| قُل أَعوذُ بِرَبِّ الفَلَقِ (آيت : 1) |
|
چئو ته آءُ صبح جي سائينءَ وٽان پناهه گهران ٿو، |
| مِن شَرِّ ما خَلَقَ (آيت : 2) |
|
هر مخلوق جي بڇڙائي ءَ کان، |
| وَمِن شَرِّ غاسِقٍ إِذا وَقَبَ (آيت : 3) |
|
گگهه اونداهيءَ جي بڇڙائيءَ کان جڏهن اها ڇائنجي وڃي، |
| وَمِن شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِى العُقَدِ (آيت : 4) |
|
۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪندڙ رَنن جي بڇڙائي کان، |
| وَمِن شَرِّ حاسِدٍ إِذا حَسَدَ (آيت : 5) |
|
۽ حاسد جي بڇڙائي کان ، جڏهن هو (ٻئي تي نعمت ٿيل ڏسي) کامي. |