| قُل أَعوذُ بِرَبِّ النّاسِ (آيت : 1) |
|
(اي نبيﷺ!) چؤ ته مان انسانن جي پالڻھار جي پناهه گهران ٿو. |
| مَلِكِ النّاسِ (آيت : 2) |
|
ماڻهن جي (حقيقي) بادشاهه جي. |
| إِلٰهِ النّاسِ (آيت : 3) |
|
ماڻهن جي (حقيقي) معبود جي. |
| مِن شَرِّ الوَسواسِ الخَنّاسِ (آيت : 4) |
|
ان وسوسي وجهندڙ جي برائيءَ کان جيڪو بار بار وسوسا وجهي پوئتي هٽي ويندو آهي. |
| الَّذى يُوَسوِسُ فى صُدورِ النّاسِ (آيت : 5) |
|
جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا (۽ بُرا خيال) وجهندو آهي. |
| مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ (آيت : 6) |
|
اهو (وسوسو وجهندڙ) جنن مان هجي يا انسانن مان. |