قُل هُوَ اللَّهُ أَحَدٌ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر! تنهنجي مڃيندڙن لاءِ بنيادي نقطو الله تعاليٰ جي عظمت آهي، کين) چئون ته، الله پنهنجي ذات ۽ صفتن ۾ اڪيلو ئي آهي. |
اللَّهُ الصَّمَدُ (آيت : 2) |
الله پاڻ بي پرواه آهي. (باقي سڀئي زندگي ۽ اوسر جي لاءِ سندس محتاج آهن. |
لَم يَلِد وَلَم يولَد (آيت : 3) |
نه (ڪنهن کي) ڄڻيو اٿس ۽ نه ان کي ڪنهن ڄڻيو آهي. (بلڪ سڀني کي توليد جي بجاءِ تخليق جي عمل سان پيدا ڪيو اٿس). |
وَلَم يَكُن لَهُ كُفُوًا أَحَدٌ (آيت : 4) |
۽ ان جو (همسر يا ان جو مثال يا ان جو) مَٽ آهي ئي ڪونه. |