قُل أَعوذُ بِرَبِّ الفَلَقِ (آيت : 1) |
ٻول، ته ٻِيلِي ٿو وَٺان، اَجھو ۽ آڌار، صُبح جو سائين، |
مِن شَرِّ ما خَلَقَ (آيت : 2) |
ڪنان خرابي خلق جي، جيڪي جوڙيائـِين، |
وَمِن شَرِّ غاسِقٍ إِذا وَقَبَ (آيت : 3) |
پڻ رولاڪن کان رات جي، جڏهن ڇمن تي ڇائين، |
وَمِن شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِى العُقَدِ (آيت : 4) |
ڳنڍيون ڦوڪيندڙن جي، سوڻيان سَدائـِين، |
وَمِن شَرِّ حاسِدٍ إِذا حَسَدَ (آيت : 5) |
۽ جڏهن بُڇان ڀائـِين، تِنهن بُڇڙي جي بِه بُڇاڻ کان. |