| قُل أَعوذُ بِرَبِّ الفَلَقِ (آيت : 1) |
|
(اي پيغمبر!) چئو ته، صبح جي (مالڪ ۽) پالڻهار جي پناهه ۾ اچان ٿو. (جيڪو سڄي مخلوق کي ان وقت پنهنجي پالڻهاريءَ جي ڀاڪر ۾ وٺي ٿو. |
| مِن شَرِّ ما خَلَقَ (آيت : 2) |
|
انهن جي بڇڙائيءَ کان (ان جي پناهه ۾ اچان ٿو) جن کي پيدا ڪيو اٿس. |
| وَمِن شَرِّ غاسِقٍ إِذا وَقَبَ (آيت : 3) |
|
۽ انڌيري رات جي بڇڙائيءَ کان جڏهن ڇانئجي وڃي ٿي. (جنهن ۾ حق جون مخالف قوتون ويهي سازشون تيار ڪن ٿيون.) |
| وَمِن شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِى العُقَدِ (آيت : 4) |
|
۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪيندڙ (مخالف قوتن) جي بڇڙائيءَ کان (جيڪي عقيدن ۽ ارادن کي غلط بياني ۽ پروپيگنڊا جي نفيس حيلن ذريعي بدلائڻ گهرن ٿيون. |
| وَمِن شَرِّ حاسِدٍ إِذا حَسَدَ (آيت : 5) |
|
۽ حسد ڪندڙ جي بڇڙائيءَ کان جڏهن حسد ڪري ٿو. |