إِذا جاءَ نَصرُ اللَّهِ وَالفَتحُ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر! تون خالق ڪائنات جي اطاعت واري مشن کي جاري رک) پوءِ جڏهن الله جي مدد اچي ۽ (مڪي جي) فتح ٿئي. |
وَرَأَيتَ النّاسَ يَدخُلونَ فى دينِ اللَّهِ أَفواجًا (آيت : 2) |
۽ ماڻهن کي ٽولن پٺيان ٽولا ٿي ڪري الله جي دين ۾ گهڙندو ڏسين. |
فَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ وَاستَغفِرهُ إِنَّهُ كانَ تَوّابًا (آيت : 3) |
تڏهن تون پنهنجي پالڻهار جي تسبيح ۽ حمد ڪر (پوءِ دين جي غلبي لاءِ سرگرم ٿيءُ) ۽ (ڪنهن غير شعوري ڪمي بابت به) ان کان معافي گهر. بيشڪ اهو توبه قبول ڪندڙ آهي. |