قُل أَعوذُ بِرَبِّ النّاسِ (آيت : 1) |
ٻول، ته ٻِيلِي وَٺان، اَجھو ۽ آڌار، جو مِڙنِي ماڻهن جو، پَروَر پالڻهار، |
مَلِكِ النّاسِ (آيت : 2) |
جو مِڙنِي ماڻهن جو، حاڪِم هيبت دار، |
إِلٰهِ النّاسِ (آيت : 3) |
جو مَڙنِي ماڻهن جو، ڌُران ڌَر دَربار، |
مِن شَرِّ الوَسواسِ الخَنّاسِ (آيت : 4) |
ڪنان خرابِي خَر جي، جو کاري کارڻهار، لَئون لَئون ۾ لِڪي ڇِپي، پڻ ڪڍي ٻُوٿ ٻَهار، |
الَّذى يُوَسوِسُ فى صُدورِ النّاسِ (آيت : 5) |
جو وِجھي ماڻهن مَن ۾، وَسوَسا وِيچار، |
مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ (آيت : 6) |
ڪو ماڻهن مان مَڪار، ڪو ڀُوتاڙيل، ڀُوتن مان. |