| تَبَّت يَدا أَبى لَهَبٍ وَتَبَّ (آيت : 1) |
|
(اسلام دشمني ۾ حد کان لنگهڻ ڪري هيءَڳالهه پڌري پَٽ آهي ته) ابولھب جا ٻئي هٿ ڀڳا (ئي ڀڳا) ۽ هو پاڻ به برباد ٿي ويو. (بدر جي جنگ کان پوءِ هو خود ذلت جو موت مري ويو ۽ مڪي جي فتح وقت سندس ٻئي پٽ مسلمان ٿيا) . |
| ما أَغنىٰ عَنهُ مالُهُ وَما كَسَبَ (آيت : 2) |
|
هن جيڪو به مال ڪمايو هو سو کيس (اسلام جي راهه روڪڻ ۾) بلڪل ڪم نه آيو. |
| سَيَصلىٰ نارًا ذاتَ لَهَبٍ (آيت : 3) |
|
عنقريب هو باهه جي ڀَـڀَـڙَ ۾ داخل ٿيندو. |
| وَامرَأَتُهُ حَمّالَةَ الحَطَبِ (آيت : 4) |
|
۽ سندس زال به (باهه ۾ داخل ٿيندي) جيڪا چُوچِڙي ڏيندڙآهي. |
| فى جيدِها حَبلٌ مِن مَسَدٍ (آيت : 5) |
|
سندس ڳچيءَ ۾ (سونن زيورن جي بجاءِ) مُڃ (يا کاٻر) جي رسي وڌل هوندس. |