| تَبَّت يَدا أَبى لَهَبٍ وَتَبَّ (آيت : 1) |
|
ابولھب جا ھٿ ڀڳا ۽ (پاڻ به) ھلاڪ ٿيو. |
| ما أَغنىٰ عَنهُ مالُهُ وَما كَسَبَ (آيت : 2) |
|
سندس مال ۽ جيڪي ڪمايائين تنھن کانئس (الله جو عذاب) نه ٽاريو. |
| سَيَصلىٰ نارًا ذاتَ لَهَبٍ (آيت : 3) |
|
ڇيئي واري باھ ۾ سگھو پوندو. |
| وَامرَأَتُهُ حَمّالَةَ الحَطَبِ (آيت : 4) |
|
۽ سندس زال به، جا ڪاٺين (جي) لَڏ کڻندڙ آھي. |
| فى جيدِها حَبلٌ مِن مَسَدٍ (آيت : 5) |
|
جنھن جي ڳچيءَ ۾ کاٻر جو نوڙ پيل آھي. |