| تَبَّت يَدا أَبى لَهَبٍ وَتَبَّ (آيت : 1) |
|
ابولهب (قريشين جي معاشرتي ۽ اقتصادي خرابين جي وڏي ڪارندي) جا هٿ ڀڳا ۽ پاڻ برباد ٿيو. |
| ما أَغنىٰ عَنهُ مالُهُ وَما كَسَبَ (آيت : 2) |
|
ان کي سندس مال ۽ سندس ڪمائي (جنهن جي ڏڍ تي هو حق جي مخالفت ڪندو هو) ڪجهه به نه ڪم نه آيو. |
| سَيَصلىٰ نارًا ذاتَ لَهَبٍ (آيت : 3) |
|
سگهوئي هو ان ڀڙڪندڙ باهه ۾ گهڙندو. |
| وَامرَأَتُهُ حَمّالَةَ الحَطَبِ (آيت : 4) |
|
۽ سندس زال به جا (ساڻس سازشن ۾ شريڪ هئي ۽) هاڻي جهنم جو ٻارڻ) ڪاٺيون پٺيءَ تي کنيو ڦري ٿي. |
| فى جيدِها حَبلٌ مِن مَسَدٍ (آيت : 5) |
|
(تون ڏسندين ته اها آڪڙيل) سندس ڳچي کاٻر جي رسي ۾ (ڪسيل) هوندي. |