| قُل أَعوذُ بِرَبِّ النّاسِ (آيت : 1) |
|
چئو ته آءُ پناهه ٿو وٺان ماڻهن جي رب وٽان، |
| مَلِكِ النّاسِ (آيت : 2) |
|
ماڻهن جي بادشاهه وٽان، |
| إِلٰهِ النّاسِ (آيت : 3) |
|
ماڻهن جي سائين وٽان، |
| مِن شَرِّ الوَسواسِ الخَنّاسِ (آيت : 4) |
|
انهيءَ بار بار بڇڙا خيال وجهندڙ جي بُرائي کان، |
| الَّذى يُوَسوِسُ فى صُدورِ النّاسِ (آيت : 5) |
|
جو ماڻهن جي دلين ۾ بڇڙا خيال وجهي ٿو، |
| مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ (آيت : 6) |
|
چاهي جِنن مان هجي، چاهي انسانن مان هجي. |