونَ أَنّى أوفِى الكَيلَ وَأَنا۠ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 59) |
۽ جڏهن تيار ڪرائي ڏنائين انهن کي سامان انهن جو ته فرمايائين آڻيو مون وٽ ڀاءُ پنهنجو طرفان پيءُ اوهان جي ڇا نه ٿا ڏسو ته بلاشڪ مان پوري ٿو ڏيان ماپ ۽ مان ڀلو مهمان نواز آهيان . |
فَإِن لَم تَأتونى بِهِ فَلا كَيلَ لَكُم عِندى وَلا تَقرَبونِ (آيت : 60) |
پوءِ جيڪڏهن نه آڻيندؤ مون وٽ ان کي پوءِ ناهي ماپ اوهان لاءِ مون وٽ ۽ نه ويجها اچجو مون کي . |
قالوا سَنُرٰوِدُ عَنهُ أَباهُ وَإِنّا لَفٰعِلونَ (آيت : 61) |
چيائون ته جلد طلب ڪنداسون ان کي پيءُ ان جي کان ۽ بيشڪ اسين البته ڪندڙ آهيون . |
وَقالَ لِفِتيٰنِهِ اجعَلوا بِضٰعَتَهُم فى رِحالِهِم لَعَلَّهُم يَعرِفونَها إِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِم لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 62) |
۽ چيائين واسطي خادمن پنهنجي ته رکي ڇڏيو موڙي سندن سامانن سندن ۾ شايد اهي سڃاڻن ان کي جڏهن موٽندا پنهنجي اهل ڏانهن شايد اهي موٽي اچن . |
فَلَمّا رَجَعوا إِلىٰ أَبيهِم قالوا يٰأَبانا مُنِعَ مِنَّا الكَيلُ فَأَرسِل مَعَنا أَخانا نَكتَل وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 63) |
پوءِ جڏهن موٽيا پنهنجي پيءُ جي طرف ته چيائون اي پيءُ اسان جا! روڪيو ويو اسان کان اناج (ماپي) ڏيڻ پوءِ گڏ موڪل اسان سان ڀاءُ اسان جو ته ان کان ماپي وٺون ۽ يقينًا اسين ان لاءِ البته حفاظت ڪندڙ آهيون . |
قالَ هَل ءامَنُكُم عَلَيهِ إِلّا كَما أَمِنتُكُم عَلىٰ أَخيهِ مِن قَبلُ فَاللَّهُ خَيرٌ حٰفِظًا وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 64) |
فرمايائين ته ڇا اعتبار ڪيان اوهان تي ان جي باري ۾ مگر جيئن اعتبار ڪيو مون اوهان تي ان جي ڀاءُ جي باري ۾ اڳ ۾ پوءِ الله ڀلو آهي حفاظت ڪندڙ ۽ اهو وڌيڪ مهربان آهي، مهربانن کان . |
وَلَمّا فَتَحوا مَتٰعَهُم وَجَدوا بِضٰعَتَهُم رُدَّت إِلَيهِم قالوا يٰأَبانا ما نَبغى هٰذِهِ بِضٰعَتُنا رُدَّت إِلَينا وَنَميرُ أَهلَنا وَنَحفَظُ أَخانا وَنَزدادُ كَيلَ بَعيرٍ ذٰلِكَ كَيلٌ يَسيرٌ (آيت : 65) |
۽ جڏهن کوليائون سامان پنهنجي کي ته لڌائون موڙيءَ پنهنجيءَ کي موٽائي وئي هئي انهن ڏانهن چيائون ته اي پيءُ اسان جا! ڇا گهرون اسين؟ هيءَ موڙي اسان جي موٽائي وئي آهي اسان ڏانهن ۽ اناج آڻيون اهل پنهنجي لاءِ ۽ حفاظت ڪنداسون ڀاءُ پنهنجي جي ۽ وڌيڪ وٺنداسون اناج هڪ اٺ جي بار جو اهو ماپي ورتل ان ٿورو آهي . |
قالَ لَن أُرسِلَهُ مَعَكُم حَتّىٰ تُؤتونِ مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ لَتَأتُنَّنى بِهِ إِلّا أَن يُحاطَ بِكُم فَلَمّا ءاتَوهُ مَوثِقَهُم قالَ اللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 66) |
فرمايائين ته هرگز نه موڪليندس ان کي اوهان سان گڏ تانجو ڏيو مون کي پڪو عهد الله جو ته البته ضرور آڻيندؤ مون وٽ ان کي مگر هي جو گهيراءُ ڪيو وڃي اوهان کي پوءِ جڏهن ڏنائون ان کي پڪو عهد پنهنجو ته فرمايائين الله ان تي جو چئون ٿا نگهبان آهي. |
وَقالَ يٰبَنِىَّ لا تَدخُلوا مِن بابٍ وٰحِدٍ وَادخُلوا مِن أَبوٰبٍ مُتَفَرِّقَةٍ وَما أُغنى عَنكُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَعَلَيهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 67) |
۽ چيائين ته اي منهنجا پٽ! نه داخل ٿجو هڪ دروازي کان ۽ داخل ٿجو جدا جدا دروازن کان ۽ نه بچائيندس مان اوهان کي الله کان ڪجھ به ناهي حڪم پر الله جي لاءِ ان تي توڪل ڪئي مون ۽ ان تي پوءِ جڳائي ٿو ته توڪل ڪن توڪل ڪندڙ، . |
وَلَمّا دَخَلوا مِن حَيثُ أَمَرَهُم أَبوهُم ما كانَ يُغنى عَنهُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِلّا حاجَةً فى نَفسِ يَعقوبَ قَضىٰها وَإِنَّهُ لَذو عِلمٍ لِما عَلَّمنٰهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 68) |
۽ جڏهن داخل ٿيا اتاهين جو امر ڪيو انهن کي پيءُ سندن ته، نٿي بچايائين انهن کي الله کان ڪجھ به پر هڪ خواهش (جيڪا هئي) دل يعقوب جي ۾ پورو ڪيائين ان کي ۽ بيشڪ اهو البته صاحب علم جو آهي ان سببان جو علم ڏنوسون ان کي ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن . |
وَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَخاهُ قالَ إِنّى أَنا۠ أَخوكَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 69) |
۽ جڏهن داخل ٿيا يوسف وٽ ته جاءِ ڏنائين پاڻ وٽ ڀاءُ پنهنجي کي فرمايائين ته بلاشڪ مان ڀاءُ تنهنجو آهيان پوءِ نه غمگين ٿي تون ان تي جو ڪيو هيائون . |
فَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم جَعَلَ السِّقايَةَ فى رَحلِ أَخيهِ ثُمَّ أَذَّنَ مُؤَذِّنٌ أَيَّتُهَا العيرُ إِنَّكُم لَسٰرِقونَ (آيت : 70) |
پوءِ جڏهن تيار ڪرائي ڏنائين انهن کي سامان سندن ته رکرايائين پاڻي پيئڻ جو پيالو پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ ان کان پوءِ سڏ ڪيو سڏ ڪندڙ اي قافلي وارؤ! بلاشڪ اوهان البته چور آهيو . |
قالوا وَأَقبَلوا عَلَيهِم ماذا تَفقِدونَ (آيت : 71) |
۽ سامهون ئي انهن ڏانهن (پڇيائون ته) ڇا گم ڪيو اٿوَ؟ . |
قالوا نَفقِدُ صُواعَ المَلِكِ وَلِمَن جاءَ بِهِ حِملُ بَعيرٍ وَأَنا۠ بِهِ زَعيمٌ (آيت : 72) |
چيائون ته گم ڪيو اٿئون پاڻي پيئڻ وارو پيالو بادشاھ جو ۽ ان جي لاءِ جو آندائين اهو بار اٺ جو آهي ۽ مان ان جو ضامن آهيان . |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد عَلِمتُم ما جِئنا لِنُفسِدَ فِى الأَرضِ وَما كُنّا سٰرِقينَ (آيت : 73) |
چيائون ته قسم آهي الله جو البته تحقيق ڄاتو اوهان ته نه آيا سون اسين تانته فساد ڪيون زمين ۾ ۽ ناهيون اسين چور . |
قالوا فَما جَزٰؤُهُ إِن كُنتُم كٰذِبينَ (آيت : 74) |
چيائون پوءِ ڪهڙي آهي سزا ان جي جيڪڏهن آهيو ڪوڙا؟ . |
قالوا جَزٰؤُهُ مَن وُجِدَ فى رَحلِهِ فَهُوَ جَزٰؤُهُ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 75) |
چيائون سزا ان جي خود اهو آهي جو لڌو ويو سامان ان جي مان پوءِ اهو سزا ان جي آهي اهڙيءَ طرح سزا ڏيندا سون ظالمن کي . |
فَبَدَأَ بِأَوعِيَتِهِم قَبلَ وِعاءِ أَخيهِ ثُمَّ استَخرَجَها مِن وِعاءِ أَخيهِ كَذٰلِكَ كِدنا لِيوسُفَ ما كانَ لِيَأخُذَ أَخاهُ فى دينِ المَلِكِ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ وَفَوقَ كُلِّ ذى عِلمٍ عَليمٌ (آيت : 76) |
پوءِ شروع ٿيو ٻورين (ڳولڻ) انهن (ٻين) جي کي اڳي (ڳولڻ) ٻوريءَ ڀاء پنهنجي جي کي تنهن کان پوءِ ڪڍيائين ان کي پنهنجي ڀاءُ جي ٻوريءَ مان اهڙي طرح رٿ ڏني سون واسطي يوسف جي نه هو تانته وٺي ڀاءُ پنهنجي کي قانون بادشاھ جي ۾ مگر هي جو گهري الله بلند ڪيون ٿا درجا ان جا جنهن کي گهرون ۽ مٿان هر صاحب علم جي گهڻي علم وارو آهي. |
قالوا إِن يَسرِق فَقَد سَرَقَ أَخٌ لَهُ مِن قَبلُ فَأَسَرَّها يوسُفُ فى نَفسِهِ وَلَم يُبدِها لَهُم قالَ أَنتُم شَرٌّ مَكانًا وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما تَصِفونَ (آيت : 77) |
چيائون ته جيڪڏهن چوري ڪئي اٿس ته پوءِ تحقيق چوري ڪئي ڀاءُ ان جي به اڳ ۾ پوءِ رکيو ان کي يوسف دل پنهنجيءَ ۾ ۽ نه ظاهر ڪيائين ان کي فرمايائين (دل ۾) ته اوهان بدتر آهيو درجہ جي لحاظ سان ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي اوهان بيان ڪيو ٿا . |
قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ إِنَّ لَهُ أَبًا شَيخًا كَبيرًا فَخُذ أَحَدَنا مَكانَهُ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 78) |
چيائون ته اي (مصر جا) عزيز! بيشڪ ان جو پيءُ پوڙهو وڏي عمر وارو آهي پوءِ وٺ هڪڙي اسان جي کي ان جي بجاءِ يقينًا اسين ڏسون ٿا توکي احسان ڪندڙن مان . |
قالَ مَعاذَ اللَّهِ أَن نَأخُذَ إِلّا مَن وَجَدنا مَتٰعَنا عِندَهُ إِنّا إِذًا لَظٰلِمونَ (آيت : 79) |
فرمايائين ته پناھ ۾ رکي الله هن کان جو وٺون اسين مگر ان کي جو لڌو سون سامان پنهنجو ان وٽ بلاشڪ اسين ان وقت البته ظالم آهيون . |
فَلَمَّا استَيـَٔسوا مِنهُ خَلَصوا نَجِيًّا قالَ كَبيرُهُم أَلَم تَعلَموا أَنَّ أَباكُم قَد أَخَذَ عَلَيكُم مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ وَمِن قَبلُ ما فَرَّطتُم فى يوسُفَ فَلَن أَبرَحَ الأَرضَ حَتّىٰ يَأذَنَ لى أَبى أَو يَحكُمَ اللَّهُ لى وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 80) |
پوءِ جڏهن نا اميد ٿيا ان کان ته اڪيلا ٿي ويٺا صلاح ڪندڙ چيو وڏي انهن جي ته ڇا نه ڄاتو اوهان ته بيشڪ پيءُ اوهان جي تحقيق ورتو اوهان کان پڪو وعدو الله جو؟ ۽ اڳ ۾ اهو آهي جو ڪيو اوهان يوسف سان پوءِ هرگز نه ڇڏيندس مان (هن) زمين کي تان جو موڪل ڏئي مون کي پيءُ منهنجو يا حڪم ڪري الله مون لاءِ ۽ اهو حڪم ڏيندڙن ۾ ڀلو آهي . |
ارجِعوا إِلىٰ أَبيكُم فَقولوا يٰأَبانا إِنَّ ابنَكَ سَرَقَ وَما شَهِدنا إِلّا بِما عَلِمنا وَما كُنّا لِلغَيبِ حٰفِظينَ (آيت : 81) |
موٽو طرف پيءُ پنهنجي پوءِ چئو اي پيءُ اسان جا! بيشڪ پٽ تنهنجي چوري ڪيائين ۽ نه شاهدي ڏني سون مگر ان جي جيڪو ڄاڻون پيا ۽ نه هئاسون واسطي غيب جي حفاظت ڪندڙ . |
وَسـَٔلِ القَريَةَ الَّتى كُنّا فيها وَالعيرَ الَّتى أَقبَلنا فيها وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 82) |
۽ پڇا ڪر ڳوٺ کان جو هئا سون ان ۾ ۽ قافلي کي جو آيا آهيون ان ۾ ۽ بيشڪ اسين البته سچا آهيون . |
قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ عَسَى اللَّهُ أَن يَأتِيَنى بِهِم جَميعًا إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 83) |
چيائين ته بلڪ سينگاريو اوهان لاءِ نفسن اوهان جي امر کي پوءِ صبر سهڻو آهي ويجهو آهي جو الله آڻي مون وٽ انهن سڀني کي بيشڪ اهو ئي گهڻو ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي . |
وَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰأَسَفىٰ عَلىٰ يوسُفَ وَابيَضَّت عَيناهُ مِنَ الحُزنِ فَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 84) |
۽ منهن ڦيرايائين انهن کان ۽ چيائين اي افسوس آهي يوسف (جي جدائيءَ) تي ۽ سفيد ٿيون ٻه اکيون ان جون غم جي ڪري پوءِ اهو ڏک کائيندڙ آهي . |
قالوا تَاللَّهِ تَفتَؤُا۟ تَذكُرُ يوسُفَ حَتّىٰ تَكونَ حَرَضًا أَو تَكونَ مِنَ الهٰلِكينَ (آيت : 85) |
چيائون ته قسم آهي الله جو ته هميشہ آهين تون جو ياد ڪرين پيو يوسف کي تان جو ٿي پوين بيمار يا ٿي پوين وفات ڪندڙ مان . |
قالَ إِنَّما أَشكوا بَثّى وَحُزنى إِلَى اللَّهِ وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 86) |
چيائين ته هن کان سواءِ ناهي جو بيان ڪيان ٿو مصيبت پنهنجي ۽ ڏک پنهنجو الله وٽ ۽ ڄاڻان ٿو الله جي طرفان اهو جو نه ٿا ڄاڻو . |
يٰبَنِىَّ اذهَبوا فَتَحَسَّسوا مِن يوسُفَ وَأَخيهِ وَلا تَا۟يـَٔسوا مِن رَوحِ اللَّهِ إِنَّهُ لا يَا۟يـَٔسُ مِن رَوحِ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الكٰفِرونَ (آيت : 87) |
اي پٽ منهنجا! وڃو اوهان پوءِ جاچ ڪيو يوسف ۽ ان جي ڀاءُ جي ۽ نه نا اميد ٿيو الله جي رحمت کان بلاشڪ نه ٿا نا اميد ٿين الله جي رحمت مان مگر قوم ڪافر . |
فَلَمّا دَخَلوا عَلَيهِ قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ مَسَّنا وَأَهلَنَا الضُّرُّ وَجِئنا بِبِضٰعَةٍ مُزجىٰةٍ فَأَوفِ لَنَا الكَيلَ وَتَصَدَّق عَلَينا إِنَّ اللَّهَ يَجزِى المُتَصَدِّقينَ (آيت : 88) |
پوءِ جڏهن داخل ٿيا ان وٽ ته چيائون اي عزيز! پهتي اسان کي ۽ اهل اسان جي کي تڪليف ۽ آندي اسان موڙي ناقص پوءِ پوري ڪري ڏي اسان کي ماپ ۽ صدقو ڏي اسان کي بيشڪ الله (سهڻو) بدلو ڏئي ٿو صدقي ڪندڙن کي . |
قالَ هَل عَلِمتُم ما فَعَلتُم بِيوسُفَ وَأَخيهِ إِذ أَنتُم جٰهِلونَ (آيت : 89) |
فرمايائين ته ڇا ڄاڻو ٿا؟ اهو جو ڪيو اوهان يوسف ۽ ان جي ڀاءُ سان جڏهن اوهان نه ڄاڻندڙ هيئو؟ . |
قالوا أَءِنَّكَ لَأَنتَ يوسُفُ قالَ أَنا۠ يوسُفُ وَهٰذا أَخى قَد مَنَّ اللَّهُ عَلَينا إِنَّهُ مَن يَتَّقِ وَيَصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 90) |
چيائون ڇا پڪ تون ئي البته يوسف آهين؟ فرمايائين ته مان يوسف آهيان ۽ هيءُ ڀاءُ منهنجو آهي تحقيق احسان ڪيو الله اسان تي بيشڪ جيڪو به تقوى ڪندو ۽ صبر ڪندو پوءِ بيشڪ الله نه ٿو ضايع ڪري اجر نيڪو ڪارن جو . |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد ءاثَرَكَ اللَّهُ عَلَينا وَإِن كُنّا لَخٰطِـٔينَ (آيت : 91) |
چيائون قسم آهي الله جو ته البته تحقيق ڀلو بنايو توکي الله اسان کان ۽ بيشڪ هئا سون البته خطا ڪندڙ . |
قالَ لا تَثريبَ عَلَيكُمُ اليَومَ يَغفِرُ اللَّهُ لَكُم وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 92) |
فرمايائين ته: ناهي ميار اوهان تي اڄ بخشيندو الله اوهان کي ۽ اهو وڌيڪ رحم ڪندڙ آهي رحم ڪندڙن کان ( |
اذهَبوا بِقَميصى هٰذا فَأَلقوهُ عَلىٰ وَجهِ أَبى يَأتِ بَصيرًا وَأتونى بِأَهلِكُم أَجمَعينَ (آيت : 93) |
کڻي وڃو قميص منهنجي هيءَ پوءِ وجهو ان کي منهنجي پيءُ جي منهن تي ته ايندو ڏسندڙ ٿي ۽ آڻيو مون وٽ اهل پنهنجو سمورو . |
وَلَمّا فَصَلَتِ العيرُ قالَ أَبوهُم إِنّى لَأَجِدُ ريحَ يوسُفَ لَولا أَن تُفَنِّدونِ (آيت : 94) |
۽ جڏهن جدا ٿيو قافلو (مصر کان) ته چيو پيء انهن جي بيشڪ مان محسوس ڪري رهيو آهيان خوشبوءِ يوسف جي کي جيڪڏهن ناقص العقل نه سمجهو مون کي . |
قالوا تَاللَّهِ إِنَّكَ لَفى ضَلٰلِكَ القَديمِ (آيت : 95) |
چيائون ته قسم آهي الله جو ته بيشڪ تون البته پنهنجي پراڻيءَ محبت ۾ آهين . |
فَلَمّا أَن جاءَ البَشيرُ أَلقىٰهُ عَلىٰ وَجهِهِ فَارتَدَّ بَصيرًا قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 96) |
پوءِ جڏهن آيو بشارت ڏيندڙ ته وڌائين ان کي منهن ان جي تي پوءِ موٽي ٿيو ڏسندڙ فرمايائين ته ڇا نه چيو هو مون اوهان کي؟ ته بيشڪ مان ڄاڻان ٿو الله جي طرفان اهو جو اوهان نه ٿا ڄاڻو . |
قالوا يٰأَبانَا استَغفِر لَنا ذُنوبَنا إِنّا كُنّا خٰطِـٔينَ (آيت : 97) |
چيائون ته اي پيءُ اسان جا! مغفرت وٺي ڏي اسان کي گناهن اسان جن جي بيشڪ اسين هياسون خطا ڪندڙ . |
قالَ سَوفَ أَستَغفِرُ لَكُم رَبّى إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 98) |
چيائين ته جلد مغفرت گهرندس اوهان لاءِ رب پنهنجي کان بيشڪ اهو ئي بخشڻهار مهربان آهي . |
فَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَبَوَيهِ وَقالَ ادخُلوا مِصرَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ (آيت : 99) |
پوءِ جڏهن داخل ٿيا يوسف وٽ ته جاءِ ڏنائين پاڻ وٽ پيءُ ماءُ پنهنجن کي ۽ چيائين ته داخل ٿيو مصر ۾ جيڪڏهن گهريو الله امن وارا ٿيندڙ . |
وَرَفَعَ أَبَوَيهِ عَلَى العَرشِ وَخَرّوا لَهُ سُجَّدًا وَقالَ يٰأَبَتِ هٰذا تَأويلُ رُءيٰىَ مِن قَبلُ قَد جَعَلَها رَبّى حَقًّا وَقَد أَحسَنَ بى إِذ أَخرَجَنى مِنَ السِّجنِ وَجاءَ بِكُم مِنَ البَدوِ مِن بَعدِ أَن نَزَغَ الشَّيطٰنُ بَينى وَبَينَ إِخوَتى إِنَّ رَبّى لَطيفٌ لِما يَشاءُ إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 100) |
۽ بلند وهاريائين پيءُ ماءُ پنهنجن کي تخت تي ۽ ڪري پيا ان لاءِ سجدو ڪندڙ ۽ چيائين ته اي پيءُ منهنجا! هيءُ منهنجي اڳ ۾ ڏٺل خواب جو تعبير آهي تحقيق بنايو ان کي رب منهنجي سچو ۽ تحقيق احسان ڪيائين مون سان جڏهن ڪڍيائين مون کي جيل مان ۽ آندائين اوهان کي ٻهراڙيءَ مان ان کان پوءِ جو جهيڙو وڌو شيطان مون ۾ ۽ ڀائرن منهنجن ۾ بيشڪ رب منهنجو مهربان آهي جنهن لاءِ گهري بيشڪ اهو ئي ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي . |
رَبِّ قَد ءاتَيتَنى مِنَ المُلكِ وَعَلَّمتَنى مِن تَأويلِ الأَحاديثِ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنتَ وَلِيّۦ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ تَوَفَّنى مُسلِمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 101) |
اي منهنجا ربّ! تحقيق ڏني تو مون کي بادشاهي ۽ سيکاريئي مون کي تعبير خوابن جو (اي) ٺاهيندڙ آسمان جا ۽ زمين جا! تون ئي ڪارساز منهنجو آهين دنيا ۾ ۽ آخرت ۾ وفات ڪراءِ مون کي مسلمان ڪري ۽ شامل ڪر مون کي صالحن سان . |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ أَجمَعوا أَمرَهُم وَهُم يَمكُرونَ (آيت : 102) |
اهو خبرن غيب جي مان آهي وحي ڪيون ٿا ان کي توڏانهن ۽ نه هئين تون انهن وٽ جڏهن متفق ٿي ڪيائون ڪم پنهنجو حالانڪ اهي ٿا فريب ڪن . |
وَما أَكثَرُ النّاسِ وَلَو حَرَصتَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 103) |
۽ گهڻا ماڻهو جيتوڻيڪ تو حرص ڪيو مؤمن ناهن . |
وَما تَسـَٔلُهُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 104) |
۽ نه ٿو گهرين تون ان تي ڪو اجورو ناهي اهو مگر نصيحت واسطي جهانن جي . |
وَكَأَيِّن مِن ءايَةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَمُرّونَ عَلَيها وَهُم عَنها مُعرِضونَ (آيت : 105) |
۽ ڪيتريون نشانيون آهن آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جو لنگهن ٿا انهن کان ۽ اهي انهن کان منهن موڙيندڙ آهن . |
وَما يُؤمِنُ أَكثَرُهُم بِاللَّهِ إِلّا وَهُم مُشرِكونَ (آيت : 106) |
۽ نه ٿا ايمان آڻين گهڻا انهن مان الله تي مگر حالانڪ اهي شرڪ ڪندڙ آهن . |
أَفَأَمِنوا أَن تَأتِيَهُم غٰشِيَةٌ مِن عَذابِ اللَّهِ أَو تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 107) |
ڇا پوءِ امن وارا ٿيا؟ هن کان جو اچي انهن وٽ ڇانئجي ويندڙ الله جو عذاب يا اچي انهن وٽ قيامت اوچتو ۽ اهي نه ٿا خبر رکن . |
قُل هٰذِهِ سَبيلى أَدعوا إِلَى اللَّهِ عَلىٰ بَصيرَةٍ أَنا۠ وَمَنِ اتَّبَعَنى وَسُبحٰنَ اللَّهِ وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 108) |
فرماءِ ته هيءُ رستو منهنجو آهي سڏيان ٿو مان الله ڏانهن دليل تي آهيان مان ۽ جيڪي تابع ٿيا منهنجا ۽ پاڪائي آهي الله جي ۽ ناهيان مان مشرڪن مان . |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم مِن أَهلِ القُرىٰ أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ اتَّقَوا أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 109) |
۽ نه (رسول بنائي) موڪليو اسان تو کان اڳي مگر مڙسن کي وحي موڪليو سون انهن ڏانهن ڳوٺن وارن مان ڇا پوءِ نه گهمي ڏٺائون زمين ۾ پوءِ ڏسن ته ڪيئن هئي پڇاڙي انهن جي جيڪي گذريا اڳي انهن کان ۽ البته آخرة وارو گهر ڀلو آهي انهن جي لاءِ جو پرهيزگار بڻيا ڇا پوءِ نه ٿا سمجهو؟ . |
حَتّىٰ إِذَا استَيـَٔسَ الرُّسُلُ وَظَنّوا أَنَّهُم قَد كُذِبوا جاءَهُم نَصرُنا فَنُجِّىَ مَن نَشاءُ وَلا يُرَدُّ بَأسُنا عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 110) |
تانجو جڏهن نا اميد ٿيا رسول ۽ خيال ڪيائون ته بلاشڪ اهي تحقيق ڪوڙا ڪيا ويا ته آئي انهن وٽ مدد اسان جي پوءِ بچايا ويا اهي جو گهريو اسان ۽ نه ٿو موٽايو وڃي عذاب اسان جو مجرم قوم کان . |
لَقَد كانَ فى قَصَصِهِم عِبرَةٌ لِأُولِى الأَلبٰبِ ما كانَ حَديثًا يُفتَرىٰ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ كُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 111) |
البته تحقيق آهي قصن انهن جي ۾ عبرت سمجهدارن جي لاءِ ناهي اهڙي ڳالھ ٺاهي وڃي ۽ پر تصديق آهي ان جي جيڪو (نازل ڪيو ويو) ان کان اڳي ۽ تفصيل هر شيءِ جو ۽ هدايت ۽ رحمت (ان) قوم جي لاءِ جو ايمان آڻين ٿا. ع |