إِذا جاءَ نَصرُ اللَّهِ وَالفَتحُ (آيت : 1) |
(اي رسول) جڏهن خدا جي مدد اچي پهچندي ۽ (مڪي جي) فتح ٿيندي |
وَرَأَيتَ النّاسَ يَدخُلونَ فى دينِ اللَّهِ أَفواجًا (آيت : 2) |
ته ماڻهن جي ٽولن جا ٽولا خدا جي دين ۾ گهڙندا ڏسندين. |
فَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ وَاستَغفِرهُ إِنَّهُ كانَ تَوّابًا (آيت : 3) |
ته تون پنهنجي پروردگار جي تعريف سان گڏ تسبيح ڪندو رهج ۽ ان کان معافي گهرندو رهج بيشڪ اهو ئي توبه قبول ڪندڙ آهي. |