| قُل أَعوذُ بِرَبِّ الفَلَقِ (آيت : 1) |
|
(اي نبي!) چؤ آءٌ پناهه گهران ٿو صبح جي پروردگار جي. |
| مِن شَرِّ ما خَلَقَ (آيت : 2) |
|
هر ان (شيءِ جي) شر کان جيڪا پيدا ڪيائين. |
| وَمِن شَرِّ غاسِقٍ إِذا وَقَبَ (آيت : 3) |
|
۽ انڌيري رات جي شر کان جڏهن ڇانئجي وڃي. |
| وَمِن شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِى العُقَدِ (آيت : 4) |
|
۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪيندڙ عورتن جي شر کان. |
| وَمِن شَرِّ حاسِدٍ إِذا حَسَدَ (آيت : 5) |
|
۽ حسد ڪندڙ (ماڻهو) جي شر کان جنهن وقت اهو حسد ڪري ٿو. |