الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 1) |
ا-ل-ر هي آيتون آهن ان ڪتاب جون جيڪي پنهنجو مطلب صاف بيان ڪن ٿيون |
إِنّا أَنزَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 2) |
اسان نازل ڪيو آهي ان کي قرآن بڻائي عربي زبان ۾ جيئن توهان (عرب) ان کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهو |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ أَحسَنَ القَصَصِ بِما أَوحَينا إِلَيكَ هٰذَا القُرءانَ وَإِن كُنتَ مِن قَبلِهِ لَمِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 3) |
(اي نبي!) اسان سهڻي انداز ۾ بيان ڪريون ٿا واقعا ۽ حقيقتون تو ڏانهن وحي ڪري توکي ٻڌايون ٿا هن قرآن ۾، نه ته هن کان اڳ ۾ تون (انهن ڳالهين کان) بلڪل ئي بي خبر هئين |
إِذ قالَ يوسُفُ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ إِنّى رَأَيتُ أَحَدَ عَشَرَ كَوكَبًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ رَأَيتُهُم لى سٰجِدينَ (آيت : 4) |
هي ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو ته، اي منهنجا پيءُ! بيشڪ مون هڪ خواب ڏٺو آهي ته يارهن تارا آهن ۽ سج ۽ چنڊ آهن اهي مون کي سجدو ڪري رهيا آهن |
قالَ يٰبُنَىَّ لا تَقصُص رُءياكَ عَلىٰ إِخوَتِكَ فَيَكيدوا لَكَ كَيدًا إِنَّ الشَّيطٰنَ لِلإِنسٰنِ عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 5) |
جواب ۾ (سندس پيءُ) چيو: اي پٽڙا! نه ٻڌائجان اهو خواب پنهنجي ڀائرن کي، نه ته اهي توکي ستائڻ لاءِ پٺيان پئجي ويندا. حقيقت هيءَ آهي ته شيطان انسان جو دشمن آهي بلڪل ئي پڌرو |
وَكَذٰلِكَ يَجتَبيكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَيُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَعَلىٰ ءالِ يَعقوبَ كَما أَتَمَّها عَلىٰ أَبَوَيكَ مِن قَبلُ إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبَّكَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 6) |
۽ ائين ئي ٿيندو (جيئن تو خواب ۾ ڏٺو آهي) ته تنهنجو رب توکي (پنهنجي ڪم لاءِ) چونڊيندو ۽ توکي ڳالهين جي تهن تائين پهچڻ سيکاريندو ۽ توتي پنهنجي نعمت ۽ يعقوب جي اولاد تي اهڙيءَ طرح پوري ڪندو جيئن هن کان اڳي تنهنجي وڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي ڪري چڪو آهي، بيشڪ تنهنجو رب ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
لَقَد كانَ فى يوسُفَ وَإِخوَتِهِ ءايٰتٌ لِلسّائِلينَ (آيت : 7) |
حقيقت هيءَ آهي ته يوسف ۽ سندس ڀائرن جي قصي ۾ نشانيون آهن پڇڻ وارن لاءِ |
إِذ قالوا لَيوسُفُ وَأَخوهُ أَحَبُّ إِلىٰ أَبينا مِنّا وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنَّ أَبانا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 8) |
(قصو هينئن آهي ته) جڏهن سندس ڀائرن چيو ته يوسف ۽ سندس ڀاءُ ٻئي ڏاڍا پيارا آهن ابي کي اسان سڀني کان، ۽ جڏهن ته اسان هڪ ٽولو آهيون. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته بابو ٿڙي ويو آهي سنئين راهه کان |
اقتُلوا يوسُفَ أَوِ اطرَحوهُ أَرضًا يَخلُ لَكُم وَجهُ أَبيكُم وَتَكونوا مِن بَعدِهِ قَومًا صٰلِحينَ (آيت : 9) |
قتل ڪيون يوسف کي يا کيس ڪٿي ڦٽو ڪريون جيئن بابي جو توجهه توهان ڏي وري ٿي وڃي، ۽ اهو ڪم ڪرڻ کان پوءِ وري (اڳي وانگر) سٺا ٿي رهون |
قالَ قائِلٌ مِنهُم لا تَقتُلوا يوسُفَ وَأَلقوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ يَلتَقِطهُ بَعضُ السَّيّارَةِ إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 10) |
انهن مان هڪ چيو (ٻين کي قائل ڪيو) ته نه ڪريو قتل يوسف کي، اگر ڪجهه ڪرڻو اٿوَ ته پوءِ کيس ڦٽو ڪريو ڪنهن ڦٽل کوهه ۾، ڪو ايندڙ ويندڙ قافلو کيس اتان ڪڍي پاڻ سان وٺي ويندو |
قالوا يٰأَبانا ما لَكَ لا تَأمَ۫نّا عَلىٰ يوسُفَ وَإِنّا لَهُ لَنٰصِحونَ (آيت : 11) |
انهيءَ رٿ تي انهن پيءُ کي چيو، بابا سائين! ائين ڇو آهي جو تون اسان تي يوسف جي باري ۾ ڀروسو نٿو ڪرين؟ بيشڪ اسين ته خيرخواهه آهيون |
أَرسِلهُ مَعَنا غَدًا يَرتَع وَيَلعَب وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 12) |
ان کي موڪل ڏي ته سڀاڻي اسان سان گڏ هلي ۽ ڪجهه کائي پيئي ۽ راند روند ڪري، اسين سندس محافظ آهيون |
قالَ إِنّى لَيَحزُنُنى أَن تَذهَبوا بِهِ وَأَخافُ أَن يَأكُلَهُ الذِّئبُ وَأَنتُم عَنهُ غٰفِلونَ (آيت : 13) |
پيءُ چيو، بيشڪ مون کي ڏاڍو ڏکيو ٿو ٿئي توهان جو ان کي وٺي وڃڻ، ڊڄان ٿو آئون ته متان ان کي بگهڙ کائي نه وڃي، ۽ جنهن وقت ان کان توهان غافل هجو |
قالوا لَئِن أَكَلَهُ الذِّئبُ وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنّا إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 14) |
انهن جواب ڏنو، جي اسان جي هوندي کيس بگهڙ کائي ويو جڏهن ته اسين هڪ چڱو ٽولو آهيون، ته اسان وڏا بيڪار هونداسين |
فَلَمّا ذَهَبوا بِهِ وَأَجمَعوا أَن يَجعَلوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ وَأَوحَينا إِلَيهِ لَتُنَبِّئَنَّهُم بِأَمرِهِم هٰذا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 15) |
اهڙيءَ طرح زور ڀري جڏهن هو ان کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا ته انهن طئي ڪيو ته کيس هڪ ڦٽل کوهه ۾ وجهن، ته اسان وحي ڪيو (يوسف کي) ته ڪو وقت ايندو جڏهن انهن تي سندن اها حرڪت تون کوليندين، ۽ هي پنهنجي فعل کان اڻڄاڻ آهن |
وَجاءو أَباهُم عِشاءً يَبكونَ (آيت : 16) |
۽ اهي آيا پنهنجي پيءُ وٽ سانجهيءَ جو روئيندا پٽيندا |
قالوا يٰأَبانا إِنّا ذَهَبنا نَستَبِقُ وَتَرَكنا يوسُفَ عِندَ مَتٰعِنا فَأَكَلَهُ الذِّئبُ وَما أَنتَ بِمُؤمِنٍ لَنا وَلَو كُنّا صٰدِقينَ (آيت : 17) |
چيائون، اي بابا! اسان ڊوڙ جي مقابلي ۾ لڳي ويا هئاسين ۽ ڇڏيو هوسين يوسف کي پنهنجي سامان وٽ، ته کيس کائي ويو بگهڙ ۽ توهان ته اسان جي ڳالهه تي يقين نه ڪندؤ پوءِ کڻي اسان سچا ئي (ڇو نه) هجون |
وَجاءو عَلىٰ قَميصِهِ بِدَمٍ كَذِبٍ قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ وَاللَّهُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 18) |
۽ هو لڳائي آيا هئا هن جي قميص تي رت ڪوڙ بدوڙ جو، اهو ٻڌي سندن پيءُ چيو، اصل ۾ سهولت توهان جي لاءِ توهان جي نفس آسان ڪري ڇڏي، پوءِ صبر ڪندس چڱيءَ طرح (جيڪي ڳالهه توهان ٺاهي آهي) ان تي الله کان ئي مدد وٺي سگهجي ٿي |
وَجاءَت سَيّارَةٌ فَأَرسَلوا وارِدَهُم فَأَدلىٰ دَلوَهُ قالَ يٰبُشرىٰ هٰذا غُلٰمٌ وَأَسَرّوهُ بِضٰعَةً وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 19) |
۽ هوڏاهن هڪ قافلو آيو جنهن پنهنجي پاڻي واري کي پاڻي ڀرڻ لاءِ موڪليو، هن کوهه ۾ پنهنجو ڏول لاٿو ته (يوسف کي ڏسي) واڪو ڪري چيو، مبارڪ هجيو! هتي هڪ ڇوڪرو آهي. ۽ انهن کيس واپار جو مال سمجهي لڪائي ڇڏيو. ۽ الله ته ان کان باخبر هو جيڪي ڪجهه هو ڪري رهيا هئا |
وَشَرَوهُ بِثَمَنٍ بَخسٍ دَرٰهِمَ مَعدودَةٍ وَكانوا فيهِ مِنَ الزّٰهِدينَ (آيت : 20) |
۽ آخرڪار ٿورڙي قيمت تي هنن کيس چند درهمن ۾ وڪڻي ڇڏيو. هو سندس قيمت جي معاملي ۾ ڪجهه وڌيڪ جي اميد ۾ به نه هئا |
وَقالَ الَّذِى اشتَرىٰهُ مِن مِصرَ لِامرَأَتِهِ أَكرِمى مَثوىٰهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ وَلِنُعَلِّمَهُ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَاللَّهُ غالِبٌ عَلىٰ أَمرِهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 21) |
۽ جنهن شخص کيس خريد ڪيو تنهن مصر ۾ پنهنجي زال کي چيو ته، هن کي سهڻي نموني ۾ رکجان، من هي اسان جي لاءِ ڪارائتو ٿئي يا اسان کيس پٽيلو بڻايون، ۽ اهڙيءَ طرح اسان پير کوڙڻ لاءِ يوسف ڪاڻ ان سرزمين ۾ صورت ڪڍي، ۽ کيس معاملن جي سمجهڻ لاءِ تعليم جو انتظام ڪيو، ۽ الله پنهنجو ڪم ڪري ئي ڇڏيندو آهي پر ڪيترا ئي آهن اهڙا ماڻهو جيڪي سمجهن ئي نه ٿا |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 22) |
۽ جڏهن هو پنهنجي ڦوهه جوانيءَ کي پهتو ته اسان کيس فيصلي جي قوت ۽ علم عطا ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح اسان نيڪ ماڻهن کي اجورو ڏيندا آهيون |
وَرٰوَدَتهُ الَّتى هُوَ فى بَيتِها عَن نَفسِهِ وَغَلَّقَتِ الأَبوٰبَ وَقالَت هَيتَ لَكَ قالَ مَعاذَ اللَّهِ إِنَّهُ رَبّى أَحسَنَ مَثواىَ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
۽ جنهن عورت جي گهر ۾ هو رهيو هو سا کيس ورغلائڻ لڳي ۽ هڪ ڏينهن دروازا بند ڪري کيس چيائين، هلي اچ. يوسف چيو، الله جي پناهه، بيشڪ منهنجي رب سٺي عزت بخشي (جو آئون اهڙو ڪم ڪريان؟) بيشڪ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا اهڙا ظالم |
وَلَقَد هَمَّت بِهِ وَهَمَّ بِها لَولا أَن رَءا بُرهٰنَ رَبِّهِ كَذٰلِكَ لِنَصرِفَ عَنهُ السّوءَ وَالفَحشاءَ إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُخلَصينَ (آيت : 24) |
۽ هوءَ ڏانهس وڌي ۽ هو به ان ڏي وڌي ها جي ڏسي نه وٺي ها پنهنجي رب جو دليل (برهان)، اهو ان ڪري ٿيو جو اسان کانئس بدي ۽ بي حيائي دور ڪريون، حقيقت ۾ هو اسان جي چونڊيل ٻانهن مان هو |
وَاستَبَقَا البابَ وَقَدَّت قَميصَهُ مِن دُبُرٍ وَأَلفَيا سَيِّدَها لَدَا البابِ قالَت ما جَزاءُ مَن أَرادَ بِأَهلِكَ سوءًا إِلّا أَن يُسجَنَ أَو عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 25) |
نيٺ يوسف ۽ هوءَ هڪ ٻئي پويان در ڏي ڀڳا، هن يوسف جي قميص پويان ڇڪي ڦاڙي وڌي، ٻنهي ان جي مڙس کي ڏٺو در وٽ، سندس ئي عورت کيس چوڻ لڳي، ڪهڙي سزا آهي ان شخص لاءِ جيڪو تنهنجي گهرواريءَ تي بري نيت رکي، ان جي سزا قيد ڪرڻ يا سخت عذاب ڏيڻ آهي؟ |
قالَ هِىَ رٰوَدَتنى عَن نَفسى وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن أَهلِها إِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن قُبُلٍ فَصَدَقَت وَهُوَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 26) |
يوسف چيو، اها مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. عورت جي ڪٽنب مان هڪ شخص (حالتن تحت) شاهدي ڏني ته، جي هن (يوسف) جي قميص ڦاٽل آهي اڳيان ته اها (عورت) سچي آهي ۽ هي ڪوڙو آهي |
وَإِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ فَكَذَبَت وَهُوَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 27) |
۽ جي هن جي قميص پٺ کان ڦاٽل آهي ته عورت ڪوڙي آهي ۽ هيءُ سچو آهي |
فَلَمّا رَءا قَميصَهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ قالَ إِنَّهُ مِن كَيدِكُنَّ إِنَّ كَيدَكُنَّ عَظيمٌ (آيت : 28) |
پوءِ جڏهن هن (مڙس) ڏٺو ته قميص پٺ کان ڦاٽل آهي ته هي چوڻ لڳو، اهي توهان عورتن جون چالاڪيون آهن، بيشڪ توهان جون چالبازيون غضب جون آهن |
يوسُفُ أَعرِض عَن هٰذا وَاستَغفِرى لِذَنبِكِ إِنَّكِ كُنتِ مِنَ الخاطِـٔينَ (آيت : 29) |
يوسف ان ڳالهه کي درگذر ڪر ۽ اي عورت! تون پنهنجي قصور جي معافي گهر، تون ئي حقيقت ۾ ڏوهاري هئين |
وَقالَ نِسوَةٌ فِى المَدينَةِ امرَأَتُ العَزيزِ تُرٰوِدُ فَتىٰها عَن نَفسِهِ قَد شَغَفَها حُبًّا إِنّا لَنَرىٰها فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
۽ چؤ پچو ڪئي پاڻ ۾ عورتن جيڪي شهر جون هيون ته، عزيز جي زال پٺيان لڳل آهي پنهنجي غلام جي، کيس بي وس ڪيو آهي محبت، اسان جي خيال ۾ اها سڌي سنئين ڀليل آهي |
فَلَمّا سَمِعَت بِمَكرِهِنَّ أَرسَلَت إِلَيهِنَّ وَأَعتَدَت لَهُنَّ مُتَّكَـًٔا وَءاتَت كُلَّ وٰحِدَةٍ مِنهُنَّ سِكّينًا وَقالَتِ اخرُج عَلَيهِنَّ فَلَمّا رَأَينَهُ أَكبَرنَهُ وَقَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ وَقُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما هٰذا بَشَرًا إِن هٰذا إِلّا مَلَكٌ كَريمٌ (آيت : 31) |
جڏهن هن (عورت) ٻڌيون اهڙيون مڪريليون ڳالهيون ته کين سڏائي ورتائين ۽ انهن جي لاءِ طول ۽ وهاڻن جي نشست جو بندوبست ڪيو ۽ مهماني ۾ هر ڪنهن آڏو هڪ ڇري رکيائين. پوءِ عين انهيءَ وقت (جڏهن اهي ميوا وڍي کائي رهيون هيون) هن يوسف کي اشارو ڪيو، اهو جيئن سندن سامهون آيو ته کيس ڏسندي ئي دنگ رهجي ويون، پنهنجا هٿ ڪپي ويٺيون، چوڻ لڳيون، عيبن کان پاڪ الله آهي، هي شخص انسان نه آهي، هي ته ڪو ڀلارو فرشتو آهي |
قالَت فَذٰلِكُنَّ الَّذى لُمتُنَّنى فيهِ وَلَقَد رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ فَاستَعصَمَ وَلَئِن لَم يَفعَل ما ءامُرُهُ لَيُسجَنَنَّ وَلَيَكونًا مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 32) |
۽ عزيز جي زال چين، ”ڏٺوَ! هي آهي! اهو شخص جنهن جي باري ۾ ملامت ڪنديون هيون مون کي، بيشڪ مون کيس ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويو، ۽ هي جيڪڏهن منهنجو چيو نه مڃيندو ته قيد ڪيو ويندو، ۽ ڏاڍو خوار خراب ٿيندو“ |
قالَ رَبِّ السِّجنُ أَحَبُّ إِلَىَّ مِمّا يَدعونَنى إِلَيهِ وَإِلّا تَصرِف عَنّى كَيدَهُنَّ أَصبُ إِلَيهِنَّ وَأَكُن مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 33) |
يوسف چيو، اي منهنجا رب! جنهن ڪم لاءِ سڏين ٿيون ان کان قيد خانو مون کي منظور آهي ۽ جي تو کين سندن حرڪتن کان نه ٽاريو ته آئون سندن ڄار ۾ ڦاسي پوندس (مائل ٿي پوندس) ۽ جاهلن ۾ شامل ٿي ويندس |
فَاستَجابَ لَهُ رَبُّهُ فَصَرَفَ عَنهُ كَيدَهُنَّ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 34) |
سندس دعا قبول ڪئي سندس رب ۽ انهن عورتن جون حرڪتون کانئس دفع ڪيائين، بيشڪ اهو ئي سڀ ڪجهه ٻڌي ڄاڻي ٿو |
ثُمَّ بَدا لَهُم مِن بَعدِ ما رَأَوُا الءايٰتِ لَيَسجُنُنَّهُ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 35) |
پوءِ انهن ماڻهن کي اها ڳالهه ذهن ۾ آئي ته اهي هڪ عرصي جي لاءِ کيس قيد ڪن (جڏهن ته اهي پنهنجين) عورتن جون بدحاليون ڏسي چڪا هئا |
وَدَخَلَ مَعَهُ السِّجنَ فَتَيانِ قالَ أَحَدُهُما إِنّى أَرىٰنى أَعصِرُ خَمرًا وَقالَ الءاخَرُ إِنّى أَرىٰنى أَحمِلُ فَوقَ رَأسى خُبزًا تَأكُلُ الطَّيرُ مِنهُ نَبِّئنا بِتَأويلِهِ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 36) |
۽ جيل ۾ ٻه غلام ٻيا به ساڻس گڏ داخل ٿيا، انهن مان هڪ کيس هڪ ڏينهن چيو، مون خواب ڏٺو آهي ته نپوڙيان پيو شراب ۽ ٻئي چيو، مون ڏٺو آهي ته منهنجي مٿي تي آهن مانيون رکيل جيڪي پکي کائي رهيا آهن، ٻنهي چيو: اسان کي تعبير ٻڌاءِ تون اسان کي هڪ ڀلارو مآڻهو لڳين ٿو |
قالَ لا يَأتيكُما طَعامٌ تُرزَقانِهِ إِلّا نَبَّأتُكُما بِتَأويلِهِ قَبلَ أَن يَأتِيَكُما ذٰلِكُما مِمّا عَلَّمَنى رَبّى إِنّى تَرَكتُ مِلَّةَ قَومٍ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 37) |
يوسف چين، هتي جيڪو کاڌو توهان کي ملندو آهي ان جي اچڻ کان پهرين انهن جو تعبير توهان کي ٻڌائيندس، هي انهن علمن مان هڪ علم آهي جيڪي منهنجي رب مون کي عطا ڪيا آهن. حقيقت ۾ آئون انهن ماڻهن جو طريقو ڇڏي جيڪي ايمان نٿا آڻين الله تي، ۽ اهي آخرت جو انڪار ڪن ٿا |
وَاتَّبَعتُ مِلَّةَ ءاباءى إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ ما كانَ لَنا أَن نُشرِكَ بِاللَّهِ مِن شَيءٍ ذٰلِكَ مِن فَضلِ اللَّهِ عَلَينا وَعَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 38) |
۽ اختيار ڪيو آهي طريقو بزرگن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جو، اهو ڪم ناهي اسان جو ته شريڪ ڪريون الله سان ڪنهن (ٻئي) کي، حقيقت ۾ اهو ته الله جو فضل آهي اسان ۽ سڀني انسانن تي (پاڻ کان سواءِ ٻئي جو بندو ناهي بڻايو) پر گهڻا ماڻهو شڪر نٿا ڪن |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ ءَأَربابٌ مُتَفَرِّقونَ خَيرٌ أَمِ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 39) |
منهنجا جيل جا ساٿيو! توهان پاڻ ئي سوچيو ته گهڻا ڌار ڌار چڱا آهن رب يا اهو هڪ الله جيڪو سڀني تي غالب آهي؟ |
ما تَعبُدونَ مِن دونِهِ إِلّا أَسماءً سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ أَمَرَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 40) |
انهيءَ کي ڇڏي بندگي ڪريو ٿا توهان جن جي، سي ڪجهه ناهن فقط نالا آهن جيڪي کڻي لکيا آهن توهان جي ابن ڏاڏن، ڪابه نازل ناهي ڪئي الله انهن جي لاءِ ڪا سَند، بيشڪ حڪومت جو اختيار الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي لاءِ نه آهي ته ان جي ذات کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي بندگي ڪريو، اهو ئي زندگي گذارڻ جو سڌو سنئون طريقو آهي پر گهڻا ماڻهو ڄاڻن نٿا |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ أَمّا أَحَدُكُما فَيَسقى رَبَّهُ خَمرًا وَأَمَّا الءاخَرُ فَيُصلَبُ فَتَأكُلُ الطَّيرُ مِن رَأسِهِ قُضِىَ الأَمرُ الَّذى فيهِ تَستَفتِيانِ (آيت : 41) |
منهنجا جيل جا ساٿيو! توهان جي خوابن جو تعبير هي آهي ته توهان مان هو پنهنجي ڌڻي (مصر جي بادشاهه) کي ّرٻ پياريندو ۽ ٻيو ته اهو ڦاسيءَ چڙهندو ۽ کائيندا پکي ان جو مٿو پٽي پٽي، ڳالهه جو فيصلو ٿي ويو آهي جنهن بابت پڇا پيا ڪريو. |
وَقالَ لِلَّذى ظَنَّ أَنَّهُ ناجٍ مِنهُمَا اذكُرنى عِندَ رَبِّكَ فَأَنسىٰهُ الشَّيطٰنُ ذِكرَ رَبِّهِ فَلَبِثَ فِى السِّجنِ بِضعَ سِنينَ (آيت : 42) |
۽ پوءِ جنهن بابت خيال هو ته بچي ويندو، ان کي يوسف چيو پنهنجي ڌڻي (مصر جي بادشاهه) سان منهنجو ذڪر ڪجان، (پر) هو وساري ويٺو شيطان جي غفلت ۾ وجهڻ سبب پنهنجي ڌڻي (بادشاهه مصر) سان ڳالهه ڪرڻ ۽ يوسف جيل ۾ ڪيترا ئي سال پيو رهيو |
وَقالَ المَلِكُ إِنّى أَرىٰ سَبعَ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعَ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ يٰأَيُّهَا المَلَأُ أَفتونى فى رُءيٰىَ إِن كُنتُم لِلرُّءيا تَعبُرونَ (آيت : 43) |
۽ هڪ ڏينهن بادشاهه چيو، مون ڏٺو آهي خواب ته ست متاريون ڳئون آهن جن کي کائي رهيون آهن ست ڪمزور ڳئون ۽ اَن جا ست سنگ ساوا آهن ۽ ٻيا ست سُڪا آهن. اي درٻار وارؤ! مون کي ان خواب جو تعبير ٻڌايو، جي توهان خوابن جا تعبير ڄاڻو ٿا |
قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ وَما نَحنُ بِتَأويلِ الأَحلٰمِ بِعٰلِمينَ (آيت : 44) |
ماڻهن چيو، اهي اجاين خوابن جون ڳالهيون آهن ۽ اسان نٿا ڄاڻون تعبير اهڙن خوابن جو |
وَقالَ الَّذى نَجا مِنهُما وَادَّكَرَ بَعدَ أُمَّةٍ أَنا۠ أُنَبِّئُكُم بِتَأويلِهِ فَأَرسِلونِ (آيت : 45) |
۽ انهن ٻن قيدين مان جيڪو بچي ويو هو، ان کي گهڻي عرصي بعد ڳالهه ياد آئي، ان چيو، آئون توهان کي ٻڌائيندس ان جو تعبير، ٿورو (جيل ۾ يوسف سان) ملڻ ڏيو |
يوسُفُ أَيُّهَا الصِّدّيقُ أَفتِنا فى سَبعِ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعِ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ لَعَلّى أَرجِعُ إِلَى النّاسِ لَعَلَّهُم يَعلَمونَ (آيت : 46) |
هن چيو، اي يوسف اي سچائيءَ جا صاحب! مون کي ان خواب جو مطلب ٻڌاءِ ته ست متاريون ڳئون آهن جن کي کائن پيون ست ڏٻريون ڳئون ۽ ست ساوا سنگ آهن ۽ ست سُڪل، ته جيئن آئون انهن ماڻهن وٽ موٽي وڃان جيئن اهي (تعبير) ڄاڻي سگهن |
قالَ تَزرَعونَ سَبعَ سِنينَ دَأَبًا فَما حَصَدتُم فَذَروهُ فى سُنبُلِهِ إِلّا قَليلًا مِمّا تَأكُلونَ (آيت : 47) |
يوسف چيو، ست سال سانده توهان پوک ڪندؤ وڏي محنت سان، پوءِ جيڪي لڻو تنهن کي رهڻ ڏيو ان جي سنگن ۾، سواءِ ٿوري اَنَ جي جيڪو توهين کائو |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ سَبعٌ شِدادٌ يَأكُلنَ ما قَدَّمتُم لَهُنَّ إِلّا قَليلًا مِمّا تُحصِنونَ (آيت : 48) |
ان کان پوءِ وري ايندا اهڙا ئي ست سال تمام سختي (ڏڪار) جا، انهن ۾ اَن کاڄي ويندو اهو سڀ جيڪو توهان بچايو هوندو سواءِ ٿوري مقدار جي اهو (ٻج لاءِ) ڪم ايندو |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ عامٌ فيهِ يُغاثُ النّاسُ وَفيهِ يَعصِرونَ (آيت : 49) |
ان کان پوءِ ايندو هڪ سال اهڙو جنهن ۾ رحمت جي بارش سان ماڻهن جي فرياد رسي ٿيندي ۽ هو رس نپوڙيندا |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ فَلَمّا جاءَهُ الرَّسولُ قالَ ارجِع إِلىٰ رَبِّكَ فَسـَٔلهُ ما بالُ النِّسوَةِ الّٰتى قَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ إِنَّ رَبّى بِكَيدِهِنَّ عَليمٌ (آيت : 50) |
۽ بادشاهه چيو، ان کي مون وٽ وٺي اچو، پر جڏهن قاصد يوسف وٽ پهتو ته هن (يوسف) چيس، موٽي وڃي رب (بادشاهه) کان پڇ ته انهن عورتن جو معاملو ڇا ٿيو جن پنهنجا هٿ ڪپيا هئا؟ بيشڪ منهنجو رب ته انهن جي مڪاري کان واقف آهي |
قالَ ما خَطبُكُنَّ إِذ رٰوَدتُنَّ يوسُفَ عَن نَفسِهِ قُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما عَلِمنا عَلَيهِ مِن سوءٍ قالَتِ امرَأَتُ العَزيزِ الـٰٔنَ حَصحَصَ الحَقُّ أَنا۠ رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ وَإِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 51) |
ان تي بادشاهه پڇيو انهن عورتن کان، توهان تي ڇا وهيو واپريو هو جڏهن يوسف کي توهان ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي؟ سڀني هڪ وات ٿي چيو، الله جي ذات ئي عيبن کان پاڪ آهي، اسان ان ۾ ڪنهن برائيءَ جو ذرو به نه ڏٺو. عزيز جي زال چيو هاڻي پڌرو ٿي چڪو آهي حق، آئون ئي هيس جنهن هن کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، بيشڪ هو سچو آهي |
ذٰلِكَ لِيَعلَمَ أَنّى لَم أَخُنهُ بِالغَيبِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدى كَيدَ الخائِنينَ (آيت : 52) |
(يوسف چيو) منهنجو مطلب هو ته (عزيز) ڄاڻي ته مون ساڻس خيانت نه ڪئي هئي اندر ئي اندر ۾، ۽ اها ڳالهه ته جيڪي خيانت ڪندا آهن تن جي حرڪتن کي الله ڪاميابي نه ڏيندو آهي |
وَما أُبَرِّئُ نَفسى إِنَّ النَّفسَ لَأَمّارَةٌ بِالسّوءِ إِلّا ما رَحِمَ رَبّى إِنَّ رَبّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 53) |
۽ نه آئون ڪو پاڪ ٿو ڀانئيان پنهنجي نفس کي، بيشڪ نفس اماره برائيءَ تي اڀاري ٿو سواءِ ان جي جنهن تي منهنجي رب جي رحمت ٿئي، بيشڪ منهنجو رب وڏو معاف ڪندڙ مهربان آهي |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ أَستَخلِصهُ لِنَفسى فَلَمّا كَلَّمَهُ قالَ إِنَّكَ اليَومَ لَدَينا مَكينٌ أَمينٌ (آيت : 54) |
۽ چيو بادشاهه، ان کي مون وٽ وٺي اچو جيئن کيس خاص ڪريان پنهنجي لاءِ، پوءِ جڏهن گفتگو ڪئي ساڻس يوسف ته هن چيو، بيشڪ تون اڄ کان اسان وٽ مانَ مرتبي وارو امانت دار آهين |
قالَ اجعَلنى عَلىٰ خَزائِنِ الأَرضِ إِنّى حَفيظٌ عَليمٌ (آيت : 55) |
(يوسف) چيو، مون کي حوالي ڪريو ملڪ جا خزانا، جو آئون حفاظت ڪرڻ وارو آهيان ۽ علم به رکان ٿو |
وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ يَتَبَوَّأُ مِنها حَيثُ يَشاءُ نُصيبُ بِرَحمَتِنا مَن نَشاءُ وَلا نُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان اقتدار جي راهه يوسف لاءِ ان سرزمين ۾ آسان ڪئي، کيس اختيار هو ته جتي وڻيس پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي، اسان جنهن کي گهرندا آهيون پنهنجي رحمت سان ان کي نوازيندا آهيون ۽ نيڪ ماڻهن جو اجر اسان وٽ وڃائبو نه آهي |
وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 57) |
۽ اجر آخرت جو وڌيڪ سٺو آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جن ايمان آندو ۽ خدا ترسيءَ سان ڪم ڪندا رهيا |
وَجاءَ إِخوَةُ يوسُفَ فَدَخَلوا عَلَيهِ فَعَرَفَهُم وَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 58) |
۽ آيا ڀائر يوسف جا مصر ۾ ۽ ان وٽ حاضر ٿيا، هن کين سڃاڻي ورتو پر اهي کيس سڃاڻندڙ ڪونه هئا |
وَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم قالَ ائتونى بِأَخٍ لَكُم مِن أَبيكُم أَلا تَرَونَ أَنّى أوفِى الكَيلَ وَأَنا۠ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 59) |
۽ پوءِ جڏهن هن سندن سامان تيار ڪرايو ته وڃڻ وقت کين چيائين، پنهنجي ماٽيلي ڀاءُ کي مون وٽ آڻجؤ، ڏسو نٿا ته ڪهڙيءَ طرح آئون پورو ماپي ڏيان پيو ۽ ڪهڙو نه سٺو مهمان نواز آهيان |
فَإِن لَم تَأتونى بِهِ فَلا كَيلَ لَكُم عِندى وَلا تَقرَبونِ (آيت : 60) |
جيڪڏهن توهان کيس نه آندو ته پوءِ توهان جي لاءِ ڪوبه اناج نه هوندو مون وٽ ۽ توهان مون کي ويجها به نه اچجؤ |
قالوا سَنُرٰوِدُ عَنهُ أَباهُ وَإِنّا لَفٰعِلونَ (آيت : 61) |
انهن چيو، اسان ڪوشش ڪنداسين ته راضي ٿئي بابو سائين ان کي موڪلڻ تي ۽ اسان ائين ضرور ڪنداسين |
وَقالَ لِفِتيٰنِهِ اجعَلوا بِضٰعَتَهُم فى رِحالِهِم لَعَلَّهُم يَعرِفونَها إِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِم لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 62) |
۽ ڪيو يوسف اشارو غلامن کي ته، جيڪو مال انهن اناج جي بدلي ۾ ڏنو آهي اهو سندن سامان ۾ رکو، يوسف ان اميد تي ائين ڪيو ته گهر پهچي هو ان کي سڃاڻي وٺن ۽ شايد وري به موٽي (وٽس ملڻ لاءِ) اچن |
فَلَمّا رَجَعوا إِلىٰ أَبيهِم قالوا يٰأَبانا مُنِعَ مِنَّا الكَيلُ فَأَرسِل مَعَنا أَخانا نَكتَل وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 63) |
پوءِ جڏهن اهي پنهنجي پيءُ وٽ پهتا ته چيائون، بابا سائين! آئنده منع ڪيو ويو آهي اسان کي اناج ڏيڻ کان جيڪڏهن اسان سان گڏ ڀاءُ کي نه موڪليو ويو، ۽ اسان سندس حفاظت جا ذميوار آهيون |
قالَ هَل ءامَنُكُم عَلَيهِ إِلّا كَما أَمِنتُكُم عَلىٰ أَخيهِ مِن قَبلُ فَاللَّهُ خَيرٌ حٰفِظًا وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 64) |
پيءُ جواب ڏنو، ڇا آئون ان معاملي ۾ ائين اعتبار ڪريان توهان تي، جهڙو ان جي ڀاءُ جي باري ۾ اڳ ۾ ڪيو هئم؟ الله ئي سٺو حفاظت ڪرڻ وارو آهي، ۽ اهو ئي سڀني کان وڌيڪ رحم فرمائڻ وارو آهي |
وَلَمّا فَتَحوا مَتٰعَهُم وَجَدوا بِضٰعَتَهُم رُدَّت إِلَيهِم قالوا يٰأَبانا ما نَبغى هٰذِهِ بِضٰعَتُنا رُدَّت إِلَينا وَنَميرُ أَهلَنا وَنَحفَظُ أَخانا وَنَزدادُ كَيلَ بَعيرٍ ذٰلِكَ كَيلٌ يَسيرٌ (آيت : 65) |
پوءِ جڏهن کوليو انهن پنهنجو سامان ته ڏٺائون ته سندن ڏنل مال به کين موٽائي ڏنو ويو آهي، هي ڏسي انهن چيو، بابا سائين! اسان کي ڀلا ٻيو ڇا کپي، ڏسو هي اسان جو مال به اسان کي موٽائي ڏنو ويو آهي، ۽ اسان هاڻي وينداسين ۽ پنهنجي ڀاءُ جي حفاظت سان گڏ اهل وعيال جي لاءِ سامان آڻينداسين ۽ هڪ اٺ جو بار وڌيڪ آڻڻ آسان ٿيندو |
قالَ لَن أُرسِلَهُ مَعَكُم حَتّىٰ تُؤتونِ مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ لَتَأتُنَّنى بِهِ إِلّا أَن يُحاطَ بِكُم فَلَمّا ءاتَوهُ مَوثِقَهُم قالَ اللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 66) |
سندن پيءُ چيو، آئون ان کي هرگز توهان سان نه موڪليندس جيستائين توهان مون کي قسم نه ڏيو الله جي نالي جو ته ان کي موٽائي ضرور آڻيندؤ پر اهو ته متان ڪٿي گهيرجي نه وڃو، جڏهن انهن کيس انجام ڏنو ته هن (يعقوب) چيو، الله اسان جي ڳالهه تي نگهبان آهي |
وَقالَ يٰبَنِىَّ لا تَدخُلوا مِن بابٍ وٰحِدٍ وَادخُلوا مِن أَبوٰبٍ مُتَفَرِّقَةٍ وَما أُغنى عَنكُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَعَلَيهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 67) |
۽ پوءِ هن چيو، منهنجا ٻچڙؤ! (مصر جي شهر ۾) داخل نه ٿجؤ هڪڙي دروازي مان، پر داخل ٿجؤ مختلف دروازن مان، ۽ آئون توهان کي نٿو بچائي سگهان الله جي مرضيءَ کان، ان الله کان سواءِ ڪنهن جو حڪم نٿو هلي، انهيءَ تي مون ڀروسو ڪيو، ۽ جنهن کي به ڀروسو ڪرڻو هجي ته انهيءَ تي ئي ڪري |
وَلَمّا دَخَلوا مِن حَيثُ أَمَرَهُم أَبوهُم ما كانَ يُغنى عَنهُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِلّا حاجَةً فى نَفسِ يَعقوبَ قَضىٰها وَإِنَّهُ لَذو عِلمٍ لِما عَلَّمنٰهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 68) |
۽ ائين ئي ٿيو، هو داخل ٿيا پنهنجي پيءُ جي چوڻ مطابق شهر ۾ (الڳ الڳ دروازن مان) ته سندس احتياطي تدبير الله جي چاهت جي مقابلي ۾ ڪنهن به ڪم جي نه رهي بس جيڪو کٽڪو يعقوب جي دل ۾ هو تنهن کي هٽائڻ لاءِ هن پنهنجي ڪوشش ڪئي، بيشڪ اهو علم وارو هو جيڪا کيس تعليم ڏني وئي هئي پر گهڻا ماڻهو معاملي جي حقيقت کي نٿا ڄاڻن |
وَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَخاهُ قالَ إِنّى أَنا۠ أَخوكَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 69) |
۽ جڏهن حاضر ٿيا (اهي) يوسف وٽ ته هن ڌار گهرايو پنهنجي ڀاءُ کي ۽ کيس ٻڌايائين ته، آئون تنهنجو ڀاءُ آهيان (جيڪو وڃائجي ويو هو) تون انهن جو ڏک نه ڪر جيڪي هنن ڪيو هو |
فَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم جَعَلَ السِّقايَةَ فى رَحلِ أَخيهِ ثُمَّ أَذَّنَ مُؤَذِّنٌ أَيَّتُهَا العيرُ إِنَّكُم لَسٰرِقونَ (آيت : 70) |
پوءِ جڏهن يوسف انهن جو سامان ٻڌرائڻ لڳو ته هن پنهنجو پيالو پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ رکرائي ڇڏيو، پوءِ هڪ پَڙهي ڏيڻ واري پڪاري چيو ته، اي قافلي وارؤ! توهان چور آهيو |
قالوا وَأَقبَلوا عَلَيهِم ماذا تَفقِدونَ (آيت : 71) |
انهن ڏانهس منهن ڪري پڇيو ته توهان جي ڪهڙي شيءِ وڃائجي وئي آهي؟ |
قالوا نَفقِدُ صُواعَ المَلِكِ وَلِمَن جاءَ بِهِ حِملُ بَعيرٍ وَأَنا۠ بِهِ زَعيمٌ (آيت : 72) |
سرڪاري نوڪرن چيو، بادشاهه جو پيالو اسان کي نٿو ملي (سندن جمعدار چيو) جيڪو شخص اهو آڻيندو ان لاءِ هڪ اٺ جو بار انعام آهي، آئون ان جو ذمو کڻان ٿو |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد عَلِمتُم ما جِئنا لِنُفسِدَ فِى الأَرضِ وَما كُنّا سٰرِقينَ (آيت : 73) |
انهن ڀائرن چيو، خدا جو قسم! توهان ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته اسان ماڻهو فساد ڪرڻ لاءِ هن ملڪ ۾ نه آيا آهيون ۽ اسان نه آهيون چوريون ڪرڻ وارا |
قالوا فَما جَزٰؤُهُ إِن كُنتُم كٰذِبينَ (آيت : 74) |
انهن چيو، چڱو! ان جي ڪهڙي سزا آهي جيڪڏهن توهان جي ڳالهه ڪوڙي نڪتي |
قالوا جَزٰؤُهُ مَن وُجِدَ فى رَحلِهِ فَهُوَ جَزٰؤُهُ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 75) |
انهن چيو، ان جي سزا اها ته جنهن جي سامان مان اهو نڪري ته اهو پنهنجي سزا ۾ رکيو وڃي، اسان وٽ ته اها سزا آهي اهڙن ظالمن جي لاءِ |
فَبَدَأَ بِأَوعِيَتِهِم قَبلَ وِعاءِ أَخيهِ ثُمَّ استَخرَجَها مِن وِعاءِ أَخيهِ كَذٰلِكَ كِدنا لِيوسُفَ ما كانَ لِيَأخُذَ أَخاهُ فى دينِ المَلِكِ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ وَفَوقَ كُلِّ ذى عِلمٍ عَليمٌ (آيت : 76) |
تڏهن يوسف سندن ٻورين جي تلاشيءَ ۾ پنهنجي ڀاءُ کان اڳي انهن جي ورتي پوءِ اها گم ٿيل شيءِ ڳولي ڪڍي پنهنجي ڀاءُ جي، اهڙيءَ طرح اسان تائيد ڪئي پنهنجي تدبير سان يوسف جي، هي ان جو ڪم نه هو ته بادشاهه جي دين (مصر جي قانون) ۾ پنهنجي ڀاءُ کي پڪڙي ها، پر هي ته جيئن الله ئي گهري. اسين جنهن کي گهرندا آهيون ان جا درجا بلند ڪندا آهيون ۽ مٿاهون آهي هڪ علم رکندڙ سڀني علم وارن کان |
قالوا إِن يَسرِق فَقَد سَرَقَ أَخٌ لَهُ مِن قَبلُ فَأَسَرَّها يوسُفُ فى نَفسِهِ وَلَم يُبدِها لَهُم قالَ أَنتُم شَرٌّ مَكانًا وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما تَصِفونَ (آيت : 77) |
انهن ڀائرن چيو، هي چوري ڪري ته ڪا عجب جي ڳالهه ناهي، چوري ڪئي سندس ڀاءُ (يوسف) هن کان اڳي، پي ويو يوسف انهن جي اها ڳالهه، پر انهن تي ڪابه حقيقت نه کوليائين، دل ۾ چيائين، ڏاڍا برا آهيو توهان ماڻهو، (منهنجي روبرو) مون تي به الزام پيا لڳايو. الله ئي ان جي حقيقت چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو |
قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ إِنَّ لَهُ أَبًا شَيخًا كَبيرًا فَخُذ أَحَدَنا مَكانَهُ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 78) |
انهن چيو، اي اقتدار وارا صاحب! هن جو پيءُ تمام پوڙهو ماڻهو آهي، هن جي بدران اسان مان ڪنهن هڪ کي رک، اسان ڏٺو آهي توکي تمام نيڪ ماڻهو |
قالَ مَعاذَ اللَّهِ أَن نَأخُذَ إِلّا مَن وَجَدنا مَتٰعَنا عِندَهُ إِنّا إِذًا لَظٰلِمونَ (آيت : 79) |
يوسف چين، پناهه الله جي، ٻئي ڪنهن کي اسان ڪيئن ٿا رکي سگهون، جنهن وٽان اسان مال لڌو آهي ان کي ڇڏي ٻئي کي رکڻ ۾ وڏا ظالم ٿينداسين |
فَلَمَّا استَيـَٔسوا مِنهُ خَلَصوا نَجِيًّا قالَ كَبيرُهُم أَلَم تَعلَموا أَنَّ أَباكُم قَد أَخَذَ عَلَيكُم مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ وَمِن قَبلُ ما فَرَّطتُم فى يوسُفَ فَلَن أَبرَحَ الأَرضَ حَتّىٰ يَأذَنَ لى أَبى أَو يَحكُمَ اللَّهُ لى وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 80) |
پوءِ جڏهن اهي يوسف کان مايوس ٿيا ته هڪ ڪنڊ ۾ وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪئي، چيو سڀني کان وڏي (ڀاءُ)، توهان ڄاڻو ٿا ته توهان جو والد توهان کان وٺي چڪو آهي عهد ۽ انجام الله جي نالي تي، ۽ هن کان اڳي توهان جيڪا زيادتي ڪري چڪا آهيو يوسف جي باري ۾، هاڻي آئون هتان هرگز نه ويندس جيستائين حڪم نه ڏئي منهنجو والد يا وري فيصلو فرمائي الله منهنجي باري ۾، ۽ اهو ئي سٺو فيصلو ڪندڙ آهي |
ارجِعوا إِلىٰ أَبيكُم فَقولوا يٰأَبانا إِنَّ ابنَكَ سَرَقَ وَما شَهِدنا إِلّا بِما عَلِمنا وَما كُنّا لِلغَيبِ حٰفِظينَ (آيت : 81) |
توهان واپس وڃي پنهنجي پيءُ کي چئو ته، بابا سائين! توهان جي پٽ چوري ڪئي آهي، اسان کيس چوري ڪندي نه ڏٺو جيڪي ڪجهه اسان کي معلوم ٿيو اهو بيان پيا ڪريون، اسان ڳُجهه جي حفاظت ڪندڙ نه هئاسين |
وَسـَٔلِ القَريَةَ الَّتى كُنّا فيها وَالعيرَ الَّتى أَقبَلنا فيها وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 82) |
۽ پڇي ڏسو انهيءَ بستيءَ جي ماڻهن کان، جتي اسان هئاسين ۽ ان قافلي کان پڇو جنهن سان گڏ اسان آيا آهيون، ۽ اسين پنهنجي بيان ۾ بلڪل سچا آهيون |
قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ عَسَى اللَّهُ أَن يَأتِيَنى بِهِم جَميعًا إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 83) |
پيءُ اهو داستان ٻڌي چيو، اصل ۾ توهان جي نفس هڪ ٻي ڳالهه کي آسان ڪيو، چڱو ان تي به چڱيءَ طرح صبر ڪندس، اميد آهي ته الله انهن سڀني کي آڻي مون سان ملائي، اهو ئي سڀڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ ان جا سڀ ڪم حڪمت تي ٻڌل آهن |
وَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰأَسَفىٰ عَلىٰ يوسُفَ وَابيَضَّت عَيناهُ مِنَ الحُزنِ فَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 84) |
۽ هو انهن کان منهن مَٽي ويهي رهيو ۽ چوڻ لڳو، هاءِ يوسف. هو دل ئي دل ۾ غم کان ڳري رهيو هو ۽ اڇيون ٿي ويون هيون سندس اکيون، هو غم ۾ بنهه ڀريل هو |
قالوا تَاللَّهِ تَفتَؤُا۟ تَذكُرُ يوسُفَ حَتّىٰ تَكونَ حَرَضًا أَو تَكونَ مِنَ الهٰلِكينَ (آيت : 85) |
(پٽن) چيو، خدا جي واسطي! تون ته بس يوسف کي ئي ساريندو رهين ٿو، نوبت هي اچي پهتي آهي جو سندس غم ۾ پاڻ کي ڳاري ختم ڪري ڇڏيندين |
قالَ إِنَّما أَشكوا بَثّى وَحُزنى إِلَى اللَّهِ وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 86) |
چيائين، آئون پنهنجي پريشاني ۽ غم جو فرياد ڪنهن ٻئي وٽ نٿو ڪريان سواءِ الله جي، ۽ جهڙيءَ طرح آئون واقف آهيان الله کان توهين نٿا ڄاڻو |
يٰبَنِىَّ اذهَبوا فَتَحَسَّسوا مِن يوسُفَ وَأَخيهِ وَلا تَا۟يـَٔسوا مِن رَوحِ اللَّهِ إِنَّهُ لا يَا۟يـَٔسُ مِن رَوحِ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الكٰفِرونَ (آيت : 87) |
منهنجا ٻچڙؤ! وڃي ڳوليو يوسف کي ۽ سندس ڀاءُ کي ۽ مايوس نه ٿيو الله جي رحمت کان، بيشڪ مايوس ٿيندا آهن الله جي رحمت کان فقط اهي ڪافر قوم جا |
فَلَمّا دَخَلوا عَلَيهِ قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ مَسَّنا وَأَهلَنَا الضُّرُّ وَجِئنا بِبِضٰعَةٍ مُزجىٰةٍ فَأَوفِ لَنَا الكَيلَ وَتَصَدَّق عَلَينا إِنَّ اللَّهَ يَجزِى المُتَصَدِّقينَ (آيت : 88) |
جڏهن انهن ماڻهن مصر وڃي يوسف وٽ حاضري ڏني ته انهن عرض ڪيو، اي اقتدار وارا سردار! اسين اهل و عيال سميت سخت مصيبت ۾ مبتلا آهيون ۽ اسين معمولي موڙي کڻي آيا آهيون، توهان اسان کي ڀرپور اناج عنايت ڪريو ۽ خيرات ڏيو، بيشڪ الله خيرات ڪندڙن کي سٺي جزا ڏيندو آهي |
قالَ هَل عَلِمتُم ما فَعَلتُم بِيوسُفَ وَأَخيهِ إِذ أَنتُم جٰهِلونَ (آيت : 89) |
(اهو ٻڌي يوسف) چيو توهان کي ڪجهه معلوم به آهي ته توهان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڇا ڪيو هو جڏهن توهان بي سمجهه هئا؟ |
قالوا أَءِنَّكَ لَأَنتَ يوسُفُ قالَ أَنا۠ يوسُفُ وَهٰذا أَخى قَد مَنَّ اللَّهُ عَلَينا إِنَّهُ مَن يَتَّقِ وَيَصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 90) |
انهن حيرت مان چيو، هان! ڇا تون يوسف آهين؟ هن وراڻيو، ها آئون يوسف آهيان ۽ هي منهنجو ڀاءُ آهي. الله تعاليٰ اسان تي احسان فرمايو آهي، حقيقت ۾ ڪو ماڻهو تقويٰ ۽ صبر کان ڪم وٺي ته پوءِ الله تعاليٰ وٽ ضايع نٿو ٿئي اجر اهڙن نيڪ ماڻهن جو |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد ءاثَرَكَ اللَّهُ عَلَينا وَإِن كُنّا لَخٰطِـٔينَ (آيت : 91) |
انهن چيو، خدا جو قسم! توکي فضيلت ڏني آهي الله تعاليٰ اسان تي، ۽ اسان واقعي خطاڪار هئاسين |
قالَ لا تَثريبَ عَلَيكُمُ اليَومَ يَغفِرُ اللَّهُ لَكُم وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 92) |
هن چيو، توهان تي ڪابه ميار ناهي اڄ، (بس) الله توهان کي معاف ڪري، ۽ اهو ئي سڀني کان وڌيڪ معاف ڪندڙ آهي |
اذهَبوا بِقَميصى هٰذا فَأَلقوهُ عَلىٰ وَجهِ أَبى يَأتِ بَصيرًا وَأتونى بِأَهلِكُم أَجمَعينَ (آيت : 93) |
کڻي وڃو منهنجي هيءَ قميس ۽ منهنجي والد جي منهن تي رکو، سندس نظر موٽي ايندي ۽ وٺي اچو پنهنجي اهل و عيال کي مون وٽ سمورو |
وَلَمّا فَصَلَتِ العيرُ قالَ أَبوهُم إِنّى لَأَجِدُ ريحَ يوسُفَ لَولا أَن تُفَنِّدونِ (آيت : 94) |
۽ جڏهن هي قافلو (مصر مان) روانو ٿيو، ته انهن جي پيءُ چيو ڪنعان ۾، مون کي خوشبو اچي پئي يوسف جي، توهان متان چئو ته آئون سودائي ٿي ويو آهيان |
قالوا تَاللَّهِ إِنَّكَ لَفى ضَلٰلِكَ القَديمِ (آيت : 95) |
گهر جي ڀاتين چيس، خدا جو قسم! توهان اڃا تائين پراڻي سوداءَ ۾ پيل آهيو |
فَلَمّا أَن جاءَ البَشيرُ أَلقىٰهُ عَلىٰ وَجهِهِ فَارتَدَّ بَصيرًا قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 96) |
پر جڏهن اچي ويو خوشخبري ڏيندڙ، ته يوسف جي قميص يعقوب جي منهن تي رکي ته (واقعي) موٽي آئي. ان جي نظر، تڏهن هن چيو ته، آئون توهان کي نه چوندو هئس ته آئون اهو ڪجهه ڄاڻان ٿو الله جي طرفان، جيڪو توهان نٿا ڄاڻو |
قالوا يٰأَبانَا استَغفِر لَنا ذُنوبَنا إِنّا كُنّا خٰطِـٔينَ (آيت : 97) |
(سڀني) چيو، بابا سائين! دعا گهرو اسان سڀني جي گناهن جي بخشش جي لاءِ، واقعي اسين گنهگار هئاسين |
قالَ سَوفَ أَستَغفِرُ لَكُم رَبّى إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 98) |
چيائين، آئون توهان جي بخشش خاطر دعا گهرندس پنهنجي رب کان، اهو ئي وڏو بخشڻهار مهربان آهي |
فَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَبَوَيهِ وَقالَ ادخُلوا مِصرَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ (آيت : 99) |
پوءِ جڏهن اهي ماڻهو پهتا يوسف وٽ ته هن پنهنجي والدين کي پاڻ سان گڏ ويهاريو ۽ ڪٽنب وارن کي چيائين، هاڻي شهر ۾ هلو، الله گهريو ته امن ۽ سڪون سان رهندؤ |
وَرَفَعَ أَبَوَيهِ عَلَى العَرشِ وَخَرّوا لَهُ سُجَّدًا وَقالَ يٰأَبَتِ هٰذا تَأويلُ رُءيٰىَ مِن قَبلُ قَد جَعَلَها رَبّى حَقًّا وَقَد أَحسَنَ بى إِذ أَخرَجَنى مِنَ السِّجنِ وَجاءَ بِكُم مِنَ البَدوِ مِن بَعدِ أَن نَزَغَ الشَّيطٰنُ بَينى وَبَينَ إِخوَتى إِنَّ رَبّى لَطيفٌ لِما يَشاءُ إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 100) |
(شهر ۾ داخل ٿيڻ بعد) هن پنهنجي والدين کي پاڻ سان تخت تي ويهاريو ته سڀ سندس آڏو سجدي ۾ پيا. يوسف چيو! بابا سائين! هي تعبير آهي منهنجي ان خواب جو، جيڪو اڳي مون ڏٺو هو، منهنجي رب ان کي حقيقت بنايو، ان جو احسان آهي جو هن مون کي قيد مان ڪڍيو ۽ توهان کي ٻهراڙيءَ مان آڻي مون سان (هت) ملايو، جڏهن ته فساد وجهي چڪو هو شيطان منهنجي ۽ منهنجي ڀائرن جي وچ ۾، بيشڪ منهنجو رب غير محسوس تدبيرن سان پنهنجي مرضي پوري ڪندو آهي، بيشڪ اهو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
رَبِّ قَد ءاتَيتَنى مِنَ المُلكِ وَعَلَّمتَنى مِن تَأويلِ الأَحاديثِ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنتَ وَلِيّۦ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ تَوَفَّنى مُسلِمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 101) |
اي رب سائين! تو مون کي حڪومت بخشي ۽ مون کي ڳالهين جي تهه تائين پهچڻ سيکاريو، اي خالق آسمانن ۽ زمين جا! تون ئي منهنجو سرپرست آهين دنيا ۽ آخرت ۾، منهنجو خاتمو اسلام تي ڪر ۽ مون کي شامل ڪر نيڪن ۾ |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ أَجمَعوا أَمرَهُم وَهُم يَمكُرونَ (آيت : 102) |
(اي نبي!) هي قصو غيب جي خبرن مان آهي جيڪو اسان توتي وحي پيا ڪريون، ۽ نه تون ان وقت موجود هئين جڏهن يوسف جي ڀائرن ٻَڌي ڪري پاڻ ۾ سازش ڪئي هئي |
وَما أَكثَرُ النّاسِ وَلَو حَرَصتَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 103) |
پر تون ڪيترو به گُهرين انهن مان گهڻا ماڻهو مڃڻ وارا ئي نه آهن |
وَما تَسـَٔلُهُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 104) |
جڏهن ته (تون) کانئن نٿو گهرين ان خدمت تي ڪو اجر. هي ته هڪ اهڙي نصيحت آهي جيڪا دنيا وارن لاءِ عام آهي |
وَكَأَيِّن مِن ءايَةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَمُرّونَ عَلَيها وَهُم عَنها مُعرِضونَ (آيت : 105) |
۽ ڪيتريون ئي نشانيون آهن آسمانن ۽ زمين ۾، جن تان اهي ماڻهو لنگهندا رهندا آهن پر ذرو به توجهه نٿا ڏين |
وَما يُؤمِنُ أَكثَرُهُم بِاللَّهِ إِلّا وَهُم مُشرِكونَ (آيت : 106) |
انهن مان مڃين ٿا گهڻا الله کي پر ان سان گڏ ٻين ڪيترن کي شريڪ به ڪن ٿا |
أَفَأَمِنوا أَن تَأتِيَهُم غٰشِيَةٌ مِن عَذابِ اللَّهِ أَو تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 107) |
ڇا اهي مطمئن آهن ته کين سوگهو نه اچي ڪندو ڪو عذاب الله جي طرفان يا بي خبريءَ ۾ قيامت جي گهڙي مٿن اوچتي اچي نه ويندي ۽ کين خبر به نه پوندي |
قُل هٰذِهِ سَبيلى أَدعوا إِلَى اللَّهِ عَلىٰ بَصيرَةٍ أَنا۠ وَمَنِ اتَّبَعَنى وَسُبحٰنَ اللَّهِ وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 108) |
تون کين صاف چئي ڏي ته، منهنجو رستو هي آهي ته آئون سڏيان ٿو الله ڏي، آئون پاڻ ڏسي رهيو آهيان روشني ۾ پنهنجي راهه ۽ منهنجا ساٿي پڻ، ۽ پاڪ آهي الله ۽ منهنجو ڪوبه واسطو نه آهي شرڪ ڪندڙن سان |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم مِن أَهلِ القُرىٰ أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ اتَّقَوا أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 109) |
(اي نبي!) جيڪي (رسول) توکان اڳي اسان موڪليا، سي سڀئي انسان ئي هئا، انهن ڏي وحي موڪليا ويا ۽ رهاڪو هئا انهن ئي ڳوٺن جا، پوءِ ڇا اهي هليا ڦريا نه آهن زمين ۾ جو کين نظر نه آئي انهن قومن جي پڄاڻي، جيڪي گذري چڪيون آهن کانئن اڳي ئي؟ پڪ سان آخرت جو گهر وڌيڪ ڀلو آهي(جن پيغمبرن جي ڳالهه مڃي) انهن تقويٰ اختيار ڪئي، ڇا اڃا به توهان نه سمجهندا؟ |
حَتّىٰ إِذَا استَيـَٔسَ الرُّسُلُ وَظَنّوا أَنَّهُم قَد كُذِبوا جاءَهُم نَصرُنا فَنُجِّىَ مَن نَشاءُ وَلا يُرَدُّ بَأسُنا عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 110) |
ايستائين جو اڳين رسولن سان به ائين ٿيو جو انهن وڏي عرصي تائين نصيحت ڪئي، ماڻهن ٻڌو ئي ڪونه، تانجو اهي رسول جيئن مايوس ٿيا، ماڻهن ڄاتو ته ساڻن ڪوڙ ڪيو ويو ته اوچتو اسان جي مدد پهتي پوءِ جن کي گهرندا آهيون بچائيندا آهيون ۽ اسان جو عذاب ٽاري نٿو سگهجي ڏوهارين تان |
لَقَد كانَ فى قَصَصِهِم عِبرَةٌ لِأُولِى الأَلبٰبِ ما كانَ حَديثًا يُفتَرىٰ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ كُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 111) |
اڳين ماڻهن جي انهن قصن ۾ عبرت آهي عقل ۽ هوش وارن جي لاءِ، هي جيڪي ڪجهه (قرآن) بيان ڪيو پيو وڃي، اهي جڙتو ڳالهيون نه آهن پر جيڪي ڪتاب ان کان اڳي آيل آهن، تن جي تصديق آهي ۽ تفصيل هر شيءِ جو۽ هدايت |