| قُل هُوَ اللَّهُ أَحَدٌ (آيت : 1) |
|
(اي نبي!) چؤ اُهو الله آهي جو اڪيلو آهي. (پنهنجي ذات ۽ صفات ۾) |
| اللَّهُ الصَّمَدُ (آيت : 2) |
|
الله بي نياز آهي. |
| لَم يَلِد وَلَم يولَد (آيت : 3) |
|
نه (ڪنهن کي) ڄڻيائين ۽ نه ڪنهن مان ڄائو. |
| وَلَم يَكُن لَهُ كُفُوًا أَحَدٌ (آيت : 4) |
|
۽ نه ئي ان جو ڪو همسر آهي. |