| قُل أَعوذُ بِرَبِّ الفَلَقِ (آيت : 1) |
|
(اي نبيﷺ!) چؤ ته مان صبح جي پالڻھار جي پناهه گهران ٿو. |
| مِن شَرِّ ما خَلَقَ (آيت : 2) |
|
هر ان شيءِ جي برائي کان جيڪا هُن (ڪائنات ۾) پيدا ڪئي آهي. |
| وَمِن شَرِّ غاسِقٍ إِذا وَقَبَ (آيت : 3) |
|
۽ رات جي اونداهيءَ (۾ ٿيندڙ براين) کان جڏهن اُها چڱي ريت ڇانئجي وڃي ٿي. |
| وَمِن شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِى العُقَدِ (آيت : 4) |
|
۽ ڳنڍين تي دم ڪندڙ عورتن (۽ مردن) جي برائي کان. |
| وَمِن شَرِّ حاسِدٍ إِذا حَسَدَ (آيت : 5) |
|
۽ ساڙ سڙي جي برائي کان جڏهن هو ساڙ ڪري. |