| تَبَّت يَدا أَبى لَهَبٍ وَتَبَّ (آيت : 1) |
|
ڀڄي پيا هٿ ابولهب جا ۽ هو تباهه ٿي ويو |
| ما أَغنىٰ عَنهُ مالُهُ وَما كَسَبَ (آيت : 2) |
|
سندس مال ۽ اهو جيڪو ان ڪمايو، سو سندس ڪنهن ڪم نه آيو |
| سَيَصلىٰ نارًا ذاتَ لَهَبٍ (آيت : 3) |
|
ضرور ڄڀين واريءَ باهه ۾ پوندو |
| وَامرَأَتُهُ حَمّالَةَ الحَطَبِ (آيت : 4) |
|
۽ (ساڻس گڏ) سندس زال به، ڪاٺين ڍوئڻ واري (يا چغليون هڻڻ واري) |
| فى جيدِها حَبلٌ مِن مَسَدٍ (آيت : 5) |
|
سندس ڳچيءَ ۾ کاٻر جو رسو پيل هوندو |