| قُل أَعوذُ بِرَبِّ الفَلَقِ (آيت : 1) |
|
(اي پيغمبر) چؤ ته صبح جي پالڻھار جي پناھ گھران ٿو. |
| مِن شَرِّ ما خَلَقَ (آيت : 2) |
|
جيڪي پيدا ڪيو اٿس تنھنجي بڇڙائي کان. |
| وَمِن شَرِّ غاسِقٍ إِذا وَقَبَ (آيت : 3) |
|
۽ اونداھي ڪندڙ (رات) جي بڇڙائي کان جڏھن اُھا پکڙجي. |
| وَمِن شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِى العُقَدِ (آيت : 4) |
|
۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪيندڙين (عورتن) جي بڇڙائي کان. |
| وَمِن شَرِّ حاسِدٍ إِذا حَسَدَ (آيت : 5) |
|
۽ مَسَھُوء جي بڇڙائيءَ کان جڏھن (اُھو) مَسَھائي ڪري. |