| تَبَّت يَدا أَبى لَهَبٍ وَتَبَّ (آيت : 1) |
|
ابولهب جا ٻئي هٿ هلاڪ ٿين ۽ پاڻ به هلاڪ ٿئي. |
| ما أَغنىٰ عَنهُ مالُهُ وَما كَسَبَ (آيت : 2) |
|
ان جي مال ۽ جيڪي ڪمايائين تنهن ان کان (الله جو عذاب)نه هٽايو. |
| سَيَصلىٰ نارًا ذاتَ لَهَبٍ (آيت : 3) |
|
جلد ڄڀيءَ واري باهه ۾ گهڙندو. |
| وَامرَأَتُهُ حَمّالَةَ الحَطَبِ (آيت : 4) |
|
۽ ان جي زال به. (باهه ۾ ويندي) جا ڪاٺين جي هڙ کڻندڙ آهي. |
| فى جيدِها حَبلٌ مِن مَسَدٍ (آيت : 5) |
|
ان جي ڳچيءَ ۾ کاٻر کان (ٺهيل) رسي هوندي. |