| قُل أَعوذُ بِرَبِّ النّاسِ (آيت : 1) |
|
(اي رسول) تون چئو ته آءُ پناھ وٺان ٿو ماڻهن جي پالڻهار کان، |
| مَلِكِ النّاسِ (آيت : 2) |
|
ماڻهن جي بادشاھ، |
| إِلٰهِ النّاسِ (آيت : 3) |
|
ماڻهن جي معبود جي، |
| مِن شَرِّ الوَسواسِ الخَنّاسِ (آيت : 4) |
|
(شيطاني) وسوسي وجهندڙ جي بڇڙائي کان جو خدا جي نالي کان گهڻو پٺ تي هٽندڙ آهي، |
| الَّذى يُوَسوِسُ فى صُدورِ النّاسِ (آيت : 5) |
|
جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا وجهي ٿو، |
| مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ (آيت : 6) |
|
جنن مان هجي يا ماڻهن مان. |