تَبَّت يَدا أَبى لَهَبٍ وَتَبَّ (آيت : 1) |
هَٿ ٻئـِي اَبو لهب جا، چُڪن، بِه چُڪي پاڻ، |
ما أَغنىٰ عَنهُ مالُهُ وَما كَسَبَ (آيت : 2) |
جو ميڙيائـِين، ڪِ مال سَندسِ، ڪُجھ نه ڇَڏايسِ ڪاڻ، |
سَيَصلىٰ نارًا ذاتَ لَهَبٍ (آيت : 3) |
اُلون واري آڳ ۾، آيو رَهيو اَڄاڻ، |
وَامرَأَتُهُ حَمّالَةَ الحَطَبِ (آيت : 4) |
۽ پڻ عورت اُن جِي، قابُو ڪاٺِيَن ساڻ، |
فى جيدِها حَبلٌ مِن مَسَدٍ (آيت : 5) |
اَٿِس اُت اُهڃاڻ، ڪَنڌ ۾ رَسو ڪاٻار جو. |