| قُل أَعوذُ بِرَبِّ الفَلَقِ (آيت : 1) |
|
(اي پيغمبر) چئو ته صبح جي مالڪ جي پناهه وٺان ٿو |
| مِن شَرِّ ما خَلَقَ (آيت : 2) |
|
انهن جي بڇڙائي کان جن کي پيدا ڪيو اٿس |
| وَمِن شَرِّ غاسِقٍ إِذا وَقَبَ (آيت : 3) |
|
۽ انڌيري رات جي بڇڙائي کان جڏهن ڇانئجي وڃي ٿي |
| وَمِن شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِى العُقَدِ (آيت : 4) |
|
۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪيندڙن جي بڇڙائي کان |
| وَمِن شَرِّ حاسِدٍ إِذا حَسَدَ (آيت : 5) |
|
۽ حسد ڪندڙ جي بڇڙائي کان جڏهن حسد ڪري ٿو. |