الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 1) |
الف ـــ لام ـــ را ــ ھي آيتون واضح دليلن واري ڪتاب جون آھن. |
إِنّا أَنزَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 2) |
(اي مڪي جا رھڻ وارو!) بيشڪ اسان ھن ڪتاب کي عربي ٻولي ۾ قرآن جي صورت ۾ نازل ڪيو آھي ته جيئن توھان (ان کي آسانيءَ سان) سمجهي سگهو. |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ أَحسَنَ القَصَصِ بِما أَوحَينا إِلَيكَ هٰذَا القُرءانَ وَإِن كُنتَ مِن قَبلِهِ لَمِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 3) |
(اي ﷴ ﷺ ھاڻي) اسان توکي وحي جي ذريعي ھن قرآن جي بھترين قصن مان (ھڪ قصو) بيان ڪري ٻڌايون ٿا، ان کان پھريائين توهان کي (ان قصي جي باري ۾) ڪابه شيءِ معلوم نه ھئي. |
إِذ قالَ يوسُفُ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ إِنّى رَأَيتُ أَحَدَ عَشَرَ كَوكَبًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ رَأَيتُهُم لى سٰجِدينَ (آيت : 4) |
(قصو ھيئن آھي ته) جڏھن يوسف پنھنجي پيءُ کي چيو ته “بابا سائين! مون (خواب ۾) ڏٺو آھي ته يارنھن ستارا، سج ۽ چنڊ مون کي سجدو ڪري رھيا آھن.” |
قالَ يٰبُنَىَّ لا تَقصُص رُءياكَ عَلىٰ إِخوَتِكَ فَيَكيدوا لَكَ كَيدًا إِنَّ الشَّيطٰنَ لِلإِنسٰنِ عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 5) |
(پيءُ) چيو ته: “منھنجا پٽڙا! اھو خواب تون پنھنجي ڀائرن کي نه ٻڌائجانءِ نه ته ھو تنھنجي خلاف سازش ڪندا (ڇوته) شيطان انسان جو پڌرو دشمن آھي. ” |
وَكَذٰلِكَ يَجتَبيكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَيُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَعَلىٰ ءالِ يَعقوبَ كَما أَتَمَّها عَلىٰ أَبَوَيكَ مِن قَبلُ إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبَّكَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 6) |
(۽ مون کي لڳي ٿو ته) تنھنجو پالڻھار توکي (ڪنھن خاص مقصد لاءِ) چونڊيندو، توکي ڳالھين جي اصل حقيقت تائين پھچڻ جي صلاحيت عطا ڪندو، توتي ۽ يعقوب ($) جي اولاد تي پنھنجي نعمت پوري ڪندو، جيئن ھُن اڳ ۾ تنھنجي ابي ڏاڏي ابراھيم ۽ اسحاق (ؐ) تي مڪمل ڪئي ھئي. بيشڪ تنھنجو پالڻھار وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آھي. |
لَقَد كانَ فى يوسُفَ وَإِخوَتِهِ ءايٰتٌ لِلسّائِلينَ (آيت : 7) |
بيشڪ يوسف ۽ ڀائرن جي واقعي ۾ سوال پڇڻ وارن لاءِ وڏيون نشانيون آھن. |
إِذ قالوا لَيوسُفُ وَأَخوهُ أَحَبُّ إِلىٰ أَبينا مِنّا وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنَّ أَبانا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 8) |
ھڪ ڏينھن ڀائرن پاڻ ۾ صلاح ڪندي چيو ته: يوسف ۽ سندس ڀاءُ (بن يامين) کي اسان جو پيءُ پاڻ کان وڌيڪ ڀانئين ٿو، حالانڪ اسان ھڪ مضبوط ٽولو آھيون، (جيڪو والد صاحب جي هر وقت خدمت ۾ مصروف هوندو آهي) . بيشڪ اسان جو پيءُ ظاھر ظھور وڏي غلطي تي آھي. |
اقتُلوا يوسُفَ أَوِ اطرَحوهُ أَرضًا يَخلُ لَكُم وَجهُ أَبيكُم وَتَكونوا مِن بَعدِهِ قَومًا صٰلِحينَ (آيت : 9) |
(ان جو حل ھي آھي ته) يوسف کي ئي قتل ڪري ڇڏيو يا کيس ڪٿي وڃي اڇلائي اچو ته جيئن توھان جي ابي جي توجھه توھان ڏي ئي رھي، ان کي رستي تان ھٽائڻ کان پوءِ ئي توھان جي حالت بهتر ٿي ويندي. |
قالَ قائِلٌ مِنهُم لا تَقتُلوا يوسُفَ وَأَلقوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ يَلتَقِطهُ بَعضُ السَّيّارَةِ إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 10) |
صلاح ڏيندڙن مان ھڪ چيو ته جيڪڏھن توھان کي (يوسف مان) جان ئي ڇڏائڻي آھي ته پوءِ کيس قتل نه ڪريو، بلڪ ان کي کوهه ۾ اڇلائي اچو ته جيئن ڪو اچڻ وارو قافلو ان کي ڪڍي کڻي وڃيس. |
قالوا يٰأَبانا ما لَكَ لا تَأمَ۫نّا عَلىٰ يوسُفَ وَإِنّا لَهُ لَنٰصِحونَ (آيت : 11) |
(صلاح ڪرڻ کان پوءِ سڀ گڏجي پيءُ وٽ آيا ۽) چيائون ته: بابا سائين! توھان يوسف جي باري ۾ اسان تي ڇو ڀروسو نٿا ڪريو؟ اسان ته ان جا خيرخواهه آھيون. |
أَرسِلهُ مَعَنا غَدًا يَرتَع وَيَلعَب وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 12) |
سڀاڻي کيس موڪل ڏجو ته اسان سان گڏ ھلي کائي ۽ کيڏي. بيشڪ اسان سندس حفاظت لاءِ ڪافي آھيون. |
قالَ إِنّى لَيَحزُنُنى أَن تَذهَبوا بِهِ وَأَخافُ أَن يَأكُلَهُ الذِّئبُ وَأَنتُم عَنهُ غٰفِلونَ (آيت : 13) |
(پيءُ) چيو ته يوسف جو مون کان پري رھڻ منھنجي لاءِ ڏکيو آھي ۽ مان ڊڄان ٿو ته متان (راند ڪندي) توھان غفلت جو مظاھرو ڪريو ۽ کيس بگهڙ اچي کائي وڃي. |
قالوا لَئِن أَكَلَهُ الذِّئبُ وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنّا إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 14) |
انهن چيو ته: (بابا سائين!) اسان جي ھيترن طاقتور ماڻهن ھوندي به جيڪڏھن کيس بگهڙ کائي وڃي ته پوءِ اسان واقعي نڪما ئي رھياسين. |
فَلَمّا ذَهَبوا بِهِ وَأَجمَعوا أَن يَجعَلوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ وَأَوحَينا إِلَيهِ لَتُنَبِّئَنَّهُم بِأَمرِهِم هٰذا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 15) |
(اجازت ملڻ کان) پوءِ جڏھن ھو کيس وٺي ويا ته سڀني گڏجي فيصلو ڪيو ته کيس کوهه ۾ اڇلايون (پوءِ بي ديدا ٿي هنن کيس واقعي اڇلائي ڇڏيو) پر اسان يوسف کي وحي ڪئي ته (پرواهه نه ڪر) ھڪ وقت ايندو جو تون انهن سڀني کي ان واقعي جو تفصيل ٻڌائيندين، (ھن وقت) ھو پنھنجي ڪيل ڪم جي نتيجي کان بي خبر آھن. |
وَجاءو أَباهُم عِشاءً يَبكونَ (آيت : 16) |
پوءِ رات جو پنھنجي پيءُ وٽ روئيندا پٽيندا آيا. |
قالوا يٰأَبانا إِنّا ذَهَبنا نَستَبِقُ وَتَرَكنا يوسُفَ عِندَ مَتٰعِنا فَأَكَلَهُ الذِّئبُ وَما أَنتَ بِمُؤمِنٍ لَنا وَلَو كُنّا صٰدِقينَ (آيت : 17) |
چيائون ته: بابا سائين! اسان گوءِ جي مقابلي ۾ لڳا پيا ھئاسين، يوسف کي پنھنجي سامان وٽ بيھاريو هو ته کيس بگهڙ کائي ويو، لڳي ٿو ته تون سچ ٻڌائڻ جي صورت ۾ به اسان تي يقين نه ڪندين. |
وَجاءو عَلىٰ قَميصِهِ بِدَمٍ كَذِبٍ قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ وَاللَّهُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 18) |
(ان ڳالھ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ) ھنن يوسف جي نقلي رت لڳل قميص اچي پيش ڪئي (يعقوب $ قميص ڏسي) چيو ته: (ايئن نه آھي) بلڪ توھان کي پنھنجي نفس (ڪوڙي) ڳالھ ٺاھڻ آسان بنايو آھي. (بس!) منھنجي لاءِ صبر ڪرڻ ئي بھتر آھي، توھان جيڪو ڪجهه بيان ڪريو ٿا مان ان تي اللھ تعالى کان ئي مدد گهران ٿو. |
وَجاءَت سَيّارَةٌ فَأَرسَلوا وارِدَهُم فَأَدلىٰ دَلوَهُ قالَ يٰبُشرىٰ هٰذا غُلٰمٌ وَأَسَرّوهُ بِضٰعَةً وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 19) |
(پوءِ) ھڪ قافلو آيو جنھن پنھنجي ماڻهوءَ کي پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهه تي موڪليو، ان جڏھن پنھنجو ڏول (يا بالٽي) کوهه ۾ وڌي ته (کيس ڇوڪرو نظر آيو ۽) چيائين واهه ــ واهه ھتي ته ھڪ ڇوڪرو آھي. قافلي وارن (ان کي ڪڍي) وڪڻڻ جو مال سمجهي کيس لڪائي ڇڏيو. بيشڪ اللھ تعالى ھر شيءِ کان خوب واقف آھي. |
وَشَرَوهُ بِثَمَنٍ بَخسٍ دَرٰهِمَ مَعدودَةٍ وَكانوا فيهِ مِنَ الزّٰهِدينَ (آيت : 20) |
قافلي وارن کيس (مصر وڃي) تمام گهٽ قيمت تي چند درھمن (يعني روپين) ۾ وڪڻي ڇڏيو (ڇو ته) کين ھن ٻار جي قدر ۽ قيمت جي خبر ئي نه ھئي. |
وَقالَ الَّذِى اشتَرىٰهُ مِن مِصرَ لِامرَأَتِهِ أَكرِمى مَثوىٰهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ وَلِنُعَلِّمَهُ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَاللَّهُ غالِبٌ عَلىٰ أَمرِهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 21) |
مصر جي جنھن ماڻهوءَ کيس خريد ڪيو، ان پنھنجي گهر واريءَ کي چيو ته ھن ٻار کي وڏي لاڏ ڪوڏ سان پالجانءِ، ٿي سگهي ٿو ته ھي ٻار اسان جي لاءِ فائديمند ثابت ٿئي يا اڳتي ھلي کيس پُٽ طور رکون، اھڙي طريقي سان اسان يوسف کي ان سرزمين مصر ۾ ٺڪاڻو مھيا ڪيوسين ۽ کيس معاملن جي اصل حقيقت سمجهڻ جي صلاحيت عطا ڪئي. اللھ تعالى پنھنجي ارادن کي (ھر حال ۾) پورو ڪندو آھي پر گهڻا ماڻهو ان ڳالھ جو اندازو نٿا ڪري سگهن. |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 22) |
جڏھن اھو (ٻار) بالغ ٿيو (۽ جوانيءَ کي پھتو) ته اسان کيس فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت ڏني ۽ علم عطا ڪيوسين. اسان نيڪوڪار ماڻهن کي اھڙي طريقي سان ئي بدلو ڏيندا آھيون. |
وَرٰوَدَتهُ الَّتى هُوَ فى بَيتِها عَن نَفسِهِ وَغَلَّقَتِ الأَبوٰبَ وَقالَت هَيتَ لَكَ قالَ مَعاذَ اللَّهِ إِنَّهُ رَبّى أَحسَنَ مَثواىَ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
۽ يوسف جنھن عورت جي گهر ۾ رھندو ھو، اھا عورت مٿس ھرکي پئي ۽ اُن ھڪڙي ڏينھن (گهر جا سڀ) دروازا بند ڪري (کيس) چيو ته ھيڏي اچ (يوسف سندس سڏڻ واري انداز کي سمجهي ويو) ۽ چيائين ته: اللھ تعالى جي پناهه! بيشڪ منھنجي پالڻھار مون کي انتھائي سٺو رکيو آھي (سو مان اھڙو ظلم وارو ڪم نٿو ڪري سگهان) بيشڪ ظالم ماڻهو ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندا آھن. |
وَلَقَد هَمَّت بِهِ وَهَمَّ بِها لَولا أَن رَءا بُرهٰنَ رَبِّهِ كَذٰلِكَ لِنَصرِفَ عَنهُ السّوءَ وَالفَحشاءَ إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُخلَصينَ (آيت : 24) |
(انڪار جي باوجود اھا عورت نه مُڙي) يوسف ڏانھن خود وڌي (ھاڻي بحيثيت انسان) ھو به ان عورت ڏانھن وڌي ھا پر جيڪڏھن ھو پنھنجي پالڻھار جي دليل (يعني صحيح فيصلي ڪرڻ واري صلاحيت) کي سامھون نه رکي ھا. اھڙي طرح ئي اسان صحيح فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت جي ڪري ان کان برائي ۽ بيحيائي دور ڪئي سين، حقيقت ھي آھي ته ھو اسان جي مخلص ٻانھن مان ھو. |
وَاستَبَقَا البابَ وَقَدَّت قَميصَهُ مِن دُبُرٍ وَأَلفَيا سَيِّدَها لَدَا البابِ قالَت ما جَزاءُ مَن أَرادَ بِأَهلِكَ سوءًا إِلّا أَن يُسجَنَ أَو عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 25) |
(آخرڪار يوسف پاڻ کي بچائڻ لاءِ ۽ عورت کيس زوري ڦاسائڻ لاءِ ڀڳا) ٻئي دروازي تي پھتا ته عورت (انتھائي چري ٿي) سندس پويان کان قميص ڇڪي ڦاڙي وڌي، دروازي تي (اتفاق سان) ٻنھي مڙس کي بيٺل ڏٺو (ان تي ان عورت جون وايون بتال ٿي ويون) چوڻ لڳي اھڙي ماڻهوءَ جي ڪھڙي سزا ھئڻ گهرجي جيڪو تنھنجي گهر واريءَ سان برائي ڪرڻ جو ارادو ڪري؟ اھڙو ماڻهو ته جيل ۾ (ئي) ھئڻ گهرجي يا کيس دردناڪ سزا ڏجيس. |
قالَ هِىَ رٰوَدَتنى عَن نَفسى وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن أَهلِها إِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن قُبُلٍ فَصَدَقَت وَهُوَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 26) |
(ويچاري يوسف) چيو ته: سائين! ھن ته پنھنجي مطلب لاءِ مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پَئي (ان موقعي تي مڙس سان گڏ عورت جي خاندان جو به هڪ ماڻهو گڏ بيٺو ھو) تنھن معاملي کي سمجهندي چيو ته جيڪڏھن سندس قميص اڳيان ڦاٽل آھي ته عورت سچي آھي ۽ ھو ڪوڙو آھي. |
وَإِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ فَكَذَبَت وَهُوَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 27) |
پر جيڪڏھن سندس قميص پويان ڦاٽل آھي ته عورت ڪوڙي آھي ۽ ھو سچو آھي. |
فَلَمّا رَءا قَميصَهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ قالَ إِنَّهُ مِن كَيدِكُنَّ إِنَّ كَيدَكُنَّ عَظيمٌ (آيت : 28) |
جڏھن مڙس سندس قميص کي پويان ڦاٽل ڏٺو ته چيائين ته ھي توھان عورتن جون ترڪتاليون آھن. بيشڪ توھان جون ترڪتاليون سڀني کان خطرناڪ ھونديون آھن. |
يوسُفُ أَعرِض عَن هٰذا وَاستَغفِرى لِذَنبِكِ إِنَّكِ كُنتِ مِنَ الخاطِـٔينَ (آيت : 29) |
(مڙس چيو ته پُٽ) يوسف! ھاڻي تون ان ڳالھ کي در گذر ڪر ۽ اَڙي مائي! تون پنھنجي ڏوهه جي معافي گهر، بيشڪ تون ئي ڏوھي آھين. |
وَقالَ نِسوَةٌ فِى المَدينَةِ امرَأَتُ العَزيزِ تُرٰوِدُ فَتىٰها عَن نَفسِهِ قَد شَغَفَها حُبًّا إِنّا لَنَرىٰها فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
آخرڪار اھا ڳالھ ظاھر ٿي ٻاھر پھتي ته شھر جي عورتن پاڻ ۾ ويهي تبصرو ڪندي چيو ته: عزيز (يعني بادشاهه) جي زال پنھنجي نوجوان غلام تي ھِرکي سندس محبت ۾ چري ٿي پئي آھي. (اَدي اھا ته وڏي ضلالت جي ڳالھ آھي جو ڪاڏي غلام ۽ ڪاڏي راڻي) اسان ته کيس (اخلاق کان) صفا ڪريل ٿا ڏسون. |
فَلَمّا سَمِعَت بِمَكرِهِنَّ أَرسَلَت إِلَيهِنَّ وَأَعتَدَت لَهُنَّ مُتَّكَـًٔا وَءاتَت كُلَّ وٰحِدَةٍ مِنهُنَّ سِكّينًا وَقالَتِ اخرُج عَلَيهِنَّ فَلَمّا رَأَينَهُ أَكبَرنَهُ وَقَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ وَقُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما هٰذا بَشَرًا إِن هٰذا إِلّا مَلَكٌ كَريمٌ (آيت : 31) |
پوءِ جڏھن راڻي کي انهن عورتن جي تبصري جي خبر پئي ته ھُن سڀني کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ انهن لاءِ گول ڊگهن وھاڻن سان سينگاريل ھڪ دعوت ڪئي پوءِ سڀني جي آڏو (فروٽ سان گڏ ھڪ تيز) ڇُري به رکيائين، راڻي يوسف کي (سڏي) حڪم ڪيو ته انهن (مهمانن) جي اڳيان اچ (۽ ضرورت جون شيون پيش ڪر) جڏھن انهن عورتن يوسف کي ڏٺو ته دنگ رھجي ويون ۽ (بي خيالي ۾) پنھنجي ھٿن کي چيري وڌائون ۽ بي ساخته چيائون ته: اللھ تعالى جي پناهه! ھي انسان آھي ئي ڪونه، ھي ته ڪو ڀلارو فرشتو آھي. |
قالَت فَذٰلِكُنَّ الَّذى لُمتُنَّنى فيهِ وَلَقَد رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ فَاستَعصَمَ وَلَئِن لَم يَفعَل ما ءامُرُهُ لَيُسجَنَنَّ وَلَيَكونًا مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 32) |
راڻي چيو ته: اھو ئي ته آھي اُھو غلام! جنھن جي ڪري توھان (پَرپُٺ) مون تي ملامت ڪري رھيون ھيون. مون کيس گهڻو ئي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھو بچي ويو ھاڻي به جيڪڏھن ھُن منھنجو ارادو پورو نه ڪيو ته ھو قيد ٿيندو ۽ وڏو خوار ٿيندو. |
قالَ رَبِّ السِّجنُ أَحَبُّ إِلَىَّ مِمّا يَدعونَنى إِلَيهِ وَإِلّا تَصرِف عَنّى كَيدَهُنَّ أَصبُ إِلَيهِنَّ وَأَكُن مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 33) |
(اھو ٻڌي) يوسف دعا گهري ته: اي منھنجا پالڻھار! جنھن ڪم لاءِ ھي مون کي سڏن ٿيون ان کان ته مون کي قيد ۾ رهڻ پسند آھي. جيڪڏھن تون مون کي انهن جي مڪارين کان نه بچائيندين ته مان انهن ڏي مائل ٿي ويندس ۽ پوءِ مان به جاھل ماڻهن ۾ وڃي شمار ٿيندس. |
فَاستَجابَ لَهُ رَبُّهُ فَصَرَفَ عَنهُ كَيدَهُنَّ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 34) |
پالڻھار سندس دعا کي قبول فرمايو، کيس انهن عورتن جي ترڪتالين کان بچايو. بيشڪ ھو ٻڌندڙ ۽ وڏي علم وارو آھي. |
ثُمَّ بَدا لَهُم مِن بَعدِ ما رَأَوُا الءايٰتِ لَيَسجُنُنَّهُ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 35) |
پوءِ وڏ گهراڻن وارن کي (يوسف جي بيڏوھي هجڻ جون) نشانيون ڏسڻ کان پوءِ ھي ڳالھ سمجهه ۾ آئي ته ھن (نوجوان) کي ڪجهه وقت لاءِ قيد ڪيو وڃي (ته جيئن اسان جي گهرن جو ماحول سڌري وڃي) |
وَدَخَلَ مَعَهُ السِّجنَ فَتَيانِ قالَ أَحَدُهُما إِنّى أَرىٰنى أَعصِرُ خَمرًا وَقالَ الءاخَرُ إِنّى أَرىٰنى أَحمِلُ فَوقَ رَأسى خُبزًا تَأكُلُ الطَّيرُ مِنهُ نَبِّئنا بِتَأويلِهِ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 36) |
(يوسف قيد ۾ پھتو) ۽ ان سان گڏ ٻه ٻيا نوجوان به قيد خاني ۾ داخل ٿيا (ڪجھ عرصي بعد) انهن مان ھڪ (نوجوان) کيس چيو ته مون (خواب ۾) ڏٺو آھي ته مان شراب نپوڙي رھيو آھيان. ٻئي چيو ته مان ڏسان ٿو ته منھنجي مٿي تي مانيون رکيل آھن، جنھن مان پکي کائي رھيا آھن، تون اسان کي (انھن خوابن جي) تعبير ٻڌاءِ . بيشڪ تون اسان جي نظر ۾ نيڪ ماڻهو آھين. |
قالَ لا يَأتيكُما طَعامٌ تُرزَقانِهِ إِلّا نَبَّأتُكُما بِتَأويلِهِ قَبلَ أَن يَأتِيَكُما ذٰلِكُما مِمّا عَلَّمَنى رَبّى إِنّى تَرَكتُ مِلَّةَ قَومٍ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 37) |
يوسف چيو ته جيل ۾ ماني ملڻ واري ٽائيم کان اڳ ئي مان توھان کي (خوابن جو) تعبير ٻڌائيندس، اھا تعبير ٻڌائڻ درحقيقت ان علم مان آھي جيڪو منهنجي پالڻھار مون کي سيکاريو آھي، بيشڪ مان اھڙن ماڻهن جي طريقي کي ڇڏي چڪو آھيان، جيڪي اللھ تعالى تي ايمان نٿا آڻين ۽ اهي آخرت جا انڪاري آھن. |
وَاتَّبَعتُ مِلَّةَ ءاباءى إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ ما كانَ لَنا أَن نُشرِكَ بِاللَّهِ مِن شَيءٍ ذٰلِكَ مِن فَضلِ اللَّهِ عَلَينا وَعَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 38) |
۽ مان پنھنجي ابي ڏاڏي ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب (ؓ) جي طريقي جي پيروي اختيار ڪئي آھي سو اسان کي نٿو جڳائي ته اسان اللھ تعالى سان گڏ ڪنھن ٻئي کي شريڪ ڪريون. ھي (توحيد وارو عقيدو اختيار ڪرڻ) اسان ۽ سڀني ماڻهن تي اللھ تعالى جو خاص فضل آھي پر گهڻا ماڻهو شڪرگذاري نٿا ڪن. |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ ءَأَربابٌ مُتَفَرِّقونَ خَيرٌ أَمِ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 39) |
اي قيد جا ساٿيو! ڇا جدا جدا گهڻا پالڻھار ھجڻ صحيح آھي يا اڪيلو زبردست اللھ ؟ |
ما تَعبُدونَ مِن دونِهِ إِلّا أَسماءً سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ أَمَرَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 40) |
توھان اللھ تعالى کان سواءِ جن جي عبادت ڪريو ٿا سي صرف نالا ئي ته آھن، جيڪي توھان ۽ توھان جي وڏڙن رکيا آھن، اللھ تعالى انهن جي ڪابه ثابتي نه لاٿي آھي. حڪم ڪرڻ جو اختيار (حقيقت ۾) صرف اللھ تعالى کي آھي، ھو ئي حڪم ڏئي ٿو ته ان کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، اھوئي صحيح ۽ سچو دين آھي، پر گهڻا ماڻهو (ان ڳالھ کي) سمجهن ئي نٿا. |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ أَمّا أَحَدُكُما فَيَسقى رَبَّهُ خَمرًا وَأَمَّا الءاخَرُ فَيُصلَبُ فَتَأكُلُ الطَّيرُ مِن رَأسِهِ قُضِىَ الأَمرُ الَّذى فيهِ تَستَفتِيانِ (آيت : 41) |
(ھاڻي ويجهو ٿيو ته توھان کي خوابن جي تعبير ٻڌايان) اي قيدخاني جا ساٿيو! توھان مان ھڪڙو ته پنھنجي بادشاهه کي شراب پياريندو ۽ ٻئي کي ڦاسي تي لٽڪايو ويندو ۽ سندس مٿي کي پکي پَٽي کائيندا، جيڪو توھان تعبير پڇيو سو توھان کي ٻڌائي ڇڏيو. |
وَقالَ لِلَّذى ظَنَّ أَنَّهُ ناجٍ مِنهُمَا اذكُرنى عِندَ رَبِّكَ فَأَنسىٰهُ الشَّيطٰنُ ذِكرَ رَبِّهِ فَلَبِثَ فِى السِّجنِ بِضعَ سِنينَ (آيت : 42) |
جنھن شخص لاءِ کيس خيال ھو ته ھو آزاد ٿي ويندو، ان کي چيائين ته: تون پنهنجي بادشاهه سان منھنجو احوال ڪجانءِ. پر شيطان کيس بادشاهه سان ڳالھ ڪرڻ وساري ڇڏي ۽ ايئن يوسف ($) ڪيترائي سال قيد ۾ بند رھيو. |
وَقالَ المَلِكُ إِنّى أَرىٰ سَبعَ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعَ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ يٰأَيُّهَا المَلَأُ أَفتونى فى رُءيٰىَ إِن كُنتُم لِلرُّءيا تَعبُرونَ (آيت : 43) |
(پوءِ ھڪ ڏينھن) بادشاھ (پنھنجي درٻارين کي) چيو ته خواب ۾ مون ست ٿلھيون ڳئون ڏٺيون آھن، جن کي (ٻيون) ست ڏٻريون ڳئون کائي رھيون آھن ۽ (ڪڻڪ جا) ست ساوا سنگ ۽ ست سُڪل سنگ (به) ڏٺا آھن، اي سردارؤ! جيڪڏھن توھان خوابن جو تعبير ڄاڻو ٿا ته مون کي منھنجي خواب جو تعبير ٻڌايو. |
قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ وَما نَحنُ بِتَأويلِ الأَحلٰمِ بِعٰلِمينَ (آيت : 44) |
سردارن چيو ته (سائين!) ھي ته رڳو خيالي خواب آھن. اھڙن خيالي خوابن جو تعبير اسان ڪھڙو ٻڌائينداسين؟ |
وَقالَ الَّذى نَجا مِنهُما وَادَّكَرَ بَعدَ أُمَّةٍ أَنا۠ أُنَبِّئُكُم بِتَأويلِهِ فَأَرسِلونِ (آيت : 45) |
انهن ٻن ڄڻن مان جيڪو قيد مان آزاد ٿيو ھو، ڪافي عرصي کان پوءِ ان کي يوسف ياد آيو ۽ بادشاهه کي چيائين ته: سائين! مان توھان کي خوابن جي تعبير ٻڌائي سگهان ٿو پر مون کي پھريائين (جيل خاني ۾) وڃڻ جي اجازت ڏيو. |
يوسُفُ أَيُّهَا الصِّدّيقُ أَفتِنا فى سَبعِ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعِ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ لَعَلّى أَرجِعُ إِلَى النّاسِ لَعَلَّهُم يَعلَمونَ (آيت : 46) |
(جيل پھچڻ کان پوءِ) چيائين يوسف! تون وڏو سچو آھين، ھن خواب جو تعبير به ٻڌاءِ ته ست ٿلھيون ڳئون آھن جن کي ست ڏٻريون ڳئون کائي رھيون آھن، (ڪڻڪ جا) ست ساوا سنگ آھن ۽ ست سڪل سنگ آھن. بس! انهن جو تعبير ٻڌاءِ ته جيئن مان ماڻهن کي وڃي ٻڌايان. شايد ھو (تنھنجي سچائي کي) سمجهي وڃن. |
قالَ تَزرَعونَ سَبعَ سِنينَ دَأَبًا فَما حَصَدتُم فَذَروهُ فى سُنبُلِهِ إِلّا قَليلًا مِمّا تَأكُلونَ (آيت : 47) |
(يوسف $ ) چيو ته توھان پورا ست سال لڳاتار پوک ڪندا رھندا پوءِ جڏھن توھان فصل لُڻو ته ان مان صرف ضرورت مطابق اناج ڪڍجو (باقي اناج انهن سنگن ۾ ئي ڇڏي محفوظ ڪندا وڃجو) |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ سَبعٌ شِدادٌ يَأكُلنَ ما قَدَّمتُم لَهُنَّ إِلّا قَليلًا مِمّا تُحصِنونَ (آيت : 48) |
وري پوءِ سخت ڏڪار جا ست سال ايندا ، ھاڻي توھان گڏ ڪيل اناج کائيندا، جيڪو پورن ستن سالن تائين ھلندو. پوءِ جيڪو ٿورو گهڻو بچندو اهو (ٻج لاءِ بچائي)محفوظ رکندا. |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ عامٌ فيهِ يُغاثُ النّاسُ وَفيهِ يَعصِرونَ (آيت : 49) |
(۽) وري پوءِ ھڪ سال اھڙو ايندو جنھن ۾ ماڻهن جي فائدي لاءِ برسات وسندي ۽ کين فصل ذريعي وڏي خوشحالي نصيب ٿيندي. |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ فَلَمّا جاءَهُ الرَّسولُ قالَ ارجِع إِلىٰ رَبِّكَ فَسـَٔلهُ ما بالُ النِّسوَةِ الّٰتى قَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ إِنَّ رَبّى بِكَيدِهِنَّ عَليمٌ (آيت : 50) |
(جڏھن درٻار ۾ اھا تعبير ٻڌائي وئي ته) بادشاهه چيو ته اُن (يوسف) کي مون وٽ وٺي اچو، جڏھن قاصد يوسف ($) وٽ پھتو (۽ کيس سڄو احوال ٻڌايو تنھن تي) يوسف ($) چيو ته تون پنھنجي بادشاهه ڏي موٽي وڃ ۽ ان کان پڇ ته جن عورتن پنھنجا ھٿ چيريا ھئا انهن جي معاملي جو ڇا ٿيو؟ بيشڪ منھنجو پالڻھار انهن عورتن جي ترڪتالين کان خوب واقف آھي، (پر توکي ڪابه خبر نه آھي) |
قالَ ما خَطبُكُنَّ إِذ رٰوَدتُنَّ يوسُفَ عَن نَفسِهِ قُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما عَلِمنا عَلَيهِ مِن سوءٍ قالَتِ امرَأَتُ العَزيزِ الـٰٔنَ حَصحَصَ الحَقُّ أَنا۠ رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ وَإِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 51) |
ان تي بادشاهه عورتن کي چيو ته: اوھان جي يوسف ($) جي باري ۾ ڪھڙي راءِ آھي؟ جڏھن توھان ھن کي پنھنجي نفساني خواھش پوري ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. انهن سڀني چيو ته: اللھ تعالى جي پناهه! اسان ھن ۾ (ڪابه) برائي واري ڳالھ نه ڏٺي سين، بادشاهه جي زال ڏٺو ته ھاڻي سچي ڳالھ ته ظاھر ٿي وئي آھي (سو شرمساري وچان چيائين ته) مون ئي کيس ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. بيشڪ ھو سچن ماڻهن مان آھي. |
ذٰلِكَ لِيَعلَمَ أَنّى لَم أَخُنهُ بِالغَيبِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدى كَيدَ الخائِنينَ (آيت : 52) |
يوسف ($) چيو ته (منھنجي جيل مان نه نڪرڻ جو مقصد به اھو ئي ھو ته) جيئن بادشاهه کي خبر پئي ته مون سندس پرپٺ ڪابه خيانت نه ڪئي ھئي، بيشڪ اللھ تعالى خيانت ڪندڙن کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي. |
وَما أُبَرِّئُ نَفسى إِنَّ النَّفسَ لَأَمّارَةٌ بِالسّوءِ إِلّا ما رَحِمَ رَبّى إِنَّ رَبّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 53) |
(بھرحال انسان ڪمزور آھي سو) مان پنھنجو پاڻ کي پاڪ نٿو سمجهان، بيشڪ (انسان جو) نفس ته برائي ڪرڻ تي اڀاريندو رھي ٿو پر جنھن تي منھنجو پالڻھار رحم ڪري (۽ کيس بچائي وٺي) بيشڪ منھنجو پالڻھار وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي. |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ أَستَخلِصهُ لِنَفسى فَلَمّا كَلَّمَهُ قالَ إِنَّكَ اليَومَ لَدَينا مَكينٌ أَمينٌ (آيت : 54) |
بادشاهه چيو ته: ان کي مون وٽ وٺي اچو ته جيئن مان کيس پنھنجن خاص ماڻهن ۾ شامل ڪريان ۽ جڏھن بادشاهه اُن سان روبرو ڳالهايو ته (هو ايترو متاثر ٿيو جو کيس) چيائين ته بيشڪ توھان اسان وٽ وڏي عزت وارا ۽ وڏا امانتدار آھيو. |
قالَ اجعَلنى عَلىٰ خَزائِنِ الأَرضِ إِنّى حَفيظٌ عَليمٌ (آيت : 55) |
يوسف ($) چيو ته (رڳو عھدا نه پر) زمين جا سمورا خزانا ئي منھنجي حوالي ڪري ڇڏ، منھنجي اندر انهن جي حفاظت ڪرڻ جي طاقت به آھي ته قابليت به . |
وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ يَتَبَوَّأُ مِنها حَيثُ يَشاءُ نُصيبُ بِرَحمَتِنا مَن نَشاءُ وَلا نُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
اھڙي طريقي سان اسان يوسف ($) کي (مصر جي) سرزمين تي حڪومت عطا ڪئي، ھر جڳھ ھو پنھنجي مرضيءَ سان رهڻ ۾ بااختيار هو . (هن کان ڪير به پڇڻ وارو نه هو) اسان جنھن کي چاھيون پنھنجي رحمت سان نوازيندا آھيون ۽ اسان نيڪوڪارن جو ڪڏھن به اجر ضايع نه ڪندا آھيون. |
وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 57) |
۽ آخرت وارو اجر اڃا به وڌيڪ بھتر آھي، انهن ماڻهن لاءِ جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري اختيار ڪندا رهيا. |
وَجاءَ إِخوَةُ يوسُفَ فَدَخَلوا عَلَيهِ فَعَرَفَهُم وَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 58) |
(خوشحاليءَ جي ستن سالن کان پوءِ اناج وٺڻ لاءِ) يوسف ($) جا ڀائر وٽس حاضر ٿيا، ھن کين (چڱيءَ طرح) سڃاتو پر ھو کيس نه سڃاڻي سگهيا. |
وَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم قالَ ائتونى بِأَخٍ لَكُم مِن أَبيكُم أَلا تَرَونَ أَنّى أوفِى الكَيلَ وَأَنا۠ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 59) |
جڏھن ھُن (خود) انهن جي لاءِ سامان تيار ڪرايو ۽ چيائين ته ايندڙ دفعي توھان پنھنجي نڳي ڀاءُ کي به ضرور مون وٽ وٺي اچجو . توھان کي اندازو به ٿي ويو ھوندو ته مون پوري انصاف سان تور ڪري سامان ڏنو آھي ۽ مان بھترين مھمان نوازي ڪندڙ آھيان. |
فَإِن لَم تَأتونى بِهِ فَلا كَيلَ لَكُم عِندى وَلا تَقرَبونِ (آيت : 60) |
پر جيڪڏھن توھان اُن ڀاء کي نه وٺي ايندا ته پوءِ (اِيئَن سمجهندا ته) توھان لاءِ مون وٽ ڪوبه اناج نه آھي ۽ توھان منھنجي ويجهو اچڻ جي ڪوشش به نه ڪجو. |
قالوا سَنُرٰوِدُ عَنهُ أَباهُ وَإِنّا لَفٰعِلونَ (آيت : 61) |
انهن چيو ته (سائين!) اسان ان جي پيءُ کان ان جي اجازت گهرندا سين (بھرحال) اسان کيس ضرور وٺي اينداسين. |
وَقالَ لِفِتيٰنِهِ اجعَلوا بِضٰعَتَهُم فى رِحالِهِم لَعَلَّهُم يَعرِفونَها إِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِم لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 62) |
۽ يوسف ($) پنھنجي ملازمن کي چيو ته انهن جي ڏنل رقم سندن ئي سامان ۾ واپس وجهي ڇڏيو ته جيئن ئي ھو گهر پھچي رقم ڏسندا ته ( اسان جي ڀلائي واري انداز کي سمجهي ويندا ۽) وري ٻيھر ضرور ايندا. |
فَلَمّا رَجَعوا إِلىٰ أَبيهِم قالوا يٰأَبانا مُنِعَ مِنَّا الكَيلُ فَأَرسِل مَعَنا أَخانا نَكتَل وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 63) |
جڏھن ھو موٽي پنھنجي پيءُ وٽ آيا، چيائون ته بابا سائين! اسان کي (آئنده) اناج ڏيڻ کان منع ڪيو ويو آھي، اسان سان گڏ اسان جي ڀاءُ (بن يامين) کي به گڏ موڪل ته اناج وٺي اچون. بيشڪ اسان سندس حفاظت ڪنداسون. |
قالَ هَل ءامَنُكُم عَلَيهِ إِلّا كَما أَمِنتُكُم عَلىٰ أَخيهِ مِن قَبلُ فَاللَّهُ خَيرٌ حٰفِظًا وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 64) |
(يعقوب $ ) چيو ته ڇا مان ھن جي باري ۾ توھان تي اھڙي طرح اعتبار ڪريان جيئن اڳ ۾ سندس ڀاءُ (يوسف) جي باري ۾ ڪري چڪو آھيان؟ بس! اللھ تعالى ئي بھترين حفاظت ڪندڙ آھي ۽ اھوئي سڀني کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آھي. |
وَلَمّا فَتَحوا مَتٰعَهُم وَجَدوا بِضٰعَتَهُم رُدَّت إِلَيهِم قالوا يٰأَبانا ما نَبغى هٰذِهِ بِضٰعَتُنا رُدَّت إِلَينا وَنَميرُ أَهلَنا وَنَحفَظُ أَخانا وَنَزدادُ كَيلَ بَعيرٍ ذٰلِكَ كَيلٌ يَسيرٌ (آيت : 65) |
پوءِ جڏھن انهن پنھنجو سامان کوليو ته ڏٺائون ته سندن ڏنل رقم واپس ڪئي وئي آھي (تنھن تي) چيائون ته: بابا سائين! پاڻ کي باقي ڇا کپي؟ اسان جي رقم به اسان کي موٽائي ڏني وئي آھي، ھاڻي ته ضرور وينداسين، پنھنجي گهر وارن لاءِ اناج آڻينداسين، پنھنجي ڀاءُ (بن يامين) جي حفاظت ڪنداسين ۽ هڪ اُٺ سامان جو وڌيڪ به وٺي اينداسين (بن يامين جي ھلڻ ڪري پڪ سان) ھاڻي اناج ملڻ ۾ اڃا به آساني ٿيندي. |
قالَ لَن أُرسِلَهُ مَعَكُم حَتّىٰ تُؤتونِ مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ لَتَأتُنَّنى بِهِ إِلّا أَن يُحاطَ بِكُم فَلَمّا ءاتَوهُ مَوثِقَهُم قالَ اللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 66) |
(يعقوب $ ) چيو ته: مان ھن کي توھان سان ھرگز نه موڪليندس، جيستائين اوھان سڀ اللھ تعالى جي نالي تي وعدو نه ڪندا ته توھان ھن کي ضرور مون وٽ واپس وٺي ايندا پر جيڪڏھن توھان ڪنھن جي پڪڙ ۾ اچي ويا ته پوءِ اھا مجبوري ھوندي. تڏھن انهن سڀني پڪو وعدو ڪيو، يعقوب ($) چيو ته اللھ تعالى ئي اسان جي ھن ٿيل ڳالھ ٻولھ تي نگھبان آھي. |
وَقالَ يٰبَنِىَّ لا تَدخُلوا مِن بابٍ وٰحِدٍ وَادخُلوا مِن أَبوٰبٍ مُتَفَرِّقَةٍ وَما أُغنى عَنكُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَعَلَيهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 67) |
(جڏھن ھو ٻيھر اناج وٺڻ لاءِ روانا ٿيڻ لڳا ته) يعقوب ($) کين وڌيڪ چيو ته: اي منھنجا پٽڙو! شھر ۾ توهان سڀ ھڪ طرف کان داخل نه ٿجو بلڪ مختلف طرفن کان داخل ٿجو پوءِ به (بھرحال) مان توھان تان اللھ تعالى جي طرفان ايندڙ ڪنھن به شيءِ کي ٽاري نٿو سگهان، حڪم صرف ان جو ئي ھلندو، مون ان تي ڀروسو ڪيو ۽ سڀني ڀروسو ڪندڙن کي ان تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. |
وَلَمّا دَخَلوا مِن حَيثُ أَمَرَهُم أَبوهُم ما كانَ يُغنى عَنهُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِلّا حاجَةً فى نَفسِ يَعقوبَ قَضىٰها وَإِنَّهُ لَذو عِلمٍ لِما عَلَّمنٰهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 68) |
۽ جڏھن ھو پنھنجي پيءُ جي حڪم مطابق شھر ۾ (مختلف طرفن کان) داخل ٿيا پر اهو احتياط ڪرڻ صرف يعقوب ($) جو ھڪ خيال ھو، جيڪو پورو ڪيو ويو. باقي اھا احتياط اللھ تعالى جي فيصلي کي ٽاري نه پئي سگهي. بيشڪ يعقوب ($) کي به ڪجهه علم ھو جيڪو اسان کيس سيکاريو ھو پر گهڻا ماڻهو حقيقت کي سمجهندا ئي نه آھن. |
وَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَخاهُ قالَ إِنّى أَنا۠ أَخوكَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 69) |
۽ جڏھن ھو سڀ ڀائُر يوسف ($) وٽ پھتا ته ھن پنھنجي ڀاءُ (بن يامين) کي پاڻ وٽ گهرائي چيو ته آ تنھنجو ڀاءُ (يوسف) آھيان، ھي ڀائر جيڪو ڪجهه ڪندا رھيا آھن، تون ان تي ڏک نه ڪر. |
فَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم جَعَلَ السِّقايَةَ فى رَحلِ أَخيهِ ثُمَّ أَذَّنَ مُؤَذِّنٌ أَيَّتُهَا العيرُ إِنَّكُم لَسٰرِقونَ (آيت : 70) |
پوءِ جڏھن يوسف ($) انهن جو سامان تيار ڪرايو ته ھُن پاڻي پيئڻ وارو پيالو پنھنجي ڀاءُ (بن يامين) جي سامان ۾ رکي ڇڏيو. پوءِ جڏھن ھو شھر کان ٻاھر نڪتا ته سڏڻ واري کين سڏ ڪيو ۽ چيو ته اي قافلي وارؤ! توھان چور آھيو. |
قالوا وَأَقبَلوا عَلَيهِم ماذا تَفقِدونَ (آيت : 71) |
ڀائرن پوئتي مُڙي جواب ڏنو ته توھان جي ڪھڙي شيءِ وڃائجي وئي آھي؟ |
قالوا نَفقِدُ صُواعَ المَلِكِ وَلِمَن جاءَ بِهِ حِملُ بَعيرٍ وَأَنا۠ بِهِ زَعيمٌ (آيت : 72) |
ملازمن چيو ته بادشاهه کي پاڻي پيارڻ وارو پيالو وڃائجي ويو آھي ۽ اسان کي ان جي انچارج چيو آھي ته جيڪو به ان کي آڻيندو، تنھن کي ھڪ اُٺ سامان جو (انعام طور) ڏنو ويندو. |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد عَلِمتُم ما جِئنا لِنُفسِدَ فِى الأَرضِ وَما كُنّا سٰرِقينَ (آيت : 73) |
ڀائرن چيو ته: الله تعاليٰ جو قسم! توھان کي ته چڱي طرح معلوم آھي ته اسان ھن سرزمين تي فساد ڦھلائڻ لاءِ نه آيا آھيون ۽ نه ئي اسان چور آھيون. |
قالوا فَما جَزٰؤُهُ إِن كُنتُم كٰذِبينَ (آيت : 74) |
ملازمن چيو ته: جيڪڏھن توھان ڪوڙا نڪتا ته پوءِ ٻڌايو ته اُن چور جي سزا ڇا ھوندي؟ |
قالوا جَزٰؤُهُ مَن وُجِدَ فى رَحلِهِ فَهُوَ جَزٰؤُهُ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 75) |
ڀائرن چيو ته: جنھن جي سامان مان (اِھا شيءِ) نڪري اچي، ان کي ئي پڪڙيو وڃي. اسان ظالمن کي اھا ئي سزا ڏيندا آھيون. |
فَبَدَأَ بِأَوعِيَتِهِم قَبلَ وِعاءِ أَخيهِ ثُمَّ استَخرَجَها مِن وِعاءِ أَخيهِ كَذٰلِكَ كِدنا لِيوسُفَ ما كانَ لِيَأخُذَ أَخاهُ فى دينِ المَلِكِ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ وَفَوقَ كُلِّ ذى عِلمٍ عَليمٌ (آيت : 76) |
پوءِ يوسف ($) سڀ کان پھريائين ٻين سڀني ڀائرن جي سامان جي تلاشي ورتي (پر پيالو نه مليو) آخر ۾ پنھنجي ڀاءُ (بن يامين ) جي سامان مان اُھو پيالو ھٿ ڪيو. يوسف ($) کي اھو طريقو اسان ئي سيکاريو، ملڪي قانون مطابق هو پنھنجي ڀاءُ کي (اللھ تعالى جي سيکاريل ان ترڪيب کان سواءِ پاڻ وٽ) نه پيو رکي سگهي. اسان جنھن جا چاھيون درجا بلند ڪندا آھيون ۽ ھر علم واري جي مٿان به ڪو ٻيو وڏو علم وارو ھوندو آھي. |
قالوا إِن يَسرِق فَقَد سَرَقَ أَخٌ لَهُ مِن قَبلُ فَأَسَرَّها يوسُفُ فى نَفسِهِ وَلَم يُبدِها لَهُم قالَ أَنتُم شَرٌّ مَكانًا وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما تَصِفونَ (آيت : 77) |
ڀائرن چيو ته: جيڪڏھن ھن چوري ڪئي آھي ته (اھا ڪا وڏي ڳالھ نه آھي) ھن کان اڳ ھن جو ڀاءُ به چوري ڪري چڪو آھي. پوءِ يوسف ($) اھو ٻڌي (ڪاوڙ جو ڍُڪ پي ويو پر) انهن جي اڳيان اصل حقيقت ظاھر نه ڪئي، پر دل ۾ چوندو رھيو ته توھان ئي وڏا برا ماڻهو آھيو، جيڪو چئو ٿا ان کي اللھ تعالى خوب ڄاڻي ٿو. |
قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ إِنَّ لَهُ أَبًا شَيخًا كَبيرًا فَخُذ أَحَدَنا مَكانَهُ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 78) |
ڀائرن چيو ته اي بادشاهه! بيشڪ ھن جو پيءُ (ويچارو) تمام جُهونو آھي، ان جي جاءِ تي تون اسان مان ڪنھن کي روڪي رک. بيشڪ اسان توکي وڏو نيڪوڪار سمجهون ٿا. |
قالَ مَعاذَ اللَّهِ أَن نَأخُذَ إِلّا مَن وَجَدنا مَتٰعَنا عِندَهُ إِنّا إِذًا لَظٰلِمونَ (آيت : 79) |
يوسف ($) چيو ته اللھ تعالى جي پناهه! اسان جنھن وٽان پنھنجو سامان لڌو آھي ان کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي ڇو پڪڙيون؟ جيڪڏھن ايئن ڪنداسين ته بيشڪ اسان ظالمن ۾ شمار ٿينداسين. |
فَلَمَّا استَيـَٔسوا مِنهُ خَلَصوا نَجِيًّا قالَ كَبيرُهُم أَلَم تَعلَموا أَنَّ أَباكُم قَد أَخَذَ عَلَيكُم مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ وَمِن قَبلُ ما فَرَّطتُم فى يوسُفَ فَلَن أَبرَحَ الأَرضَ حَتّىٰ يَأذَنَ لى أَبى أَو يَحكُمَ اللَّهُ لى وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 80) |
پوءِ جڏھن ڀائر نااميد ٿي ويا ته پاڻ ۾ اڪيلا ٿي صلاح ۽ مشورو ڪرڻ لڳا، انهن مان وڏي ڀاءُ چيو ته ڇا توھان کي ياد نه آھي ته توھان جي بابا سائين توھان سڀني کان اللھ تعالى جي نالي تي وعدو ورتو ھو ۽ ھن کان اڳ توھان يوسف جي باري ۾ به ڪوتاھي ڪري چڪا آھيو. (بھرحال) مان ته ھتان ڪاڏي به نه چُرندس، جيستائين مون کي منھنجو ابو اجازت نه ڏي يا اللھ تعالى ئي منھنجي لاءِ ڪو فيصلو ڪري، بيشڪ ھو سڀني کان وڌيڪ بھتر فيصلو ڪندڙ آھي. |
ارجِعوا إِلىٰ أَبيكُم فَقولوا يٰأَبانا إِنَّ ابنَكَ سَرَقَ وَما شَهِدنا إِلّا بِما عَلِمنا وَما كُنّا لِلغَيبِ حٰفِظينَ (آيت : 81) |
(بس!) توھان سڀ بابا سائين ڏانھن موٽي وڃو ۽ کيس چئو ته بابا سائين! تنھنجي پُٽ (بن يامين) چوري ڪئي آھي، اسان کيس چوري ڪندي نه ڏٺو آھي پر جيڪو اسان کي معلوم ٿيو آھي اھوئي بيان ڪريون ٿا، باقي اندر جي ڳالھ جا اسان ذميدار نه آھيون. |
وَسـَٔلِ القَريَةَ الَّتى كُنّا فيها وَالعيرَ الَّتى أَقبَلنا فيها وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 82) |
توھان ان شھر وارن کان به پڇي سگهو ٿا جتي ھي واقعو پيش آيو ۽ ان قافلي وارن کان به جنھن سان اسان گڏ ھئاسون. بيشڪ اسان سچ ڳالھايون ٿا. |
قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ عَسَى اللَّهُ أَن يَأتِيَنى بِهِم جَميعًا إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 83) |
(ڀائر ڳوٺ پھتا ۽ بابا سائينءَ کي سڄو احوال ٻڌايو) يعقوب ($) چيو ته توھان جي نفس توھان جي لاءِ ھڪ ٻي ڳالھ کي آسان ڪري ڇڏيو آهي. تنهنڪري صبر ڪرڻ ئي بھتر آھي، ٿي سگهي ٿو ته اللھ تعالى انهن سڀني کي وري اچي مون سان ملائي، بيشڪ ھو وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آھي. |
وَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰأَسَفىٰ عَلىٰ يوسُفَ وَابيَضَّت عَيناهُ مِنَ الحُزنِ فَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 84) |
(اھو چئي) ھو پنھنجي پٽن کان منھن ڦيري ويھي رھيو ۽ (ٿڌو ساهه ڀري) چيائين ته مون کي يوسف جو وڏو ڏک آھي ۽ غم کان سندس اکيون ڏسڻ کان لاچار ٿي ويون ۽ ڏک کان اندر ئي اندر ۾ ڳرندو پيو وڃي. |
قالوا تَاللَّهِ تَفتَؤُا۟ تَذكُرُ يوسُفَ حَتّىٰ تَكونَ حَرَضًا أَو تَكونَ مِنَ الهٰلِكينَ (آيت : 85) |
پُٽن چيس ته الله تعاليٰ جو قسم! تون سدائين يوسف کي ئي ياد ڪندو رھين ٿو، لڳي ٿو ته تون ان غم ۾ پاڻ کي ڳاري يا ماري ڇڏيندين. |
قالَ إِنَّما أَشكوا بَثّى وَحُزنى إِلَى اللَّهِ وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 86) |
يعقوب ($) چيو ته: مان پنھنجي بي قراري ۽ پنھنجو ڏکڙو اللھ تعالى جي اڳيان ئي بيان ڪريان ٿو ۽ اللھ تعالى جي طرفان جيڪو ڪجهه مان ڄاڻان ٿو اھو توھان نٿا ڄاڻو. |
يٰبَنِىَّ اذهَبوا فَتَحَسَّسوا مِن يوسُفَ وَأَخيهِ وَلا تَا۟يـَٔسوا مِن رَوحِ اللَّهِ إِنَّهُ لا يَا۟يـَٔسُ مِن رَوحِ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الكٰفِرونَ (آيت : 87) |
اي منھنجا پٽڙو! چڱو وڃو ۽ وڃي يوسف ۽ سندس ڀاءُ (بن يامين) جي چڱيءَ طرح ڳولا ڪريو. (ياد رکو ته) اللھ تعالى جي رحمت کان مايوس نه ٿجو. بيشڪ اللھ تعالى جي رحمت کان صرف ڪافر ئي مايوس ٿيندا آھن. |
فَلَمّا دَخَلوا عَلَيهِ قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ مَسَّنا وَأَهلَنَا الضُّرُّ وَجِئنا بِبِضٰعَةٍ مُزجىٰةٍ فَأَوفِ لَنَا الكَيلَ وَتَصَدَّق عَلَينا إِنَّ اللَّهَ يَجزِى المُتَصَدِّقينَ (آيت : 88) |
پوءِ ڀائر جڏھن يوسف ($) وٽ پھتا ۽ چيائون ته: اي بادشاه! اسان ۽ اسان جا گهر وارا تمام وڏي مصيبت ۾ اچي ويا آھن. (ھن ڀيري) اسان رقم به ٿوري آندي آھي پر اسان کي اناج خيرات جي شڪل ۾ اوترو ئي ڏجانءِ (جيترو اڳ ۾ ڏيندو ھئين) بيشڪ اللھ تعالى خيرات ڪندڙن کي چڱو بدلو ڏيندو آھي. |
قالَ هَل عَلِمتُم ما فَعَلتُم بِيوسُفَ وَأَخيهِ إِذ أَنتُم جٰهِلونَ (آيت : 89) |
(اھو ٻڌي) يوسف ( $ ) کان رھي نه سگهيو ۽ چيو ته: (اي خيرات گهرڻ وارو!) ڇا توھان کي ياد آھي ته توھان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان اڳ ڇا ڪري چڪا آھيو؟ جڏھن ته توھان کي (ان جي انجام جي) ڪا سمجهه نه ھئي. |
قالوا أَءِنَّكَ لَأَنتَ يوسُفُ قالَ أَنا۠ يوسُفُ وَهٰذا أَخى قَد مَنَّ اللَّهُ عَلَينا إِنَّهُ مَن يَتَّقِ وَيَصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 90) |
ڀائرن (ڇرڪ ڀري) چيو ته: اَلا! ڇا تون ئي يوسف آھين؟ ھن چيو ته ھائو! مان ئي يوسف آھيان ۽ ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، اللھ تعالى اسان تي احسان فرمايو آھي، بيشڪ جيڪو اللھ تعالى کان ڊڄندو ۽ صبر ڪندو آھي اللھ تعالى اھڙن نيڪوڪارن جو اجر ضايع نه ڪندو آھي. |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد ءاثَرَكَ اللَّهُ عَلَينا وَإِن كُنّا لَخٰطِـٔينَ (آيت : 91) |
ڀائرن چيو ته الله تعاليٰ جو قسم! اللھ تعالى توکي اسان تي وڏي فضيلت بخشي آھي بيشڪ اسان ئي ڏوھي آھيون. |
قالَ لا تَثريبَ عَلَيكُمُ اليَومَ يَغفِرُ اللَّهُ لَكُم وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 92) |
يوسف ($) چيو ته: اڄ توھان تي ڪابه ميار نه آھي، اوھان سڀني کي اللھ تعالى معاف ڪندو، ھو سڀني رحم ڪندڙن کان به وڌيڪ رحم ڪندڙ آھي. |
اذهَبوا بِقَميصى هٰذا فَأَلقوهُ عَلىٰ وَجهِ أَبى يَأتِ بَصيرًا وَأتونى بِأَهلِكُم أَجمَعينَ (آيت : 93) |
ھي منهنجي قميص کڻي وڃو اھا منھنجي بابا سائين جي چھري (مبارڪ) تي رکو ته سندس اکيون روشن ٿي وينديون، پوءِ سموري خاندان کي ھيڏانھن وٺي اچو. |
وَلَمّا فَصَلَتِ العيرُ قالَ أَبوهُم إِنّى لَأَجِدُ ريحَ يوسُفَ لَولا أَن تُفَنِّدونِ (آيت : 94) |
جڏھن قافلو (مصر کان) ھليو ته ھوڏانھن سندن بابا سائين (ڳوٺ ۾ موجود پنهنجي گهر جي ڀاتين کي) چيو ته جيڪڏھن توھان مون کي سودائي قسم جو ماڻهو نه سمجهو ته حقيقت ھي آھي ته مون کي يوسف ($) جي خوشبو محسوس ٿي رھي آھي. |
قالوا تَاللَّهِ إِنَّكَ لَفى ضَلٰلِكَ القَديمِ (آيت : 95) |
گهر ۾ موجود ڀاتين چيو ته الله تعاليٰ جو قسم! تون اڃا پراڻي سوداءَ ۾ ئي مبتلا آھين. |
فَلَمّا أَن جاءَ البَشيرُ أَلقىٰهُ عَلىٰ وَجهِهِ فَارتَدَّ بَصيرًا قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 96) |
پوءِ جڏھن خوشخبري آڻيندڙ اُتي آيو ته ھُن (اھا قميص) بابا سائين جي چھري مبارڪ تي رکي ته سندس نظر موٽي آئي ۽ چيائين ته ڇا مان توھان کي نه چيو ھو ته مان جيڪا ڳالھ اللھ تعالى جي طرفان ڄاڻان ٿو سا توھان نٿا ڄاڻو. |
قالوا يٰأَبانَا استَغفِر لَنا ذُنوبَنا إِنّا كُنّا خٰطِـٔينَ (آيت : 97) |
پُٽن چيو ته بابا سائين! تون اسان جي گناھن جي معافي لاءِ دعا گهر. بيشڪ اسان ئي ڏوھي ھئاسين. |
قالَ سَوفَ أَستَغفِرُ لَكُم رَبّى إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 98) |
يعقوب ($) چيو ته مان پنھنجي پالڻھار کان توھان جي معافي لاءِ دعا ضرور گهرندس، بيشڪ ھو وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي. |
فَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَبَوَيهِ وَقالَ ادخُلوا مِصرَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ (آيت : 99) |
يوسف ($) شھر کان ٻاھر نڪري سندن استقبال لاءِ بيٺو پوءِ جڏھن ھو سڀ يوسف ($) وٽ پھتا ته ھن پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ کي پاڻ سان گڏ ويھاريو ۽ چيو ته توھان سڀ مصر شھر ۾ داخل ٿيو. ان شاءَ اللھ تعالى توھان سڀ ھتي سڪون سان رھندا. |
وَرَفَعَ أَبَوَيهِ عَلَى العَرشِ وَخَرّوا لَهُ سُجَّدًا وَقالَ يٰأَبَتِ هٰذا تَأويلُ رُءيٰىَ مِن قَبلُ قَد جَعَلَها رَبّى حَقًّا وَقَد أَحسَنَ بى إِذ أَخرَجَنى مِنَ السِّجنِ وَجاءَ بِكُم مِنَ البَدوِ مِن بَعدِ أَن نَزَغَ الشَّيطٰنُ بَينى وَبَينَ إِخوَتى إِنَّ رَبّى لَطيفٌ لِما يَشاءُ إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 100) |
ھن پنھنجي ماءُ پيءُ (يعني چنڊ ۽ سج) کي تخت تي ويھاريو ۽ (يارنھن ڀائرن يعني يارنھن ستارن سميت) سڀني جهڪي کيس سجدو ڪيو، ھاڻي يوسف ($) چيو ته بابا سائين! اھا تعبير آھي ان خواب جي، جيڪو مون اڳ (ننڍپڻ) ۾ ڏٺو ھو، جنھن کي منھنجي پالڻھار اڄ سچو ڪري ڏيکاريو ۽ منھنجي پالڻھار مون تي وڏا احسان ڪيا آهن. ھڪ ته مون کي قيد مان ڪڍيو. ٻيو ته توھان سڀني کي ٻھراڙيءَ مان ھتي آندو، حالانڪ شيطان منھنجي ۽ منھنجي ڀائرن جي وچ ۾ فساد وجهي چڪو ھو. بيشڪ منھنجو پالڻھار جو گهرندو آھي تنھن کي انتھائي غير محسوس طريقي سان پورو ڪندو آھي. بيشڪ اھوئي وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آھي. |
رَبِّ قَد ءاتَيتَنى مِنَ المُلكِ وَعَلَّمتَنى مِن تَأويلِ الأَحاديثِ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنتَ وَلِيّۦ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ تَوَفَّنى مُسلِمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 101) |
اي منھنجا پالڻھار! توئي مون کي بادشاھت عطا ڪئي ۽ ڳالھين جي اصل حقيقت تائين پھچڻ به توئي سيکاريو. بيشڪ تون ئي آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آھين، دنيا ۽ آخرت ۾ تون ئي منھنجو معاملو ٺاهيندڙ آھين، مون کي مسلمان جي حيثيت ۾ وفات ڏجانءِ ۽ نيڪ ماڻهن ۾ شامل ڪجانءِ. |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ أَجمَعوا أَمرَهُم وَهُم يَمكُرونَ (آيت : 102) |
(اي نبيﷺ) ھي ھيون غيب جون خبرون، جيڪي اسان توکي وحي جي ذريعي ٻڌايون. جڏھن (يوسف جا ڀائر) گڏجي سازش ڪري رھيا ھئا، بھرحال تون ان وقت موجود نه ھئين. |
وَما أَكثَرُ النّاسِ وَلَو حَرَصتَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 103) |
گهڻا ماڻهو تنھنجي چاھڻ سان به ايمان ڪونه آڻيندا. |
وَما تَسـَٔلُهُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 104) |
تون انهن کان سمجهائڻ جو ڪو معاوضو به ته نٿو گهرين، ھي (قرآن) ته تمام جھانن وارن لاءِ ھڪ نصيحت آھي. |
وَكَأَيِّن مِن ءايَةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَمُرّونَ عَلَيها وَهُم عَنها مُعرِضونَ (آيت : 105) |
(مڪي جا ماڻهو توهان کان نشانيون گهرن ٿا بيشڪ) آسمانن ۽ زمين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون موجود آھن، جتان ھي ماڻهو گذرندا رھن ٿا پر پوءِ به انهن نشانين کان ڪن لاٽار ڪري ھليا ويندا آھن. |
وَما يُؤمِنُ أَكثَرُهُم بِاللَّهِ إِلّا وَهُم مُشرِكونَ (آيت : 106) |
(ڪن لاٽار ڪرڻ وارن ۾) اڪثريت انهن ماڻهن جي آھي، جيڪي اللھ تعالى کي مڃيندا به آھن پر وري ان سان گڏ ٻين کي شريڪ به ڪري وٺندا آھن. (يعني اهي مشرڪ آهن) |
أَفَأَمِنوا أَن تَأتِيَهُم غٰشِيَةٌ مِن عَذابِ اللَّهِ أَو تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 107) |
ڇا ھي ماڻهو اللھ تعالى جي عذاب جي وڪڙ ۾ اچڻ ۽ اچانڪ قيامت برپا ٿيڻ کان لاپرواهه ٿيا ويٺا آهن؟ |
قُل هٰذِهِ سَبيلى أَدعوا إِلَى اللَّهِ عَلىٰ بَصيرَةٍ أَنا۠ وَمَنِ اتَّبَعَنى وَسُبحٰنَ اللَّهِ وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 108) |
(اي نبيﷺ!کين) ٻڌائي ڇڏيو ته ھي منھنجو رستو آھي، مان ته (صرف) اللھ تعالى ڏانھن ئي ماڻهن کي سڏيان ٿو، مان ۽ منھنجا مڃيندڙ به عقلمندي واري رستي تي آھن، اللھ تعالى جي ذات پاڪ آھي ۽ مان مشرڪن ۾ شامل نه آھيان. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم مِن أَهلِ القُرىٰ أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ اتَّقَوا أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 109) |
اسان توکان اڳ جيڪي به رسول وحي سان گڏ موڪليا، سي سڀ جا سڀ شھرن جا رھندڙ مرد ھئا. ڇا ھي ماڻهو زمين ۾ گهميا ڦريا نه آھن جو ڏسن ته انهن کان پھريان گذري ويل ماڻهن جو ڪھڙو انجام ٿيو؟ جيڪي ماڻهو پرھيزگاري اختيار ڪندڙ آھن تن جي لاءِ ئي آخرت جو گهر وڌيڪ بھتر آھي. ڇا توھان جي دماغ ۾ اڃا به اها ڳالھ نه ويھندي؟ |
حَتّىٰ إِذَا استَيـَٔسَ الرُّسُلُ وَظَنّوا أَنَّهُم قَد كُذِبوا جاءَهُم نَصرُنا فَنُجِّىَ مَن نَشاءُ وَلا يُرَدُّ بَأسُنا عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 110) |
(ماڻھن جي ايمان نه آڻڻ جي ڪري معاملو ايتري تائين وڃي پھتو) جو گهڻا رسول سڳورا (ويچارا) بلڪل مايوس ٿي ويا ۽ وري قوم جي ماڻهن به (کين مايوس ڏسندي) وڌيڪ اندازو ڪري ورتو ته بيشڪ رسولن سان (به مدد جا) ڪوڙا وعدا ڪيا ويا آهن (اھڙي حالت ۾) پيغمبرن وٽ اسان جي جلدي مدد پھتي. پوءِ اسان جنھن کي چاھيو تن کي عذاب کان بچايو ۽ ڏوھارين مٿان موڪليل عذاب ڪڏھن به نه ٽاريو ويندو آھي. |
لَقَد كانَ فى قَصَصِهِم عِبرَةٌ لِأُولِى الأَلبٰبِ ما كانَ حَديثًا يُفتَرىٰ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ كُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 111) |
بيشڪ گذريل قومن جي واقعن ۾ عقل وارن لاءِ وڏي عبرت موجود آھي، قرآن مجيد ۾ جيڪي به واقعا بيان ڪيل آھن، سي ڪي ھٿ جا ٺاھيل نه آھن، بلڪ اھي پھريائين آيل آسماني ڪتابن ۾ به بيان ڪيل آھن. قرآن مجيد انهن واقعن جي تصديق به ڪري ٿو ۽ ھر شيءِ کي تفصيل سان به بيان ڪري ٿو ۽ ھي قرآن، مڃڻ وارن لاءِ ھدايت جو ذريعو به آھي ته رحمت به . |