| تَبَّت يَدا أَبى لَهَبٍ وَتَبَّ (آيت : 1) |
|
ابو لهب جا هٿ ڀڳا ۽ چٽ ٿيو_ |
| ما أَغنىٰ عَنهُ مالُهُ وَما كَسَبَ (آيت : 2) |
|
سندس مال ۽ اعمال مٿانئس (الله جي) عذاب کي ٽاري نه سگهيا. |
| سَيَصلىٰ نارًا ذاتَ لَهَبٍ (آيت : 3) |
|
هو اجهو ٿو ڀڙڪندڙ باهه ۾ پوي. |
| وَامرَأَتُهُ حَمّالَةَ الحَطَبِ (آيت : 4) |
|
۽ سندس زال به، جا فتني باز آهي. |
| فى جيدِها حَبلٌ مِن مَسَدٍ (آيت : 5) |
|
ان جي ڪنڌ ۾ ڪا ٻاڙ جو نوڙ پوندو! |