تَبَّت يَدا أَبى لَهَبٍ وَتَبَّ (آيت : 1) |
ابو لهب جا هٿ ڀڄن ۽ پاڻ برباد ٿئي. |
ما أَغنىٰ عَنهُ مالُهُ وَما كَسَبَ (آيت : 2) |
ان کي مال ۽ جيڪي ڪمايو اٿس ڪجھ به ڪم نه آيو. |
سَيَصلىٰ نارًا ذاتَ لَهَبٍ (آيت : 3) |
سگهوئي هو ڄڀي واري باھ ۾ گهڙندو. |
وَامرَأَتُهُ حَمّالَةَ الحَطَبِ (آيت : 4) |
۽ سندس زال به جا ٻرندڙ ڪاٺيون کڻڻ واري آهي. |
فى جيدِها حَبلٌ مِن مَسَدٍ (آيت : 5) |
ان جي ڳيچي ۾ وٽيل رسو (ٻڌل) هوندو. |